سينگار ميز
ماڻهو روز آئيني ۾ شڪل ڏسي اندازو نه ٿو ڪري سگهي ته سندس نقش بدلجي رهيا آهن. هن جو چهرو به وقت گذرڻ سان بدلجي ويو آهي. هن جا رنگ اڳي جيان جرڪندڙ نه رهيا آهن. چهري تي هڪ اڻ چيل ڏک صاف محسوس ٿئي ٿو.
پر آئيني جي جوت اڄ به ساڳي آهي.
سينگار ميز جو ڪاٺ، وقت سان گڏ بد رنگ ٿي چڪو آهي. اها هڪ پراڻي ويڪري ۽ ڪاري رنگ جي بي ڊولي سينگار ميز آهي. ان ميز جو شمار نوادرات ۾ ڪري سگهجي ٿو. پراڻيون شيون الائي ڇو پياريون ٿين ٿيون. شايد انهن سان ماضيءَ جون يادگيريون سلهاڙيل هونديون آهن. ڪارو رنگ مهر النساءَ کي بنهه نه ٿو وڻي. اهو رنگ ڏسي وحشت طاري ٿي وڃيس ٿي. ڊريسنگ ٽيبل جي ڀرسان بيڊ رکيل آهي. ساڄي پاسي پراڻي رائٽنگ ٽيبل پئي آهي. جنهن تي سندس مڙس حميد آفيس جو ڪم ڪندو آهي.
حميد لاءِ گهر ۾ ٻه شيون اهم آهن. هڪ لکڻ واري ميز ۽ ٻي اها بد رنگ سينگار ميز جنهن سان مهر النساءِ جون تڪليف ڏيندڙ يادون لاڳاپيل آهن.
اها سندس سَس هاجره جي نشاني آهي.
هي ڪمرو به ڪنهن زماني ۾ هاجره جو هوندو هو. هوءَ سينگار ميز آڏو بيهي، هار سينگار ڪندي هئي. ميز کي ڏسي سس جون ڪاوڙيل اکيون ياد پونديون اٿس. اهي ڏکوئيندڙ لفظ، دڙڪا ۽ مهمينرون ٻيهر تازا ٿي پون ٿا. پر اها ميز، حميد کي گهڻي پياري آهي. هو اڪثر آئيني جي سامهون بيهي ڦڻي ڏيندي ماضيءَ ۾ وڃائجي وڃي ٿو.
مهر النساءَ، جک کائيندي رهي ٿي. اهو وقت مهر النساءَ جو آهي پر حميد اهي گهڙيون به ماءُ جي يادن کي ارپي ٿو ڇڏي ۽ هوءَ هڪ بي جان شيءَ بڻجي وڃي ٿي. هڪ غير محسوس هستي.
گهر جي غير ضروري سامان جيان.
ڦڻي ڏيئي حميد ٿڌو ساهه ڀري ٿو. ڄڻ ٿڌو ساهه چوندو هجي.
”او امان...!!!“
پوءِ رائٽنگ ٽيبل ڀرسان ڪرسي تي ويهي آفيس جي فائلن ۾ وڃائجي ويو. حال جي لمحن کان فرار جو هن وٽ فقط اهو ئي ذريعو آهي.
سندس گهر به پراڻو ۽ قديم ڏيک ڏئي ٿو. حالانڪه پاڙي جا سمورا گهر ڊهي ٻيهر ٺهي ويا آهن. ڪنهن کي به ابن ڏاڏن جي نشاني سان ڪو پيار ناهي رهيو. ڪجهه پراڻن گهرن ۾ ٿوري ڦير گهير سان جدت اچي وئي آهي. مهر النساءِ گهڻي ڪوشش ڪئي ته يا گهر بدلائجي يا ان کي جديد روپ ڏجي پر حميد کي ابن ڏاڏن جي ان قديم يادگار سان دلي لڳاءُ هو.
مهر النساءَ سوچي ٿي ته جيستائين گهر مان پراڻو سامان نه نڪرندو، ان وقت تائين حميد حال جي لمحن ڏانهن موٽ نه کائيندو. اهو پراڻو فرنيچر هن لاءِ ماضيءَ جي ڳانڍاپي جو واحد ذريعو آهي. دور بدلجي وڃي ته انسان کي به پنهنجو پاڻ بدلائڻ گهرجي، اهو سوچي ٿڌو ساهه ڀري ٿي.
وقت جو گذرڻ هڪ حقيقت آهي، پر پوءِ به الائي ڇو ماڻهو ماضيءَ ۾ رهي سڪون محسوس ڪندا آهن.
ماضيءَ کي ياد ڪرڻ وارو هر ماڻهو مهر النساءِ کي اذيت پسند لڳي ٿو. ويل وقت کي سارڻ جو مطلب پاڻ کي ڏک ڏيڻ آهي.
سندن گهر جو ڊرائنگ روم به پراڻي ۽ قديم فرنيچر سان سٿيل آهي. هن نه ڄاڻ ته ڪيترن مهمانن جي تنقيد ٻڌي هوندي.
اهي جملا جڏهن حميد کي ٻڌائيندي هئي ته ڏند ڪرٽيندي چوندو هو.
”اسان سان ملڻ ٿا اچن يا فرنيچر پسند يا ناپسند ڪرڻ، گهر نه ٿو وڻين ته پوءِ اچڻ جي زحمت به نه ڪن.“
اهو رکو جواب ٻڌي هو خاموش ٿي وئي. پر پوءِ به همت نه هاريائين. گهڻي ضد ۽ ڪروڌ کانپوءِ حميد ڊرائنگ روم مان پراڻو فرنيچر ڪڍي کيس جديد سامان آڻي ڏنو.
نون پردن کانپوءِ ڪمرو سهڻو ڏيک ڏيڻ لڳو. رنگ کان پوءِ ڀتيون به بدلجي ويون.
هوءَ تمام گهڻي خوش هئي. ڊرائنگ روم کيس پنهنجو لڳڻ لڳو. هر شيءَ سندس پسند مطابق هئي.
هڪ ڏينهن حميد کيس چيو:
”هاڻ تنهنجا مهمان پراڻي فرنيچر تي تنقيد نه ڪندا نه.“
حميد جي لهجي ۾ اداسي هئي.
ان ڏينهن حميد کي لڳو ته سندس ذات جي اڪيلائي ۾ اضافو ٿي ويو هجي. سندس اکيون لڙڪن سان آليون هيون.
ان رات هو ماني کائڻ بنا سمهي رهيو.
پر مهر النساءَ تمام گهڻي خوش هئي. سندس دل پکيءَ جيان بادلن جي ڀرسان رقص ڪرڻ لڳي.
پنهنجي پسند جو آسمان وسائڻ جهڙي ڪا ٻي خوشي عورت لاءِ نه ٿي ٿي سگهي.
عورت کي احساس جي مڃتا گهرجي، هوءَ پنهنجي پسند جو ماحول چاهي ٿي پر اهي ننڍيون ۽ بي ضرر خوشيون به هن لاءِ مهانگيون ٿيو پون.
هر اڻپوري خواهش قيمتي ٿئي ٿي.
ڪجهه ڏينهن بعد مهر النساءِ ٻيهر ڪر ڪر لائي ڏني. پر حميد سخت ڪاوڙيو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. انهن رڙين ۾ ماضيءَ جي وڇوڙي جو خوف شامل هو.
ان مهل حميد کيس هوش و حواس کان وانجهيل لڳو.
هوءَ به ڊڄي ماٺ ڪري ويهي رهي. رڙ مرد جو هڪ ڪارائتو هٿيار آهي. عورت جي گلن جهڙي نازڪ دل لمحو لمحو وکرڻ لڳي ٿي، ان پل....
هوءَ به گل جيان خوفزده رهي ٿي وکرڻ جي ڀوءَ کان.
پر گل جو وکرڻ فطري عمل آهي.
عورت جو احساس به منتشر ٿيڻ اڻٽر آهي.
ڪيڏو ئي پاڻ کي ڇو نه سميٽي ۽ سهيڙي رکي پر هڪ خوفناڪ رڙ کيس ذات ۾ وکيري ڇڏيندي آهي.
هوءَ به حميد جي رڙين جي خوف کان جلدي هٿيار ڦٽا ڪري ٿي ڇڏي.
ڪجهه ڏينهن ۾ حميد کي چيلهه ۾ سور شروع ٿي ويو.
ڊاڪٽر پلنگ تبديل ڪرڻ جي صلاح ڏني ته مهر النساءِ جي دل جي مکڙي ڄڻ ته ٽڙي پئي.
”مان هن کان وڏو بيڊ وٺنديس، نئين ڊزائن جو هن تي ته سمهڻ ۾ سوڙهه ٿئي ٿي.“
”جڳهه ڪٿي اٿئي مائي جو ڪمري ۾ وڏو بيڊ رکندينءَ.“
حميد ناسون ڦوٽاريندي رڙ ڪئي.
”اها سينگار ميز ڪڍڻ کانپوءِ ڪمري ۾ وڏي جاءِ ٿي پوندي“ ڊنل لهجي ۾ چوڻ کان نه رهي سگهي.
اها بيجان ميز نه هجي پر هن جي پهاڄ هجي ڄڻ ته هڪ ڏکوئيندڙ ماضي ان ميز سان واسطو رکي ٿو.
جبر جا اُهي ڏينهن جڏهن سندس مرضيءَ جا سمورا موسم ڊنل رهندا هئا. خواهش، ضرورت ۽ پسند جهڙا لفظ هن جي زبان تي اچي نه سگهندا هئا. کائيندي پيئندي ۽ پائيندي سس جي مرضيءَ جو هئي.
هوءَ انسان نه پر محض هڪ ڪٺ پتلي هئي.
”خبردار جو ان سينگار ميز جو نالو ورتو اٿئي، اها امڙ جي نشاني آهي.“
حميد ڪاوڙ مان اکيون ڦوٽاريندي کيس گهوريو.
”پوءِ جڳهه ڪٿان ٿيندي بيڊ لاءِ“ مهر النساءِ روئڻهارڪي ٿي وئي.
”مان پنهنجي لکڻ واري ميز ٿو ڪڍي ڇڏيان.“ حميد مسئلي جو حل ڪڍيو. نئون بيڊ آيو پر سينگار ميز اتي ئي رهي.
سس جيئري نه هئي پر سس جون ڏکوئيندڙ يادون موجود هيون، هن جي هيانءُ تي مڱ ڏرڻ لاءِ...
ڪمري مان رائيٽنگ ٽيبل نڪتي ته حميد جي آفيس واري ڪم ۾ رخنو پئجي ويو.
رات جو هوءَ دير تائين جاڳندي رهي. پراڻو پلنگ پاسا ورائيندي چيڪٽ ڪندو هو، پر پوءِ به سڪون سان سوڙهه سنگهوڙ ۾ پئي هوندي هئي. پر هاڻ ڪشادي پلنگ تي به ننڊ نه ٿي اچيس.
پلنگ جو سوڙهه ۾ حميد هن جي ويجهو ٿي سمهندو هو، پنهنجائپ جي احساس ۾ ويڙهجي سمهي رهندي هئي. هاڻ ته ٻئي الڳ ۽ پري ٿا سمهن. هڪٻئي جي ويجهو ٿي سمهڻ جو جواز ئي ختم ٿي ويو. پاسو ورائي ڊريسنگ ٽيبل ڏانهن ڏٺائين.“ تو سمجهيو ته منهنجي مرڻ کانپوءِ سک وٺندينءَ پر مان آهيان نه اڄ به تنهنجي زندگيءَ ۾ زهر ڀرڻ لاءِ.“
سس جون اکيون آئيني مان کيس گهورڻ لڳيون. مڙس کان جيڪو احساس يا مڃتا نه ملي ته عورتون اهو ڪجهه پٽن ۾ ڳولينديون آهن.
سينگار ميز جي آئيني مان سندس سس جي اکين جهاتي پائي کيس گهوريو ته هوءَ پاسو ورائي ڀت ڏانهن منهن ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
ٻيهر ڪمري ۾ جيئن رائٽنگ ٽيبل آئي ته مهر النساءِ جي ذهني ٻوسٽ ۾ اضافو ٿي ويو.
گهر ۾ جهيڙا وڌي ويا. هڪ ڏينهن حميد سينگار ميز پراڻي فرنيچر جي دڪان واري کي ڀڳڙن مٺ ڏئي آيو. واپس آيو ته هو مهر النساءَ کي اڪيلو ۽ ويڳاڻو لڳو. هارايل جواري جيان، ٿڪل قدم کڻندو اچي پاڻ کي پلنگ تي ڦٽي ڪيائين، اکين مان لڙڪ وهي وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا.
پر مهر النساءِ سک جو ساهه کنيو، سس کان وڌيڪ سندس تصور خطرناڪ هو. اڄ به سندس خوشين جو پيڇو ڪندو رهي ٿو.
پر اڄ ڪمرو ڪشادو ۽ پنهنجو لڳي رهيو هيس، عورت کي فقط پنهنجائپ گهرجي. اها رشتن جي هجي يا ڀتين جي. هاڻ هوءَ محسوس ڪري ٿي ته حميد هن سان کلي ڳالهائي ٿو. دل جو حال اوري ٿو. ائين کيس احساس ڏياري ٿو ته مهر النساءِ به ڪو وجود رکي ٿي.
ماڻهو موجود هوندي به ڪنهن لاءِ وجود نه رکي ڪيڏو نه وڏو الميو آهي زندگيءَ جو! نظرانداز ڪرڻ ڪنهن ماڻهوءَ جي احساس کان ورتل هڪ انتقام آهي. احساس آلي ڪاٺيءَ جيان بي حسي جي دونهين ۾ لڙاٽجي وڃي ٿو.
پر هاڻ حميد ڏينهون ڏينهن بدلجي رهيو هو. هر ماڻهو زندگيءَ ۾ ضرور تبديلي جي عمل مان گذري ٿو. پر اها تبديلي سندس جوانيءَ جا حسين ڏهاڙا هڙپ ڪري پوءِ آئي هئي. ان تبديلي لاءِ هن سالن جا سال انتظار ڪيو هو. هوءَ وقت جي چانئٺ تي سالن کان بيٺي هئي، بهار جي انتظار ۾. هوءَ خوشقسمت هئي جو بهارن اچي هن جو در کڙڪايو هو. جيئن سينگار ميز نڪتي ته حميد منجهيل رهڻ بدران حال جي حقيقي دنيا ڏانهن واپس موٽي آيو آهي.
هو حال جي لمحن کي محسوس ڪرڻ لڳو آهي. ڪاوڙ ۽ سختي چهري جي گهنجن مان غائب ٿي وئي اٿس. چهري تي سٻاجهائپ ۽ نرمي واپس موٽي آيا آهن.
جيئن هو شاديءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن تي مهربان هوندو هو.
حميد جي اکين ۾ اُوپرائپ بدران هن لاءِ اتساهه جا رنگ ڇلڪڻ لڳا آهن.
پلنگ ڪشادو آهي پر هوءَ حميد سان چهٽي سمهي ٿي. هن جو روح سالن جو سڪايل آهي. ان محبت جي اڃ اساٽ کي صديون گهرجن سيراب ٿيڻ لاءِ. اڃان ڪيترو وقت بچيو آهي! شايد زندگيءَ جا چند سال! ان ڪري وقت جو ڦڙو ڦڙو آب حيات سمجهي پيئڻ لڳي آهي.
لمحو لمحو محسوس ڪري گذاري ٿي.
حميد ڀرسان ستو پيو آهي، هن جي چهري تي سڪون جو ڇانورو مرڪي رهيو آهي. سوچي ٿي سندس ننهون ڪيتريون نه چالاڪ آهن. شادي جي شروعاتي ڏينهن ۾ پٽن تي منڊ منڊي وڃي الڳ دنيا وسايائون.
پر هوءَ ڪيتري نه سٻاجهي آهي جو سس جي تصور مان جان ڇڏائڻ ۾ ڪيترا سال لڳي ويس!