ڪهاڻي پرچي پوي ته: شبنم گل
هر چهرو هڪ ڪهاڻي آهي، انڪري ڪهاڻين جي تخليق تائين پهچڻ ڪو ڏکيو عمل نه آهي. پر اها حقيقت آهي ته ڪهاڻي کي پرچائڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪهاڻي، ادب جي منفرد پر ڏکي صنف آهي، ڪهاڻي، سرجهڻار کان فني مهارت گهري ٿي. موضوع کان ٻولي ۽ ڪردار نگاري تائين، ڪهاڻي جي جوڙجڪ کي مڪمل توجهه گهرجي.
مختصر ڪهاڻي هزار کان ست هزار يا پنج سو لفظن تي مشتمل ٿئي ٿي. جڏهن ته ناول ست هزار پنج سو لفظن کان ويهن هزار لفظن تائين مشتمل هوندو آهي. ناويلا ۾ پنج هزار لفظ ٿين ٿا. ان کان علاوه سو کان ٽن سون لفظن تائين به ڪهاڻي لکي وڃي ٿي، جنهن کي ڊريبل اسٽوري يا فليش ڪهاڻي سڏيو وڃي ٿو. دنيا جي ادب ۾ شاهڪار ڪهاڻيون مختصر لفظن ۾ بيان ڪيون ويون آهن جيئن ورجينيا وولف جي ڪهاڻي A haunted house تقريباََ 710 لفظن تي ٻڌل آهي. مارڪ ٽوئن جي Atelephonic Conversation جا لفظ 810 کن هوندا.
گارشيا مارڪيز جي ڪهاڻي One of these days 994 لفظن تي مشتمل آهي. يا موپاسان جي ڪهاڻي Dowry 1862 اکرن تي مبني آهي. ائين دنيا جي ادب جون اڪثر بهترين ڪهاڻيون ٻن کان ٽن هزار لفظن تايئن مشتمل آهن. ڊگهي ڪهاڻي ۾ دلچسپي جو عنصر برقرار رکڻ مشڪل ٿيو پوي. مون کي بذات خود موپاسان، ڪرشن چندر، البرٽو موراويا جون ڪهاڻيون پسند آهن. جيئن موپاسان جي ”نيڪلس“، ڪرشن چندر جي ”تائي ايسري“ بهترين ڪهاڻيون آهن.
منهنجي سامهون ڪو واقعو يا ڪردار آيو ته ان مون کان ڪهاڻي لکرائي. اها حقيقت آهي ته وقت گذرڻ سان تخليقار جي لکڻين ۾ پختگي اچي ٿي. پر سٺي ڪهاڻي، شعوري ڪوشش جو نتيجو هرگز نه ٿي ٿي سگهي.تخليقي ڪهاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٿي ٺاهي. شعوري ڪوشش سان، لکڻين ۾ بناوٽ محسوس ٿئي ٿي.
دنيا جي بهترين ادب جي ڪهاڻين جي ٻولي ۽ بيان ڪرڻ جو انداز نرالو آهي، ٻولي جي سونهن، فطري پڻو ۽ جملن جي بيهڪ سان ڪهاڻي ۾ اثر پيدا ٿئي ٿو. ڪهاڻي ۾ ڊائلاگ گهٽ ۽ مختصر هجڻ سان ڪهاڻي جو تاثر ڀرپور جڙي ٿو.
ڪهاڻي کي فني گھاڙيٽي جي سخت قيد ۾ بند نه ٿو ڪري سگهجي. ڪن ڪهاڻين جو پلاٽ سگهارو هوندو آهي ته ڪن ۾ ڪردار نگاري ڀرپور نظر ايندي آهي. سٺي ڪهاڻي اها آهي، جيڪا دل جي گهرائي کي ڇهي وٺي ۽ پڙهندڙ کي ان ۾ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي خوابن جو عڪس نظر اچي.
سنڌي ۾ تخليقي ڪهاڻي جو سفر جاري آهي. ڪهاڻيڪار، ان صنف تي سنجيدگي سان طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. هو نون ۽ مختلف موضوعن تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. تخليقي ڪهاڻي سرجڻ لاءِ دنيا جي ڪهاڻين جو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو. اهو مطالعو سکيا جي عمل جو اهم حصو آهي. ڪتاب وڌ ۾ وڌ پڙهڻ سان ٻولي تي به عبور حاصل ٿئي ٿو. وقت گذرڻ سان ٻولي ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي. انڪري لکت واري ٻولي ۾ نوان تجربا ٿيڻ گهرجن. خوبصورت ٻولي خدا داد صلاحيت آهي.
يوناني مفڪر لنجائي نس چواڻي ته ”ٻولي، خوبصورت ۽ اُتم سوچ جو عڪس ٿئي ٿي“. جيڪو ماڻهو مستقل پاڻ سان ڳالهائيندو رهي ته لکت واري ٻولي تي سهڻو اثر پوي ٿو. ليکڪ جو انر ڊائلاگ، ٻولي تي اثر انداز ٿئي ٿو. انڪري ڪهاڻيڪار جو سفري مشاهدو، روزمره زندگيءَ سان ويجهڙائي، ماحول ۽ فطرت سان رابطو ضروري ٿيو پوي.
ڪهاڻيون معاشري جو عڪس ٿين ٿيون. ضروري نه آهي ته انهن سمورين ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار جو پنهنجو عڪس هجي. ٿوري جهلڪ ضرور هوندي پر جيڪڏهن ليکڪ جو پنهنجو رنگ هر جڳهه نمايان آهي ته پوءِ لکڻيون يڪسانيت جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.
ڪو زمانو هو جڏهن ڪهاڻين ۾ پلاٽ کي اهم سمجهيو ويندو هو ۽ پلاٽ کان وانجهيل ڪهاڻين کي، ڪهاڻي جي دائري کان ٻاهر ڪڍي ڇڏبو هو. پر جديد ڪهاڻي، هڪ لمحي جي وارتا تي به اڻي وڃي ٿي. روزمره جا ننڍا واقعا، مشاهدا ۽ تجربا جن ۾ سوچ جو انداز بدلجي وڃي. يا خيال جو نئون رستو نروار ٿئي جديد ڪهاڻي جو موضوع بڻجي سگهي ٿو.
جديد ڪهاڻي اندر جي وارتا يا حساسيت جو رد عمل ليکي وڃي ٿي. ڪهاڻي جو موضوع ڪهڙو ڇو نه هجي ان کي بيان ڪرڻ جو ڏانءُ، ڪهاڻي کي دلچسپ ۽ سگهارو بڻائي ٿو. جديد ڪهاڻي ۾ تجربن لاءِ دروازا سدائين کليل رهيا آهن. مون هڪ دور ۾ تصوراتي رجحان تي مشتمل ڪهاڻيون لکيون. جن جو انداز افسانوي هو. ان دور جي حوالي سان سندن اهميت هئي ڇو ته ائين هرگز نه چوندس ته مان انهن ڪهاڻين کي پنهنجو ڪرڻ کان قاصر آهيان. ڇو ته هر دور جو پنهنجو اثر ٿئي ٿو. ڪڏهن مطالعي جي نوعيت به لکڻين تي اثر ڇڏيندي آهي. توڙي جو مان ڪنهن به ڪهاڻيڪار کان ايترو متاثر نه آهيان جو، لاشعوري طور تي منهنجو احساس سندس ڏانءُ ۾ رنڱجي وڃي. انڪري منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته هر ڪهاڻيڪار کي پنهنجو رستو پاڻ چونڊڻ گهرجي. ڇو ته ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ليکڪن تي پاولو ڪوئلو جو اثر محسوس ٿئي ٿو. بانو قدسيه جو اثر اردو جي نون ناول نگارن تي ضرور پيو آهي. ساڳيءَ ريت سنڌي جي نئين ناول نگار جو ناول پڙهي مون کانئس سوال ڪيو ته ڇا تون عميره احمد جا ناول پڙهندي آهين ته جواب ڏنائين ته ها. ڇو ته سندس ناول تي عميره احمد جو واضع اثر نظر آيو ٿي. ليکڪ تي ڪنهن جي اثر کي پاڻ تي حاوي ڪرڻ بدران، پنهنجي لکڻين جو انداز خالص رکڻ گهرجي. کيس پنهنجي پڙهندڙن کي ڪا نئين شيءِ ڏيڻ گهرجي. فن وهندڙ پاڻيءَ جيان هئڻ گهرجي، هر وهڪري جو پنهنجو الڳ رخ ۽ رواني هجي. مون اهو به ڏٺو آهي ته چند سٺيون تخليقون ڏيئي، مڃتا ماڻي ليکڪ جي جستجو ختم ٿي وڃي ٿي.
پيسي يا شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ سرجيل ادب، خالص ۽ تخليقي لکڻين جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي. تخليق، تخليقار جو نجي معاملو آهي. خالص تخليق نواڻ جو ٻج آهي، جنهن کي ٻوٽو ۽ پوءِ وڻ بڻجڻ لاءِ سال لڳي وڃن ٿا. تخليقي ادب ريڊي ميڊ نه ٿو ٿي سگهي. ته ماڻهن جي پسند مطابق لکجي. اهو فيصلو تخليقار جو ذاتي معاملو آهي ته هن کي ڪهڙي موضوع تي قلم کڻڻ گهرجي. جنهن سان هو مڪمل نڀاءُ ڪري سگهي.
خالص ادب ذات جي کوجنا کان شروع ٿي، ڪائنات جي وسعت تي وڃي دنگ ٿو ڪري، پر پڄاڻي تي نه ٿو پهچي. ذهن ۾ موجود کربين نيورونز، هر وقت نين دريافتن ۾ رڌل رهن ٿا. ڇو ته انساني ذهن هڪ معجزاتي تخليق آهي. بايولاجي جا ماهر چون ٿا ته زندگي ماليڪيولز جي Chaos مان جاڳي، ذاتي تنظيم ۾ مگن ٿي وئي.
ائين ڪهاڻيڪار به زندگي ۽ ڪائنات جي انتشار مان، سوچ جي وحدت پيدا ڪري ٿو. هڪ ماکي جي مک وٽ ست هزار نيونز آهن. جيڪي کيس تخليقي سگهه عطا ڪن ٿا. خوشبو، رنگ، سج، گلن کان فاصلو، رخ ۽ تخليق جو جوهر عطا ڪن ٿا. انسان جي ذهن ۾ کربين نيورونز کيس تخليق لاءِ اتساهين ٿا. فطرت جي هر شيءِ تخليقي جوهر سان مالا مال آهي. انڪري ڪهاڻيڪار جو فطري زندگي سان رابطو انتهائي ضروري ٿيو پوي. تخليقي ڏانءُ اهو آهي ته هڪ عام منظر، رويي يا ردعمل مان، خيال جا نوان رخ دريافت ڪجن ۽ انهن نون رخن تي سبب ۽ اثر جي تاڃي پيئي جي مهارت سان اڻت ڪجي. ائين خيال، ارتقائي مرحلن مان گذرندي اصليت تائين وڃي ٿو توڙ ڪري. اهو رابطي جو ڏانءُ آهي. شيون متوازي ۽ متضاد رستن تي سفر ڪن ٿيون. جن مان ڪهاڻيڪار تعلق جو هنر ڳولي ٿو لهي.
مستقل انتشار جتي منفي اثر رکي ٿو اُتي اها ڪيفيت تخليق جي سرجڻ جو سبب بڻجي ٿي. پر گوڙ، تخليق جو دشمن آهي. اهو فرد کي شعوري حالت ۾ متحرڪ رکي ٿو. هر وقت ليکڪ، سجاڳي جي حالت ۾ رهي نه ٿو سگهي. ڇو ته تخليقڪار جو لاشعور وڌيڪ متحرڪ هئڻ گهجي. جنهن کي تنهائي جي طاقت گهرجي. ڪهاڻي، گوڙ ۾ سرجڻهار کان رُسي وڃي ٿي. ڪهاڻي کي پرچائڻ لاءِ ذهني يڪسوئي جي ضرورت پوي ٿي، جيڪا فقط اڪيلائي ۾ حاصل ٿي سگهي ٿي.
[b] شبنم گل
[/b]ـــــ 2 مارچ 2017ع
حيدرآباد ـــ سنڌ.