ڪھاڻيون

خالي هنج جو ڏک

شبنم گل جو تخليقي ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. ڪهاڻي، ناول، ڪالم، شاعري ۽ ٻيون صنفون. هُنَ جنهن صنف ۾ به قلم کنيون آهي، سندس لکڻيون تخليقَ ۽ ڏاهپ جو حسين سنگم بڻجي سامهون آيون آهن.
شبنم گُل جون ڪهاڻيون ڏاڍيون موهيندڙ آهن. هوءَ زندگيءَ ۽ سماج جي بظاهر ننڍڙن موضوعن کي اهڙو ته حسناڪ انداز ۾ ورتائي ٿي جو اُهي ڪهاڻيون مَنَ ۾ پيهي وڃن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردارَ به اسان جي ئي آس پاس مان چونڊيل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3550
  • 818
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خالي هنج جو ڏک

آمان

نرجس ٿڌو ساهه ڀري پنهنجي ڀرسان کٽ تي ستل پرهه ڏانهن نهاريو. پرهه عمر جي لحاظ کان ارڙهن سالن جي هوندي به اٺن سالن جي لڳي ٿي. ذهني و جسماني واڌ ويجهه نه ٿيڻ ڪري هوءَ پنهنجي اصلي عمر کان پوئتي رهجي وئي آهي. هوءَ ٽنگن ۾ سَتُ نه هئڻ سبب هلڻ کان قاصر آهي. چهري تي اڻڄاڻائي جو هڪ تاثر ڦهليل اٿس. هوءَ نه ماءُ کي سڃاڻي سگهي ٿي، نه ماحول کي سمجهي ٿي. نرجس کيس گهڻن ئي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو آهي پر سندس حالت ۾ ڪا بهتري نه آئي آهي.
پرهه هڪ اڻ چاهيل ٻار آهي...
نرجس جي اکين مان لڙڪ ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا. نرجس کي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن هوءَ الٽراسائونڊ ڪرائڻ وئي هئي. سندس مڙس بار بار ڊاڪٽر کان ٻار جي جنس معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڌيءَ جي خبر پوڻ تي نياز جو منهن لهي ويو. نرجس پنهنجي وجود ۾ خوف کي لهندي محسوس ڪيو.
گهر موٽيا ته ڳوٺان آيل ساهرن جو رويو به بدلجي ويو. سڀ ڀاتي ائين خاموش هئا ڄڻ ڪو مرتيو ٿيو هجي. ڪجهه ڏينهن جي خاموشيءَ کانپوءِ نياز کيس چيو.
”مون کي ڌيءَ نه گهرجي.“
”نياز اهو ته قدرت جو فيصلو آهي. ان ۾ ڀلا منهنجو ڪهڙو ڏوهه!“
هوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي.
”منهنجو خيال آهي ته ٻار جو اَبارشن ڪرائي ڇڏ.“
اهو ٻڌي نرجس محسوس ڪيو ته هوءَ ڄڻ گهري کاهيءَ ۾ ڪري رهي آهي.
”نه مان اهو ڏوهه جو ڪم نه ڪندس.“ انڪار کانپوءِ مسلسل روين جو زهر پيئندي رهي. ان ئي اڻ تڻ ۾ ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿيو. ڪجهه عرصي ۾محسوس ڪري ورتائين ته ٻار ايب نارمل آهي. مڙس ۽ ساهرن جا رويا ڏينهون ڏينهن ڏکوئيندڙ ٿيندا ويا. هوءَ به اڪيلي سر ٻار جو علاج ڪرائيندي رهي هئي، پرهه جڏهن ٻن سالن جي ٿي ته هڪ ڏينهن نياز کيس چيو.
”پرهه کي يتيم خاني ۾ داخل ڪرائي ڇڏ. اهڙي معذور ٻار جو علاج ڪير ڪرائيندو!“
اهو ٻڌي نرجس ڏک وچان پنڊ پهڻ ٿي وئي. ڄڻ هو احساس کان وانجهيل پٿر جي مورتي هجي.
حيرت سان نياز جي چهري کي تڪيندي کيس لڳو ته هن شخص ۾ ڪٿي به انسانيت جا آثار نه آهن.
”ڇو مون ڪا غلط ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟“
نياز کيس نفرت مان گهوري چيو.
”خدا جي واسطي خاموش ٿي وڃ، مان ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿي ٻڌي سگهان.“
ڪجهه عرصي ۾ ٻنهي زال مڙسن جا اختلاف وڌي وڃڻ ڪري نوبت طلاق تائين وڃي پهتي. نرجس جي گهر وارن پڻ هن سان رابطو ڪٽي ڇڏيو.
پر نرجس جي دل مطمئن هئي. پرهه جو چهرو ڏسي جي پوندي هئي. سمورا ڏک وساري ويهندي هئي. توڙي جو ڏوهه نياز جو هو. ساهرن جا رويا الڳ ڏکوئيندڙ هئا. پر سمورن الزامن جي زد ۾ نرجس جو بي گناهه وجود اچي ويو. انهن ڏکن ۽ احساس محرومين جي اکٻوٽ ۾ ارڙهن سال گذري ويا. ڪاليج ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ هوءَ سرڪاري رهائشگاهه ۾ رهڻ لڳي. پرهه کي صبح جو ملازمه وٽ ڇڏي مطمئن ٿي ڪاليج هلي ويندي هئي. هڪ ڏينهن صبح جو ڪاليج ۾ پريشان هئي.
”ڇو خير ته آهي؟ اڄ پريشان ٿي ڏسجين!“ رضوانه، هن جي ڀرسان ويهندي چيو ته هن جي وڏين ۽ خالي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
”پرهه لاءِ پريشان آهيان.“
”تون پريشان نه ٿي، ڏسجانءِ هڪ ڏينهن پرهه بلڪل ٺيڪ ٿي ويندي. هي پرهه لاءِ ڪجهه تصويرون آنديون اٿم.“
رضوانه، تصويرون نرجس ڏانهن وڌائيندي چيو.
تصويرن ۾ فطرت جا مختلف منظر آهن، سج، چنڊ، ستارا، بادل ۽ دريا...
نرجس جي دل ۾ درد جون لهرون ڇلڻ لڳيون.
”پرهه ڪڏهن اهي منظر ڏٺائي ناهن، ارڙهن سالن کان هوءَ هڪ ڪمري ۾ قيد آهي.“
رضوانه جو مضمون نفسيات هئڻ ڪري هوءَ نرجس کي اڪثر سٺيون صلاحون ڏيندي آهي.
”اڳي پرهه کي اڪثر ڀينرن يا ڀائرن جي گهر وٺي ويندي هيس ته سندن منهن لهي ويندا هئا. هڪ ڏينهن ڀيڻ چئي ڏنو ته پرهه کي نه آڻيندي ڪر، منهنجي ٻارن کي مونجهه ٿئي ٿي.“
نرجس گهر موٽي ته هن کي ڏسي معمول مطابق پرهه جي چهري تي ڪوبه تاثر نه اُڀريو ته هن دل ۾ سور جي سٽ اڀرندي محسوس ڪئي. هڪ ويڳاڻو احساس هن جي اکين مان صاف نظر اچڻ لڳو، نرجس، پرهه جا وار سنواري حسرت سان چيو
”تون الاءِ ڪڏهن مون کي اَمان چوندينءَ.“
”بيگم صاحبه اڄ پرهه ڪجهه به ناهي کاڌو، ڏاڍا وس ڪيا اٿم.“
ماسي فاطمه بي وسيءَ مان چيو.
”اڇا!“ هن جي تشويش وڌي وئي. ڪمن ڪارين مان فارغ ٿي تصويرون کڻي هوءَ پرهه جي ڀرسان ويهي. هڪ تصوير کڻي پرهه کي ڏيکارڻ لڳي. جنهن ۾ سرسبز ٻنين جي پس منظر مان روشن سج اڀري رهيو آهي. سج تي هٿ رکي چوڻ لڳي.
پرهه! هي سج اٿئي. سج روشني ورهائيندو آهي.“ پر پرهه جو چهرو ڪنهن به تاثر کان خالي محسوس ٿئي ٿو. سج وجود رکي ٿو پر پرهه لاءِ بي اهم آهي، اونداهي يا روشني ٻئي هن لاءِ بي معني آهن.
نرجس جي دل وڍجي وئي، ان اوپري نظر تي...
”پرهه هڪ ڀيرو مون کي اَمان چئه.
سالن کان اهو لفظ ٻڌڻ لاءِ سڪي رهي آهيان. خالق ڪائنات کي ٻاڏائي ٿڪي آهيان.“
پر پرهه اکيون ٻوٽي ڇڏيون، ان هڪ لمحي ۾ نرجس ڄڻ ته پنهنجي وجود ۾ اوپري ٿي وئي هجي.
پرهه! يقين اٿم ته تون ضرور هڪ ڏينهن ٻئي ٻانهون ڦهلائي امان چئي اچي منهنجي وجود ۾ لڪندينءَ....
فقط ان ڏينهن جي آس ۾ جي رهي آهيان....
هو پاڻ سان ڳالهائيندي روئيندي رهي.
دريءَ مان ماڪ ڀنل ننڊاکڙو جهوٽو اندر اَچي ڪمري ۾ هرطرف تازگي وکيري ويو، نرجس به درد جي ٻانهن مان نڪري ننڊ جي سڪون ۾ سمائجي وئي.
نرجس کي هڪ نئين ڊاڪٽر جو ڏس مليو ته پرهه کي ان ڏانهن وٺي آئي.
ڊاڪٽر مختلف سوال ڪندو رهيو.
”توهان زال مڙس پاڻ ۾ مائٽ آهيو؟“
”جي منهنجو مڙس منهنجو سئوٽ هو.“
”خاندان ۾ شادين ٿيڻ جي صورت ۾ معذور ٻار پيدا ٿين ٿا. جيڪڏهن خاندان ۾ شادي ڪجي به ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻنهي جي رت جا ٽيسٽ ٿيڻ گهرجن.“
”ڇا ان سان ايب نارمل ٻار نه پيدا ٿيندا.“
”ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪجي ته هو خاندان ۾ شادي ڪرڻ کان پاسو ڪن“.
اها ڳالهه ٻڌي هوءَ گهري سوچ ۾ ٻڏي وئي. ڊاڪٽر رپورٽس ڏسي پرهه جو چيڪ اپ ڪري نسخي تي دوائون لکي نرجس کي ڏيندي چيو.
”فزيو ٿيراپي پابندي سان ٿيندي، البته دوا هڪ مهيني تائين ڏيندا رهو. اميد ته سندس حالت ۾ بهتري ايندي.“
ڊاڪٽر جي لفظن جو يقين کڻي هوءَ پرسڪون ٿي گهر واپس موٽي.
ڪجهه ڏينهن ۾ هن پرهه ۾ تبديلي محسوس ڪئي. جئين هوءَ اڳي ماحول کان بلڪل لاتعلق لڳندي هئي، هاڻ آوازن تي سندس چهري جو تاثر بدلجي ويندو هو. اڪثر ماءُ جي چهري کي ڏسي مرڪڻ لڳي هئي. نرجس لاءِ اهو احساس سج جي پهرين روشن ڪرڻي جيان هو. هڪ ڏينهن پرهه ماءُ جو سهارو وٺي اٿي بيٺي. پر جلدي ڪرڻ لڳي، هن پرهه کي سنڀالي کيس کٽ تي ويهاريو. خوشي ۽ ڏک جي مليل جليل ڪيفيت ۾ سندس سڄو وجود ڏڪي رهيو هو.
در تي گهنٽي وڳي، هن دروازو کوليو، ٻاهر مجتبيٰ بيٺو هو. هن جي چهري تي وحشت جا آثار ڏسي مجتبيٰ پنهنجي هٿ ۾ جهليل سامان کيس ڏيندي چيو.
”امان توهان لاءِ ڪجهه موڪليو آهي.“
نرجس سامان وٺي در بند ڪرڻ واري هئي ته مجتبيٰ تڪڙ ۾ اندر داخل ٿيو.
”ڪجهه دير ويهڻ لاءِ نه چوندينءَ“
مجتبيٰ جي اکين ۾ هڪ گهري التجا هئي. چانهه لاءِ پڇڻو پيس... خبر ناهي ڇو مجتبيٰ جي نظرن جي تپش سان هن جي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا جرڪڻ لڳا.
”چانهن پيئندس....“ مجتبيٰ هن کي گهري نظر سان ڏسندي چيو. هوءَ بورچي خاني ۾ اچي چانهن ٺاهڻ لڳي.
ڪجهه گهٻرايل هئي. مجتبيٰ، ماسي زهره سان گڏ ايندو هو. اڄ اڪيلو ڇو آيو آهي! ٽري ۾ چانهن جو ڪوپ۽ بسڪٽ رکي هوءَ ٻاهر آئي. مجتبيٰ اخبار ڏسي رهيو هو. چانهن ڏيئي سامهون ويهي رهي.
توهان پنهنجي لاءِ چانهن نه ٺاهي؟“
مجتبيٰ مرڪي چيو.
”دل نه چيو“
هرطرف خاموشي ڇانئجي وئي، نرجس کي لمحا ڳرا لڳن ٿا. مجتبيٰ جي نظرن جي تپش چهري تي محسوس ڪري پريشان ٿي وئي.
”خاموش ڇو آهين نرجس!“
”مٿي ۾ سور آهي، آرام ڪرڻ چاهيان ٿي.“
هوءَ چاهي ٿي مجتبيٰ جلدي اٿي وڃي.
”ڪا دوا وغيره وٺي ڇڏ“
”جي بهتر“ نرجس بي زار ٿي چيو.
”هڪ سوال پڇان؟“ مجتبيٰ کيس گهري نظر سان ڏسندي چيو.
”مان هن وقت ڪنهن به سوال جو جواب نه ٿي ڏيڻ چاهيان.“
سخت لهجو ٻڌي مجتبيٰ جو منهن لهي ويو، چانهن پي خاموشي سان ٻاهر نڪري ويو.
نرجس کي پنهنجي رويي تي شرمندگي محسوس ٿي. سندس وجود غير محسوس اداسيءَ ۾ ويڙهجي ويو.
ٻئي ڏينهن رضوانه کيس باغ ۾ وٺي آئي.
هن جو خيال هو ته پرهه کي هڪ نئين دنيا ڏيکارجي. پرهه وهيل چيئر تي لاتعلق ويٺي هئي. بهار جا شروعاتي ڏينهن هئا. ماحول ۾ گلن جي سرهاڻ ڦهليل هئي. ساوڪ پنهنجي تازگي کي محسوس ڪري ڄڻ ته رقص ڪندي هجي.
زندگي جي چرپر ۽ ٻارن کي راند ڪندي ڏسي نرجس ٿڌو ساهه ڀريو. ٻار رانديڪن سان نه کيڏي سگهي!
پوپٽ ۽ پکي هن لاءِ غير اهم هجن...
ماءُ جي پيار کي محسوس نه ڪري سگهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. دنيا ۾...
پرهه کي ماسي فاطمه وٽ ڇڏي نرجس ۽ رضوانه سائي ڇٻر تي هلڻ لڳيون.
”مان سمجهان ٿي پرهه اڳي کان بهتر آهي.“ رضوانه جي ڳالهه ٻڌي نرجس هڪ ٿڌو ساهه ڀريو، ڄڻ کيس رضوانه جي ڳالهه تي يقين نه آيو هجي.
”خبر ناهي هوءَ مون کي ڪڏهن سڃاڻيندي ته مان هن جي ماءُ آهيان.“
نرجس جي لهجي جي حسرت کي محسوس ڪري رضوانه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
دنيا ۾ هر شيءَ، آسائش ۽ سک موجود آهي، پر هڪ ماءُ جي دل جي خواهش ايڏي مهانگي ڇو آهي؟ اداس ٿي سوچي ٿي
”رضوانه“
”جي“ رضوانه ڇرڪي کيس نهاريو.
”ڪڏهن سوچيندي آهيان، مون کي ڪجهه ٿي ويو ته پرهه جو ڇا ٿيندو!“
”چري ائين نه سوچ.... الله خير ڪندو... پرهه به ٺيڪ ٿي ويندي ۽ تون به هڪ خوش زندگي گذاريندينءَ.“
رضوانه يقين سان چيو. آٿت ڀريا روشن لفظ نرجس کي دل جي گهراين ۾ لهندي محسوس ٿيا.
”هڪ ڳالهه چوان!“ رضوانه هٻڪندي چيو.
”ها ها... چئه...“
نرجس تجسس مان کيس ڏسڻ لڳي ته هوءَ کيس ڇا چوڻ واري آهي.
”مجتبيٰ لاءِ تو ڇا سوچيو آهي؟“
”رضوانه جي ڳالهه ٻڌي نرجس هڪدم خاموش ٿي وئي.
”شايد هن وقت مون کي اهو سوال نه پڇڻ کپي“.
”نه نه.... تون مون کان ڪوبه سوال پڇي سگهين ٿي، دراصل مان ٻي شادي نه ٿي ڪرڻ چاهيان. ڊاڪٽر به مون کي ٻڌايو هو ته خاندان ۾ شادي ڪرڻ سان ايبنارمل ٻار پيدا ٿين ٿا ۽ مجتبيٰ منهنجو ماسات آهي.“
”نرجس! اسان جي خاندان ۾ اڪثر شاديون پنهنجن ۾ ئي ٿيون آهن پر ڪوبه ٻار ايب نارمل پيدا نه ٿيو آهي؟“
”ڪجهه به هجي پر مان پرهه کي نه ٿي ڇڏي سگهان.“
”ڇا هن ڪا شرط وڌي آهي.“
”نه هن ڪجهه به نه چيو آهي. پر جڏهن سڳو پيءُ پرهه کي قبول نه ڪري سگهيو ته ڪو غير ماڻهو ڪيئن هڪ معذور ڇوڪري کي پنهنجو ڪندو!“
”پر وري به نرجس انڪار ڪرڻ کان اڳ ضرور سوچجانءِ.“
نرجس کي باغ ۾ گهمندي هڪ نئين زندگيءَ جو احساس ٿيو.
نرجس گهر اچي ماني وغيره کائي پرهه جي سامهون اچي ويٺي. پرهه کي اسپيچ ٿيراپي ڪرائيندي ڊاڪٽر چيو هيس ته هو پرهه سان گهڻو ڳالهائي. خاص طور تي ”اَمان“ لفظ بار بار ورجائي.
هن پاڻ تي آڱر رکي ۽ ٻئي هٿ سان پرهه جو چهرو جهلي چيو.
”پرهه! مان تنهنجي ماءُ آهيان، ماءُ کي اَمان چئبو آهي.
مان تنهنجي اَمان آهيان.
اَ...... مان !
ڪافي دفعا لفظ دهرائڻ کانپوءِ پرهه چيو..... ا..... ا... آ....
نرجس جي خوشي جي انتها نه رهي هئي. هن ڪافي عرصي کانپوءِ پنهنجي اندر بهار جي تازگي کي لهندي محسوس ڪيو.
ان رات نرجس دير تائين روئيندي رهي.
پرهه کي غور سان ڏسي ٿي، جنهن جي چهري تي زندگي جي رونق ڇانيل آهي، دل ۾ اطمينان کي لهندي محسوس ڪيائين.
هڪ مصروف ڏينهن گذاري شام جو هوءَ چانهن پي رهي هئي ته دروازي تي گهنٽي وڳي. ماسي فاطمه در کوليو ته زهره ۽ مجتبيٰ اندر داخل ٿيا. زهره جي هٿ ۾ مٺائي جو دٻو هو. کيس چاهه مان ڳراٽڙي پائي چيائين.
”امڙ مبارڪ هجي مجتبيٰ زمينن جو ڪيس کٽي ورتو آهي.“
”توهان کي به مبارڪ هجي ماسي“ هن زوري چهري تي مرڪ آڻيندي چيو.
مجتبيٰ، ماءُ کي ڇڏي ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪري ويو ته زهره هن جي پاسي ۾ اچي ويٺي. ”ڏاڍا وس ڪيا اٿم پر مجتبيٰ ڪٿي به شادي لاءِ ها نه ٿو ڪري. هڪ ئي پٽ اٿم، جي انڪار ٿي ڪرين ته سچ مان ڦاهو کائي مرنديس.“
ماسي زهره ڳالهه پوري ڪرڻ کان اڳ سڏڪن ۾ پئجي وئي.
نرجس کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا جواب ڏئي.
”ماسي مون کي مجبور نه ڪر، مان اڳ ئي پرهه جي ڪري پريشان آهيان.“ نرجس جي ڳلن تي لڙڪ ڪرڻ لڳا.
”پوءِ امڙ تون پاڻ مجتبيٰ سان ڳالهائي ڏس متان مڃي وڃي، منهنجي ڳالهه نه ٿو ٻڌي.“
”ٺيڪ آهي مان پاڻ ڳالهائيندس مجتبيٰ سان“
نرجس جي ڳالهه ٻڌي زهره ڪجهه مطمئن ٿي.
صبح کان نرجس کي هلڪو بخار هو، شام تائين تيز ٿي ويو. مجتبيٰ آيو ته هن کي زبردستي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو. ڊاڪٽر ٽيسٽ ۽ دوائون لکي ڏنيون. مجتبيٰ هن جي هڪ نه ٻڌي، ليبارٽري وٺي ويس جتي سمورا ٽيسٽ ٿيا. واپسي تي کيس جوس پياريو.
”تو پنهنجي پاڻ کي صفا وساري ڇڏيو آهي نرجس!“
نرجس چهرو مٿي ڪري مجتبيٰ جي اکين ۾ حيرت منجهان نهاريو، ڄڻ هن ڪا انوکي ڳالهه ڪئي هجي.
”ها نرجس تون پنهنجو خيال رکندي ڪر، اهو سوچي ته هن دنيا ۾ ڪو آهي جنهن لاءِ تون انتهائي اهم هستي آهين.“
نرجس پهريون دفعو مجتبيٰ کي ڌيان سان ٻڌو ۽ پنهنجائپ ڀري لهجي جي سحر ۾ وڃائجي وئي. گهر واپس موٽي ته بخار هلڪو ٿي چڪو هو. پر پوءِ به احتياطاً ماسي زهره رات ترسي پئي. جلد ئي چنڊ ڪڪرن جي پناهه هليو ويو. وڄ جي تجلن ۽ گجگوڙ سان تيز بارش پوڻ لڳي.
اهو منظر ڏسي نرجس گهٻرائجي وئي. تيز بارش سبب مجتبيٰ اتي ئي ترسي پيو. اڌ رات تائين زهره کيس سنڀاليو، نرجس جو بخار جهڪو ٿيو ته زهره صوفي تي ليٽي پئي، نرجس ننڊ ۽ جاڳ جي ڪيفيتن ۾ مجتبيٰ جو هٿ نرڙ تي محسوس ڪيو. سندس هٿ جي ترين جي ٿڌاڻ پنهنجي تپندڙ مٿي تي ڇانوري جيان محسوس ٿيس. بخار ۾ تيزي محسوس ڪري مجتبيٰ هن جي نرڙ تي برف جون پٽيون رکڻ لڳو.
نرجس لاءِ اهو هڪ اڻڄاتل احساس هو. ڪنهن به هن جو اهڙو خيال ئي نه رکيو هو. ڪنهن جنگلي گل جيان هوءَ اڪيلي سر موسمن جون سختيون سهندي رهي هئي. تڪليف جي شدتن ۾ نرجس لاءِ اهو لمحو يقين جي روشني کڻي آيو. ٿوري دير لاءِ هوءَ سمهي رهي. برسات بيهي رهي هئي. مجتبيٰ ڪرسي تي سمهي رهيو هو. هوءَ مجتبيٰ کي خاموشيءَ سان ڏسندي رهي. دريءَ مان تيز هوا جو جهوٽو اندر آيو ۽ هر طرف برسات جي خوشبو وکري وئي.
ٻوسٽ کانپوءِ بارش جي قطرن جي اهميت ٿئي ٿي، اڃايل ڌرتي ۽ ٻوٽن لاءِ....
ٻئي ڏينهن هوءَ جڏهن ڪاليج وئي ته رضوانه کي ڪافي بدليل لڳي. زندگيءَ جو گهرو رنگ نرجس جي ڳلن تي جرڪندي محسوس ڪيائين. پنهنجائپ جي احساس هيٺ زندگي بوجهه نه ٿي محسوس ٿئي. ڪو حال اورڻ وارو هجي ته لمحا پکيءَ جي پرن جيان هلڪا ڦلڪا ٿي اڏامڻ لڳندا آهن...
مجتبيٰ جي ذڪر تي هن جي اکين ۾ وحشت بدران هڪ وڻندڙ احساس هو. چهري تي نه چاهيندي به سج جي ڪرڻن جهڙي مرڪ ليئا پائڻ لڳي هئي. رضوانه کي هوءَ تمام خوش ۽ مطمئن لڳي.
هڪ بيجان چهرو هڪدم ايترو خوبصورت ڪيئن ٿي سگهي ٿو! رضوانه حيران ٿي سوچي ٿي.
”ڇا ٿي ڏسين؟“ نرجس مرڪي پڇيو.
”تون مرڪندي ڏاڍي سٺي ٿي لڳين نرجس..“
”اڇا!“
رضوانه جي ڳالهه ٻڌي نرجس رابيل جيان ٽڙي پئي.
”خدا ڪري ائين مرڪندي رهه سدائين.“
هوءَ رضوانه کي اڄ تمام گهڻي مختلف لڳي، نارمل ماڻهن وانگر کلندي، ڳالهائيندي...
شام جو مجتبيٰ آيو ته هن لاءِ ڪافي شيون آندائين، ڪجهه ڪتاب، هڪ خوبصورت سوٽ، پرفيوم ۽ ڪجهه اهڙيون ٻيون شيون...
”مهرباني“ نرجس جي چهري تي انيڪ رنگ وکري ويا.
”ڪيترن سالن کان توکي خاموشي سان چاهيندو رهيو آهيان، نرجس! ان وقت کان جڏهن اڃان تنهنجي شادي به نه ٿي هئي، مون رشتو به موڪليو هو پر تنهنجي والد انڪار ڪري ڇڏيو، ائين پنهنجي ڀاءُ جي پٽ سان تنهنجي شادي ڪرائي ڇڏيائين.“ نرجس هن کي حيرت سان ٻڌي رهي هئي.
”ڪيترا سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، انهن ڏينهن ۾ مان توهان جي گهر عيد جي ماني ڏيڻ آيو هيس، تو در کوليو هو. ان ڏينهن توکي گلابي سوٽ پاتل هو، اکين ۾ گهرو ڪجل ۽ هٿن ۾ مهندي لڳل هئي. پهريون دفعو توکي ايترو تيار ڏٺو هو. ياد آيو ڪجهه!“ مجتبيٰ هن جي اکين ۾ جهاتي پائي چيو.
”ها“ هوءَ ماضي جي وروڪڙ رستن ۾ ڀٽڪڻ لڳي.
”خاموش ۽ يڪطرفه محبت ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ ٿئي ٿي نرجس.“
هڪ حسرت هئي مجتبيٰ جي لهجي ۾.
نرجس جي وجود کي هن جي اکين جي ڄر ساڙڻ لڳي. مجتبيٰ جي وڃڻ کانپوءِ هوءَ دير تائين ماضيءَ ۾ ڀٽڪندي رهي. اهو وسريل لمحو ٽانڊاڻي جيان ٽم ٽم ڪرڻ لڳو.
اوندهه ۽ روشني جي اکٻوٽ شروع ٿي وئي...
زندگيءَ سان ڀرپور پنهنجون ڪجليون اکيون ياد آيس، جن ۾ خوابن جا ستارا جرڪندا هئا.
مهندي جي خوشبو کيس دل وٽان ايندي محسوس ٿي. اهي خوبصورت ڏينهن هئا، ايندڙ زندگيءَ جي ڏکن کان بي خبر....
اڄ ڪسڪ بڻجي ذهن ۾ سڏڪي پيا آهن، گذري ويل يادن جي صورت ....
ڪيڏا خوبصورت ڏينهن هئا، ماءُ جي محبتن جي ڇانو ۾ گذرندڙ. پيءُ جو آٿت ڏيندڙ وجود ڪنهن پناهه گاهه جهڙو لڳندو هو. اڱڻ ۾ اکٻوٽ کيڏندڙ ڀائر ۽ ڀينرون، سندن ٽهڪ ۽ مرڪون سڀ ڪجهه ڪئين وقت جي ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويا. سمورا ڀائر ۽ ڀينرون خوش آهن، پنهنجي دنيا ۾، سواءِ هن جي... نرجس جي اکين مان لڙڪ ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا.
هوءَ زندگي کي محسوس ڪرڻ لڳي هئي دل جي گهراين سان. کيس رنگ پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳا هئا. پنهنجو خيال رکڻ لڳي هئي.
هلڪن رنگن بدران شوخ رنگن جا ڪپڙا پائڻ لڳي. ميچنگ جي جيولري ۽ هلڪو ميڪ اپ پڻ هن جي شخصيت جو حصو بڻجي ويا. هوءَ بدلجي وئي هئي.
محبت کيس بدليو هو. پنهنجي هئڻ جو احساس ڏنو هو. ان کان اڳ هن کي ڪڏهن پنهنجي وجود جي هئڻ جو احساس ئي نه ٿيو هو. محبت کيس نواڻ جو احساس ڏياريو هو.
چوڌاري سڀ ڪجهه ساڳيو رهي پر انسان اندر ۾ بدلجي وڃي. سندس احساس ئي ماڪ ڦڙن جهڙو بڻجي وڃي ۽ زندگي جي گل کي تازگي ملندي رهي.
اها شام هن جي زندگيءَ جي خوبصورت شام هئي، جڏهن هوءَ مجتبيٰ سان ٻاهر وئي هئي. شفق جا پاڇا سنڌوءَ تي لڙي آيا هئا. ٿڌي درياهه جي تن کي ڇهي ايندڙ هوائن جي نمي ۾ هڪ عجيب مدهوش ڪندڙ مهڪ هئي، مجتبيٰ سان گڏ ويهي لهرن کي غور سان ڏسي رهي هئي.
لهرون کيس درياهه ۾ اڃايل لڳيون، بي چينيءَ مان هڪ ٻئي پٺيان ڊوڙندي.
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هوءَ ڪنهن مرد سان درياهه تي گهمڻ آئي هئي. زندگي جي مسئلن ۾ ڪڏهن وقت ئي نه مليس جو تفريح جو سوچي سگهي.
”ٻيڙي ۾ چڙهندينءَ نرجس؟“ مجتبيٰ پنهنجائپ سان چيو.
”نه مون کي ڊپ لڳندو“ هوءَ خوفزده ٿي پاڻي کي ڏسڻ لڳي.
”چري! پاڻي کان ڪهڙو ڊپ، اچ اچ...“
مجتبيٰ کيس زوري ٻيڙي ۾ ويهڻ لاءِ آماده ڪيو، ٻيڙي ۾ ويهي هن مٿي ڏٺو ۽ آسمان جي رنگن ۾ وڃائجي وئي. درياءَ جي مست ڪندڙ هوا جي جهوٽي نرجس کي هن دنيا کان پري ڪري ڇڏيو. هوءَ گهرا ساهه کڻڻ لڳي، خوف ۽ انديشن بنان...
خوشي سان نرجس جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
مجتبيٰ کيس محبت ۽ اتساهه سان ڏٺو.
”نرجس، زندگيءَ جا هي سمورا سهڻا منظر تنهنجا پنهنجا آهن، هيءَ زندگي هاڻ تنهنجي گهڻو ويجهو هلي آئي آهي. جنهن کي تون پنهنجي مرضيءَ سان گذاري سگهين ٿي.“
نرجس جي چهري تي پرسڪون مرڪ ڦهلجي وئي، هنن رات جي ماني ريسٽورينٽ ۾ کاڌي، جڏهن رات جا اٺ ٿيا ته نرجس گهر واپس هلڻ لاءِ بي چين ٿي وئي.
”امان آهي پرهه وٽ تون پريشان نه ٿي.“ مجتبيٰ کيس دلاسو ڏيندي چيو.
”پر....!!!“ هوءِ پرهه جو سوچڻ لڳي. هن کي ڪجهه به سٺو نه ٿي لڳو. کيس گم صم ڏسي مجتبيٰ اٿي بيٺو.
هوءَبه هن ساڻس گڏ هلڻ لڳي، گاڏي ۾ ويهندي نرجس لهرن ڏانهن ڏٺو، هاڻ چانڊوڪي لهرن تي رقص ڪري رهي هئي.
”مان توکي روز هتي وٺي ايندس. ايندينءَ نه؟”
نرجس مرڪي نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ مجتبيٰ گاڏي هلائڻ لڳو.
”امان شادي جي شاپنگ شروع ڪري ڏني آهي، امان تمام گهڻي خوش آهي.“
نرجس ڪوبه جواب نه ڏنو، خاموشي سان ڪجهه سوچيندي رهي.
گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت ٿوري پريشان هئي. اندر ڏٺائين ته ماسي زهره صوفي تي گهري ننڊ ۾ هئي ۽ پرهه گندگي ۾ بي چينيءَ سان ٿاڦوڙا هڻي لڇي رهي هئي. ڪمري ۾ ڪنهن بدبوءَ کي محسوس ڪري مجتبيٰ جي چهري تي ناگواري جا تاثرات اڀري آيا.
نرجس ڇرڪي مجتبيٰ ڏانهن نهاريو ۽ هن جي چهري تي اڻ وڻندڙ ريکائون ڏسي کيس محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ پڇتاءُ جي گهرين کائين ۾ ڪري رهي هجي. ندامت جو بي چين ڪندڙ احساس هن جي وجود کي گهايل ڪرڻ لڳو، هن زخمي نظرن سان مجتبيٰ کي ڏسندي چيو.
”مجتبيٰ تو ته چيو هو ته امان پاڻ ئي پرهه جو خيال رکندي پوءِ هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟“
مجتبيٰ جواب نه ڏنو ۽ ماءُ کي اٿارڻ لڳو، زهره به ڇرڪ ڀري جاڳي پئي.
”اچي ويا توهان“ پٽ کي ڏسي سندس چهرو ٻهڪي اٿيو. وري پرهه جي حالت تي نظر پيس ته چوڻ لڳي.
”هاڻ مس وڃي ڪا اک لڳي هئي، سڄو وقت پرهه سان ويٺي هيس.“
نرجس جي چهري تي ڪاوڙ ڏسي مجتبيٰ وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو ۽ خاموشيءَ سان ٻاهر هليو ويو.
نرجس ڪمن مان فارغ ٿي جڏهن رات جو پلنگ تي ليٽي ته جسم ۾ سور جي تيز سٽن کي محسوس ڪرڻ لڳي. سندس سمورو جسم احساس جرم جي اذيت ناڪ ڀنور ۾ ٻڏڻ لڳو هو، ڄڻ ته ...
لڙڪ بي اختيار اکين مان ڪرندي وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هوءَ پرهه جي فرض کان غافل ٿي هئي. اڄ پنهنجي وجود کان نظرون چورائي رهي هئي. ڪابه ماءُ ايتري خود غرض نه ٿي ٿي سگهي ته هوءَ پنهنجي سک ۽ خوشي کي اولاد تي ترجيح ڏئي!
پوءِ هن ٿوري دير لاءِ ئي اهڙي ماءُ ٿيڻ ڇو گوارا ڪيو هو!
نرجس کي پنهنجي وجود کان ڪرڀ اچڻ لڳي. ذهن ۽ دل ۾ هڪ عجيب جنگ شروع ٿي وئي.
محبت جي ٿوري احساس هن کي فرض کان غافل ڪري ڇڏيو هو. شادي کانپوءِ ته الاءِ پرهه جو ڇا حال ٿئي ها. نه نه مان شادي نه ڪندس.
ٻئي ڏينهن مجتبيٰ کي گهرائي هن شاديءَ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
”پر نرجس“ مجتبيٰ ڪجهه چوڻ چاهيو پر نرجس سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو.
”مان ڪجهه به نه ٿي ٻڌڻ چاهيان، مون کي مجبور نه ڪر ڇو ته شادي هڪ وڏي ذميداري آهي، پرهه جي موجودگي ۾ مان اهڙو ڪوبه قدم نه ٿي کڻڻ چاهيان، جنهن جي ڪري هن کان غافل ٿي وڃان.“
مجتبيٰ حيرت مان کيس ڏسي رهيو هو. نرجس محسوس ڪيو مجتبيٰ جون اکيون بادل جيان آليون هيون، ڄڻ وسڻ لاءِ آتيون هجن پر هن چوڌاري صبر جا بند ٻڌي ڇڏيا هئا.
”جيئن تنهنجي مرضي“ ائين چئي مجتبيٰ خاموشي سان ٻاهر نڪري ويو. نرجس جا ڪجهه لڙڪ ڳلن تي ڪريا ۽ ڪجهه من جي بي رنگ موسمن ۾ جذب ٿي ويا. هوريان هلندي پرهه جي ڀرسان اچي ويٺي. ڪي پل خاموشيءَ سان سندس چهرو تڪيندي رهي، هن روح جي سانت ۾ ساوڪ جي تازگي کي وکرندي محسوس ڪيو، کيس پنهنجي فيصلي تي ڪوبه پڇتاءُ نه هو. رات حسب معمول دير تائين جاڳندي رهي. وقت گذري وڃڻ کانپوءِ خوبصورت يادون به اڪثر درد جو روپ ڌاري وٺنديون آهن....
ان کانپوءِ نرجس زندگيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي وئي، هن مرڪ جو مصنوعي خول چهري تي چاڙهي ڇڏيو. پر رضوانه هن جي مرڪن پٺيان گهري اداسي کي محسوس ڪري وٺندي هئي. نرجس جي طبيعت خراب رهڻ لڳي، هن کي مستقل بخار رهڻ لڳو هو، رضوانه گهڻو ئي چيس ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ پر هوءَ کلي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي. نرجس ڪجهه ڏينهن ڪاليج نه آئي ته رضوانه هن سان ملڻ گهر وئي. نرجس کيس اڳي کان ڪمزور لڳي پر هوءَ اڳي کان خوش هئي.
”پرهه هاڻ ڪجهه وڏي لڳي ٿي.“ رضوانه پرهه کي ڏسي چيو.
”پرهه جي طبعيت هاڻ ڪافي بهتر آهي، رضوانه بس ان ڏينهن جو انتظار اٿم ته هوءَ نارمل ٻارن وانگر گهمي ڦري سگهي.“
نرجس جي لهجي ۾ حسرت هئي.
”رب کيس صحت ياب ڪندو.“ رضوانه هميشه جيان کيس حوصلو ڏيندي چيو.
”اٿ ته توکي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي هلان“ رضوانه کيس زور ڀريندي چيو.
”نه نه مان ٺيڪ آهيان، گذريل مهيني ته سمورا ٽيسٽ ڪرايا اٿم، تون فڪر نه ڪر، معمولي بخار آهي، ٺيڪ ٿي ويندو.“
رضوانه جي دل پوءِ به مطمئن نه ٿي، هڪ بي نام اداسي کڻي هوءَ گهر موٽي آئي. ٻئي ڏينهن ڪاليج وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهي هئي ته کيس نرجس جي اوچتي موت جو اطلاع مليو. بي اختيار روئي پئي. سڄو جسم صدمي جي ڪيفيت ۾ ڏڪي رهيو هيس. جيئن تيئن ڪري نرجس جي گهر پهتي. نرجس جي وڇوڙي جو ڏک پنهنجي جڳهه پر اهو منظر ڏسي حيران ٿي وئي ته خاموشيءَ جي چادر پائي ستل نرجس جي ڀرسان پرهه بيٺي هئي. ماسي فاطمه جو سهارو وٺي. نرجس جي چهري تي هڪ عجيب سڪون ڇانيل هو، ڄڻ هن زندگيءَ جي حقيقت سمجهي ورتي هجي.
ان وقت رضوانه کي سخت تعجب ٿيو جڏهن هن پرهه جي درد ۾ ٻڏل رڙيون ٻڌيون.
اَ.... ما .... ن....!!!
رضوانه ڇرڪي بي اختيار نرجس جي چهري ڏانهن ڏٺو. ائين لڳو ڄڻ نرجس اهو لفظ ٻڌي ورتو هجي، جنهن کي ٻڌڻ جي کيس شديد آس هئي!