سرد خانو بڻجي ويل احساس
”وڃ! ڪيڏي نه ڊگهي قطار آهي، منهنجو وارو ڪڏهن ايندو؟“ هو ماڻهن جي پيهه ڏسي پريشان ٿي ويو. سوچ، نرجس ڏانهن هلي ويس. هوءَ اسپتال ۾ داخل هئي. رات ٻارهين بجي سندس سيزر ٿيندو. سيزر جو سوچي سندس دل معمول کان وڌيڪ ڌڙڪڻ لڳي. جي نرجس کي ڪجهه ٿي ويو ته هو ڪئين جيئرو رهندو، نه نه نرجس کي ڪجهه نه ٿيندو، اڄڪلهه سيزر ته عام جام ٿي رهيا آهن. ڏهن سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ کين اولاد جي نعمت ميسر ٿي رهي هئي. انڪري هن شهر جي مشهور گائناڪالوجسٽ کان ڪيس ڪرائڻ جو سوچيو هو. ان ڊاڪٽر جي فيس نه فقط تمام گهڻي هئي، پر جنهن خانگي اسپتال ۾ ڪيس ڪندي هئي، اها به خرچن ۾ عام ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر هئي. هن کي فقط نرجس ۽ ٻار جي زندگي ۽ جو اُونو هو. سو پٽ سٽ ڪري صبح جو نرجس کي خانگي اسپتال ۾داخل ڪرايو هئائين. هينئر اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائڻ آيو هو. ڊاڪٽر جي في کيس ڏهين بجي جمع ڪرائڻي هئي.
عباس ۽ نرجس کي ٻار ڏاڍا وڻندا هئا. عباس کي ڌيئون وڻنديون هيون. هُو ماءُ سان ڏاڍو پيار ڪندو هو. ماءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ هن جي دل ۾ ڌيءَ جي خواهش اڃان شدت اختيار ڪري وئي هئي. هو اڪثر رب کي ٻاڏائيندو هو، ته جي ڌيءَ ڏئيس ته هوبهو ماءُ زينت جهڙا نقش هجنس. جيئن کيس لڳي ته سندس ماءُ ٻيو جنم وٺي موٽي آئي آهي، جڏهن پهريون دفعو ڌيءَ کي جهولي ۾ کڻندو ته کيس ڇا محسوس ٿيندو. هڪ ننڍڙو نرم گرم وجود سندس هٿن کي محسوس ٿيڻ لڳو. هو ان لمحي جي سونهن ۾ وڃائجي ويو....
آخري ماڻهو ٻاهر نڪتو ته هو تڪڙ۾ اندر ويو، هڪ ٻه دفعو ڪوشش ڪيائين پر پئسا نه نڪتا مايوس ٿي ويو.
ڊاڪٽر فيس جمع ڪرائڻ بنا آپريشن نه ڪندي، نرجس جو بلڊ پريشر معمول کان ڪجهه وڌيڪ هو. دير ٿيڻ سان ٻنهي جي جان کي خطرو ٿي پوندو. پر اڄڪلهه ڊاڪٽرن کي مريضن جي جان کان وڌيڪ فيس عزيز آهي.
نرجس کي هن پهريون ڀيرو ايترو خوش ڏٺو هو. سڄا سارا نو مهينا ٻار جي تياريءَ ۾ رڌل رهي. ٻار جا ڪپڙا، رلڪا، گدا، رانديڪا ۽ ننڍڙو پينگهو سڀ گڏ ڪري رکيا هئائين. اڪثر هوءَ ننڍڙو وهاڻو پينگهي ۾ رکي مٿان ڪپڙو وجهي، پينگهو لوڏيندي هئي. عباس ڳالهائيندو هو ته خفا ٿي چوندي هئي.
”عباس زور سان نه ڳالهاءِ، مدثر جاڳي پوندو، مس مس ته ستو آهي.“
عباس جون اکيون نه ڄاڻ ته ڇو آليون ٿي وينديون هيون. هو نرجس کي ويجهو ڪري زور سان ڀاڪر ۾ ڀري ڪنن ۾ چوندو هيس.
”جي ڌيءَ پيدا ٿي ته ڇا ڪندينءَ!“
نرجس کيس هلڪو ڌڪ هڻي پري ڪندي هئي.
”جيڪا رب جي رضا.“ نرجس جي چهري تي مامتا جو روپ جرڪڻ لڳندو هو.
”پر مون کي ڌيءَ کپي. اڇي ڪپهه جهڙي، گول ڀريل ڳٽن واري، جهڙي مينا جي گڏي آهي نه“ مينا سندس ننڍي ڀاءُ جي ڌيءَ هئي.
”پوءِ توهان پيءُ ڌيءُ ٻڌي ڪري مون کي تنگ ڪندا.“
”وري پٽ به ڄڻجانءِ نه جيڪو تنهنجو بدر کڻي سگهي.“ عباس شرارت مان چوندو هيس. نرجس شرم مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندي هئي.
”نرجس! تون ڪجهه به چئه پر مون کي ڌيءَ کپي، جيڪا صفا امڙ جهڙي هجي، امان جون سڪون لاهي، جنهن کي ڏسي اکين سان گڏ روح به ٺري پوي، جيئن امڙ کي ڏسي محسوس ٿيندو هو.“ عباس لڙڪ کي اکين ۾ واپس ڌڪڻ جي ڪوشس ڪندو هو.
هڪ وياڪل سڏڪو نڙيءَ ۾ گهٽجي ويندو هيس. هن ٻيهر ڪوشش ڪئي ته پئسا مشين مان ٻاهر نڪري آيا. هن سک جو ساهه کنيو. پئسن کي پرس ۾ وجهي هن احتياطي نظرن سان هيڏي هوڏي ڏٺو. ڄڻ ٻاهر ڪو ڦورو هن جي انتظار ۾ بيٺو هجي. ائين ممڪن ٿي سگهيو ٿي، ڇو ته هن شهر ۾ اڪثر اي ٽي ايم مشينن ۽ بينڪن جي ٻاهران اهڙا واقعا ٿيندا رهندا هئا. کيس اطمينان ٿيو ته ٻاهر ڪوبه اهڙو ماڻهو نه هو، هو ٻاهر نڪري آيو.
سج لهڻ بعد ڪراچيءَ جي سڄي رونق جاڳي پئي هئي. هر طرف بتيون جهرمر ڪري رهيون هيون. ماڻهو آفيسن مان موٽڻ بعد گهرن مان تازا توانا ٿي هاڻ زالن کي شاپنگ ڪرائڻ آيا هئا. سندن زالن جي چهرن تي چمڪ هئي. سندن اکين مان قيمتي خواهشون ليئا پائي مرڪي رهيون هيون. هر ماڻهوءَ جي چهري تي خواهشن جو اڻ کٽ سمنڊ ڇلي رهي هيو.
هڪ طرف سموريون مادي خواهشون ته ٻئي پاسي رڳو نرجس جي مرڪ هئي.
اها مرڪ انهن قيمتي شين کان وڌيڪ مٿانهين هئي.
شايد ان مرڪ جو ڪو ملهه ڪونه هو.
پر پوءِ به هن جي دل چيو ته اڄ هو سڄو بازار کڻي نرجس جي قدمن ۾ رکي. ڇو ته اڄ هوءَ کيس اها خوشي ڏيڻ واري هئي جنهن جو نعم البدل شايد ئي ڪو هجي! هن جي کيسي ۾ اضافي پنج هزار هئا، جيڪي هن اهڙي موقعي تي نرجس کي تحفي ڏيڻ لاءِ بچائي رکيا هئا. اها بچت هن پنهنجن ڪيترين ضرورتن کي ترڪ ڪري ڪئي هئي. هن نرجس لاءِ سون جا ايئرنگ وٺڻ لاءِ سوچيو. عورت کي وڌ ۾ وڌ سون جا زيور ئي پسند ايندا آهن.
سامهون عزيز جيولرز جو دڪان هو، جيڪو کيس دوست ٻڌايو هو. هو دڪان ۾ داخل ٿيو، سندس اکيون جرڪڻ لڳيون. دڪان ۾ ڪجهه عورتون شوق سان زيور ڏسي رهيون هيون. ڪاش! اڄ مان هي سمورا زيور خريد ڪري نرجس جي اڳيان وڃي رکان! هو پريان سون جو سيٽ کيس ڪيڏو نه ٺهندو! بلڪل مغليه دور جي شهزادي لڳندي. هي چوڙين جو سيٽ، جهومر، هو ٽڪو ۽ هيءَ سوني پائل.
”جي سائين! توهان کي ڇا گهرجي؟“ کيس منجهيل ڏسي دڪاندار هن ڏانهن متوجهه ٿيو.
”مون کي ايئرنگ گهرجن“ هن خشڪ چپن تي زبان ڦيري نارمل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سان گڏ دوست جو وزيٽنگ ڪارڊ به کيس ڏنائين ڪارڊ ڏسي ڇوڪري مرڪي ڏنو.
”ها سائين ارشاد صاحب ته اسان جا پراڻا گراهڪ آهن، توهان هن پاسي اچو مان اوهان کي نئين شيءِ ٿو ڏيکاريان.“
ڇوڪري کيس آخري رکيل خالي ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ۽ ايئرنگس جو هڪ وڏو دٻو آڻي هن جي اڳيان رکيائين.
”توهان پسند ڪيو تيستائين مان ڪجهه گراهڪن کي فارغ ڪري وٺان.“
ڏاڍا خوبصورت ايئرنگ هئا. هڪ کيس پسند آيو.
نرجس جي ڪنن ۾ سهڻا لڳندا. هن جي دل ۾ڪتڪتائي نڪرڻ لڳي. نرجس ته ڪڏهن ڪا فرمائش ئي نه ڪئي.
هو گهر ۾سڀ کان وڏو ٻار هو، ڀائرن کي پڙهايائين، ڀيڻن جون شاديون ڪرائي فارغ ٿيو ته ماءُ بيمار ٿي پئي. سندس دل جي بيماريءَ جو ڊگهو علاج هليو. پر چاڙهو ڪونه ٿيس، کيس ڏاڍو ڏک هو ته هو ماءُ کي حج نه ڪرائي سگهيو. جنهن جي سندس ماءُ کي شديد خواهش هئي. هاڻ پيءُ بيمار رهيس ٿو. پر حالات اڳي کان بهتر آهن. نرجس سگهڙ عورت آهي، ٿوري مان پورت ڪري ڏکيءَ ويل لاءِ ڪجهه بچائي به رکندي آهي. هن جيڪي ايئرنگ پسند ڪيا آهن سندس پهچ کان ٻاهر هئا. هن ٻئي نمبر تي پسند ڪيل ٽاپس خريد ڪيا. پر کيس پنهنجي دل وسامندي محسوس ٿي. هن اهم موقعي تي به هن وٽ پنهنجي پسند جو تحفو ڏيڻ لاءِ چونڊ جو اختيار نه هو. هن ٿڌو ساهه ڀريو. ممڪن آهي اسپتال ۾ ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهڻا پون. اڃان وڌيڪ قرض کڻڻو پوي، ممڪن آهي ڪي زيور به کپائڻا پون. شايد هي ٽاپس به.
دل ۾ سور جون سٽون اڀرڻ لڳس، هن صبح کان ڪجهه به نه کاڌو هو.
دڪان کان ٻاهر نڪتو ته رانديڪن جي دڪان کان لنگهندي گڏيءَ تي نظر پيس. اڇي گول ڳٽن واري سهڻي گڏي هئي. دل سٽ کاڌس ته جيڪر زينت لاءِ وٺي، پر هوءَ پنهنجي هوش ۾ نه هوندي گڏيءَ سان ڪيئن کيڏندي. کيس پنهنجي سوچ تي کل آئي. آخر ته وڏي ٿيندي. وقت گذرڻ ۾ دير ڪهڙي ٿي لڳي. هو دڪان ۾ اندر داخل ٿيو. گڏيءَ جي قيمت پڇيائين. هزار کان گهٽ دڪاندار گڏي ڏيڻ تي راضي نه ٿي ٿيو. هو به ٻڏتر ۾ هو ته ڇا ڪري. آخر دل جو چيو مڃيائين ۽ گڏي خريد ڪري ٻاهر نڪري آيو. کيس محسوس ٿيو ڄڻ زينت سندس ڪڇ ۾ آهي. هوءَ به ائين هوندي اڇڙي ڪپهه جهڙي گول ڀريل ڳٽن واري.
”منهنجي امڙ منهنجي زينت“ اکيون آليون ٿي ويس.
اسڪوٽر تي ويهي بي اختيار گڏيءَ کي ڏسندو رهيو. امڙ کي به منهنجي اولاد کي پنهنجي جهولي ۾ کيڏائڻ جي ڪيڏي نه سڪ هئي. اهو ڏک کڻي هوءَ دنيا مان هلي وئي. پوءِ کيس اوچتو خيال آيو ته کيس دير ٿي رهي آهي. هن جئين ئي اسڪوٽر اسٽارٽ ڪيو ته ڌماڪو ٿيو. گهڻي پل ته کيس سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿي رهيو آهي. هو به هڪ پاسي وڃي ڪريو. هر طرف انساني عضوا پکڙي ويا. باهه، دونهين ۽ رت جي عجيب باس فضا ۾ وکري وئي. هر طرف رڙيون، سڏڪا ۽ سسڪيون گونجي رهيون هيون. هڪ عجيب ڀوائتو منظر هو. اکين ۾ خوف ڀري ماڻهو ڀڄي رهيا هئا، پوليس جون گاڏيون ۽ ايمبولينس سائرن وڃائينديون اچي پهتيون.
”نرجس... نرجس...“ هن رڙ ڪئي پر سندس آواز ڳلي ۾ ئي ڦاسي پيو. کيس محسوس ٿيو، نرجس بي وسيءَ مان کيس سڏي رهي آهي. وڃڻ وقت سندس هٿ پڪڙي التجا ڪئي هئائين
”عباس! نه وڃ... مونکي الاءِ ڇا محسوس ٿي رهيو آهي. دل ٻڏندي محسوس ڪري رهي آهيان.“
”چري! ڪجهه به نه ٿيندو، تون دلجاءِ ڪر مان پئسا ڪڍرائي اجهو ٿو اچان.“ نرجس جي ان نظر ۾ اداسي سان گڏ ڪجهه ٻيو به هو، هوءَ کيس هڪ ٽڪ گـُهوري رهي هئي. ڪا بي يقيني هئي هن جي خوبصورت اکين ۾ ڪجهه وڃائڻ جو خوف...
هن جون ٻئي ٽنگون زخمي هيون. پينٽ ليڙون ليڙون ٿي وئي هيس. سور جي شديد سٽن ساهه ٻوساٽي ڇڏيو هيس. هن محسوس ڪيو ته پئسا ۽ ٽاپس الاءِ ڪهڙي پاسي اڏامي ويا هئا. پر گڏي اڃان تائين سندس ٻانهن ۾ ڦاٿل هئي. هن اونداهيءَ ۾ زمين جانچي پئسا ۽ ٽاپس ڳولهڻ لاءِ پر سندس هٿ رت سان ڀرجي ويس. هرطرف انساني عضوا پيا هئا. اکيون، نڪ، چپ، ٽنگون، ٻانهون ۽ گوشت جا لوٿڙا انسانيت جي بي حسي تي ماتم ڪري رهيا هئا. سندس ذهن هڪدم اسپتال ڏانهن هليو ويو. ڊاڪٽر جي فيس جمع نه ٿي ته آپريشن ڪيئن ٿيندو!
امدادي ڪارروايون زور و شور سان جاري هيون پر جنهن پاسي هو زخمي پيو هو، ان ڪنڊ ڏانهن ڪنهن جو ڌيان نه هو.
مون کي ڪجهه ٿي ويو ته گهر جو خرچ ڪيئن هلندو! بابا جي پينشن ته سندس دوائن جو کاڄ بڻجي وڃي ٿي. شايد نرجس نوڪري ڪرڻ لڳي. ٻار جو ڇا ٿيندو! هو احساس محرومي جي سائي هيٺ پلبو. سٺن ڪپڙن، کاڌن ۽ رانديڪن کان محروم هوندو. جي ضد ڪندو ته نرجس کيس مار ڪڍندي. اهڙيون مائرون پنهنجي محرومين جي باهه اولاد مان ڪڍنديون آهن.
شايد نرجس ٻي شادي ڪري ڇڏي. نه نه هوءَ ائين نه ڪندي، هوءَ منهنجي يادن کي ساهه ۾ سانڍي رکندي.
مان ڪيڏو نه خود غرض آهيان. مون کانپوءِ به کيس پنهنجي نالي سان جڙيل ڏسڻ گهران ٿو. کيس گهڻو ڪجهه ياد اچي ٿو. گهر جو سک، نرجس جو پيار، ٻار لاءِ ٻنهي جو انتظار، سڄو ڏينهن ٻاهر رهي شام سمي گهر موٽندي نرجس کي ڏسڻ جي خوشي.
شاديءَ جي تيرهن سالن ۾ به نه بدليا هئا، سندن سڪ ۽ پيار ساڳيو هو. اهڙي زندگي ته نصيب وارن کي ملندي آهي.
شايد خوشين کي ماڻهن جي نظر لڳي ويندي آهي.
ڪوشش ڪري ٿو رڙهڻ جي پر سور جون سٽون بيحال ڪري ٿيون وجهنس.
جي بچي به ويس ته شايد معذور بڻجي زندگي گذاريندس. اهڙي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو!
کيس محسوس ٿيو، ذهن ۾ محفوظ خوبصورت احساس سردخانو بڻجي چڪو هو.
کيس نه امڙ زينت جي ورڻ جي آس هئي، نه نرجس جي خوبصورت چهري کي ٻيهر ڏسڻ جو ارمان. سندس جذبا رت جي رنگ ۾ وڪوڙجي ويا هئا.
ٽارچ جي روشني کيس پنهنجي چهري تي محسوس ٿي، هن گڏيءَ کي زور سان پنهنجي اندر ۾ سموئڻ جي ڪوشش ڪئي، گڏي رت ۾ آلي ٿي چڪي هئي.
”شايد مري چڪو آهي.“ ڪنهن سندس نبض تي هٿ رکيو.
”نه اڃان ساهه باقي اٿس، جلدي کڻوس.“
کيس اسٽريچر تي رکي ماڻهو ايمبولينس ڏانهن کڻي وڃن ٿا.
لاشعور ۾ اوسيئڙي جي شدت کيس حواسن ۾ رکيو هو.
هن هوش وڃائڻ کان اڳ آخري دعا گهري.
اي خدا مون کي نياڻيءَ جو اولاد نه گهرجي، مان الاءِ بچان يا نه... پر نرجس کي مدثر جي روپ ۾ مون کي موٽائي ڏجانءِ، ڪو ته هجي جنهن مان منهنجون سڪون لاهي سگهي!