جپسي سنگيت ۽ لوڪ گيتن جو سنڌي بنياد
سنڌ جي قديم ڪاسبي موسيقارن کي لورو، لورا، لوڌا، لوري ۽ لورائو (لاڏاڻو) جي نالي سان ڏورانهن ڏينهن ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. سنڌي موسيقيءَ کي انهن ملڪن ۾ پهچائڻ جو سهرو انهن جي سر تي آهي. پنجين صدي عيسويءَ ۾ اهي ايران پهتا، جڏهن ايران جي ساساني بادشاهه بهرام گُور (430-438ع) سان مقامي سنڌي راجا چنڱل راءِ جو ٺاهه ٿيو (1)، جنهن سڱ ۾ پنهنجي ڌيءَ ساڻس پرڻائي ۽ ڏاج ۾ ديبل ۽ مڪران جو علائقو ڌيءَ کي ڏنائين. (2) اها شادي ضرور سنڌ ۾ ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا هي علائقا آزاد هئا. شاهي شادي ۾ راڳ روپ ۽ ساز سرود جي وڏي محفل منعقد ٿي ۽ موسيقيءَ جو شوقين شاهه ايران سنڌ جي قابل راڳين کان بيحد متاثر ٿيو. هن سنڌ جي راجا چنگل راءِ کان، انهن سنڌي راڳين کي پاڻ سان ايران وٺي وڃڻ جي اجازت ورتي. سندس فرمائش تي انهن جو هڪ وڏو تعداد ايران موڪليو ويو. (3) فرودوسيءَ (جي شاهنامه) مطابق چونڊ ڏهه هزار مرد ۽ زالون راڳي ۽ موسيقار، ’لوريان‘ موڪليا ويا:
”ازن آن لوريا برگزين ده هزار
نر و ماده بر زخم بربط سوار.“
انهن (لوريان) جي نسلي شناخت ۾ ادبي دلچسپي، تڏهن پيدا ٿي جڏهن اٽڪل هڪ هزار سال اڳ، حمزه اصفهاني هي راءِ ڏني ته اهي ”زط“ (4) يعني سنڌي جَتَ هئا. حمزه اصفهاني نائين صدي عيسويءَ جو وقاع نگار (واقعا بيان ڪندڙ) اديب آهي. سنڌي جَتَ، اٺين صدي عيسويءَ کان ٻين سنڌي قبيلن سان گڏ، گهڻائيءَ ۾، عراق ۽ شام طرف لڏ پلاڻ ڪئي هئي، انهن سڀني سنڌي نسل قبيلن کي، نائين صدي عيسوي ۽ انهيءَ کان پوءِ جي حمزه اصفهاني جهڙي وقائع نگارن
”زط“ جي عمومي نالي سان ڄاڻايو آهي. ليڪن جن ”لوريان“ پنجين صدي عيسويءَ کان گهڻو اڳ ايران طرف رخ ڪيو هو، اهي سنڌي جَتَ ٿي نه ٿي سگهيا، ڇاڪاڻ ته ڳائڻ وڄائڻ سندن ڪرت ۾ شامل نه هو ۽ روايتي ادب مان ظاهر آهي ته موسيقي جتن جو پيشو نه هو. اهي موسيقار جيڪي ايران جي شاهي درٻار ۾ پهتا سي لورن ۽ لورين کانسواءِ ٻيا ڪي ٿِي نه ٿا سگهن.
سندن موسيقي جي مهارت ۽ شاهِ ايران جي عنايت سبب هو ايران جي سماج جو هڪ ڳنڍيل حصو بنجي ويا ۽ سندن قوم کي ”لورا“ (يا لوري) سڏيو ويو ۽ پاڻ ”لوريان“ يا ”لوليان“ جي نالي سان سڏجڻ لڳا (لوري يا لولي عدد واحد). سندن عمده ۽ شيرين راڳ ۽ آواز کين ايران جي عوام ۾ مشهور ڪري ڇڏيو ۽ نسل در نسل ياد رهندا آيا، جيئن ايراني شاعري، ادب ۽ ڏند ڪٿائن مان معلوم ٿئي ٿو. (5)
”لوريان“ جي پيشورانه مهارت جو اثر گهٽ اهميت وارو نه ٿَي ٿِي سگهيو. لازمي طور تي هنن ايران جي شاهي درٻار ۾ نوان راڳ ۽ نيون ڌُنون رائج ڪيون هونديون ، جن سندن ايران ۾ پکڙجي وڃڻ ۽ مستقل اقامت اختيار ڪرڻ بعد ايراني ۽ سنڌي موسيقي جي طرزن ۽ گلوڪاري جي امتزاج جي صورت ورتي. اهڙيءَ ريت سنڌي يا ايراني لوريان موسيقي جا مضبوط بنياد قائم ٿيا ۽ اها روايت جيڪا بعد ۾ عرب ملڪن ۾ پڻ رائج ٿي، سا دُور رسُ نتيجن جو سبب بڻي.
سنڌي لوريان جي ايران ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ سبب سندن ٻيا ڏيهي ڀائر به اچي ايران ۾ آباد ٿيا ۽ بعد ۾ ڀر پاسي وارن عرب ملڪن ۾ پکڙجي ويا. سنڌي چارڻن، گَوَين ۽ موسيقارن، لڳي ٿو ته، ايران جي شاه بهرام گور جي ئي حڪمرانيءَ ۾ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو هو. هن ساساني شهنشاهه جي موسيقيءَ سان رغبت، سندس اوائلي عرب ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي زماني ۾ پيدا ٿي هئي. جواني ۾ بهرام کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”الحيره“ موڪليو ويو هو. الحيره عرب سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ ۽ قديم بابل جي علم ۽ ثقافت جو مرڪز هو. اتي ٻين علمن ۾ تربيت حاصل ڪرڻ سان گڏ، هن موسيقي جي ڄاڻ پڻ حاصل ڪئي هئي. (6) پوءِ جڏهن بهرام گور ايران جو شهنشاهه ٿيو، تڏهن به سندس ”الحيره“ سان سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا قائم رهيا. ”الحيره“ جا فنڪار ضرور، بهرام گور جي دريافت ڪيل سنڌي موسيقارن کان واقف ٿيا هوندا. اهو هڪ عظيم ڪارنامو هو ۽ اهو عين ممڪن آهي ته بهرام گور جي سرپرستيءَ ۾ عظيم سنڌي لورا موسيقار، الحيره جي درٻار ۾ پنهنجي فن جي مظاهري لاءِ پهتا هوندا ۽ اهڙي ريت سندن عرب ملڪن ۾ پکڙجڻ جو موقعو ميسر ٿيو.
جِپسي خانه بدوش قوم جي سنگيت جو سنڌي بنياد
اها ستين صدي عيسوي هئي، جڏهن هڪ برهمڻ پرچارڪ چَچَ، سنڌي سَمي ٻُڌ بادشاهه جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي. اهڙيءَ طرح مذهبي رواداري رکندڙ ٻُڌمَت کي، جارحيت (اڳرائي) ڪندڙ برهمڻ ڌرم اکيڙي ڇڏيو. مذهبي جنوني چَچُ، ”مانُوءَ“ جا ذات پات جي فرق وارا قانون لاڳو ڪرڻ لڳو، جنهن کان سنڌي سماج جا هيٺيان طبقا متاثر ٿيا. انهن تي جيڪي پابنديون مڙهيون ويون، انهن جو هڪ مثال ”جت“ قوم سان ڪيل ڪارِ مان ظاهر ٿو ٿئي. جَتَ سنڌي قوم جو هڪ وڏو حصو هئا. ”انهن کي نرم ڪپڙا پائڻ کان منع ڪئي وئي ۽ جنهن نرم ڪپڙا پاتا انهيءَ کي سزا ڏني وئي. کين چيو ويو ته ڪاري گوڏ ٻَڌن ۽ ڪلهن تي کهرو ڪپڙو رکي هلن. انهن کي مٿي ۽ پيرين اگهاڙو هلڻو هو. گهرن کان ٻاهر سڃاڻپ لاءِ، پاڻ سان هڪ ڪتو وٺي هلڻو هو. سردار کان سواءِ ٻيو ڪو هَني تي ويهي سواري ڪري نه ٿي سگهيو. انهن کي سُونهون ڪري قافلن سان گڏ موڪليو ويندو هو. انهن کي سرڪاري بورچيخانن لاءِ ٻارڻ پڻ ڪٺو ڪرڻو هو.“ (7)
اهڙي قسم جي سخت پابندين مان لڳي ٿو ته خانه بدوش جَتَن ۽ ٻين هيٺين طبقن، پورهيتن، فنڪارن، ڌنارن جيڪي نه ته ڪنهن هڪ هنڌ ويٺل هئا ۽ نه ڪو ڪنهن پڪي نوڪريءَ ۾ هئا، تن کي مجبور ڪيو ته هُو ”سنڌو ماٿري“ ڇڏي وڃن. جت اڳيئي قافلن جا سونهان هئا ۽ شايد انهن ئي پهريائين اولهه طرف ايران ۽ عراق ڏانهن لڏيو. پوءِ هنن ٻين سنڌي قبيلن کي پڻ لڏڻ ۾ مدد ڪئي. جَتَ، اُٺن، مينهن ۽ ٻئي چوپائي مال سان واڳيل هئا، تنهن ڪري هُنن کي نوان چراگاهه گهربل هئا، سو ڪجهه عرصو مڪران جي ڀرپاسي ۾ ترسي، پوءِ ايران جي سرحدن اندر مستقل طور تي آباد ٿي ويا. ايران ۾ اڳ آباد ٿيل ”لورا“ ساڻن ملي ويا هوندا.
سنڌ جا ٻيا لڏيندڙ قبيلا، جيڪي ڪنهن خاص ڌنڌي سان واڳيل نه هئا، هر طرف پکڙجي ويا ۽ هٿ جي هنرن سان پيٽُ قُوت ڪرڻ لڳا. اُڻهن گهڻ نسلي سنڌي قبيلن مان جپسي نسل پيدا ٿيو. اُهي خانه بدوش جپسين جا ابا ڏاڏا هئا. يورپي ملڪن ۾ جپسي قبيلن جي آمد يارهين صدي عيسوي ۾ ٿي، جيڪا جاري رهي. پهريائين مڪران ۽ ايران جي علائقن ۾ گهڻو عرصوآباد رهي، اُنهن آخرڪار اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. انهن جو هڪ ريلو ايران مان لنگهي، اولهه پاسي عراق، شام، فلسطين، مصر، اتر آفريڪا ۽ اسپين طرف وڌي ويو. ٻين اُتر پاسي، آرمينا ۽ تُرڪي مان گذري آخرڪار بلقان جي ملڪن ۽ يورپ ۾ وڃي ديرو دَمايو. انگريزن اُنهن کي ”جپسي“ نالو ڏنو. تاهم، جپسين جي ٻوليءَ، جيڪا اصلي پراڪرت ٻولي جي ديسي لفظن جو ذخيرو هئي، انهيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظڻ جي گهڻائي ڏيکاري ٿي ته جپسين جو اصل نسل سنڌي آهي. (8)
انهن اوائلي لڏي ويندڙ سنڌي نسلن ۾ هڪ وڏوتعداد وڌيڪ مهم جُو ”لورن“ جو هو، جيڪي لوهار ۽ موسيقار هئا، جيئن اڄ به آهن. انهن کي سندن ڪِرت سبب ”سِگاني“ (Tsigane) جي نالي سان سڏيو ويو، جيڪو فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ کين ”زگونر“
(Zigeuner) ڪوٺيو ويو. شايد اهي الفاظ تُرڪي ٻولي جي لفظ ”زنچائر (Zincire) مان نڪتلآهن، جنهن جي معنيٰ آهي ”لوهه“. اسپين ۾، جتي هُو اوائلي عرب دور ۾ آيا هئا، کين سندن اصل وطن سنڌ جي حوالي سان ”سنتانو (Sintanos) جو نالو ڏنو ويو. جيڪو اڳتي هلي ”هنتانو“
(Hintanos) ۾ تبديل ٿي ويو. جيئن هاڻي مروج آهي، جيتوڻيڪ لکڻ ۾ ”گنتانو“ آهي. (9) اُهي پاڻ سان سنڌي موسيقي ۽ راڳ کڻي آيا، جيڪو ٻهراڙيءَ جي ماڻهن ۾ مقبول ٿيو ۽ انهن جي آڏو هنن ناچ ۽ راڳ پيش ڪري پنهنجي روزي ڪمائي ٿي.
اڄ به اسپين جا جپسي (Gypsies) خاص طور تي، پنهنجي موسيقيءَ جي مهارت سبب مشهور آهن. اوڀر يورپ ۾ به، جپسي موسيقيءَ ۾ ڀَڙُ آهن. انهن بلقان (اسپين ۽ آسپاس) جي ملڪن جي موسيقيءَ جي روايت کي سانڍيو ۽ سنڀاليو آهي. اهي جيڪي اڳتي نه وڌيا ۽ عراق ۾ ئي رهجي پيا، سي اڄ به اتي آهن ۽ قوالين (قوال يا راڳي) جي نالي سان سڏيا وڃن ٿا. اهي پنهنجي ڍولن، يڪتارن ۽ ٻين تارن وارن سازن جي واڄي ۽ ڌُنَ تي اڄ به نچندا ۽ ڳائيندا رهن ٿا، جيئن سنڌي ۽ بلوچي لورا مڱڻهار وڌيڪ مهارت ۽ قابليت سان اڄ به انهيءَ ڌنڌي سان لڳل آهن.
اسپين جي لوڪ گيتن جهڙوڪ سگائيڊلاز، (Seguidillas) سوليريز، (Soleares) فانڊانگو (Fandangos) وغيره بابت، اسپين جي جپسين جي دعويٰ آهي ته اهي هنن برصغير (هندستان- پاڪستان) مان آندا هئا، پر جيئن ته هي گيت سنڌ جي مخصوص ڳيچن (سُرن ۽ آلاپن) سان مشابهت رکن ٿا، هنن اهي شايد سنڌ مان آندا. (10)
حاشيا ۽ حوالا
1 شادي جي موقعي تي موسيقارن جي حوالن لاءِ ڏسڻ گهرجي ابن البلخي جو ڪتاب فارسنامه (گب ميموريل سيريز) ص 82، الطبري (دَائلنَس-1/868، ابن مسڪويه (تجريب-1/157) ۽ ثعلبي (غرار ص، 650-64).
2 ’طبقاتِ ناصري‘ جو مصنف مقامي حڪمران کي راءِ/راي ڪري لکي ٿو. فردوسي پنهنجي ’شاهنامه‘ ۾ انهيءَ کي شنگل (يعني سنڌيءَ ۾ چنڱل) جي لقب سان ڄاڻائي ٿو.
يه نزديک ’شنگل‘ فرستاد کس
چنين گفت کاي شاه فرياد رس
از آن ’لوريان‘ برگزين ده هزار
نروماده بر زخم بربط سوار
که اُستاد برزخم دستان بود
وز آوازِ رامش جان بود
چونامه بنزديک ’شنگل‘ رسيد
سراز فخر بر چرخ گردون کشيد
هم آنگاهه ’شنگل‘ گزين کرد زود
زلولي، کجا شاه فرمود بود‘
(طبقاتِ ناصري، ج 1، ص 162)
3 ’رودت الصفا‘ ۾ لکيل لوڪ ادب مطابق ’بهرام گور‘ پنهنجا گماشته موڪليا، جن برصغير مان ٻارهن هزار جي تعداد ۾ ڳائڻا آندا (رودت الصفا 1/763) فردوسيءَ مطابق اهي ڏهه هزار هئا.
4 سِني ملوک الارض وَ الانبياِ، ص 25.
5 شاعر ڪامل اسماعيل چوي ٿو:
’با ترکتاز طره هندي تو مرا
همواره همچو بنگئه لوري است خان و مان
جناب حافظ شيرازي جو ارشاد آهي ته:
’فغان کين لوليان شوخ و شيرين کار و شهر آشوب
چنان بردند صبر اَزدل که ترکان خوانِ يغمارا‘.
’صبا زان لولي شنگول سرمست
چه داري آگهي چوست حالش
6 الطبري، ’دَائنلس‘، 1/185
7 فتحنامه سند المعروف چچنامه، فارسي، ص 315، سنڌي ترجمو، ص ص 313-314.
منوشاستر مان حوالو ڏيندي، هوديوالا هي نتيجو اخذ ٿو ڪري ته چچ جتن کي چنڊالن واري حيثيت ڏني (هوديوالا، اسٽڊيز اِن انڊو مسلم هسٽري، ص 86)
8 يورپ جا جپسي پنهنجو اصل نسل ويساري ويٺا آهن ۽ هاڻي پاڻ کي رومانوي يا روم (رومن) چون ٿا.
9 عزيز بلوچ، ڪانٽي جونڊو سُو اوريجن واءِ اِوَوليوُشن، مئڊر، 1955ع.
10 ايضًا (۽ بلوچ اين اي)، اسپينش ڪانٽي جونڊو ائنڊ اٽس اوريجن اِن سنڌي ميوزڪ، ص 42.
(ڪتاب: ” سنڌ ۾ موسيقي جي اوسر “، ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ترجمو: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي،
پهريون ڇاپو 2009ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو)