جپسين جو پيڇو
خورشيد قائمخاني
____________
سنڌ ۾ ٽنڊي الهيار ضلعي جي، ضلعي مرڪز ۽ منهنجي ڳوٺ ٽنڊي الهيار ۾ هر سال سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ مقامي لاڏائن جو هڪڙو وڏو ميلو لڳي ٿو، جيڪو راما ديوَ (پير) جي نالي سان مشهور آهي. ٽي ڏينهن هلندڙ ان ميلي ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان لکين لاڏائو ۽ نيم- لاڏڙو گڏ ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي رنگين ۽ ڀڙڪيدار پوشاڪ پائي، نچندي ڳائيندي، پنهنجي اوتار راما پير کي ڀيٽا ڏين ٿا. انهن لاڏائن جو ناتو ويدن کان اڳ واري هندو مذهب سان آهي. توڻي راما پير جي اصل سماڌي راجسٿان جي ضلعي جوڌپور ۾ آهي، پر هاڻي جيئن ته انهن لاڏائن لاءِ هندستان وڃڻ سولو ڪم نه آهي، تنهن ڪري هاڻي اهو ميلو ٽنڊي الهيار ۾ ئي ملهائين ٿا، جتي کتري پاڙي ۾ راما پير جي نالي تي وڏو مندر آهي. هن ميلي معرفت هڪڙي پاسي لاڏائن سان منهنجو چاهه هو، پر جڏهن مون کي پتو پيو، ته عالمي جپسي لاڏائو به سندن وڇڙيل حصو آهن ته ان سوال تي منهنجو چاهه ايڏو وڌيو، جو مون انهن ٻنهي گروهن وچ ۾ ڀيٽ ڪندي کوجنا جو ارادو ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ ’اسٽار‘ ۽ ’هيرالڊ‘ ۾ ڪجهه تحقيقي مقالا به لکيم. عالمي جپسين جي ٻوليءَ کي روماني سڏيو وڃي ٿو.
هڪڙي ڏينهن ڪچهريءَ دؤران منهنجي محقق دوست حليم بروهيءَ پنهنجي کوجنا جي سلسلي ۾، جنهن جو جپسي سوال سان ڪو ناتو نه هو، ٻڌايو ته، الهندي راجسٿان ۾ لوڻي درياءَ جي نالي سان هڪڙو کارو درياءُ وهي ٿو، پر ڪنهن زماني ۾ هيءُ درياءُ مٺو هو، ۽ روما جي نالي سان مشهور هو. جڏهن اهو درياءُ کارو ٿيو، يا سندس مٺي شاخ سُڪي وئي، ته ان جي ڪنارن سان رهندڙ ماڻهو اُجڙي ويا، ۽ اُتان لڏي ويا.
روما درياءَ جو نالو ٻُڌندي ئي منهنجي ذهن م هڪڙو سوال اڀريو، ته ايئن ته نه آهي، جو جپسين جي اوائلي جٿن جو ناتو ان دريائي ڌرتيءَ سان هجي، ڇو ته سومناٿ تي چڙهائيءَ کانپوءِ محمود غزنويءَ جي فوج جي واپسي ان علائقي مان ٿي هئي، ممڪن آهي، ته انهن لاڏائن سندن رهبري ڪئي هجي، يا وري پيڇو ڪيو هجي. بهرحال، هنن جو غزنيءَ جي فوج سان ايران وڃڻ يا وٺي وڃڻ جو لاڳاپو جُڙي ٿو. جيئن ته اسان جا ماڻهو سدائين ٻوليءَ جي مدد سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائين ٿا، ته ڄڻ هي اهي ماڻهو ٿيا، جيڪي ”روماني ٻولي ڳالهائين ٿا.“ پراڪرت ۾ ’ني‘ جو مطلب ٿئي ٿو: ’جي.‘ معني روما جي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو! سو شايد وقت سان گڏوگڏ ان ٻوليءَ تي اهو نالو پئجي ويو هجي! روماني ٻولي، يعني روما جي ٻولي، جيڪا بيشڪ الهندي راجسٿان جي لهجي سان گهڻو ملندڙ آهي، تنهن ڪري مون جپسين تي ڪم جي سلسلي ۾ اولهه جي ملڪن ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، جيتوڻيڪ ان ڪم لاءِ اوڀر ۽ اولهه يورپ جو علائقو وڌيڪ لاڀائتو هو، جتي جپسين جون وڏيون وسنديون آهن، پر ڪجهه ڳالهين سبب مون آمريڪا ۽ ڪئناڊا وڃڻ ئي ٺيڪ سمجهيو.
24 جولاءِ 1987ع تي آئون مصري ايئر لائين وسيلي نيويارڪ لاءِ روانو ٿيس. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن هوائي جهاز دبئي لهڻ لاءِ هيٺ جهُڪيو، ته مون کي ايئن لڳو، ڄڻ اهو ٿر ۾ پئي لٿو. جهاز جي دريءَ مان مون کي وارياسي سمنڊ م ننڍيون ننڍيون اَڇيون عمارتون ٻيٽ جيان ڏسڻ ۾ آيون، ۽ مون کي اهو ڏسي ڏاڍو اچرج ٿيو، ته اهڙي بنجر ۽ ويران وارياسي علائقي، منهنجي مُلڪ ۾ ’دبئي چلو‘ جي وڻندڙ نعري کي جنم ڏنو هو، پر تيل جي دولت ۾ ئي شايد اهو جادو هو، جو ماڻهو پاڻمرادو اهڙي ڀڙ ڀانگ ۽ ٺوٺ جاءِ تي پاڻهُرتو غلاميءَ يا جلاوطنيءَ جي زندگي گهارڻ لاءِ اُتاولا هئا.
ڪجهه ڪلاڪن جي وڌيڪ اڏام کان پوءِ ڪويت ۽ وري سعودي عرب مٿان ٿيندي اسان قاهرا پهتاسين. پهرئين ڏيک ۾ قاهرا مون کي ڪراچيءَ جهڙو لڳو، پر ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ قاهرا گهڻو سٿرو ۽ هر لحاظ کان ڀلوڙ شهر هو، پر مصر ۾ مون کي پاڪستان سان هڪڙي اچرج ۾ وجهندڙ ثقافتي ۽ تهذيبي هڪجهڙائپ جو احساس ٿيو. مثال طور نيل درياءَ جي دو آٻي واري ماٿري، عظيم ۽ آڳاٽي آفريڪي تهذيب جي وارث هئي، پر هاڻي اهي آڳاٽا ڪارا، مصري سماج جي هيٺين طبقي جا ماڻهو ڀانئجن ٿا، جڏهن ته اڇا ۽ فاتح عرب مٿئين تهه جي حڪمران طبقي طور بلڪل ايئن جيئن سنڌو درياءَ جي آڳاٽي دراوڙي تهذيب جا ماڻهو، جيڪي هاڻي هيٺين ذاتين جو حصو آهن، ۽ پوءِ وارا ڪوڪيشائي حملو ڪندڙن جو اولاد پاڪستاني سماج جو حڪمران طبقو!
پيرس اسان جي ايندڙ منزل هو، ۽ پوءِ زندگيءَ جي هڪڙي ڊگهي ڏينهن کان بعد شام جو نيويارڪ پهتس، رواج موجب لبرٽي جي مجسمي، ڪينيڊي ايئرپورٽ تي لهڻ کان اڳ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
نيويارڪ ۾ ايندڙ چئن مهينن تائين، ننڍپڻ جي هڪڙي دوست جي گهر ۾ رهيس، جيڪو وچئين مين هٽن ۾ رهندو هو. پوءِ جيئن منهنجي زندگيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي، منهنجي آتما ۽ سرير ٻن متضاد دنيائن ۾ ورهائجي ويا، يعني رات گهارڻ لاءِ ته گورن ماڻهن جي چونڊيل وسنديءَ م رهندو هوس، جڏهن ته سڄو ڏينهن جپسين جي ڳولا ۾ ڪارن ۽ هسپانوي هارليم جو طواف ڪندو يا وري يهودين جي خاص علائقي برانٽن جي سامونڊي ڪناري يا وري اطالوي مافيا جي مشهور ڳڙهه بروڪلين هائٽس ۽ چائنا ٽائون وغيره ۾ گهمندو رهندو هوس پر جپسين کي ڳولڻ، جان جوکي ۾ وجهڻ جو ڪم هو! ڇو ته آمريڪي ماڻهو پاڻ لاڏائن جيان زندگي گهاريندا هئا ۽ ٻيو جپسي ، آمريڪي نو آبادڪارن جي زندگي4 کي ڌڪاريندي نه ته گرين ڪارڊ جا قائل هئا، ۽ نه ئي ٽيڪس ڀريندر نوڪرين جا. اهي ته هاڻي به پُراسرار پاڇن جيان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندا رهن ٿا، ۽ ايئن جپسي آمريڪا ۾ به پاڻ بابت اهو رومانوي تاثر جوڙيو ويٺا هئا، جنهن لاءِ اهي سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهن.
”هنن جي شان ۽ انا جو اندازو لڳايو!“ مون سوچيو، ته عام پاڪستاني، امير توڙي غريب، آمريڪي شهريت ماڻڻ لاءِ پنهنجو گهر تڙ، ٻار ٻچا ۽ مقامي شهريت تان هٿ کڻڻ لاءِ سڪي ٿو ۽ ٻئي پاسي هي جپسي لاڏائو هئا، جيڪي آمريڪا ته ٺهيو، دنيا جي ڪنهن ملڪ جي شهريت وٺڻ لاءِ تيار نه ٿيا.
هڪڙي ڏينهن ايئن گهُمندي ڦرندي هڪڙي شيدي دوست مون کي صلاح ڏني، ته مون کي آزاد ۽ ڇُڙواڳ ماڻهن جي وسنديءَ ۾، جيڪا گرين وليج جي نالي سان مشهور آهي، وڃڻ گهُرجي، جتي موڪل واري ڏينهن ڌنڌوڙي فنڪار، موسيقار، مصور، دُهلاري، مداري، جوتشي ۽ ٽپتائي گڏ ٿين ٿا، ۽ واشنگٽن اسڪوائر نالي هڪڙي وڏي پارڪ جهڙي چوڪ تي پنهنجو فن ڏيکارين ٿا، ۽ اهو ته جوتشين جي روپ ۾ اڪثر اتي جپسي به اچن ٿا. پوءِ هر آچر تي آئون سڄو ڏينهن واشنگٽن اسڪوائر تي گهارڻ لڳس، پر اڃا تائين مون کي ڪوبه جپسي اتي ڏسڻ ۾ نه آيو. هڪڙي ڏينهن آئون ڇا ٿو ڏسان، ته هڪڙي ڪاري ۽ ٿُلهي عورت، هندستاني طريقي موجب پلانڪيءَ سان فُٽ پاٿ تي ويٺل آهي، ۽ سندس سامهون ڪپڙي تي جپسي مڻڪن جي هٿن سان ٺاهيل هار، ٻانهين ۽ دستڪاريءَ جا ڪجهه نمونا رکيل آهن، جيڪي هُن وڪيا پئي. هن جي ڀرسان جوتش تي لکيل هڪڙو ڪتاب به پيل هو. ايئن هن اهو سامان به پئي وڪيو، ته ماڻهن جو هٿ ڏسي قسمت جو حال به پئي ٻڌايو. اهو ڏسي مون کي ڳنواريا ۽ شامي لاڏڙو عورتون ياد آيون، جيڪي ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد جي بازارن ۾ فُٽ پاٿ تي ايئن ويهي دستڪاريءَ جون شيون وڪڻنديون هيون. هن جي پيشانيءَ تي ساڌوئن جيان اڇي رنگ جون لڪيرون ٺهيل هيون. هن جو نالو عشيا ڪارا بيڪرو هو.
”ڇا تو کي ڪارا جي معنيٰ اچي ٿي؟“ مون کانئس پُڇيو.
”ها،“ هن چيو. ”روماني ٻوليءَ ۾ ان جو مطلب آهي ڪارو.“ هن وراڻيو.
”ڇا تو کي سُڌِ آهي، ته اهو لفظ منهنجي پاڪستاني ٻوليءَ جو آهي؟“ مون پڇيو.
”ها، منهنجا مائٽ گهڻو اڳ هندستان کان آيا هئا ۽ اسان جو ناتو هندستان جي لاڏائن سان آهي.“ هن چيو
آئون ان تاريخي کوجنا تي ايڏو سرهو ٿيس، جو جوش ۾ اچي جپسين بابت ڪيئي سوال يڪساهيءَ ۾ پُڇي ورتا، ڄڻ هوءَ ڪنهن عجائب گهر جو ڪو نادر نمونو هئي، ۽ اک ڇنڀ ۾ الوپ ٿي ويندي!
”تون ضرورت کان وڌيڪ ڳالهيون ٿو ڪرين، ۽ مون کي پنهنجن مائٽن بابت تو کي نه ٻُڌائڻ گهرجي!“ هن رکائيءَ سان منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
”پر آئون ته تنهنجن مائٽن مان ئي آهيان. آڳاٽي ديش مان تو کي ڳولڻ آيو آهيان. پوءِ تون انهن ماڻهن بابت ڄاڻ مون کان ڇو ٿي لڪائين!“ مون احتجاج ڪندي چيو.
”تنهنجي ڳالهين مان ائين لڳي ٿو، ته تون پوليس جو ايجنٽ آهين.“ هن ٽوڪ ڪندي چيو.
هن جي رکائيءَ ۽ ٽوڪ کان منهنجي مُنهن جو پنو ئي لهي ويو، ۽ آئون شرم وچان ڪجهه گهڙيون ائين ئي صفا ماٺ بيٺو رهيس! ۽ ڪارا جهاتي پائي، چتائي منهنجو چهور پڙهي رهي هُئي! انهيءَ گهڙيءَ ڪجهه گورا مرد ۽ عورتون هن جي شين تي اتاڇري نهار وجهي اڳتي لنگهي ويا.
”هي ماڻهو منهنجون شيون وٺڻ نه، پر چورائڻ چاهين ٿا.“
هوءَ ڀڻڪي.
اوڏيءَ مهل هڪڙي گوري عورت اتي اچي بيٺي ۽ ڪجهه گهڙيون ڪارا جي شين جو جائزو وٺڻ کان پوءِ هن مون ڏانهن گهوري ڏٺو ۽ پڇيائين ،”ڇا تون هن عورت جو ساٿي جپسي آهين؟“
”ها.“ مون چيو. ”هيءَ عورت منهنجي ڀيڻ آهي.“
ڪارا جي چهري تي مرڪ ڦهلجي وئي. پوءِ هوءَ پنهنجي ٿيلهي منجهان مُرلي ڪڍي وڄائڻ لڳي، ۽ سندس چمڪندڙ اکين مان شرارت ڇُلڪڻ لڳي.
”تون ڇا ٿو چاهين؟ جيڪڏهن تون ڪا جپسي عورت ڳولين ٿو، ته آئون تو کي هڪڙي ڏاڍي سُندر ۽ سُهڻي عورت سان ملائي سگهان ٿي، پر هوءَ ڏاڍي ڪٺور به آهي. تنهنجي دل ٽوڙي وجهندي.“ هن طنزيه لهجو جاري رکيو.
”ڀيڻ ڪارا! مون کي غلط نه سمجهه.“ مون پهريون ڀرو جذباتي ٿيندي چيو. ”تون اسان جي وساريل ماڻهن مان آهين ۽ آئون تنهنجيءَ ڳولا ۾ هتي پهتو آهيان. منهنجي ڳالهه شايد تو کي عجيب لڳي، پر اهو سچ آهي. مون کي هر حالت ۾ پنهنجي مائٽن سان ملڻو آهي.“
”اڇا، ته وڃي ملين، تو کي ڪير ٿو روڪي؟“ هن سُڪون وچان وراڻيو.
”پر ڪٿي، مون کي ڏَسُ پتو گهُرجي.“ مون زور ڏنو.
”ڏس پتو؟ جهنگن م وڃ، جبلن ۾ ڳولهين. شايد مينو پلس جي شهر ۾ تنهنجو رابطو ٿئي.“
”مينو پلس شهر آهي ڪٿي؟“ مون ڳنڀيرتا مان پڇيو.
”اهو تون ڪنهن ٽريول ايجنٽ کان پڇي سگهين ٿو.“ هن به ساڳيءَ ڳنڀيرتا مان موٽ ڏني.
مون کي جڏهن اهو احساس ٿيو، ته هن هيستائين مون سان چَٿَرَ پئي ڪئي، ته مون کي ٿورڙي ڪاوڙ آئي، ۽ مون ڀُڻڪندي چيو، ”ڪارا! تون به ڪن کولي ٻڌ. ڀلي تو کي ڪيڏو خراب لڳي، پر آئون تنهنجو گهر ڏسڻ ۽ تنهنجي ڪٽنب سان ملڻ ضرور ويندس!“ مون اڏولتا مان چيو.
”گهر! تو اڄ ڏينهن تائين ڪيترن جپسين جا گهر ڏٺا آهن؟ ڇا تنهنجي ملڪ ۾ لاڏڙائن جا گهر آهن؟ جيڪڏهن اسان جا گهر هُجن ها، ته پوءِ اسان سڄيءَ دنيا ۾ ڌڪا کائيندا ڇو ڦِرون؟“ هن وياڪل نيڻن سنا گهوريندي مون کان پڇيو.
ڪجهه گهڙين لاءِ مون کي ماٺ وٺي وئي، ۽ ائين ئي چپ چاپ ڪيو ويٺو رهيس؟ مون کي ڳالهه سمجهه م نه پئي آئي، ته آئون هن مائيءَ کي پنهنجي باري ۾ ڪيئن ويساهه ڏياريان. نيويارڪ جي فُٽ پاٿ تي ان ڪنگلائيءَ ۾ ويٺي، مون کي سنڌ ۾ شامي (جوتشي) لاڏائن جي ڪئمپ ياد آئي، جتي گذريل سال مون سان ان قسم جو واقعو پيش آيو هو. ٻهراڙيءَ جي بيابان ۾ ڪکن ڪانن مان ٺهيل شامين جون جهوپڙيون، عورتن، ٻارن، ڪُتن ۽ گڏهن سميت بلڪل ويران هيون. هنن جا اڪثر مرد پنهنجي پراسرار ڌنڌي واسطي ڪوهين ڏور نڪري ويا هئا. ڪجهه ايران، عراق ۽ سعودي عرب تائين ڦيري ڪري ايندا هئا.
جڏهن آئون ڪيمپ پهتس، مون کي پنهنجي هٿ جي ٺهيل شين جو خريدار سمجهي، هنن منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو. شامين جي سوٽي ڌاڳي جي دستڪاري ڏاڍي اوچي قسم جي هوندي آهي، ۽ سندن جوڳي رَليون هزارين رپين جي لاڳت جون هونديون آهن. پر هڪدم اهي مون کي پاڻ بابت اچرج ۾ وجهندڙ سوال پڇندي ڏسي، مون بابت هڪدم شڪي ٿيا ۽ مون کي ڪئمپ ڇڏي وڃڻ لاءِ چيائون. جڏهن آئون شرمندو ٿي ڪئمپ کان ٻاهر نڪتس، ته ڪنهن پويان اهو ڀُڻڪو ڪيو، ”وڏو آيو آهي همدرد بڻجي.ايترا ورهيه ڪٿي هو. پوليس جو ايجنٽ ڪٿي جو!“
منهنجي جيتوڻيڪ ڪيئي لاڏائو قبيلن سان دوستي آهي، پر اڄ ڏينهن تائين آئون شامي جوتشي قبيلي جي ڪنهن هڪڙي ڀاتيءَ سان به دوستي رکي نه سگهيس ، ۽ نيويارڪ جا شامي جپسي کانئن گهڻو مختلف نه لڳا.
”اڙي هاڪارا! هاڻي مون سمجهيو، ته تنهنجو ناتو شامي قبيلي سان آهي. پاڪستان ۾ شامي هينئر به تو جيان قسمت جو حالُ ٻُڌائين ٿا، ۽ بلڪل تو جيان انتهائي پُراسرار ۽ شڪي آهن.“
”شامن! شامن!“ چئي هن ڪجهه سوچيندي ڪنڌ لوڏيو.
شام پئي ٿي، ۽ سڄو ڏينهن مون ڪارا سان مٿو کپائيندي گذريو هو، پر اڃا به هن مون سان ايڏ رکائيءَ جو ورتاءُ پئي ڪيو، جيترو شروع ۾. شايد هوءَ مون کان ان سبب به ڪاوڙيل هئي، جو جيڪڏهن آئون منجهانئن ئي هوس، ته پوءِ گورن ماڻهن جيان نرالا ۽ واهيات سوال پڇي ايڏي ڌاريائپ ڇو پئي ڏيکاريم. مون ڏيهي ڍنگ واپرائيندي داءُ مٽايو، ۽ کانئس پڇيم، ”ڪارا! تو کي بُک لڳي هوندي. صبح کان دُڪان کولي ويٺي آهين، ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي اچان؟“
”ها، پيئڻ لاءِ ڪجهه بيئر وٺي اچ.“ هن هڪدم حڪم ڏنو. ”۽ ها، شمپئن آڻجانءِ.“ آئون پري نڪري ويس، ته هن پويان آواز ڏنو!
بيئر پيئڻ کان پوءِ هوءَ مدهوش ٿي ويئي، ۽ ڀرپاسي واريءَ دنيا کي پٽ پاراتا ڏيڻ ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي.
”گورا رڳو هڪڙو ڪم ڄاڻن ٿا. غريب عوام جي لُٽمار ۽ فوجي اڏا ٺاهڻ ۽ ڀلي ۾ ڀلا هٿيار ٺاهڻ، ڏس ته لاطيني آمريڪا، ايشيا ۽ آفريڪا جو هنن ڪهڙو حال ڪري ڇڏيو آهي!“ هوءَ ڪجهه گهڙيون ساهه پٽي وري ڪرڪڻ لڳي.
”هنن کي چئو، ته اهي پنهنجون پليت آڱريون نڪارا گوا کان ٻاهر ڪڍن. کين چئو ته اهي دنيا ته فتح ڪري سگهن ٿا، پر ان تي ضابطو نٿا رکي سگهن. ان کي ڇوٽڪارو اسان ڏيارينداسين.“
ڀرسان لنگهندڙ گورا هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون بيهن پيا، ۽ وري سندس گاريون ٻڌي گهٽ وڌ ڳالهائيندي اڳتي نڪري پيا وڃن. پر هڪڙي گوري نؤجوان آسمان ڏانهن سڌي آڱر کڻي عشيا کي هڪڙي گار ڏني. عشيا به ساڳيءَ زبان ۾ کيس سَتَ سُريون سُڻايون!
”ڏٺو تو؟“ هن شينهڻ جيان وڦلندي چيو، ”گورا ڪيڏا بُڇڙا ۽ پليت آبادڪار آهن. پر اسان سندن حرامپائين ۾ شامل نه ٿينداسين. هي سڀ نازي آهن. آئون نوريم برگ جي شاهد آهيان.“ ۽ هوءَ ڇڙواڳ ڳالهائيندي رهي.
آئون عشيا ڪارا جو اهو حال ڏسي ٿورڙو گهٻرائجي ويس، ته متان پوليس وارو اچي اسان ٻنهي کي گرفتار نه ڪري، ڇو ته واشنگٽن اسڪوائر جي چوڪ تي شراب پيئڻ جي منع هئي، ۽ عشيا ڪارا ڪاوڙ ۾ وِڦلي پئي.
مون کيس ٿڌو ڪرڻ واري انداز ۾ چيو، ”ڪارا! ڀانئجي ٿو، ته تون ٿڪجي پئي آهين. بُک لڳي هوندءِ، کائڻ لاءِ ڪجهه آڻيان؟“ هن جي وات مان گِڦَ پئي وَهِي. هُوءَ ڪجهه دير خاموش ٿي، وري ڪجهه جهيڻائيءَ سان چيائين، ”ڪجهه پيزا وٺي اچ!“
آئون تڪڙو ئي کاڌو وٺڻ لاءِ ڊوڙي پيس. جڏهن آئون موٽيس، ته ڇا ٿو ڏسان ته، عشيا فُٽ پاٿ جي پيرڙيءَ تي جهومندي هندستان ڍنگ ۾ پئي نچي، ۽ هوءَ پنهنجي ٿُلهي جسم هوندي به هلڪي ڦُلڪي پکيءَ جيان هوا ۾ جهومي پئي. هن جي نچڻ جو ڍنگ ڏاڍو موهيندڙ هو. هن نچڻ مهل جهونگاريو به پئي. کاڌو اچڻ کان پوءِ هوءَ ماٺ ڪري پٽ تي ويهي کائڻ لڳي. ان دوران، اسان هڪٻئي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي، ڄڻ اسان ٻنهي کي هڪٻئي آڏو ڪنهن سبب پڇتاءُ هجي. پوءِ هن پنهنجي دڪان کي ويڙهي هڪڙيءَ ڳوٿريءَ ۾ وڌو ۽ مون ڏانهن ڏسندي مُليل جُليل جذبن سان سلام ڪيو ۽ رواني ٿي وئي.
”ڇا سڀاڻي به تون هتي دڪان کوليندينءَ؟“ مون کانئس پڇيو.
”الاءِ!“ هن ڦيرو ڏئي مون تي اتاڇري نظر وڌي، ۽ رستي جي ڪُنڊ تي پهچي، ماڻهن جي ميڙ ۾ الوپ ٿي ويئي ۽ پوءِ ايندڙ چئن مهينن دوران جيستائين آئون نيويارڪ ۾ رهيس، وري کيس ڪڏهن به نه ڏٺم.
(ڪتاب; ڀٽڪنڙ نسل ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)