وڻجارا (جپسي ): سنڌين جا وڇڙيل ڀائر
ليلو رچنداڻي
سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ آهي ”وڻجارو“، ان جي معنيٰ آهي، اهو جو وڻج واپار ڪري. سنڌي اتهاس شاهد آهي ته وڻجارو، وڻج واپار جي لحاظ کان ٻيا ڏيهه پئي ڦريو آهي. هو ڪڏهين چين ولايت ته ڪڏهن جاوا ۽ سوماترا؛ ڪڏهن سمرقند ۽ تاشقند، ته ڪڏهن بغداد ۽ بصري ڏانهن پئي ويو آهي. شاهه صاحب اهڙن وڻجارن جو ڪافي ذڪر ڪيو آهي. وڻجاري لاءِ وڻجاريءَ جي سڪ ۽ پريم کي به شاهه جي شعر ۾ چڱو ئي پلٽيو ويو آهي.
دنيا جي تختي تي هن وقت به، هڪ قوم رهي ٿي جا گذر سفر جي لحاظ کان گهڻو ڪري پيئي ڦرندي رهندي آهي، ان قوم جو نالو آهي ”بنجارا“. انگريزي ٻولي ۾ ان کي چون ’جِپسي‘ (Gypsy). ان قوم تي اهو ’جپسي‘ نالو ان ڪري پيو آهي، جو چون ٿا ته: اها قوم، ايجپٽ يعني مصر کان ئي يورپ ويئي هئي، ۽ بعد ۾ اتي ئي وڃي پکڙي هئي. ان ’جپسي‘ قوم جي شروعات ۽ اتهاس تي ڪيترا ليک لکجي تيار ٿيا آهن ۽ گهڻن ودوانن جي اها راءِ آهي ته اها ’جپسي‘ قوم، اوائل ۾ هند جي اتر- اولهه واري حصي جي رهواسڻ هئي ۽ ڪن حالتن ڪري اها مجبور ٿي اتان لڏي، پهرين ايران ۽ ميسو پوٽيما ايراضين ۾ اچي رهي؛ ۽ اتان پوءِ مصر ڏانهن ويئي. هدستان جي اتر-اولهه واري ايراضي معنيٰ ’پنجاب ۽ سنڌ‘ جي ايراضي. چئبو ته اها ’بنجارا‘ قوم اصل ۾ پنجابي يا سنڌي قوم جو ئي هڪ حصو هئي.
لڏپلاڻ جا ڪارڻ
سوال آهي ته اهي بنجارا، جيڪڏهن اصل ۾ سنڌي يا هندي هئا، ته پوءِ اهي پنهنجي وطن کي هميشھ لاءِ خيرباد ڇوڪري ويا ؟ “The story of Gypsies” جو ليکڪ لکي ٿو ته: ”جنهن وقت سڪندر اعظم هندستان تي حملو ڪيو هو، ان وقت ئي اهي لوڪ هند مان نڪري آيا ٿا ڏسجن. پوءِ يا ته انهن کي پنهنجي وطن مان زوريءَ هڪاليو ويو آهي، يا ته هو خوشيءَ سان يونانين سان شريڪ ٿيا آهن. پهرين هو ننڍين ٽولين ۾ نڪتا آهن، ۽ پوءِ ئي انهن جي پٺيان وڏيون ٽوليون نڪتيون آهن.“
گئريئرسن ۽ ٻيا انگريز ودوان وري سمجهن ٿا ته: ”محمود غزنويءَ، جو سترهن دفعا هندستان تي ڪاهون ڪيون، سو هن هر دفعي هزارن هندين کي غلام ڪري پئي پنهنجي ملڪ نيو، جن مان پوءِ ڪيترن کي ٻانهپ مان آزاد ڪيو ويو، جي پنهنجي وطن ورڻ بدران اڳتي مصر ڏانهن وڌي ويا.“
ايران جي مشهور شاعر فردوسيءَ ته وري هڪ عجيب ڳالهه پنهنجي ”شاهنامي“ ۾ لکي آهي. هو چوي ٿو ته: ”ايران جي شاهه بهرام گور، اتر هندستان جي ان وقت جي راجا شنکل کي وينتي ڪئي هئي ته ايران جي قومي جلسي ۾ ڀاڳ وٺڻ لاءِ ويهه هزار گَويا موڪليا وڃن. ان وينتيءَ کي قبول ڪندي، هندو راجا مشهور سنگيت ڪار ايران موڪلي ڏنا. انهن هندي گوين جي سنگيت ۽ راڳ، ايران جي شاهه کي ايترو ته موهي ڇڏيو، جو هُن کين ايران ۾ رهڻ لاءِ مفت ۾ زمينون، ڍڳا ۽ اناج وغيره ڏنو، پر جيئن ته اهي ڳائيندڙ هندي ڪُڙمي طبقي جا لوڪ نه هئا، ان ڪري هنن ترت ئي اناج ۽ ٻيون سوکڙيون خلاص ڪري ڇڏيون. پوءِ ته ايراني شاهه به مٿن ڪاوڙجي پيو ۽ هنن کي پنهنجي ملڪ مان لوڌي ڪڍيائين. اهي هندي، پوءِ مصر ڏانهن هليا ويا، جتان يورپ ڏانهن ڦهلجي ويا.“
’جپسي‘ قوم جي هڪ ڏندڪٿا ۾ به چيل آهي ته: هو اوائل ۾ هند ۾ رهندا هئا، ۽ سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ کين پاراتو مليو ته ’هو رُلندا رهندا‘! ان وقت کان وٺي ئي هو پئي رُليا آهن، ۽ ڪٿي ٿانئيڪا ٿي نه ويٺا آهن.
ڪيترن ’جپسي‘ لوڪن ۾ اڄ به هندي رسمون ۽ رواج مروج آهن. ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين، هنن جون ڪيتريون ئي رسمون، هندي رسمن ۽ ريتن جهڙيون آهن. ڪن قومن ۾ ته ’سويمبر‘ جي رسم به مروج آهي. شاديءَ وقت هندن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار مٿان چانور اڇلايا ويندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح کين خوشحال رهڻ جي دعا ڪئي ويندي آهي . جپسي لوڪن ۾ به اهڙي رسم آهي. هنن جا انگ به هندي انگن جهڙا آهن. جهڙوڪ:
هندي انگ جپسي انگ سنڌي انگ
ايڪ اِڪ هڪ
دو دوئي ٻه
تين تِرن ٽي
چار ستور چار
پانچ پنچ پنج
ڇي شو ڇَهه
سات افت ست
آٺ اکٽ اٺ
نو نؤ نوَ
دس دش ڏهه
جپسي ۾ ’ويهن‘ کي چون ”دباردش“، يعني ’ٻه دفعا ڏهه‘. ’سومر‘ کي چون ”پرٿم دوش“، ۽ ’ٻڌر‘ کي ”ترتُيه دوش“ جپسي ۾ ”شوشئي“ معنيٰ، سنڌي ’سهو‘ (خرگوش). ”ڪليه“ معنيٰ، سنڌي ’ڪلهه (yesterday). اهو لفظ ’سڀاڻي‘ جي حيثيت ۾ به ڪم ايندو آهي. هڪ ليکڪ جارج بارو، جي لکڻ موجب: جپسي ٻوليءَ ۾ ٽي هزار کن لفظ ٿيندا، ۽ انهن مان گهڻا لفظ سنسڪرت يا ٻئي ڪنهن هندي ٻوليءَ (هندي، پنجابي، سنڌي، گجراتي وغيره) جا ئي آهن.“
ٻيا همروپ ۽ هم معنيٰ وارا ڪجهه لفظ هيءُ آهن:
جپسي لفظ سنڌي لفظ
ڇُري ڇُري Knife
بال وار Hair
يڪ اک Eye
ڪن ڪن Ear
نڪ نڪ Nose
ڪارو (ڪالو) ڪارو Black
راءِ راءِ King
بَرو بڙو (وڏو) Great
ٿان ٿان Place
تد ڏڌ Curd
ماس ماس Meat
پاني پاڻي Water
پس ڀوسو Straw
بڙهؤ ٻڍو Old
چوري چوري Stealing
رات رات Night
رت رت Blood
چڪ چِڪ Mud
تون تون You
سچو سچو True
تتو تتو Hot
ساري رات ساري رات Whole night
سنڌي ۾ حرف نفي آهن:’نه، نڪو، مَ‘، جپسي ٻوليءَ ۾ به حرف: ’نه، م، نستي، ننئي‘ آهن.مثال طور جپسي ”نه جانو“ معنيٰ ’نه ڄاڻان‘، ”تي نه دڪاو“ معنيٰ ’نه ڏسان‘، ”تي نه کاوي“ معني ’نه کائي‘. اهڙيءَ طرح ”م ڪر“
معنيٰ ’م ڪر‘ (نه ڪر). جپسيءَ ۾ ’م‘ ظرف نفي اڪثر ’امر‘ ۾ گڏي ويندي آهي، جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ به آهي. جهڙيءَ طرح ”م پي“ معنيٰ ’مَ پيءُ‘
(نه پيءُ)، ”م کا“ معنيٰ ’م کاءُ‘ (نه کاءُ)، ”م دڪ“ معنيٰ ’م ڏس‘.
ڪن ودوانن جي راءِ موجب، جپسي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ سان مشابهت رکندڙ آهي، ۽ ڪن جي راءِ موجب، وري سورت ضلعي جي، گجراتي ٻولي آهي.
سنڌين سان لاڳاپو
انهن لفظن مان صاف ظاهر پيو لڳي، ته ’جپسي‘ قوم جو گهڻي قدر لاڳاپو سنڌين سان ئي هو. يورپ جي ڪن حصن ۾ هو پاڻ کي ’زنگنلي‘، ته ڪٿي ’رومي‘، ته ڪٿي وري ’سنتي‘ سڏائيندا آهن. ’سنتي لفط مان ظاهر آهي ته هو ”سنڌي“ سان واسطو رکندڙ آهن ، ڇو ته نه فقط چيني ڀاشا ۾ ’سنڌ‘ کي ”سنتو“ چوندا آهن، پر ساڪ ڀاشا جي لفظ ”سنتو“ جي معنيٰ به آهي. ”ندي“. ڪيترا جپسي لوڪ، هڪٻئي سان گڏ ملندا آهن، تڏهن هڪٻئي کي ”سنتي“ ڪري پڪاريندا آهن، جنهن اکر جو مطلب آهي ’ساٿي‘.
ڀاشا وگيانن ان ”سنتي“ لفظ جو رشتو ”سنڌي“ سان جوڙيو آهي. مشهور اتهاسڪار هيروڊوٽس ته صاف ڄاڻايو آهي ته ”سنڌي“ نالي هڪ ننڍڙي هندي قوم، ڪاري سمنڊ ويجهو تامن نالي ٻيٽ ۾ رهندي هئي. اهو سمو، عيسوي صديءَ کان ڇهه-اٺ سؤ ورهيه اڳ جو آهي.“ چمن لال جو لکڻ آهي ته ”پنجاب جي هڪ ايراضيءَ ۾ ’چنگر‘ نالي هڪ پٺتي پيل قوم هن وقت به رهندي آهي، جا هڪ ’سنڌوئي‘ قوم جو جزو آهي، ۽ جنهن جي ٻولي ’سنڌي‘ ٻوليءَ سان رشتو رکندڙ آهي، اها قوم ئي ايران جي اندروني ايراضين تائين ويل ٿي ڏسجي.“
جپسيءَ جي ٻوليءَ ۾ ايراني ۽ آرمينيا جي ٻولين جا به اثر آهن، جي ڏيکارين ٿا ته هو ڪجهه وقت انهن ايراضين ۾ ضرور رهيا آهن. ايران جي جڏهن ساساني حڪمرانن جو راڄ هو، تڏهن ئي شايد هو هند مان لڏي ايران ۾ وڃي رهيا ٿا ڏسجن. هنن پوءِ فرات نديءَ جي ڏاکڻي حصي ۾ ڊاٻو ڪيو ۽ عربن سان گڏجي، ملڪن کي فتح ڪرڻ ۾ انهن کي ساٿ ڏنو؛ پر عباسي خليفي مامون الرشيد جي موت کان پوءِ، هنن ان ملڪ کي ڇڏي ڏنو. آرمينيا مان ٿي هُو سِريا (شام) منجهان لنگهي، وڃي اتر آفريڪا ۾ پهتا. اتان وري هو ڪجهه يورپ ڏانهن ڦهلجي ويا ۽ ڪجهه وچ آمريڪا جي ايراضين ڏانهن هليا ويا. هنن جي نرالين رسمن جي ڪري هر ملڪ ۾ مٿن ظلم ۽ ستم پئي ڪيو ويو. ڪن هنڌن تي ته کين ناس ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا ويا. جهڙيءَ طرح گذريل ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ خود جرمنيءَ جي ڊڪٽيٽر هٽلر کين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ظلم ۽ ستم جي باوجود به اهي زندهه رهيا آهن ۽ پنهنجي وجود ۽ تهذيب کي قائم رکيو اٿن.
جپسي قوم ڳائڻ-وڄائڻ ۾ استاد آهي. سنگيت سندن پيشو آهي. قوم جو ننڍو وڏو شخص سهڻيءَ طرح ڳائي ڄاڻي. ان ڪري ئي هن قوم کي ڪن هنڌن تي مانُ به پئي مليو آهي. سندن هستيءَ ۾ رهڻ جو هڪ سبب اهو به آهي، جو روس ۾ هنن کي گهڻي ۾ گهڻو ساٿ ۽ سهڪار پئ مليو آهي. روس جي هڪ راڻيءَ ’ڪئٿرائين ٻيءَ‘ ته هنن کي رهڻ لاءِ سرڪاري زمينون ڏيئي ڇڏيون. هن وقت رومانيا، هنگري، بلگيريا، ۽ چيڪو سلويڪيا ۾ ’جپسي‘ گهڻي انداز ۾ رهيل آهن. اهي سڀ ساميوادي ملڪ آهن، انهن ۾ کين ترقي ڪرڻ لاءِ سڀ سهولتون ڏنيون وييون آهن. شري چمن لال جو چوڻ آهي ته: ”انهن ملڪن ۾ جپسين جا سهڪاري کيت قائم ڪيا ويا آهن، ۽ جپسي قوم ترقيءَ ڏانهن تڪڙيون وکون وڌائي رهي آهي.“ يوگوسلويا جي سرڪار پڻ جپسين کي ترقي ڪرڻ لاءِ سُٺا نگرواسي ٿيڻ ۾ زبردست مدد ڪري رهي آهي.
جپسي قوم جي فرد لاءِ چيو وڃي ٿو ته: هن جيترو پيار پنهنجي سنگيت جي ڪلا کي پئي ڪيو آهي، اوترو پيار هن پئسي کي نه پئي ڪيو آهي. سنگيت جي تانَ جي ڌوم، هن يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مچائي ۽ ڪيترن لوڪن کي پاڻ تي موهت ڪري ڇڏيو. هڪ مشهور يورپي ودوان، ارونگ برائون جو رايو آهي ته ”جپسي لوڪ پنهنجو سنگيت هندستان مان ئي کڻي آيا.“ يورپ جي سنگيت جو ابو ، بيٿووَن چيو ويندو آهي؛ پر ان لاءِ به معلوم ٿيو آهي ته هن ڪجهه سنگيت جي سکيا وائنا (آسٽريا) ۾ رهندڙ جپسي لوڪن جي سنگيت مان ئي ورتي هئي.
يوروپي سنگيت جي ٻي سَند، ڊالڪروز نالي سنگيتڪار کي ٺهرايو ويو آهي. هن لاءِ به چيو ويو آهي ته هن هنگريءَ جي هڪ جپسي سنگيتڪار کي پاڻ وٽ گهرايو هو ته جيئن سندس شاگردن کي سنگيت جي سکيا ڏئي. 1825ع ۾ بهاريءَ نالي هڪ جپسي سنگيتڪار، وائنا جي شهنشاهه اڳيان پنهنجي سنگيت جو مظاهرو ڪري، نه صرف شهنشاهه کي خوش ڪيو، پر درٻار جي استرين کي پڻ موهي وڌو.
سنڌي جاتيءَ لاءِ به مشهور آهي ته هوءَ ڳائڻ وڄائڻ ۾ هوشيار آهي. اٺين صديءَ جي هڪ جين آچاريه اديوتن، پنهنجي ”ڪوليه مالاڪٿا“ ۾ سنڌين لاءِ صاف لکيو آهي ته ”اهي سٺو ڳائيندڙ ۽ مرڪندڙ شخص آهن.“
جپسين کي پنهنجي اتهاس جو پورو پتو ڪونهي، پر گهڻن کي اهو وشواس ويٺل آهي ته سندن ابا-ڏاڏا هند جا ئي رهاڪو هئا. سندن هڪ راجا جو نالو ’زنديلو‘ چيو وڃي ٿو، ۽ ’زندو‘ معنيٰ ’انڊو‘-”سنڌو“. اهو زنديلو لفظ به سنڌيءَ ٻوليءَ جي اکرن جي بناوت جهڙو ئي پيو لڳي، جهڙوڪ: ’سانديلو‘، ’سنديلو‘ وغيره.
جپسي ٻوليءَ ۾ مٽن-مائٽن لاءِ اهي لفظ آهن:
فين (ڀيڻ)، فرل (ڀاءُ)، سسرو (سهرو)، سسئه (سس)، ڪاڪ (ڪاڪا، چاچو)، سالو (سالو)، مانس (ماڻهو). ان کان سواءِ ٻيا اکر آهن: بڪرو (ٻڪر، ٻڪرو)، مک (مک)، ڪير (ڪولي)، آنرو (آنو، بيدو)، سنگ (سڱ)، ٿرُ (دونهون)، انگر (اڱر)، ڪندو (ڪنڊو)، کوو (کوهه)، راڻي (راڻي)، چور (چور)، مزو (ماني)، ارو (اٽو)، زورالو (زور وارو)، سوانگ (سانگ، ٻهروپي)، اوچو (اُچو، ڊگهو)، نڪلن (نڪرڻ، وڃڻ)، سوتو (ستو، سمهيل)، سوسڪ (ڇو)، سگو (سگهو، جلدي)، ست (ست، سار)، شڪو (سُڪو، سڪل)، شنو (سڻڻ، ٻڌڻ)، شکؤ (سکڻ)، شرو (سرو، مٿو)، سو (سڀ)، پڇو (پڇڻ)، پيشو (پيسڻ)، پيرو (پيرو، پير)، پير ننگو (پير ننگو، پير اگهاڙو)، پيلو (وهانءُ)، پٽ (پٽ، ڪپڙا)، پنگو (پنگلو)، اوتيه (اتي)، نئه (ننهن)، مڙس (مڙس، مڙد)، مئي (منهن)، ميل (ميل، مر، مٽي) ميلالو (ميراڙو، ميرو)، متو (متو، ست)، مارو (مارو، ماڙهو)، لوو (لوڀ)، کر (کر)، کنجو (کنهڻ)، جوو (جون)، جو (جَوَ-Barley)، دنو (ڏنو، ڏنل)، درياو (درياهه)، چمي (چُمي-Kiss)، اناو (آڻڻ)، اواو (اچڻ)، بهتالو (بيتالو)، بروالو (گجراتي-ڀروارو، ڀاڳيو)، بينگ (ڀينگ) وغيره.
جهڙيءَ طرح هر هڪ ديو جي آستان کي سنڌيءَ ۾ ’ٿانَ‘ به چئبو آهي، اهڙيءَ طرح جپسي به ”ٿانَ“ چون، هندستان لاءِ ته هنن جو لفظ آهي ”بروٿان“، معنيٰ وڏو ملڪ
اڃا به جپسي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ آهن، جي سنڌي هم معنيٰ وارن لفظن سان ميل پيا کائين ۽ هندي يا ٻيءَ ٻوليءَ ۾ اهي لفظ ڦريل روپن ۾ موجود آهن. ان مان ظاهر آهي ته جپسي هر خيال سان سنڌيءَ کي قريب آهي.
(ٽماهي ”مهراڻ“ شمارو 3 ــ 1967ع)