در در جا مسافر
عبدالقادر جوڻيجو
__
پنهنجي زندگيءَ جا ڳچ سال فيلڊ ريسرچ ۾ ڳاريندڙ، اسان جي روايتي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪافي سال اڳ ۾ ڦاٽ کاڌو هو ته سائبيريا کان وٺي اسپين تائين، سڄي يروپ ۾ در در جا مسافر ”جپسي“ اصل ۾ سنڌ جا رهاڪو آهن. کانئس پوءِ چندي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي هڪ کڙپيل اسڪالر بي بي سي ريڊيو جي ذريعي اها دعويٰ پڙ تي اڇلائي ته ”جپسي“ اصل ۾ پنجاب جا رهاڪو آهن. ان کان پوءِ هڪ ٻئي پويان راجستاني ۽ گجراتي اسڪالر انهيءَ ڳالهه تي پڙ ٻڌي بيهي رهيا ته ”جپسي“ اصل ۾ راجستان ۽ گجرات جا رهاڪو آهن. ائين ”جپسي“ هڪ ڳجهارت بڻجي ويا.
ڪجهه سال اڳ پاڪستان ٽيليوزن تي هڪ قسط وار ڊاڪيومينٽري “World at War” هلي. سالن جي محنت کان پوءِ ٺاهيل انهيءَ ڊاڪيومينٽريءَ ۾ جنگ جي سٽيل ۽ دونهاٽيل يورپ مان هڪ قافلو لنگهندي نظر ٿو اچي ۽ پويان ڪامنٽيٽر جا هي لفظ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته، ٻئي عظيم جنگ ۾ ٻيون ڪئين مضبوط قومون پنهنجين ثقافتن سميت ڌوڙ ٿي ويون، پر قديم زماني ۾ ڏکڻ ايشيا (انڊوپاڪ) مان لڏي ايندڙ ڏنگي طبيعت جي جپسين پنهنجا ڪئين ماڻهو مارائڻ کان پوءِ به هيڏيءَ ساريءَ جنگ جو اثر قبول نه ڪيو ۽ هو پنهنجي واٽن تي وڳندا رهيا. اهي لفظ ٻڌڻ کان پوءِ اها پڪ ٿي وڃي ٿي ته جپسي اصل ۾ انڊوپاڪ جا ماڻهو آهن. انگريز اسڪالر ڪڏهن به ڪچي ڳالهه نه ڪندو آهي.
ان ڊاڪيومينٽريءَ کان پوءِ ٻئي عظيم جنگ ۾ يهودين جي قتل عام تي ٺهيل رت روئاريندڙ بلاڪ بسٽر ڊراميه سيريل “Holocaust” جو وڊيو هن ملڪ ۾ آيو. هي شاهڪار ڊرامو جنهن به ڏٺو هوندو، اهو پنهنجا لڙڪ جهلي نه سگهيو هوندو. چيو وڃي ٿو ته ڊرامه سيريل “Roots” کان پوءِ هن ئي ڊرامه سيريل آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن جون گهٽيون خالي ڪري ڇڏيون هيون ۽ درٻوٽ ٿي ويئي هئي. انهيءَ سيريل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ واري هاڪاريل اداڪاره مئرل اسٽريپ جو مصور مڙس نازين جي هڪ عقوبت خاني ۾ ٻين قيدين سان گڏ پٿر ڪٽيندو نظر اچي ٿو ۽ ٻين قيدين مٿان نازي سپاهي بندوقون تاڻيو بيٺا آهن. پٿر ڪٽيندي اتي ٻه قيدي سگريٽ جي ٽوٽي تان پاڻ ۾ وڙهي پوندا آهن. نازي سپاهي کين چتاءُ به ڏيندا آهن، ته به اُهي ٻئي قيدي نازي سپاهين جي چتاءَ کي لفٽ نه ڪرائيندا آهن ۽ پاڻ ۾ وڙهندا رهندا آهن. انهيءَ تي هڪ نازي سپاهي ٻئي سپاهيءَ کي چوندو آهي ته ”اهي يورپي ناهن پر انڊو پاڪ جا جپسي آهن. پاڻ جو چيو نه مڃيندا، هڻين گولي.“ ائين ٻئي ڄڻا ڪڙ ڪڙ ڪندڙ گولين جو شڪار ٿي ويندا آهن.
حقيقتن تي ٻڌل انهيءَ ريسرچ اورئنٽيڊ سيريل مان به اهو لڳي ٿو ته آمريڪي اسڪالرن جي نظر ۾ به جپسي يورپي ناهن، پر انڊوپاڪ مان لڏي آيل آهن.
اڄ ڪلهه موسيقيءَ جي دنيا ۾ “Gypsy Kings” نالي ڳائڻن جي هڪ ٽولي سڄي دنيا کي کڙڪائي ڇڏيو آهي. جپسي ڳائڻن جو اهو ٽولو جتي به پهچي ٿو ته، اتي لکين ماڻهو سندن ڪلام ٻڌي پاڻيءَ مان نڪري ويندا آهن. اتفاق سان انهن ڳائڻن جي ٽولي جي ڪلامن جي هڪ عدد سي ڊي مون وٽ به آهي. انهيءَ سي ڊيءَ کي مون غور سان ٻڌو آهي، جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته سندن ڪلامن ۾ جيڪو آلاپ اهي، اهو آلاپ مهراڻ جي ڪيترن ئي لوڪ گيتن جي آلاپ سان ملي ٿو.
اها ته ٿي پڪ ته جپسي اصل ۾ انڊوپاڪ جا رهاڪو آهن. باقي رهي اها ڳالهه ته اهي ”در در جا مسافر“ جپسي سنڌي آهن يا پنجابي يا راجستاني آهن يا گجراتي ته اها ڳجهارت ڀڃڻ کان اڳ انهيءَ ڳالهه جي جانچ وٺنداسين ته انهن ”در در جي مسافر“ خانه بدوشن جون ذاتيون ۽ ڌنڌاڪهڙا ڪهڙا هئا. ڪجهه ذاتيون هتي بيان ڪجن ٿيون.
ڪوچڙا
ٿر جي ٽاڪ منجهند آهي. ڌُپ گرميءَ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو آهي. واري تپي اهڙي ٿي ويئي آهي، جو اگهاڙو پير واريءَ تي رک ته سڄو پير سڙي لڦون ٿي وڃي. ڳئون ٻڪريون وڻن ۾ منهن هڻيو سهڪن پيون. پري کان هڪڙو همراهه وڏي لٺ هٿ ۾ کڻيو ڳوٺ ڏانهن ٽٽو اچي. ڀٽ تي اڏيل هڪ ڳوٺ جي هڪ گهر مان جهونو ٻاهر نڪري اوٽي (اڱڻ) تي بيهي، اکين تي هٿن جا ڇپر ٺاهي، چوڌاري ڊگهي نظر ٿو وجهي ته کيس نظر ٿو اچي ته هائو ٻيلي! همراهه وڏي لٺ کڻيو ڳوٺ ڏانهن ٽتو اچي. جهونو ڳوٺاڻو پري کان ايندڙ مسافر جي هلڻيءَ مان ئي سمجهيو وڃي ٿو ته اهو مسافر ڪير آهي. ڳوٺاڻي کي وڌيڪ پڪ تڏهين ٿئي ٿي جڏهن مسافر گهرن اڳيان پهچي، پنهنجي ڄاڙي لٺ تي ٽيڪي بيهي رهي ٿو. ڄاڙيءَ هيٺان لٺ ڏيئي بيهڻ جو اهو انداز به هڪ ڳجهارت آهي، جيڪو ڀڃي. ڳوٺاڻو ڳجهارت ڀڃي ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو، جيڪا هن ريت آهي:
”اوريون آهين يا پريون آهن؟“
”پريون آهيان.“
”اڪيلو ڇو آهين؟“
”هن دنيا ۾ سڀ ماڻهو اڪيلا آهن.“
”ماني ٽڪر کپيئي يا ڪو ٻيو رولڙو آهي؟“
”اهو توتي ڇڏيل آهي.“
”ٺيڪ آهي. تنهنجي ڳالهه سمجهي ويس. تو کي ماني ٽڪر آڻيو ٿو ڏيان، پر هڪڙي ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏ.“
”حڪم سرڪار“
”هن راڄ ۾ يا آسپاس جي ست راڄيءَ ۾ ڪا کس ڪئي اَٿوَ ته پوءِ پنهجي سڄي لڏي کي چٽڻي ٿيل سمجهجو. هاڻي ڇا ٿو چوين؟“
”چوان اهو ٿو ته ماني ٽڪر ڏي ته هيءُ پٽ ئي ڇڏي وڃون.“
”وري به سوچي وٺ.“
”سوچي ڇڏيو اٿم.“
اها پڪ وٺڻ کان پوءِ ڳوٺاڻو گهرن ڏانهن هليو ٿو وڃي ۽ وڏي لٺ وارو ماڻهو بيهي مانيءَ ٽڪر جو انتطار ٿو ڪري.
اصل ۾ لٺ وارو اڪيلو مسافر ڪوچڙو آهي. ٻنهين ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته ڪوچڙن جو ڌنڌو آهي ٺڳي، چوري ۽ کاٽ هڻڻ. ڪوچڙن جو اصل ڌنڌو اهو ئي هو. ڪوچڙا لڏو لاهي ڪنهن ڳوٺ جي ڀر ۾ اچي وهندا هئا. ڏينهن جو پنڻ جي بهاني مائين کي گهرن ۾ موڪليندا هئا. مائيون پنڻ سان گڏ جاسوسي به ڪنديون هيون ته ڪهڙو گهر سڀرو آهي، جنهن کي رات جو کاٽ هڻي سگهجي. انهيءَ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن رکي مرد کاٽ هڻندا هئا ۽ پوءِ راتو رات اهو پٽ ڇڏي ويندا هئا. ڪوچڙن کي ٻن ٽن ڪمن ۾ وڏي مهارت حاصل هوندي هئي، هڪ ته پير لڪائڻ، ڪيڏو به وڏو پير سندس پير کڻي نه سگهي. پير لڪائڻ لاءِ ڪوچڙا پيرن هيٺيان ٻُوههَ (ٿر جو هڪ ٻوٽو) جا ٻُچا ٻڌندا هئا. وڃڻ وقت اڳتي هلڻ جي بدران پوئين پير هلندا هئا ۽ پنهنجي اصلي آڏيءَ وک کي سڌي وک ڪري ۽ سڌيءَ وک کي آڏي وک ڪري هلندا هئا. ڪڏهين پيرن جو پٻ ته ڪڏهين پاسو هڻندا هئا، جو اصل پيري ڀل پيو ماءُ کي ياد ڪري. پر انهن ڪوچڙن کي جيڪا صدين کان وٺي وڏي مهارت حاصل هئي، اها هئي سوشل سائڪالاجيءَ جي ڄاڻ. ڪوچڙا هلندڙ ماڻهوءَ جي وک مان، بيٺل ماڻهوءَ جي نگاهه مان ۽ ليٽيل ماڻهوءَ جي ساهه کڻڻ جو انداز مان اهو صحيح ڪري وٺندا هئا ته ماڻهوءَ جي اندر جي سوچ جو رخ ڪهڙو آهي. اهو علم کين ڏوهه ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو هو.
پر وقت دنيا جي چالاڪ ۾ چالاڪ ماڻهو، ذاتين ۽ قومن کي ڌوئي ڦٽو ٿو ڪري. هيءُ وقت ڪلاشنڪوف ڪلچر جو وقت آهي، جنهن ۾ ڪوچڙن جون اٽڪلون گولين جي ڪڙڪن ۾ غائب ٿي چڪيون آهن. گولين اڳيان پنهنجو پاڻ کي بيوس سمجهي ڪوچڙن پنهنجا اصلي پٽ ڇڏي شهر اچي وسايا آهن ۽ اصلي ڌنڌو ڇڏي پنڻ ۾ لڳي ويا آهن. پر تنهن هوندي به سوشل سائڪالاجي کين ڪم اچي رهي آهي ۽ هو ڏسڻ مان صحيح ڪري وٺندا آهن ته ڪهڙو ماڻهو صدا ساڻ خيرات ڏيندو ۽ ڪهڙو ماڻهو پٽائي پٽائي خيرات ڏيندو. ڪوچڙن جي هاڻي نشاني اها آهي ته جيڪو پنڻو اوهان کي رت ڪري ماري ۽ اصل جند ڇڏڻ لاءِ تيار نه هجي ته پڪ سمجهو ته اهو ڪوچڙو پنڻو آهي. سندن روين ۾ جيڪا شدت هئي، اها اڃا به موجود آهي، پر بيوس اٺ بار ڇڏي چڪا آهن.
جوڳي
نه چوري چڪاري، نه ٺڙڪ ٺڳي، نه ضدا ضدي، نه گلا غيبت، نه دل ۾ غير، ڏي ته به خير، جي نه ڏي ته به خير، جوڳي رمتا ڀلا. جوڳين جي انهن ادائن ئي ته ننڍي کنڊ جي وڏن شاعرن کي ڪُٺو. ڀڳتي تحريڪ کان وٺي صوفي فقيرن تائين، لوڪ گيتن کان وٺي فلمي گيتن تائين، جتان جتان ٻڌندو وڃ ته جوڳي جوڳي پئي پوي. آئون پنهنجي ڳوٺائي يار جوڳي جوهر ناٿ جون جڏهن ڳالهيون ٻڌندو آهيان ته مون کي ويٽنام جي جنگ جي رد عمل ۾ جنم وٺندڙ ڪير ويڪ جي لکيل ناول “On the Road” جو اهو جملو ياد اچي ويندو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته، ”علم يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاندار عمارتن مان حاصل نه ٿيندو آهي، پر علم مسافرن جي هيٺان اڏامندڙ ڌوڙ مان حاصل ٿيندو آهي.“ اها ته پڪ اٿم ته جيڪ ڪيرويڪَ جوڳي نه ڏٺا هوندا، پر سندس گروءَ ۽ “Howl” جهڙي دٻالٽ نظم کي تخليق ڪندڙ ايلن گنسبرگ ضرور جوڳي ڏٺا هوندا، جيڪو گانجو ڇڪڻ لاءِ راتين جون راتيون ڪلڪتي جي گهٽين ۾ پيو هوندو هو. ڪلڪتي کان وٺي ڪراچيءَ تائين ۽ مدراس کان وٺي پشاور تائين، قدمن هيٺيان ڌوڙ اڏائيندڙ جوڳين کي ڪير نٿوس ڃاڻي؟ جوڳي ته پني به ڪونه. جوڳي ته زهريلا نانگ جهلي، انهن کي پالي ٿو. پوءِ انهن نانگن بلائن جو تماشو ڏيکاري ۽ مرليءَ جهڙو ڏکيو ساز وڄائي انهيءَ محنت جو اجورو ٿو وٺي.
جوڳين جون ڪجهه نُکون (شاخون) هن ريت آهن، (1) گورکناٿ (2) پنوار (3) ٻانڀڻيا (4) آديسي (5) لاهوتيا (6) پارڪري (7) مرکٽ
(8) سينهڙيون.
اهي ته ٿيون سندن اصلي نکون، پر جوڳين جي رولڙي، سڀاءَ ۽ لوڪ شعور، ٻين ماڻهن جي دلين ۾ جيڪا ”هڻ ته چتي“ قسم جي رومانوي ڪيفيت پيدا ڪئي ۽ ماڻهن جي دلين ۾ گهر ٺاهيا، ته انهيءَ جي نتيجي ۾ راڄ ڪري ويٺل راجپوتن جي ڪجهه ذاتين جا ماڻهو ساڻن شامل ٿي، جوڳين جو اڻ ٽر حصو بڻجي ويا. ائين جوڳين ۾ اضافو ٿيو. اهي نکون هن ريت آهن: (1) راٺوڙ (2) سولنڪي (3) جويا (4) دَل (5) تُنيا (6) ٺَڪَر.
انهن ساڳين ذاتين مان ڪجهه ذاتيون اڳتي هلي مسلمان به ٿيون. ماڻهن جي دلين تي قبضو ڪرڻ وارا جوڳي ڪيترن ئي نانگن بلائن تي به قبضو ڪري ڄاڻن. نانگن بلائن تي جوڳي قبضو ڪري سگهن ٿا، انهن مان ڪجهه قسم هن ريت آهن: ارڙ، ڪاريهر، تليهر، چُوڙهو، اڪشاڌاري، پدم، گڊو، ڳاڙهو، ڌامڻ، انجنيئر، ايريال، کپر، ڪورڪنڊ، ٻه منهين، چتري، گونگلو، ٽڪلو، هڻ کڻ، پيئڻ، سنگ چور، ڪُلمار، کوکريو، ڊمر ۽ ٻيا نانگ بلائون.
انهن نانگن بلائن مان ڌامڻ، انجنيئر، ڪورڪنڊ، ٻه منهين، گونگلو، ٽلو ۽ کوکريو ۾ ٺپ زهر ڪونه ٿئي. ٻئي پاسي پدم، هڻ کڻ، سنگ چور ۽ ڪُلمار جو ڏنگ اهڙو ته خوفناڪ هوندو آهي، جو ماڻهوءَ کي ڌڪ لڳڻ کان پوءِ اهو ٻي وک کڻي نه سگهندو آهي.
جوڳي بلائن جي هڪ قسم کي بي گُري به سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ ته اها بلا جوڳين کي جهل نه ڏيندي آهي، جي جهلي به منجهائن زهر ڪڍي وجهن ته انهيءَ بلا جو ختم ڪيل زهر ٻيهر تيزيءَ سان اچي ويندو آهي. نه رڳو جوڳي، پر ڳوٺن جون مائيون ڪنهن کي پٽ پاراتو ڏينديون آهن ته چونديون آهن، ”مئا! ڪا لنڊي کائينئي.“ اها لنڊي نالي بلا هرو ڀرو واٽ تي اڇراٽ ڏسي ويهي رهندي آهي ته جيئن ڪو ماڻهو اتان لنگهي ته ٽپ ڏيئي ماڻهوءَ کي ڏنگي سگهي. هن بلا جي ڌڪ جي پهچ فوٽ کن مٿي ٿيندي آهي. مٿان مصيبت وري اها آهي ته سنڌ ۾ جيڪي به نانگن بلائن جا قسم آهن، انهن مان 80 سيڪڙو لنڊي هوندي آهي. جوڳي ته هن بلا کي هٿ ڪونه لائي، پر اوهان ۽ اسان کيس آسانيءَ سان پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي سگهون ٿا. اهو هيئن ته ٽارچ هٿ ۾ کڻي اکين ۾ هڻوس ته لنڊي انڌي ٿي ويندي آهي. پوءِ ڪُٽي کڻي مڃ ڪريوس. نه ته ٻئي حالت ۾ لنڊي اوهان کي اسپتال جو در ڏيکاري ڇڏيندي.
جوڳين جا قصا سندن ڪشالن کان ڊگها آهن. پر اهي ساڳيا جوڳي اڳي لڏا کڻي هلندا هئا، ساڻن جوڳياڻيون به گڏ هوندوين هيون، پر هاڻي جوڳي پاڻ وٽ سنڌ ۾ مهراڻي (زرعي زمين سان لڳندڙ وارياسو علائقو جيڪو پراڻي سڪل درياءَ هاڪڙي جي کٻي ڪپ تي آهي) جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ آباد ٿي ويا آهن. هڪ هنڌ آباد ٿيڻ جي باوجود جوڳين ٻين ”در در جي مسافرن“ وانگيان اڃا تائين پنهنجي شناخت نه وڃائي آهي ۽ جوڳي رمتا ڀلا جو سلسلو اڃا جاري آهي. آخر ۾ جوڳين لاءِ آئون هت پنهنجو ئي لکيل انگريزي جملو ڏيان ٿو، جنهن کي آئون پاڻ انهيءَ ردم ۾ ترجمو ڪري نٿو سگهان.
Still Jogi’s creat fears with their snakes and tears with their flutes.
ٻڙها
اوهان جيڪڏهن آرڪيالاجسٽن جي صحبت ۾ رهيا هوندا ته سندن زبانان هڪ اکر ذر ذر ٻڌو هوندوَ. اهو اکر آهي ”ٽيرا ڪوٽا“. اصل ”ٽيرا ڪوٽا“ ”ٽيراڪوٽا“ جو ورد ڪري اوهان جا ڪن کائي ڇڏيندا. هر انسان جو اهو بنيادي حق آهي ته هو ٻئي جا ڪن کائيندو رهي، پر ڪنن ۾ چڪ هڻي، ٻئي همراهه کي ڪنن کان واندو ڪرڻ جو کيس حق ناهي. اهي ٽيرا ڪوٽا هڪ قسم جا قديم رانديڪا آهن، جيڪي ٽئڪسلا کان وٺي ڀنڀور تائين قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان هٿ اچن ٿا. پر اهي رانديڪا ڪنهن ٺاهيا؟ ۽ ڪيئن ٺاهيا؟ صدين کان وٺي اڃا تائين سلامت آهن. انهن سوالن جا جواب ڏيڻ کان آرڪيالاجسٽ به لاچار آهن. پر پاڻ وٽ ڪلچرل ائنٿراپالاجيءَ جي حساب سان انهن سوالن جو جواب چٽو پيو آهي ته اهي رانديڪا ٻڙهن جي هٿ جي وڄا آهي. پنجاهي سال کن اڳ ٻڙها اهڙا ئي مضبوط ۽ صدين تائين سلامت رهڻ وارا رانديڪا ٺاهيندا هئا، جن کي ”ٽيرا ڪوٽا“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. مردن جو ڪم هو رانديڪا ٺاهڻ ۽ عورتن جو ڪم هو گهر گهر وڃي رانديڪا ڏيئي اناج وٺڻ.
سندن رانديڪن ٺاهڻ جي وِڄا جو اصل قصو هن ريت آهي ته، پراڻي درياءَ هاڪڙي جي ڪنڌين ڪپرن تي، ڪن ڪن هنڌن تي، هڪ خاص قسم جي مضبوط چيڪي مٽي هٿ ايندي هئي، انهيءَ چيڪي مٽيءَ کي صرف ٻڙها ئي سڃاڻي سگهندا هئا ۽ ٻئي عام ماڻهوءَ جي جاءِ نه هوندي هئي. اها چيڪي مٽي هٿ ڪرڻ کان پوءِ ڳوهي، انهيءَ مٽيءَ تان رائلن (وڏن داڻن واري واريءَ جا هنڌ) هيٺيان کوٽي ڪڍيل واري گڏي ٻنهي کي ڳوهيندا هئا. ڳوهي ڳوهي جڏهين مٽي ۽ واري پاڻ ۾ هڪ ٿي وينديون هيون، تڏهن انهيءَ سان ٻڙها رانديڪا ٺاهيندا هئا. رانديڪا ٺاهڻ کان پوءِ انهن رانديڪن کي ڪرڙ جي ڪاٺين جي ڪِر ۾ پچائڻ سان گڏوگڏ سڙڻ وقت ڪرڙ جي ڪاٺيءَ مان جيڪو ٽيپو ٽيپو ٿي رس نڪرندو آهي، انهيءَ رس جا ڇنڊا به رانديڪن مٿان هاريندا ويندا هئا ته جيئن رانديڪن ۾ وڌيڪ مضبوطي اچي وڃي . انهن رانديڪن کي ٺاهڻ کان پوءِ اهي رانديڪا واريءَ ۾ پوري ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ ڏينهن جا ڏينهن اهي رانديڪا واريءَ ۾ پوريا پيا هوندا هئا. پوءِ جڏهن وقت ڀرجي ايندو هو ته رانديڪا کڏ مان ڪڍي، صاف ڪري عورتن جي حوالي ڪندا هئا، جيڪي اهي رانديڪا اناج جي بدلي ۾ وڪرو ڪنديون هيون. انهن رانديڪن کي ئي ٽيرا ڪوٽا جو نالو ڏنو ويو آهي. ٽيرا ڪوٽا کي ڏسي اها شاهدي ملي ٿي ته ٻڙها صدين کان وٺي هلندا اچن ٿا ۽ سندن ذات قديم ترين ذاتين مان هڪ آهي.
ٻڙها اڃا به رانديڪا ٺاهي وڪڻن ٿا، پر کين خبر آهي ته بي قدريءَ جو زمانو آهي، ان ڪري هو اڳي واري محنت ڪرڻ بدران عام ٺڪر جا رانديڪا ٺاهين ٿا، جيڪي هٿ مان هيٺ ڪرڻ سان ڀڄيو ٽڪر ٿيو وڃن.
هزارين سالن جو سفر هاڻي منٽن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. رهندو نانءُ الله جو.
ڪبوترا
اصيل ڪتو به ڏاڍو سياڻو جانور آهي.کائي پٽ ڪندڙ انهن اصيل ڪتن جون ڀؤنڪون ڌار ڌار ٿين. جي ڪتو گنئر ڪري ڳوٺ ڏانهن مڙڻ جي بدران ٻاهر سڌو منهن ڪري وٺي ڊوڙ ڪري ته سمجهه ته ڳوٺ ڏانهن ايندڙ لڏو خيري ناهي. جي اصيل ڪتو گنئر ڪرڻ جي بدران ٺلهو ڀؤڪندو وڃي ته سمجهه ته ڳوٺ ڏانهن ايندڙ لڏو مڙيئي لڏو آهي- نه فائدو نه نقصان. پر جي ساڳيو ڪتو سنهي ڀؤنڪ ڪري ڳوٺ ڏانهن مڙي پنهنجي يارن ٻين ڪتن ۽ ٻارن ڏانهن ڊوڙندو ٽپ ڏيئي هيڏاڏنهن هوڏانهن ڦيريون پائي خوشيءَ جو اظهار ڪري ته سمجهه ته ڳوٺ ۾ ڪو موج ميلوٿيڻ وارو آهي. گهوڙاير!اڃا ٽيهارو سال به نه ٿيا آهن جو گڏهن تي ڪي ڊگها، ڪي مڙيل ته ڪي سڌ سنها ڪاٺ، رسا، ڪُنڍا ۽ ڪڙيون سٿيل ۽ اڳيان پويان مائيون مرد پنڌ هلندا هئا. ڳوٺ جون مائيون وري ماني پچائڻ اڌ ۾ ڇڏي، پوتين کي لامارا ڏينديون ٻاهر نڪري اينديون هيون.ڳڀرو ڇورا مٿي ۾ اڌ اڌ پاءُ تيل جو ۽ اکين ۾ سرمو وجهي، لٺ چمڪائي ڌڙڪندڙ دلين سان ٻاهر نڪرڻ جا سانبها ڪندا هئا. سدائين چيلهه چٻي ڪري هلندڙ پوڙهن جون چيلهيون سڌيون ٿي وينديون هيون. ڳالهه ڳالهه تي تاڙيءَ جو ڦهڪو پيو پوندو هون.
هي ڪهڙا مزمان آهن، جن ستل رونقون جاڳائي وڌيون آهن؟ انهن مزمانن جي لڏي کي ڪبوترن، جو لڏو ڪري چئبو آهي.No Hawks but Doves پير پدم، اک ڪارو ڪارونڀار، چيلهه چهبڪ، بت رٻڙ، برشي باردت گهرمري،ڪبوتري ڪاٺيءَ چڙهي ۽ تاڻيل رسي وک وک جو انتطار ڪري. ٿر جا ماڻهو ڪبوترن جي انهيءَ لڏي جو ائين انتطار ڪندا هئا، جيئن ٿر جو بکايل مال مينهن جو انتطار ڪندو آهي. ٿرن برن ۾ ڪبوترن جو مچايل هيءُ مانڊاڻ صدين کان پئي هلندو آيو. ٻين خانه بدوش ذاتين کي وقت ختم ڪيو، پر ڪبوترن کي ڪبوترين جي سونهن مارائيو. پهرئين پهرئين ڪجهه ڪبوتريون ناري جي زميندارن پاڻ وٽ وهاريون (نالا ڪونه ٿا کڻون، ڳالهه کي پردي ۾ ٿا رکون) ۽ پوءِ ڏانهنِ ٻيا هٿ وڌڻ لڳا. ڪبوترن کي سيتل ٿيڻو پئجي ويو. هن وقت ساون پٽن ۾ اڏيل ننڍڙن ننڍڙن شهرن ۾ سستا فلمي گانا ڦاٽل آواز ۾ ڳائي ڳائي، اکين جا اشارا ڏيئي، ٿلهين چيلهين کي موڙا ڏيئي هوٽلن تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڪبوتريون دام ۾ ڦاسائڻ ۽ پنجن ڏهن جو نوٽ ڇڏائڻ ۾ پوريون آهن- ڀت کاڄي ويو آهي، باقي ڪاري کُرڙ وڃي بچي آهي.
ٻاليشاهي
1971ع جي جنگ پنهنجي عروج تي آهي. پنهنجي وقت جو ذهين ماڻهو، ون يونٽ ٽوڙيندڙ، بنگالين کي 56 سيڪڙو نمائندگي ڏيندڙ، ٽي ويءَ تان هر سياستدان کي ڳالهائڻ جو حق ڏيندڙ، پاڪستان ۾ پهرئين ۽ آخري فيئر اليڪشن ڪرائيندڙ، اليڪشن کان پوءِ اڪثريت حاصل ڪندڙ ليڊر شيخ مجيب الرحمان کي وزيراعظم بنائڻ جو اعلان ڪندڙ ۽ حاڪم ٿي رهڻ جي باوجود بئنڪ اڪائونٽ خالي رکڻ وارو ايماندار پشتون جنرل يحييٰ ٻين ساٿين جي تاڻيل گن پوائنٽ تي مجبور ٿي، بنگالين جي ڪوس جو حڪم ڏيڻ کان پوءِ ڊسٽرب ٿي شراب جو سهارو وٺي، شراب ۾ غوطا کائڻ شروع ڪري ٿو، جو کيس خبر آهي ته هو جلد ئي تاريخ جي ظلم جو نشانو (Victim of History) بڻجڻ وارو آهي ۽ پراوا اڏيل ڦندا ريءَ گناهه سندس ڳچيءَ ۾ پوڻا آهن. هو انهن ڦندن جي ور چڙهڻ کان اڳ ۾ پنهنجي اندر جي دنيا کي داءَ تي لڳائي ٿو ڇڏي. نه ڏسنداسين نه ڪڙهنداسين.
جنگي جهازن جا ٻرڙاٽ، توبن جا ڦهڪا، ٽئنڪن جي کڙ کڙ ۽ گولين جا وسڪارا آهن. بارڊر جي ٻنهين پاسن ماڻهن جا جذبا ٻڏتر ۾ آهن. ايڏي ساري هڻ هڻان ۾ راولپنڊيءَ مان ٽٽل ڪَلندرن ۽ ڪڃرن جو لڏو بارڊر سان لڳندڙ پنهنجي صدين کان ٺهيل واٽ وٺي، ڪراچيءَ جي ماڳ تي پهچڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪلندرن جي هٿن ۾ بندوقون هئڻ بدران رڇ آهن ۽ ڪڃرن وٽ ڀولڙا. اگهاڙي آسمان هيٺان هلندڙ هن پرامن قافلي کي نه گولين جي پرواهه آهي، نه بمن جي. مرڻ کي مري وڃبو، پر پنهنجي وات کوٽي نه ڪبي. هو ڪراچي انهيءَ لاءِ پهچڻ جا جتن ڪري رهيا آهن ته جيئن ڪراچيءَ جي ماڳ تي پهچي اتي ٻارن، وڏن ۽ ننڍڙن جي دل وندرائي، اُتان وري ٻيءَ منزل کي پٽين.
ڪلندر ۽ ڪڃر ٻاليشاهين جون ٻه نکون (شاخون) آهن ۽ هي ئي خانه بدوش آهن، جن ۾ صدين کان وٺي مدرانه سماجي نظام هليو پئي آيو. فيصلو ڦڙو ۽ ڏي وٺ سڀ عورتن جي بلي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي گار ڏيندا آهيون ته کيس ”ڪڃر“ چوندا آهيون. پر هاڻي هن ذات جي ماڻهن مان عورت جي پيرن هيٺان زمين کسڪي رهي آهي ۽ مرد چڙهت ڪندو پيو وڃي. باقي سندن رولڙو جاري آهي. منجهن ڪي ڳالهيون اهڙيون به آهن جي نه سلڻ جهڙيون، نه ٻڌڻ جهڙيون ۽ نه لکڻ جهڙيون ڪٿي ڪٿي چُپ چڱي آهي.
سنياسي
هنديءَ جي لفظ سنياسي جي معنيٰ آهي جهنگ بدر ٿيڻ. هي سنياسي نه ته رام جا پوڄاري آهن، جنهن کي ري گناهه سزا طور چوڏهن سال سنياس ڪاٽڻو پئجي ويو ۽ نه ئي وري ڪو مهاتما ٻڌ جا پوڄاري آهن، جنهن پنهنجي روح جي زخمن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سنياس ورتو. هي سنياس ته تو مون جهڙن عام ماڻهن جي جسماني زخمن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ورتو ويو. سنياسين جي ڊريس ته هڪ ئي هوندي هئي گيڙو رنگ جي، پر نسلي لحاظ کان هي ماڻهو خانه بدوش مان به خانه بدوش ٿيل ماڻهن مان هئا. ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئون ته هي ماڻهو ڌار ڌار ذاتين جا هوندا هئا. ڪو ماڻهو ڪنهن لڏي مان ٽٽو، ته ڪو ماڻهو ڪنهن ڳوٺ مان ٽٽو. ائين پن پن ٿي پنهنجو لڏو جوڙيندا هئا. انهن ۾ مرد به هوندا هئا ته ٽانڪو ٽانڪو عورتون به هونديون هيون. هي لڏا مينهن جي مند ۾ هاڪڙي جا کاٻا ڪنارا ۽ ڪنڌيون اچي جهليندا هئا. اصل ۾ سائي پٽ سان ٻک ڏيئي هلندڙ علائقي روهيءَ (پنجاب) ۽ مهراڻي (سنڌ) ۾ مينهن جي مند ۾ ايڏي وڻڪار ۽ ٻوٽا اڀرندا آهن جو ڳڻڻ کان ٻاهر هوندا آهن. هتي قسمين قسمين ٻوٽيون اڀرنديون آهن، جن جو آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان. هي لڏا جڙين ٻوٽين جي تلاش ۾ مهراڻي ۽ روهيءَ جو پٽ ڇڏي، ڪڏهن ڪڏهن بلوچستان ۾ موجود هنگلاج تائين وڃي پهچندا هئا. سندن عبادت ۾ رياضت هئي ته جڙيون ٻوٽيون ڳولي، انهن جڙين ٻوٽين جي ذريعي خلق خدا جيءَ جو علاج ڪرڻ ۽ ڦٽن تي پها رکڻ. هي اسان جا لوڪ ڊاڪٽر هئا، جيڪي اڄ ڪلهه جي ڊاڪٽرن وانگر دلين ۾ لالچ جا انبار کڻي نه هلندا هئا، نه ئي سندن خوابن ۾ ڳاڙها ساوا نوٽ ناچ ڪندا هئا.
قدرت خدا جي ته ولايت جي جن ماڻهن ميڊيسن ٺاهيون، اڄ اهي ئي ولايت جا ماڻهو مريض کي انجيڪشن هڻڻ، اينٽي بايوٽڪ ڏيڻ ۽ ڪارٽيزون جو زهر نبض ۾ اوتڻ کان پاسو ڪري، اهڙين جڙين ٻوٽين جي تلاش ۾ رهندا آهن، جن جو رس چس (سَتُ) ڪڍي اهڙيون گوريون ٺاهجن جن جا ڪي سائيڊ افيڪٽ نه هجن. فزيو ٿراپي، سائيڪو ٿراپي ۽ ميڊيڪل ائنٿراپالاجي جو رواج وڌندو پيو وڃي، پر تنهن هوندي به پڙهندڙ يارن کي صلاح آهي ته هو جديد ميڊيسن ڇڏي اڄ ڪلهه جي نيم حڪيم خطره جان قسم جي ويڄن کان پاسو ڪن، نه ته اڳيون سوجهرو به چٽ ڪرائي وجهندا. ڪيترين ئي بيمارين جو ڇوٽڪارو جديد ميڊيسين ۾ رکيل آهي ۽ ڪيترين ئي جڙين ٻوٽين جا سائيڊ افيڪٽ موتمار آهن. اهي سنياسي ئي لڏي ويا جن کي اهي خبرون هونديون هيون. هاڻي ويهي انتطار ڪريو ته مغرب جا سنياسي ڪهڙا رنگ ٿا ڏيکارين ۽ ڪهڙين جڙين ٻوٽين جو ڏس ٿا ڏين. انهيءَ کان پوءِ ڏٺو ويندو.
”در در جا مسافر“ جي ذڪر کي في الحال مختصر ٿو ڪجي.
گواريا
چوڙا، چوڙيون ۽ ڪاچ جو سامان وڪڻڻ وارا.
جنڊا موڙا
جنڊ ٺاهڻ ۽ ٺپڻ وارا.
گاگڙا
ڳوهون شڪار ڪري کائڻ وارا.
رائوڙا
ڪن صاف ڪرڻ وارا.
جوڳيا
ڄورون هڻي، خراب رت ڪڍڻ وارا.
پاويا
سارنگيءَ تي راسوڙا ڳائڻ وارا. لوهارڪو ڌنڌو ڪرڻ وارا.
لوري
ٺِڪَرَ جون لوٽيون ٺاهي وڪڻڻ وارا، جهيرڻا ٺاهڻ وارا.
پارڪريا
گگر ۽ کونئر لاهڻ وارا.
اسان جا ڪجهه دوست ڪولهين ۽ ڀيلن کي به خانه بدوش سڏين ٿا، پر منهنجي نظر ۾ اهي موسم آهر لڏو کڻندا آهن ۽ ڪم پورو ٿيڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ پهچندا آهن. جيڪڏهن اسان انهن ذاتين کي به خانه بدوش ۾ شامل ڪيون ته ان ۾ بروهين، ٻروچن ۽ سماٽن جون به ڪيتريون ئي ذاتيون اچي وينديون. باقي ”ميري دل ميري مسافر“ ته هر ڪوئي آهي.
هاڻي اچون ٿا انهيءَ ڳجهارت تي ته اهي خانه بدوش ذاتيون اصل ۾ ڪٿان جون آهن، ته ڳالهه گهڪي وهيڻي بيٺي آهي. اصل ۾ اهي ماڻهو سنڌي به آهن، پنجابي به آهن، راجستاني به آهن ۽ گجراتي به آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي محور جو نڪتو ٿر آهي. اهو ٿر پاڪستان ۽ ڀارت جي ڄاڻايل چئني پرڳڻن مان لنگهندو، گجرات ۽ سنڌ جي ڇيڙي ۾ عربي سمنڊ سان وڃي لڳي ٿو.
باقي جيڪي جپسي يورپ ۽ اسپين ۾ پاتا وڃن ٿا، انهن ۾ سندن ٻه ذاتيون اچي وڃن ٿيون. هڪڙا ”ڪبوترا“ آهن، جيڪي لوڪ سرڪس ڪندا آهن ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا ڪاريگر آهن ۽ ٻيا ”ڪوچڙا“ آهن، جيڪي اتي ٺڳيون چوريون ڪندا آهن. سندن ڌنڌا ئي شاهدي ڏيو بيٺا آهن ته باقي ٻئي ثبوت جي ڪهڙي ضرورت ٿي رهي.
(ڪتاب ”در در جا مسافر“ ، ليکڪ: عبدالقادر جوڻيجو،
روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو. ڇاپو ٻيو 2010ع )