لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جپسي

ڪتاب ”جپسي : يورپ جا خانه بدوش سنڌي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب يورپ ۾ رهندڙ جپسين بابت مختلف ليکڪن جي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2943
  • 840
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپسي

سنڌي موسيقارن جي هجرت ۽ جپسين جو سنڌي نسل

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


سنڌي موسيقارن جي هجرت ۽ جپسين جو سنڌي نسل

سنڌي موسيارن جي ايران، عرب ملڪن ۽ اڳتي مغرب ڏانهن هجرت
بهرام گور واري دور کان ٻه صديون کن پوءِ، ڪيترن ئي ٻين سنڌي قبيلن کي سنڌ ڇڏڻي پيئي ۽ هو ڪافي وڏي تعداد ۾ ايران ۽ عرب ملڪن ۾ ويا، جتان آخرڪار مغرب جي يورپي ملڪن ۾ وڃي پهتا. سندن اها هجرت ۽ لڏپلاڻ ستين صدي عيسويءَ ۾ ٿي، جڏهن چچ نالي هڪ برهمڻ پنڊت گنگا واري ماٿري مان ڪهي اچي سنڌ پهتو، ۽ اتي پنهنجي حڪمت عمليءَ سان سنڌ جي ’سمن جي راءِ گهراڻي‘ جو خاتمو آڻي سنڌ جي حڪومت تي پنهنجو قبضو ڄمايائين. ان وقت سنڌ جا ’سما راءِ‘ ٻُڌمت جا پوئلڳ هئا، ۽ پڻ سندن رعيت صدين کان وٺي بُڌمت جي پيرو ۽ ڇوت ڇات کان آجي هئي. چچ پنهنجي برهمن ڌرم کي زور وٺائڻ لاءِ سنڌ جي قومن ۽ قبيلن سان ’منوَ جا قاعدا ۽ قانون‘ لاڳو ڪيا، جن ۾ پورهيتن، ڪاسبين ۽ ٻين ڪن غريب ۽ ڪنگال قبيلن کي گهٽ ذات وارا سُودر ٺهرائي مٿن ذلت آميز پابنديون وڌيون ويون. مثلاً جت قبيلن سان هيءُ برتاءُ ڪيو ويو:
”لوهاڻي جي جتن کي ذليل ڪري انهن جي اڳواڻن کي سزا ڏيئي، کانئن ضمانت وٺي، قلعي ۾ بند ڪري مٿن هيٺيان شرط مڙهيائين ته: سواءِ ڪن خاص حالتن جي هو ترار نه کڻندا، بخمل ۽ ريشم جا ڪپڙا نه پهريندا، سندن مٿين چادر کڻي سوٽي هجي پر سندن هيٺين گوڏ ضرور کهري اوني ڪاري يا ڳارهي رنگ جي هوندي، گهوڙي تي هنو نه رکندا، مٿو ۽ پير اگهاڙا ڪندا، گهر کان ٻاهر نڪرندا ته ڪتا پاڻ سان ڪاهيندا، برهمڻ آباد جي حاڪم جي بورچيخاني لاءِ ڪاٺيون پهچائيندا رهندا ۽ رهبري توڙي جاسوسيءَ لاءِ پڻ کين ئي موڪليو ويندو.“ (1)
محقق ’هوڙي والا‘ جي راءِ ۾ ، چچ جتن سان ’مُنو جي ڪوڊ‘
موجب چنڊالن وارو برتاءُ ڪيو (2). برهمن گهراڻي جي حڪومت جي پوري دور ۾ (3) سنڌ جي غريب پورهيت قبيلن سان ڇوت ڇات جون پابنديون لاڳو رهيون، جنهن ڪري، جتن، لورن، لنگهن ۽ ٻين پورهيت قبيلن برهمن حڪومت جي بُري برتاءُ کان تنگ ٿي سنڌ ڇڏي ۽ اولهه طرف ايران ڏانهن هجرت ڪيائون. اهو لڏپلاڻ جو سلسلو برهمن گهراڻي واري دور جي اسي سالن 630-711ع تائين جاري رهيو. انهن قبيلن مان گهڻا موسيقار هئا.
جپسي (gypsy) ۽ سندن سنڌي نسل
هنن هجرت ڪندڙن ۾ وڏو تعداد خاص طرح اهڙن پورهيتن ۽ ڪاسبين جو هو جيڪي پرديس م به پنهنجي فن ۽ هنر ذريعي ڪمائي ٿي سگهيا، ٻيا ڪاسبي پنهنجي پنهنجي پيشي سان گذران ڪري ٿي سگهيا ۽ ڪي اهڙا ڪنگال به هئا جن کي در در گداگري ڪري پيٽ پالڻو ٿي پيو. اهي سنڌي قبيلا اول ايران ۾ پهتا ۽ پکڙيا، اتان پوءِ هڪڙا عرب ملڪن ڏانهن ويا ۽ عراق، شام ۽ مصر مان ٿيندا اندلس ۽ انگلستان پهتا، ته ٻيا آذربائيجان مان آرمينيا ۽ روس مان ٿيندا يورپي ملڪن ۾ پکڙيا. سنڌ مان يورپ تائين پهچڻ ۾ انهن کي ڪي صديون (7 کان 14 صدي عيسوي تائين) لڳي ويون . انگلستان ۾ يا ته هو ’ايجپٽ‘ (مصر) کان پهتا ، يا وري انگريزن کين پهريائين مصر ۾ ڏٺو ۽ مصري (Egyptian) ڪري ڀانيو ، ۽ انهيءَ ڪري کين ’جپسي‘
(Gypsy) ڪوٺيائون. 14 صديءَ ۾ جڏهن هو جرمني ۽ فرانس ۾ پهتا ته جرمن کين ”ٽزي- گوءِ- نر“ (Zigeuner) ته فرينچن کين ”سيگان“
(Tsiganse) ڪري سڏيو. اهي نالا غالباً سندن لوهارڪي پيشي تان ڪنهن ترڪي لفظ (4) تان پيا، جنهن مان گمان نڪري ٿو ته منجهائن گهڻا سنڌ جي ’لورن‘ جي نسل مان هئا، ڇاڪاڻ ته راڳ رقص ۽ لوهارڪو ڪم قديم وقت کان وٺي لورن جا اباڻا پيشا ٿي رهيا آهن. اندلس (اسپين) ۾ غالباً کين صحيح طور ”سنتانو“ (Sintano) يعني سنڌ جا ڪري سڏيو ويو، جو پوءِ ڦري ”هيتانو“ (Hitanos) ٿيو، ۽ اڄ تائين ائين اچارجي ٿو جيتوڻيڪ ان کي (Gitanos) ڪري لکيو وڃي ٿو. بهرحال مغرب جا موجوده ”جپسي“ انهن آڳاٽن مگر مختلف سنڌي قبيلن جو اولاد آهن جن مان ڪي پهريائين پنجين صديءَ ۾ سنڌ مان ايران آيا ۽ ان کان پوءِ ٻيا وڏي تعداد م ستين صدي م سنڌ مان ايران پهتا ۽ اتان اڳتي وڌيا. سندن ٻولين م اڃان تائين ڪيترائي ’پراڪرتي‘ الفاظ موجود آهن، جي ستين صدي واري آڳاٽي سنڌي ٻولي جا آهن.
هن تفصيل جو مقصد هي آهي ته پنجين ۽ پوءِ ستين صديءَ ۾ اولهه طرف هجرت ڪندڙ سنڌي پورهيت، ڪاسبي ۽ پيشه ور قبيلن ۾ گهڻا ڳائڻا ۽ وڄتا هئا. غالباً لورن موسيقارن جو وڏو تعداد شامل هو، ڇاڪاڻ ته لورن قبيلن کي ٻه صديون اڳ ايران ۽ عرب ملڪن سان واقفيت ٿي چڪي هئي. سنڌ مان انهن لڏيندڙن ۽ جهان گشت قبيلن، خصوصاً لورن موسيقارن، سنڌي موسيقيءَ کي ايران ۽ وچ مشرق تائين پهچايو، جنهن جا اهڇاڻ ۽ آثار اسان کي پوءِ واري اسلامي دور ۾ ملن ٿا. هن وقت تائين وچ مشرق توڙي يورپ جي مختلف ملڪن جي ’جپسي‘ گروهن ۾ راڳ جي روايت قائم آهي. اسپين ملڪ جا جپسي سندن راڳ جي ذوق ۽ مهارت کان مشهور آهن. مشرقي يورپ جا ’جپسي‘ قبيلا پڻ ڳائڻ وڄائڻ ۾ مشهور آهن ۽ انهن ئي
’بالڪن‘ رياستن جي موسقيءَ جي روايت کي زنده رکيو آهي. عراق جي خانه بدوش ’جپسي‘ قبيلن ۾ راڳيندڙن ٽولن کي ’قوليه‘ (قوال ؟) سڏيو وڃي ٿو، ۽ ’رباب‘ سندن وڄت جو خاص ساز آهي. انهن آڳاٽن قبيلن جي اباڻي ملڪ سنڌ ۾، اڄ تائين سندن هم پيشي لورن، لنگهن ۽ مڱڻهارن ۾ ساڳيءَ طرح راڳ و رقص جو ذوق شوق موجود آهي.


حاشيا
(1) فتحنامو عرف چچنامو، فارسي متن ص 47؛ سنڌي ترجمو (سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد) ص 65؛ اليٽ ۽ ڊائوسن جي تاريخ، ج1، ص 151.
(2) هوڙي والا، شاهپور شاهه هرمزجي: ’هند- اسلامي تاريخ جو مطالعو‘ مطبوع ممبئي 1939ع، ج1، ص86، سندس راءِ
“These unfortunate people were treated ... as helots or outcasts and pariahs of human race ... Chach treated the Juts like the Chandalas. Manu says of the latter that “they should be made to live outside the town, that their sole wealth must be dogs and asses, their clothes must consist of the cerecloths of the dead, their dishes broken pots and their ornaments of rusty iron” (hodivala, Shahpurshah Hormasji: Institutes, X 12, 29 Studies in Indo-Muslim History 1939, Bombay, P.86)
(3) ڏاهر پڻ جتن کي ذليل ڪري ٿي سمجهيو (ڏسو فتحنامو: سنڌي ترجمو. ص 83)
(4) ترڪي Cincere (زنجير) يعني لوهارڪو ڪم.

(ڪتاب: ” سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ “، ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز، 1978ع)