لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جپسي

ڪتاب ”جپسي : يورپ جا خانه بدوش سنڌي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب يورپ ۾ رهندڙ جپسين بابت مختلف ليکڪن جي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2943
  • 840
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپسي

ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءِ سنڌ سان آهي؟

ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءِ سنڌ سان آهي؟

شيخ عزيز
__
دنيا جي مختلف حصن ۾ هڪ اهڙي قوم به رهي ٿي جيڪا يورپ، جزائر ۽ ڪيئي ايشيائي ملڪن، برازيل ۽ آمريڪا تائين ڏٺي وڃي ٿي، تڏهن به ان جو ڪو وطن نه آهي ، اهي جپسي سڏجن ٿا. ڪڏهن گهوڙن جو واپار ڪن ٿا، ڪڏهن لوهارڪو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪڏهن وري وائلن وڄائي گذارو ڪن ٿا. هي پڪا گهر نٿا بنائين ۽ ننڍن ننڍن ڦيٿن وارين گاڏين جا گهر بنائي انهن ۾ رهن ٿا ۽ چند اهڙيون گاڏيون بنائي ڪٿي کُليءَ جڳهه تي ترسن ٿا. اهو ئي سندن ڪاروان ۽ وطن آهي.
انهن جي هيءَ رَوش ۽ زندگيءَ جو طريقو اهڙو مشهور ٿي ويو آهي، جو دنيا جي سمورن ملڪن ۾ انهن کي انهيءَ حوالي سان ڄاتو ويندو آهي . ڪن ملڪن ۾ انهن جا نالا مقامي زبانن ۾ بدلجي ويندا آهن پر ڪهڙي به نالي سان سڏيو وڃي، ان جو مطلب جپسي ئي هوندو. اڄ گهڻو ڪري هر زبان ۾ جپسي محاوري طور هر انهيءَ شخص کي سڏيو ويندو آهي، جيڪو ترڪ وطن تيزيءَ سان ڪندو هجي.
جپسي ڪير آهن ؟ انهن جو اصل وطن ڪٿي آهي ؟ اهي اهڙا سوال آهن، جن تي ڪافي وقت کان لکيو پيو وڃي. ماهرين عمرانيات ۽ لسانيات پنهنجي پنهنجي انداز سان انهيءَ جستجو ۾ لڳل آهن ۽ اهڙيءَ طرح انهن جي متعلق ڪيترن قسمن جا نظريا هڪ ئي وقت ۾ ڏنا وڃن ٿا. تحقيق جي اوائلي زماني ۾ انهن جي جسماني ساخت، موسيقي ۽ لباس کي ڏسي ماهرن شروع ۾ هيءُ اندازو ڪيو ته انهن جو اصل وطن مصر آهي ۽ هيءُ خيال ڊگهي عرصي تائين ڇانيل رهيو. انهيءَ ڪري ابتدائي تحقيق ۾ انهن کي مصر جي نسبت سان جپسي چيو ويو ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ هيءَ لفظ مستقل معنيٰ اختيار ڪري ويو. فرانسيسي، چيڪ، سلاوڪ، روسي، پولش، هنگاروي زبانن ۾ انهن جي لاءِ الڳ الڳ نالا آهن. سمورن ملڪن ۾ انهن جي رهڻي ڪرڻي هڪ جهڙي آهي. انهيءَ ڪري سمورا محققين انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته هي هڪ ئي نسل ۽ هڪ ئي جغرافيائي خطي سان واسطو رکن ٿا. گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ نقل مڪانيءَ جي سمورن مروجه امڪانن جي پيش نظر انهن کي پنهنجو پراڻو خيال بدلائڻو پيو ته انهن جو اصل وطن مصر هو ، پر اتر اوڀر هندستان جيڪو هينئر پاڪستان آهي، اهو آهي، انهن جي زبان، الفاظ ۽ لهجو سنسڪرت سان ملن ٿا ۽ اهو هاڻي به هتان جي زبان ۾ مروج آهي.
اهو طئي ٿيڻ کان پوءِ ته جپسي جو اباڻو وطن پاڪستان آهي، هيءَ ڏسڻو آهي ته انهن ايڏي وڏي پيماني تي نقل مڪاني ڇو ڪئي، ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙيءَ طرح ڪئي ؟
ليلو رچنداڻيءَ جي خيال مطابق هي سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهاڪو هئا، جيڪي سڪندر اعظم جي هندوستان ۾ آمد جي وقت هتان نڪري يورپ جي طرف ڏانهن هليا ويا ۽ پوءِ ننڍن ننڍن ٽولن ۾ مختلف ملڪن ۾ ڦهلجي ويا. انگريزي مورخ گريزن مطابق محمود غزنويءَ جي حملن کان پوءِ هو هڪ وڏي تعداد کي غلام بڻائي پاڻ سان وٺي ويو هو. ايراني شاعر فردوسي ”شاهنامه“ ۾ ايراني بادشاهه بهرام گور (220-238ع) جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن هتان اٽڪل 20 هزار موسيقارن کي پاڻ وٽ گهرائي انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ڪيو ، ليڪن بعد ۾ اهي اتان مصر جي طرف روانا ٿي ويا. ممڪن آهي ته هتان جڏهن هو مختلف يورپي ملڪن جي طرف روانا ٿيا ته انگريزن انهن کي ايجپٽ (مصر) جي نسبت سان جپسي سڏڻ شروع ڪيو. جيڪو گروپ جنهن ملڪ ڏانهن ويو اتي اهو ڌار نالي سان سڏجڻ لڳو. مثال طور اسپين ويا ته گٽانا سڏجڻ لڳا. يونان ۾ گپتا داس، البانيه ۾ اجوت، فرانس ۾ انهن کي ڪڏهن بوهينس سڏيو ويو ته ڪڏهن وري سارازن يا مراقفي. سويڊن ۾ تاتار، نيدر لينڊ ۾ پائيڊن، جرمن ۾ زگيرونر، روس ۾ زيگان، سلاوڪ ۾ زنگارو، ترڪيءَ ۾ شينگهالي . اهڙي طرح انهن کي مختلف نالن سان سڏيو ويو.
فري يونيورسٽي آف برلن جو جرمن اسڪالر ڊاڪٽر سگرڊ ويسٽر ڦال انهيءَ خيال جو آهي ، ته برصغير مان انهن قبيلن جي لڏپلاڻ اٺين صديءَ ۾ شروع ٿي ۽ وري سن 1000ع جي لڳ ڀڳ ، جڏهن وچ ايشيا کان ڏکڻ جي طرف وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ کان پوءِ ، منگولن جي حملن بعد هي قبيلا اولهه جي طرف روانا ٿيا. انهن جو هيءُ عمل ڪيئي مرحلن ۾ ٿيو ۽ ڪيترائي سو سال لڳي ويا ۽ آخر ڪار هو آمريڪا جي ڪناري تي به پهتا.
ڊچ مشترق ڊي گوئسجو سنڌ جي هڪ ”جت“ قبيلي کي انهن جپسين جو جَدِ امجد قرار ڏنو آهي ، جن کي سندس خيال ۾ عربن
”زط“ سڏيو آهي.
بهرحال هيءَ ڳالهه طئي آهي ته جپسي قبيلي جو اصل وطن اتر اولهه هندوستان جو اهو علائقو آهي ، جيڪو هينئر پاڪستان سڏجي ٿو ۽ هتان حالتن جي تبديليءَ يا بهرام گور جي آڇ جي ڪري هو ايران ويا ۽ پوءِ اتان وڌيڪ لڏپلاڻ ٿي.
جيئن تاريخي حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ، انهن جهان گشت قبيلن ڪڏهن به ڪنهن سرزمين کي پنهنجو وطن بنائي مستقل سڪونت اختيار نه ڪئي، کيتي واڙيءَ کي انهن پنهنجو نه ڪيو ۽ نه ڪنهن هنر کي مستقل طرح اختيار ڪيو ، تنهن ڪري ننڍڙا ڪم ڪندا رهيا. انهن جون عورتون گهر جو ڪم ڪنديون آهن. هي موسيقيءَ جا عاشق آهن ۽ جڏهن به کين موقعو ملندو آهي ، هي ننڍيون محفلون ڪندا آهن. تنهن ڪري ننڍن طائفن جي صورت ۾ هي ماڻهن کي تفريح به مهيا ڪندا آهن. انهن جون عورتون ڳوڙهي رنگ جا لباس پائينديون آهن ۽ ناچ ۾ مردن جو ساٿ ڏينديون آهن. قسمت جو حال ٻڌائڻ انهن جو پسنديده مشغلو آهي ۽ اڄ به يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪيترن هنڌن تي جپسي علم ِ جو تش ۽ دست شناسيءَ جي ڪري سڃاتا ويندا آهن.
مغربي ڪتابن ۾ هن جهان گشت قبيلي جو سڀ کان پهريون ذڪر يونان جي مائونٽ ايٿما جي گرجا ۾ رکيل چند مخطوطات ۾ ملي ٿو، جيڪي 1100ع ۾ لکيا ويا هئا. وري سن 1322ع ۾ جزيره ڪريٽ جي نوادرات ۾ ۽ سال 1346ع ۾ ڪروت ۾ انهن جا آثار ڏٺا وڃن ٿا. اهڙي طرح سال 1407ع ۾ هائيلڊ شهر (جرمنيء) ۾، سال 1414ع ۾ بيسل ۽ ميريزن ، سال 1416ع ۾ مالديو ۽ هنگري ۾ ، 1417ع پئرس ۾، ۽ 1447ع ۾ بارسلوانا ۾ انهن جا آثار ملن ٿا.
هو جڏهن يورپ ۾ داخل ٿيا ته گهوڙن تي سوار هئا ۽ انهن سان گڏ ڪتا به هئا. هيءَ اهو دور هو جڏهن يورپ ۾ زندگيءَ جو اهڙو طريقو صرف وڏن رئيسن ۽ نوابن لاءِ مخصوص هو. هو هر ملڪ ۾ سڀ کان الڳ کليل ميدان ۾ رهندا هئا. انهيءَ جي ڪري سندن زبان، رنگ، نسل ۽ ٻيا طريقا ساڳيا ئي رهيا. البت حالتون بدلجڻ سان انهن جي قافلن سان گڏ ، گهوڙن سان ڇڪجندڙ ننڍا گهر هوندا هئا ۽ هاڻي هي موٽر ڪارن ۽ ٽرڪن وارا گهر بنائڻ لڳا آهن.
جپسي پنهنجي پس منظر کان بلڪل بي خبر آهن. وڌ ۾ وڌ هو پاڻ کي ”رم“ نسل سڏائين ٿا، جنهن جي معنيٰ سندن زبان ۾ انسان آهي. باقي سمورن غير جپسي ماڻهن کي هو ”ڪاجي“ سڏيندا آهن، جنهن جي معنيٰ جهنگلي آهي. هو پنهنجي زبان کي روماني سڏيندا آهن. سندن جسم مضبوط هوندا آهن. سندن مهانڊو برصغير جي اصليت جو واضح ثبوت ٿئي ٿو. انهن جي عورتن جا ڊگها ۽ گهاٽا ڪارا وار ۽ ڪاريون اکيون آهن. هو ڊگهيون اسڪرٽ ۽ شوخ رخن وارا ڪپڙا پائينديون آهن، وارن کي سهڻي نموني سان ڦڻي ڏيئي چوٽيون به ٺاهينديون آهن. انهن جي جاڳڻ ۽ سمهڻ جو وقت مقرر نه آهي، جڏهن مرضي پوندن ته ڪم ڪندا ۽ ٿڪڀا ته سمهي پوندا ، تنهن ڪري هو ڪم اهڙ امنتخب ڪندا آهن جيئن مٿن ڪا پابندي نه هجي. انهيءَ عادت جي ڪري دنيا ۾ آزاد خيال طبقي جي لاءِ جپسي ، زندگيءَ جي علامت بڻجي پيا آهن، . هو ڪرسين جي بدران زمين تي ويهڻ پسند ڪندا آهن، تاهم هاڻي هيءَ عادت ختم ٿي وئي آهي. انهن جون عورتون سبڻ ۽ ڀرت جو ڪم نه ڪنديون آهن ، البت هو زيور پهرڻ پسند ڪنديون آهن، جن ۾ سونن سڪن جو وڏو حصو هوندو آهي.
جپسين جي زندگيءَ جا ڪيئي دلچسپ پهلو آهن ، جن ۾ هڪ هي تصور آهي ته هو انهيءَ لاءِ سفر ڪندا آهن ته ٻين هنڌن تي آباد پنهنجن عزيزن سان ملي سگهن ۽ ٻيو سبب پنهنجن ٻارن جي لاءِ مناسب سَڱَ تلاش ڪرڻ ٻڌايو وڃي ٿو. هو پنهنجي ئي قبيلي ۾ شادي ڪندا آهن پر زياده ڪوشش اها ڪندا آهن ته بلڪل قريبي خون جو رشتو نه هجي.
قديم زماني ۾ انهن جو قافلو گهوڙن تي مشتمل هوندو هو ، جيڪو بعد ۾ ترقي ڪري ٻن ڦيٿن واري ۽ ان تي لڏيل سامان بنجي ويو ۽ پوءِ هي آهستي آهستي ضرورت مطابق چئن ڦيٿن واري گاڏين تائين پهتو. انگلينڊ، فرانس، جرمني، پولينڊ ۽ ان جي ويجهن ملڪن ۾ هو بند گاڏين ۾ رهندا ۽ سفر ڪندا هئا، جن کي هو ”دردن“ يا ”دردد“ سڏيندا آهن، هي آمريڪي لفظ آهي. ترڪي ۽ افغانستان ۾ هو شاميانو پسند ڪندا آهن. جڏهن ته يونان ۽ اسپين ۾ هو گڏهه استعمال ڪندا آهن. برصغير ۾ هو ڏاند استعمال ڪندا آهن ۽ وچ ايشيا ۾ اٺ، ميڪسيڪو ، وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ هو شاميانا استعمال ۾ آڻيندا آهن ۽ باربردارئيءَ جي لاءِ ٽرڪ ڀاڙي تي وٺندا آهن. آمريڪا جي ڪن حصن ۾ ۽ يورپي ملڪن ۾ ڪيترا قبيلا هاڻي موٽر ڪارن کي به استعمال ڪندا آهن.
انهن جو کاڌو برصغير جي کاڌي جي بلڪل ويجهو آهي، يعني مصالحي وارو گوشت ڀُڃي کائڻ پسند ڪندا آهن، سبزيون به شوق سان کائيندا آهن. گهوڙي جو گوشت بلڪل نه کائيندا آهن ۽ شراب جو استعمال گهڻو ڪري خوشيءَ جي موقعي جي لاءِ مخصوص هوندو آهي.
جپسي پنهنجو مستقل وطن ڪٿي به نه بنايو، جنهن جي ڪري هو بنيادي شهري سهولتن کان محروم رهيا. ڪن يورپي ملڪن ۾ انهن تي معاشري کي بگاڙڻ جو الزام به لڳايو ويو ۽ ڪڏهن هو اقتصادي بار به تصور ڪيا ويا. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران اٽڪل چار لک جپسين کي جرمنيءَ مان ڪڍيو ويو هو ، جيڪي پوءِ اسپين ۽ ويلز هليا ويا ويا. هونءَ به هو پنهنجي رهڻي ڪرڻي اهڙيءَ طرح رکندا آهن جو ڪنهن ٻاهرئين دٻاءَ جي اثر باوجود، پنهنجو تشخص ۽ وجود بچائي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به انهن ۾ اهي ئي روايتون آهن، جيڪي صديون اڳ هيون. ان جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته انهن ۾ ڏوهه نٿا ٿين يا گهٽ ٿين ٿا. ٻيو هيءُ ته جنگ ۽ جهيڙي جي خلاف هوندا آهن ۽ سندن ضرورتون مختصر هونديون آهن. انهن جي تشخص برقرار رهڻ جو سبب سندن زبان به آهي، حالانڪه هو جتي به ويا ته اتان جي زبان اختيار ڪيائون ، تڏهن به پنهنجي زبان کي برقرار رکيو اٿن ۽ اهو ئي ماهرن جي تحقيق جو سڀ کان وڏو وسيلو رهيو آهي.
جپسي پنهنجي زبان کي روماني سڏين ٿا، جنهن تي لسانيات ۽ عمرانيات جي ماهرن جڏهن تحقيق شروع ڪئي ته انهن کي شڪ پيو ته ان جون پاڙون سرزمين سنڌ تائين پکڙيل آهن. ماهرن سال 1781ع ۾ ئي سنسڪرت سان ان جو رشتو ڳنڍيو هو ، جڏهن جرمن فلا لاجسٽ هينرڪ مورز گيريلين ۽ جيڪب ڪارل ڊيگر انهيءَ تي مقالو لکيو. وري برطانوي ماهر جيڪب پئرنٽ، جرمن ماهر اگسٽ فريڊرڪ پاٽ، يوناني اسڪالر اليگزينڊر چارجز پاسپتي ان جي تصديق ڪئي وري 1919ع ۾ برطانوي اسڪالرن الفريڊ وولز، لنڊن اسڪول آف اسٽڊيز جي سربراهه رالف ٽرنر ان جو لساني رشتو ۽ سلسلو تلاش ڪيو. سال 1922ع ۾ ان جي مقالي بعنوان ”انڊو آريائي تهذيب“ ۾ روماني جي حيثيت ۾ ٻٽو تعلق ڏيکاريو ويو.
تازو جيڪا تحقيقات ٿي آهي، انهيءَ سلسلي ۾ جرمن مشترق ڊاڪٽر سر گڊويٽڦال ۽ ڪن ٻين مغربي ماهرن انهيءَ طرف اشارو ڪيو ته جپسي گهڻو ڪري سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جا رهندڙ هئا، پوءِ تاريخ جي بدلجندڙ رخ تي ترڪ وطن ڪري ويا.
ماهرن انهيءَ ضمن ۾ موسيقيءَ کي وڏي اهميت ڏين ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته جپسي موسيقيءَ جون ڪيئي ڌنون اڄوڪي سنڌي موسيقيءَ ۽ اسپيني موسيقيءَ سان ملن ٿيون ۽ موسيقيءَ جو هيءُ سفر جپسين جي ذريعي ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ لوريان طبقي جو ذڪر خاص طرح اچي ٿو، جيڪي اڄ به سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رهن ٿا. هيءَ ڳالهه ته مغربي ماهر به تسليم ڪري چڪا آهن ته جپسي هن وقت جن قبيلن ۾ ورڇيل آهن انهن ۾ نشورا، منشاوايه، ڪلارسٽس، لورا مشهور آهن.
مٿيان سمورا ماهر انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته روماني زبان سنسڪرت جي هڪ شاخ آهي ۽ ان جو لهجو ٻين سمورين شاخن کان مختلف آهي. پاڪستان جا ماهر انهيءَ خيال جي پرزور تائيد ڪن ٿا ته جپسي هن علائقي جا آهن، جيڪي پاڻ سان گڏ زبان کني ويا هئا. انهن اڄ تائين ان جو لهجو ۽ ساخت برقرار رکي آهي. هيءَ ڳالهه به دلچسپيءَ کان خالي ناهي ته روماني زبان ۾ گهڻو ڪري ٽي هزار لفظ مروج آهن، جيڪي بقول ليلو رچنداڻي ، اڪثر اهڙا آهن جن ۾ هن علائي سان يڪسانيت ڏٺي وڃي.
جپسي نسل تعداد جي لحاظ کان هن وقت دنيا ۾ 30 لک جي قريب آهي، پر هن وقت تائين جيڪا تحقيق انهيءَ تي ٿي آهي شايد ڪنهن ٻئي طبقي تي ٿي هجي. سال 1914ع ۾ جارج بلئڪ نالي هڪ اسڪالر ان تي صرف ببلو گرافي ڇاپي ته ان ۾ 577 ڪتابن ۽ مقالن جو ذڪر هو، جنهن کان پوءِ تحقيقي اشاعت ۾ اڃا به اضافو ٿيو آهي. هن وقت تائين صرف هيءُ طئي ٿي سگهيو آهي ته سندن تعلق برصغير سان آهي. جرمني ۽ برطانيا ۾ ٿيندڙ انهيءَ تحقيق تان وڌيڪ پردا لهندا، تڏهن وڌيڪ پتو پئجي سگهندو ته هيءُ نسل واقعي سنڌو ماٿريءَ مان نڪري وسيع تهذيب سان ڀرپور دنيا ۾ ڦهليو هو ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ ان ۾ ايتري قدر هڪجهڙائي ڇو آهي !
(ماهوار ”شهباز“ حيدرآباد ، جنوري ــ فيبروري 1993ع)