جپسي ليکڪا ۽ صحافي: راڪسي فريمين
شبير سومرو
____
جڏهن مان اندر گهِريس ته ڪاليج جي رسيپشن ڊيسڪ تي ويٺل سهڻي ڪلارڪ ڇوڪريءَ ڪنڌ کڻي مون کي ڏٺو ۽ هڪدم ئي سندس اکين ۾ نفرت جا اُلا ڀڙڪڻ لڳا. مون جڏهن سندس آڏو بيهي کيس مخاطب ڪيو ته هن طنز مان مون ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو.
”مون کي هن ڪاليج ۾ داخلا وٺڻي آهي.“ مون اهو چئي پنهنجو داخلا فارم هن جي آڏو رکيو ، جيڪو مون گهر ويٺي گهرايو هو. هن بيزاريءَ مان فارم کنيو، پڙهيائين ۽ پوءِ چوڻ لڳي ،”هتي مهانگي ۽ اعليٰ تعليم ڏني ويندي آهي. ڪاليج جو سليبس به جديد ۽ مهانگو آهي. ٻيو ته هتي فقط اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل ٿينديون آهن، جن جو اسڪولي رڪارڊ تمام ڀلو هجي. تو ته پنهنجي ۾ فارم ڪنهن اسڪول جو نالو لکيو ئي ڪونهي ، ته پوءِ ههڙي ڪاليج ۾ داخلا ڪيئن ملندئي !؟“
هن ڇوڪريءَ جي لهجي ۾ وڏو تڪبر ۽ مون لاءِ نفرت هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ مون کي سڃاڻي وئي هئي ته مان عام انگريز ڇوڪري ناهيان ، هڪ رولو جپسي آهيان، جنهن جو نه گهر هوندو آهي، نه ڪو شهر ۽ نه وري ڪو وطن ئي هوندو آهي .... اهي ته ڪڏهن ڪنهن اسڪول جو مُنهن ئي نه ڏسندا آهن ۽ مان وري هيڏي جديد رايل ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جي سَڌَ پئي ڪيان!
هائو، هن جي ڳالهه به صحيح هئي . مان رولاڪ خانه بدوش قبيلي جي هڪ ڄٽ ڇوڪري، جنهن تي ڪو اعتبار نه ڪري، جنهن کي ڪو پنهنجي ويجهو بيهڻ نه ڏئي، جنهن وٽ ڪو گهر گهاٽ نه هجي، سا وڏن ماڻهن جي نفيس ٻارن سان گڏ ويهي ڪيئن ٿي پڙهي سگهي؟ پر مان جپسين بابت روايتي سوچ ٽوڙڻ لاءِ ئي هي سڀ ڪجهه ڪيان پئي. بي شڪ مان پڪي گهر بجاءِ ٽپڙين، ڪمبلن ۽ گلمن جي پراڻن ٽڪرن سان ٺهيل تنبو ۾ رهندڙ آهيان، اسان جي قبيلي ۾ ڪو به ماڻهو ڪنهن عزت ڀرئي روزگار سان لاڳاپيل ناهي. اسان ماڻهن کي سڀئي ”مهذب“ شهري ڌڪار جي نظر سان ڏسندا آهن ۽ اسان کي چور، ڌوڪي باز، مڪار ، مداري ۽ بشني سمجهندا آهن. منهنجي ته ابي ڏاڏي به ڪڏهن ڪنهن اسڪول جو در نه ڏٺو هو. انهيءَ پس منظر هوندي مان وري لنڊن جي سڀ کان شاندار ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ آئي هيس ! اها ته مون ڏاڍائپ ٿي ڪئي ! جنهن ڪري هوءَ رسيپشنسٽ ڇوڪري ، جيڪڏهن نفرت جو سلوڪ پئي ڪري ته هُن جو ڏوهه به نه هو... پر ڏوهه ته منهنجو به نه هو! مون انهيءَ داخلا فارم ۾ پوئين اسڪول وارو خانو خالي ڇڏي ڏنو هو. مون جڏهن زندگيءَ ۾ ، ڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري جي شڪل ئي نه ڏٺي هئي ته ڀلا ڪهڙي اسڪول جو نالو لکان ها !؟
مون سوچيو ته مان تڪڙ ۾ هن سهڻي برٽش ڇوڪريءَ آڏو ڳالهه واضع ڪيان، نه ته هوءَ مون کي “Get Lost” چوڻ ۾ دير نه ڪندي. سو مون ڏاڍي اعتماد مان کيس ٻڌايو ،”مان ڪڏهن اسڪول مان ناهيان ڀڳي ، نه مون ڪڏهن ڪلاسن جو ڪم اڌورو ڇڏيو آهي ... اصل ۾ مان اڄ تائين ڪنهن اداري ۾ پڙهڻ ويٺي ئي ناهيان.“
مون اهو چئي محسوس ڪيو ته هاڻي هوءَ سمجهي ويندي ته مان ڇا ٿي چاهيان ۽ هوءَ منهنجو فارم قبول ڪري، في اوڳاڙي، داخلا ڪارڊ ٺاهي ڏيندي. پر هوءَ صفا گُڪ مُڪ لڳي ويٺي هئي. مون کيس وڌيڪ سمجهائڻ لاءِ مقرر فيءَ جا پئسا کيسي مان ڪڍي، فارم جي مٿان رکيا ۽ پڇيومانس ، ” هاڻي ڀلا منهنجي ايڊميشن ڪندينءَ يا اڃا نه؟“
”پر تون.... پر تون ته هتي داخل سڀني شاگردن شاگردياڻين کان صفا وڏي آهين ! ٻيو ته ايڊميشن کان اڳ هتي مختلف سبجيڪٽن جون ٽيسٽون وٺندا آهن. تون اهي ٽيسٽون ڪيئن ڪليئر ڪندينءَ، جڏهن ته تون پڙهيل ئي ناهين !؟“
مون کي لڳو ته مٿس منهنجو رعب ويهندو ٿو وڃي ، سو مان پنهنجو کيل جاري رکيو ، ”ها، بي شڪ مان ڪلاس جي سڀني ٻارن کان وڏي لڳنديس، ڇو جو مان 22 سالن جي آهيان ۽ اهي وڌ ۾ وڌ 15 يا 16 سالن وارا ٻار هوندا، پر اهو ڪو مسئلو ڪونهي. مان سڀئي ٽيسٽون به ڪليئر ڪري وٺنديس پر انهن جي تياريءَ لاءِ ٽائيم ڪيترو ڏيندؤ؟“
”ڏس، هن وقت ڪلاس وارن جو اڌ سيشن ته ٿي ويو آهي . تون ايندڙ سال لاءِ وڃي تياري ڪر. اڃا نَوَ مهينا وچ ۾ پيا آهن، ڪنهن ماستر يا ماسترياڻيءَ کان ٽيوشن پڙهه وڃي. جڏهن مٿئين سال داخلائون کُلن ته اچي فارم ڀرجانءِ.“
”اڃا نو مهينا پيا آهن ...!! انهن نون مهينن ۾ ته مان هڪڙو جپسي ٻار ڄڻي ٿي سگهان.“ مون کيس مذاق جي انداز ۾ چيو ته هوءَ وائڙي ٿي وئي. مان فارم ۽ پئسا کنيا ۽ سندس سامهون رکيل هڪ بئنچ تي ويهي رهيس ته جيئن هوءَ منهنجي چرچي جو ڌڪ پچائي، سامت ۾ اچي ته في ايڊوانس جمع ڪرائڻ وارو خفو به لاهي ڇڏيان.“
***
اهو احوال آهي راڪسي فري مين جو ، جيڪا ماضيءَ جي مشهور جپسي فليمنڪو ڊانسر آهي. هن ڊانس ڪندي سڄي دنيا جو سير ڪيو آهي ۽ وڏي دولت ڪمائي اٿس. پر جپسي لائف کيس ننڍي لاکان ئي پسند ناهي جو عام سيٽلڊ، گهر تڙ وارا ماڻهو جپسين کان ڏاڍي نفرت ڪن ٿا، کين ويجهو اچڻ ناهن ڏيندا ۽ انهن کي چور، بشني، ڄٽ ۽ رولو سمجهندا آهن. راڪسي ان عام رويي کان بيزار ٿي ننڍي وهيءَ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ جپسي زندگي ڇڏي، عام ”شريفاني“ زندگي گذاريندي ، ڪنهن چڱي دولتمند همراهه سان شادي ڪري، وڏو گهر وسائيندي ۽ ٻار ڄڻيندي.
اڄ ڪيئي سالن جي رولڙن، جاکوڙ ۽ محنت سان راڪسي پنهنجو اهو خواب، اهو ضد پورو ڪري ورتو آهي. هوءَ نه فقط هڪ اهم شخص جي زال آهي پر کيس ٻار به آهن . لنڊن جي پوش علائقي ۾ ٺاهوڪو گهر به اٿس ۽ ها.... هوءَ اڄ جپسي ڊانسر کان وڌيڪ مشهور به آهي. هوءَ جپسي رائٽر ٿي چڪي آهي، جنهن جا ڪالم دنيا جي اڌ درجن کن اهم اخبارن ۾ هر هفتي شايع ٿين ٿا، جن جي ڪمائيءَ تي راڪسي فري مين سُک جي سپنن کي سچ ڪري، شاندار زندگي گذاري رهي آهي. هوءَ فقط جپسين بابت ڪالم لکندي آهي ۽ ايتري دلچسپ انداز م ٿي لکي ، جو سندس سينڊيڪيٽڊ ڪالمن جو سڪ مان انتظار ڪيو ٿو وڃي. هن جو ڪتاب Little Gypsy ايترو مقبول ٿيو آهي جو دنيا جي الائي ڪيترين ٻولين ۾ ان جو ترجمو ٿيو آهي ۽ راڪسيءَ چواڻيءَ ان ڪتاب جي رائلٽي ايتري ته ملندي ٿي رهي جو سڄي زندگي ويهي ان جو کٽيو کائي سگهي ٿي.
مون راڪسيءَ جو هڪڙو ڪالم امريڪي اخبار ۾ پڙهيو هو، جيڪو يورپ ۾ جپسين جي زندگيءَ بابت هو. اهو ڪالم دنيا جي هڪ وڏي اخبار ۾ ڇپيو هو، جنهن جي هيٺان راڪسيءَ جي ٽويٽر ۽ فيس بڪ آءِ ڊي به ڏنل هئي. اتان مون کيس فيس بڪ تي ڳولي لڌو ۽ کيس فرينڊ رڪيسٽ سان گڏ ميسيج ۾ پنهنجو مختصر تعارف به موڪليم . هوءَ اوڏيءَ مهل آن لائن هئي. سو ٿوريءَ دير ۾ ئي رڪيسٽ قبول ڪري ورتائين ۽ ميسيج جو جواب به ڏنائين. تنهن کان پوءِ مون کانئس سندس ٻين ڇپيل ڪالمن جا Link به گهريا ۽ سندس ڇپيل ڪتابن جي پبلشر به پڇيومانس . ان تي هن ڪتاب جا ڪجهه اقتباس ۽ گهربل معلومات ٻئي ڏينهن تائين موڪلي ڏني. اهو سڀ مواد پڙهي مون کي سندس انٽرويو ڪرڻ جو شوق ٿيو. اهڙو ميسيج موڪليومانس ته پاڻ اڳ ڇپيل هڪ ٻن انٽرويوز جا لنڪ شيئر ڪيائين ۽ لکيائين ته اهي پڙهي، تسلي نه ٿئي ته واڌو سوال موڪلي ڏجو ، مان جواب موڪلي ڏينديس. ايئن راڪسي فري مين جو هڪ تفصيلي فيچر تيار ڪري، اڙدو اخبار ”نئي بات“ جي سنڊي ميگ ۾ شايع ڪيم. اهو ڇپجڻ واري صبح تي ئي الائي ڪيترن پاڪستانين پڙهي، فيس بڪ تي راڪسيءَ کي ڳولي ورتو ۽ ان ڇپيل فيچر جو فوٽو ساڻس شيئر ڪيائون . هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ مون کي Thanks جو ڊگهو ميسيج موڪلي آڇ ڪيائين ته جيڪڏهن سندس ڪتاب اڙدو ۾ ترجمو ڪري ڇپرايان ته هوءَ 50 سيڪڙو رايلٽي مون کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. مون کي کل آئي ته هوءَ انگريزي ۽ ٻين يورپي ٻولين جي پروفيشنل پبلشرن تي هِريل آهي ۽ سمجهي ٿي ته پاڪستاني پبلشرز به انهن وانگر سندس ڪتاب جي رايلٽي ملينز (Millions Dollars) ۾ ڏيندا. ٻڌايومانس ته مائي ، هتي ڪاپيون ڪي پنج سئو يا هزار مَسَ ڇپجنديون آهن ۽ پبلشر وري رايلٽي ڏيڻ بجاءِ ، ڪيترن ليکڪن کان ته ڪتاب جو خرچ وٺي پوءِ ڪتاب ڇاپيندا آهن. اها ڳالهه ٻڌي هوءَ وائڙي ٿي وئي ته 18 ڪروڙ آباديءَ واري ملڪ ۾ ايڏو انڌير ڪيئن هوندو؟ بهرحال اها آڇ اتي ايف بيءَ تي ئي مري وئي.
هاڻي اچون ٿا اڄ جي سڀ کان مشهور جپسي ليکڪا جي پنهنجي ابتدائي زندگيءَ تي... ڏسو ته هن آخر ڪهڙي سبب جي ڪري جوانيءَ کان اڳي ئي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ خانه بدوشن واري زندگي ترڪ ڪري عام يورپي يا امريڪي شهري زندگي گذاريندي. گهر ٺاهيندي، شادي ڪري ڪنهن هڪ ملڪ جي شهريت وٺندي ۽ پوءِ سيٽلڊ لائف جو لطف ماڻيندي . اڄ هوءَ اهو مقصد ماڻي چڪي آهي... پر اهو احوال تفصيل سان کانئس ئي ٻڌون ٿا:
”مون کي ننڍپڻ کان جيڪي بي عزتيون ۽ ذلتون سهڻيون پيون، سي سڀ ان ڪري هيون جو مان خانه بدوش خاندان جي غريب ڇوڪري هيس، اسان جو ڪو گهر گهاٽ نه هو ۽ نه وري ڪو وطن ئي هو ، پر مان وري اهو سمجهندي هيس ته اهڙي خانه بدوشيءَ جو اهو به فائدو آهي ته هر شهر منهنجو پنهنجو آهي ۽ هر وطن به تيستائين اسان جو آهي ، جيستائين اسان اتان لڏو پٽي، ڪنهن ٻئي ملڪ نه وڃي ويهون. ائين سڄي دنيا ۾ اسان جي پيرن جي ڌوڙ اڏندي رهي ٿي. ان هوندي به اسان سان هر شهر ، هر ملڪ جي ماڻهن جو جيڪو سلوڪ هوندو هو، سو ڏاڍو خراب هوندو هو. انهيءَ ڪري ئي مون هوش سنڀالڻ تي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن به موقعو مليو، مان رولڙن ۽ بي گهريءَ واري هيءَ جپسي زندگي ڇڏي، پنهنجو گهر ٺاهي، ڪنهن هڪ ملڪ ۾ رهنديس. شادي ڪنديس ۽ ملڪ جي آباديءَ م واڌارو ڪنديس. اڄ مان اهو مقصد ماڻي چڪي آهيان. دنيا جي هڪ مشهور ملڪ ۾ وڏي شهر (لنڊن) جي ذميدار شهري آهيان. پنهنجي لکڻ واري پورهيي مان ڪمائي گذارو ڪيان ٿي. منهنجون لکڻيون ماڻهن ۾ تمام مقبول آهن ۽ اهي کين فينٽسي کان وڌيڪ دلچسپ لڳن ٿيون.“
راڪسيءَ کي جڏهن سفوڪ ڪاليج مان اهو آسرو مليو ته هوءَ ايندڙ سيشن جي تياري ڪري اچي داخلا وٺي ، ته هن موٽي اچي پنهنجي جهوپڙن ۾ ئي هڪ ٽيوٽر جو انتظام ڪيو ۽ ان کان اهي سڀ مضمون پڙهيا ۽ ٽيسٽ جي تياري ڪئي ته جيئن ڪاليج وارا کيس فيل ڪري نه سگهن. هن پنهنجي جنون ۾ ٺپ اڻ پڙهيل هجڻ باوجود اهڙي تياري ڪئي جو ڪاليج جي داخلا ٽيسٽ ۾ پوزيشن کنيائين. هاڻي ڪاليج وارن وٽ کيس داخلا نه ڏيڻ جو ڪو به قانوني بهانو نه هو. هوءَ ڪاليج ۾ آئي ته پنهنجي ڪلاس کانسواءِ ٻين ڪلاسن جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کان به عمر ۽ قدبت ۾ گهڻي وڏي هئي ، جنهن ڪري هم ڪلاسي اڪثر کيس چيڙائيندا به هئا پر هن آڏو جيئن ته هڪڙو مقصد هو، تنهن ڪري هن اهي چرچا ۽ اڻوڻنڙ رويا کِلي برداشت ڪيا. ايستائين جو ڪاليج ۾ ”آنٽي“ طور به مشهور ٿي وئي.
”منهنجي پالنا انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کان مختلف انداز ۾ ٿي هئي، تنهن ڪري مان انهن نرم نازڪ ۽ نفيس شهري ٻارن کان مضبوط ، قداور ۽ Rough Tough هيس. ساڳئي وقت ”مذاق پروف“ به هيس. مان جن ڏکين حالتن مان گذري آئي هيس، انهن جي ڀيٽ ۾ ڪاليج جو ماحول مون لاءِ جنت جهڙو هو.
”اسان سڄي عمر روڊ رستن جي پاسن کان خيما کوڙي رهندا هئاسين يا جپسي ڪاروان (ويگن) ۾ ئي سمهي پوندا هئاسين، جنهن کي گهوڙا ڇڪيندا هئا. منهنجا ڇهه ڀائر ۽ ڀيڻيون سڳيون هيون ۽ ماٽيجي ماءُ مان به ٽي ڀائر هئا. جپسين ۾ گهڻا ٻار هجڻ فخر جي ڳالهه ليکبي آهي. خاص طور تي جپسين ۾ ڇوڪرين جي اهميت وڌيڪ هوندي آهي ، جو اهي ماءُ پيءُ سان رهي کين ڪمائي کارائينديون آهن. اسان ۾ ڪزنز ميريج جو رواج تمام مضبوط آهي ، پر منهنجي ماءُ پيءُ جو لاڳاپو الڳ الڳ تهذيبن سان هو. منهنجي ماءُ آمريڪا جي هڪ معزز ۽ سيٽلڊ خاندان مان هئي، جنهن کي بابي سان سچي محبت ٿي ته هوءَ گهر، ماءُ پيءُ ۽ شهر ڇڏي، بابي سان نڪري آئي ۽ شادي ڪري مُلڪان ملڪ ان سان گهمڻ لڳي. ٿي سگهي ٿو ته مون تي ماءُ جي ان پس منظر جو اثر ٿيو هجي، جنهن ڪري مون جپسي زندگي ڇڏي، سيٽل زندگي گذارڻ شروع ڪئي آهي. مون کانسواءِ اسان ڀيڻن ڀائرن مان ڪنهن به اسڪول جو مُنهن نه ڏٺو. ان جي بجاءِ اسان جي پيءُ اسان سڀني کي موسيقي، رقص (جپسي رقص فليمنڪو) سيکاريو. آرٽ ۽ ڪرافٽ جي جپسي سامان جو هنر سيکاريو. اسان جو پيءُ (ماءُ سان گڏ) اسان کي ڪڏهن خيمي ۾ ويهاري نه سيکاريندو هو، بلڪ هو اسان کي جهنگلن، ريگستانن ۽ جبلن جا ڏکيا پنڌ ڪرائي ، فطرت سان اسان جو لاڳاپو جوڙيندو هو ، انهن کليل علائقن ۾ جيئڻ جا جتن ڪرڻ سيکاريندو هو. ڪتا ۽ ٻيا چوپايا پالڻ، نانگ پڪڙڻ، پکين کي ڦاسائڻ ۽ انهن جون ٻوليون ڳالهائڻ، ٻوٽن جا فائدا، جڙي ٻوٽين جون خوبيون ۽ استعمال سيکاريندو هو. ماني ٽڪي نه ملڻ جي صورت ۾ ڪيئن شڪار ڪري پيٽ ڀرجي يا جهنگلي ميوا، پن يا ٻنين مان سبزيون، ساڳ، پٽاٽا، گوگڙو ڪڍي ڪيئن کائجن؟ ان ڪري اسان ڪڏهن به بک نه مئاسين. ايستائين جو نانگن ۽ ڏيڏرن جهڙا جاندار به کائي ويلو ٽاري ويندا هئاسين. صحرا جي سفر ۾ پاڻي کٽي ويندو هو ته ريگستاني واري کوٽي اندر پوريل ٻوٽن جون پاڙون ڪڍي، اهي چوسي اڃ اجهائي وٺبي هئي. اسان مان ڪنهن به ڪڏهن چونپل يا ٻوٽ پائڻ جي عياشي نه ڪئي. باقي جپسي تقريبن، شادي مراديءَ يا تهوارن تي ٺاهوڪي تياري ڪري شامل ٿبو هو. مان اٺن سالن جي عمر ۾ ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي سنڀالڻ، کارائڻ پيارڻ ۽ آبادين م وٺي وڃي، ڪمائي ڪرڻ جا ڪرتب سکي ورتا هئا. اسان کي کيسا ڪترن جو هنر به ايندو هو پر ان کي آزمائڻ جي ڪڏهن ضرورت نه پوندي هئي ، جو اسان جا ڪم ٻين جائز طريقن سان ئي پورا ٿي ويندا هئا ، پر سچ ته زندگيءَ جون سڀ ضرورتون پوريون ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اسان پري پري کان پاڻي ڀري ايندا هئاسين، مان سڀني ڀاتين لاءِ ماني ٽڪي ڪندي هيس. ننڍن ٻارڙن جي نيپيز بدلائڻ، کين وهنجاري سهنجاري تيار ڪندي هيس. اها صفائي سٿرائي مون کي امان جي زور ڀرن تي سکڻي پئي ، جو هوءَ جنهن ڪٽنب مان آئي هئي سو وڏو گهراڻو هو، جتي ٻار ۽ وڏا نوان اڇا اجرا ڪپڙا پائي ٻاهر نڪرندا هئا. هونءَ اسان جپسين ۾ صفائي يا صاف ڪپڙن پائڻ، ايستائين جو وهنجڻ يا هٿ منهن ڌوئڻ جو رواج به گهٽ هوندو آهي. باقي سيلاني هوندي، رستي ۾ ڪو درياهه ، چشمو يا تلاءُ ملي ويو ته پوءِ ڪيترا ئي ڏينهن اتي لڏو لاهي ويهبو هو. خوب وهنجبو هو ۽ ڪپڙا لٽا ڌوئي صاف ڪبا هئا ته ايندڙ ڪيترن مهينن تائين وري اهڙو موقعو ملي الائي نه. بابو روايتي خانه بدوش رهيو آهي، سو ديسي جپسي زندگيءَ ۾ مگن رهندو آيو آهي. هو ننڍين ٽنگن وارا مضبوط گهوڙا وٺڻ ۽ کپائڻ جو ڪم ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو چڱو سودو ڪري ايندو هو ته وڏي عياشي ڪرائيندو هو ۽ اسان ڪيترائي ڏينهن ٻوڙ ماني کائڻ جي لائق ٿي پوندا هئاسين. هونءَ نه ته اسان وٽ روڪ ڏوڪڙ هوندا ئي ڪونه هئا، جو سيڌو وٺي سگهون ، سو مڙئي پيو گاڏو گهِلبو هو. جڏهن پئسا به نه هوندا هئا، بک به ڏاڍي هوندي هئي ته اهڙن ڏينهن ۾ اسان صبح جو سوير اٿي، ڪنهن فارم هائوس تي وڃي، ميوا پٽڻ جي مزدوري ڪندا هئاسين ۽ باغ وارن جي اجازت سان يا ڪڏهن وري چوريءَ ٻه ٽي زيتون، ڪو گدرو يا صوف کائي وٺندا هئاسين.“
انساني تهذيب ۽ ارتقا ۾ باهه وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهيءَ ڪري جپسي قبيلا به باهه ٻاري اڪثر ان جي چوڌاري ويهي ڪئمپ فائر جو لطف وٺندا آهن. ان بابت راڪسي ٻڌائي ٿي:
”اسان جي زندگي جيئن ته تنبن يا جهوپڙين م گذرندي هئي، ان ڪري مينهوڳيءَ جي مند اسان لاءِ وڏيون مشڪلاتون ۽ تڪليفون آڻيندي هئي. برساتون، سي به وري آئرلينڊ ۽ يورپ وارن ملڪن جون اهڙيون هونديون آهن جو اسان جا تنبو پاڻيءَ ۾ ترندا وتندا هئا. مينهن شروع ٿيڻ سان هر ڪٽنب ڀڄي وڃي ڪاروان (ويگن گاڏي) ۾ پناهه وٺندو هو. اسان ڇوڪريون ۽ مايون پهرين خراب ٿيڻ وارو سامان محفوظ ڪنديون هيوسين. ان دوران اسان پاڻ ڀِڄي ڀَتُ ٿي وينديون هيونسين ۽ پوءِ ڏڪندي ڏڪندي ڪاروان ۾ اچي پناهه وٺنديون هيونسين. ڪاروان ۾ به سيءَ کان بچاءَ جو ڪو بندوبت نه هوندو هو. نه هيٽر هوندو هو ۽ نه وري اندر باهه ٻاري سگهبي هئي. سڄي سياري ۾ برساتون ايئن پاڻ کي ميرن سيرن ڪمبلن ۽ ڪپڙن ۾ ويڙهي سيڙهي گذارو ڪبو هو. گرمين ۾ پکو به نه هوندو هو جو ساهه منجهائيندڙ تپش ۽ پگهر کان بچاءَ ڪري سگهجي. اسان اندر ويهي تاس کيڏندا رهندا هئاسين يا وري نوان نوان ڪرتب سوچيندا ۽ هڪ ٻئي کان سکندا هئاسين، جيڪي عوامي جاين تي ماڻهن کي ڏيکاري چار ڏوڪڙ ڪمائي سگهجن. مون کي تاس جي پتن ذريعي حسابن جي ڄاڻ به آئي. حساب يا ميٿس ۾ مهارت مون کي ڪاليج ۾ ڏاڍي ڪم آئي. اسان جپسي ڪيلڪيوليٽر مان ته ڄاڻون ڪونه ، سو هزارن لکن جا حساب به اسان ننڍي لاکان زباني حل ڪرڻ سکندا آهيون. اهو هنر مون کي سفوڪ ڪاليج ۾ ڏاڍو ڪم آيو ۽ شاگردن توڙي استادن ان جي ڪري مون کي ڏاڍي اهميت ۽ عزت ڏني. اي بي سيءَ سان واقفيت منهنجي ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي ڪرائي هئي ۽ هوءَ ٻاراڻين آکاڻين جا ڪتاب وٺي آڻي مون کي پڙهائيندي هئي. ايئن ٻارهن سالن جي عمر ۾ مون ڪلاسڪ ادب سان به هٿ ڳنڍيا، جن ۾ فٽز جيرالڊ، اي ايم فوسٽر ۽ ايميلي برونيٽ جون لکڻيون امان مون کي ڏيندي هئي ته پاڻ به پڙهان ۽ کيس به پڙهي ٻڌايان. جڏهن امان اهڙا ڪتاب آڻي نه سگهندي هئي ته مان خيراتي دڪانن تان وڃي وٺي ايندي هيس يا مٽن مائٽن کي فرمائش ڪندي هيس ته مون کي سالگره جي تحفن ۾ ڪتاب آڻي ڏجو. ان ڳالهه تي جپسي مائٽ ڏاڍيون ٽوڪون ڪندا هئا ته هيءَ واهه جي جپسي ڇوڪري ساماڻي آهي ، جيڪا ڪتاب ٿي گهري! تن ڏينهن م مون کي اهو پتو ئي نه هو ته ميڊيا اسان جپسين کي ڪيئن پيش ڪندو آهي. اسان شهري ٻارن سان کيڏي نه سگهندا هئا سين، جو اهي اسان کي ويجهو اچڻ ئي نه ڏيندا هئا. گاريون ڏئي ۽ پٿر هڻي ڀڄائي ڪڍندا هئا. اهي صبح جو روز صاف يونيفارم پائي اسڪول ويندا هئا ته اسان ، خاص طور تي مان کين حسرت مان بيهي ڏسندي هيس. اهي اسان جپسي ٻارن سان ڏاڍو ڀڇڙو سلوڪ ڪندا هئا. هڪ ڀيري مون پنهنجي ڀاءُ کان پڇا ڪئي هئي ته شهري ماڻهن جا ٻار اسان کان نفرت ڇو ٿا ڪن؟ ان تي هن لاپرواهيءَ مان وراڻيو هو ته” جي اهي نفرت ٿا ڪن ته اسان ڪهڙي انهن سان محبت ٿا ڪيون؟ ڀلي پيا نفرت ڪن، اسان جپسي آهيون، اسان کي ڇاهي؟“
”وري به اهي ڇو ٿا ايئن ڪن؟“ مون پنهنجي ڳالهه تي زور ڏنو هو.
ان تي منهنجي ڀاءُ چيو هو، ”اسان جپسي آهيون. انهيءَ ڪري شهري ماڻهو ۽ انهن جا ٻار اسان کان ڊڄن ٿا. انهيءَ ڪري اهي اسان کي ويجهو اچڻ ناهن ڏيندا.“
”مان جيئن ته ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا، سو اها هُر کُر رهندي آئي ته ماڻهو ڀلا اسان سان ايئن ڇو ٿا ڪن؟ ان بابت به نيٺ ڪتابن مان ئي پتو پيو ، ته شهري ماڻهو اسان لاءِ ڪهڙا خيال ٿا رکن ۽ انهن جي مٿي ۾ اسان خلاف غرور ۽ تڪبر ڀريل آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن. اهي سمجهن ٿا ته خانه بدوش جيئن ته ڪنهن گهر يا ديس جا مالڪ ناهن، ان ڪري انهن ۾ وفاداري ۽ وطن دوستيءَ جي عنصر به ناهي هوندو. اهي بشني ۽ چور آهن، جيڪي سامان سان گڏ شهرين جا ٻارڙا به اغوا ڪري وڃن ٿا. هو اهو به سوچين ٿا ته جپسي سندن سر زمين تي مفت رهن ٿا ۽ سرڪار کي ڪو ٽئڪس به نه ادا ڪن ٿا، نه وري ملڪ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا. انهيءَ ڪري انهن جي جيتري بي عزتي ڪجي، سا گهٽ آهي. اهو رويو ان ڪري به آهي جو جپسي ماڻهو اڪثر ڪري اڻ پڙهيل آهن. سو کين پنهنجي بابت شهرين جي خيالن جو پتو به نٿو پوي. ان صورت ۾ توهان هنن آڏو ڪهڙو رد عمل ظاهر ڪندؤ؟ جي جپسين جو ڪو رد عمل ئي نه هوندو ته شهري ماڻهو پنهنجن پراڻن خيالن تي قائم رهندا. اڃا به وقت گذرڻ سان هي خيال پُختا ٿي نظرين جي صورت اختيار ڪري ويندا.“
سفوڪ ڪاليج مان پاس ٿي، راڪسيءَ هڪ اوپن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ اتان 2013ع ۾ ڊگري ماڻي نڪتي. ان کان پوءِ هن فيصلو ڪيو ته هوءَ جرنلزم جوائن ڪندي ته جيئن پنهنجي جپسين جي رنگا رنگ زندگيءَ جا قصا بيان ڪري سگهي ۽ عام شهري ماڻهن جا اهي خيال به تبديل ڪري سگهي، جيڪي هو جپسين بابت رکن ٿا. هن برانٽن جرنلسٽ نيٽ ورڪ ۾ شموليت اختيار ڪري جرنلزم ۾ ڊپلومه ورتي. انهيءُ تعليم دوران هن جي سنگت هڪ ڇوڪري سان ٿي، جنهن سان هوءَ گڏ رهڻ لڳي. اڳتي هلي ٻنهي هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ شروع ڪيو ته شادي ڪري ڇڏيائون. اهڙي ريت راڪسي پنهنجي ماءُ جي ابتڙ ڪم ڪري به ناناڻڪي ڪٽنب واري زندگيءَ جي چونڊ ڪئي. ماڻس معزز ڪٽنب، گهر ۽ وطن ڇڏي، هڪڙي خانه بدوش مرد کي پسند ڪري. ان سان شادي ڪئي ۽ راڪسيءَ ان جي برخلاف تعليم حاصل ڪري، شهري زندگي چونڊي ، هڪ شهري نوجوان سان شادي ڪري گهر سنڀالڻ لڳي.عملي زندگيءَ ۾ هوءَ هاڻي جپسي ناهي رهي پر هن جو جپسي روح هن جي بدن ۾ موجود آهي، جيڪو کانئس جپسين جا قصا ڪهاڻيون لکرائي ٿو.
هوءَ برائٽن جي سهڻي شهر ۾ هڪ فليٽ ۾ رهي ٿي. هن جي گهر جي بالڪنيءَ مان شهر جون گهڻ ماڙ عمارتون، وڏا ڪشادا روڊ رستا ۽ گاڏيون نظر اچن ٿيون.هن پنهنجي خواب جي ساييان ماڻي ورتي آهي. سندس چوڻ آهي ته ، ”جتي سپنو ساڀيان ٿيڻ جي سرهائي اٿم، اتي اهو ڏک به اٿم ته مان هاڻي آزاد فطرت کان پري ٿي وئي آهيان.“
راڪسيءَ کي اها آسان زندگي ڪو آسانيءَ سان نه ملي آهي. ان لاءِ هن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ سڄي دنيا م رولڙا ڪيا آهن. هن جڏهن ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو هو ته هوءَ تعليم پرائي سيٽل زندگي گذاريندي، تڏهن ماءُ پيءُ کيس ٻڌائي ڇڏيو هو ته وٽن ايترا ڏوڪڙ ناهن جو کيس پڙهائي سگهن. ان تي راڪسيءَ پيءُ کي چيو هو ته هوُ کيس فليمنڪو (جپسي ڊانس) جي سکيا ڏياري، اڳتي هو پاڻ گذارو ڪندي. ان تي پڻس سڄي ڪٽنب کي ساڻ ڪري ٻن سالن لاءِ نارفوڪ ۾ اچي رهيو هو ۽ اتي راڪسيءَ کي فليمنڪو رقص ۽ ڪاسٽرناٽ (جپسي ”چپڙيون“) وڄائڻ جي تربيت ڏياري هئائين. اتي رهڻ لاءِ هن جپسي ڪٽنب نارفوڪ جي شهري ڪونسل کان ميدان جو هڪرو ٽڪرو ڪرائي تي ورتو هو ، جتي پنهنجو ڪاروان بيهاريو هئائون ۽ جانورن به ٻڌا هئائون. ايئن والدين قربانيون ڏئي کيس پروفيشنل فليمنڪو ڊانسر ٿيڻ جو موقعو ڏنو.
سندس چوڻ آهي ته ،”سترهن سالن جي عمر ۾ مان رقص سکڻ شروع ڪيو ۽ ٻن سالن کان پوءِ تيار ٿي مان دنيا کي پيرن هيٺان لتاڙڻ اڪيلي ئي نڪري کڙي ٿيس ته جيئن جپسي رقاصه طور رقم ڪمائي، تعليم حاصل ڪري سگهان. مون سڊني شهر کان رقص جي شروعات ڪئي. اتي جي بازار ۾ جپسي رقص کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو. اسپين ، جيڪو فلمينڪو ڊانس جو ميزبان ملڪ ليکيو ٿو وڃي، اتي مون شوقين ڇوڪرين کي مهينن جا مهينا هن رقص جي تربيت ڏني ۽ انڊيا جي ممبئي ۽ ٻين شهرن م به رقص ڪري پئسا گڏ ڪيم. انهيءَ ورلڊ ٽوئر مان جام آمدني ٿي ته موٽي برطانيه آيس. اچڻ سان ان سياحت جو احوال مرچ مصالحه هڻي لکڻ ويٺيس ۽ امان کان اها لکڻي پڙهائي، سُڌاري، پوءِ هڪڙي اخبار کي کڻي موڪليم. هفتي ٻن ۾ اهڙا چار پنج ڪالم لکي مختلف اخبارن کي روانا ڪيم. تڪڙا جواب اچڻ شروع ٿيا ۽ ٻن ٽن اخبارن سان معاهدا به ٿي ويا. ائين مان ڪالم نگار بڻجي ويس ۽ جرنلزم مان پئسا ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.“
راڪسي جڏهن ورلڊ ٽوئر تان ڪمائي، لنڊن موٽي آئي، تڏهن هن سفوڪ ڪاليج جو رخ نه ڪيو هو، بلڪ ان کان پوءِ به پنجن سالن تائين هن ڪمائي ڪئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجو کاتو کولي چيڪ ڪيائين ته تسلي ٿيس ته ڪم هلي ويندو. تنهن کان پوءِ ئي هوءَ رقم کڻي، ڪاليج ۾ ڌوڪيندي وئي هئي ، جتي کيس ٻڌايو ويو ته ٽيسٽ پاس ڪرڻ، رقم جمع ڪرائڻ کان وڌيڪ لازمي آهي ۽ ٽيسٽ ۾ ٽن هزار لفظن تي مشتمل مضمون لکڻو پوندو ته هوءَ ايتري دير سان پڙهڻ ڇو ٿي ويهي؟
راڪسيءَ ايندڙ نَوَ مهينا پنهنجي جپسي ڪاروان ۾ ڏينهن رات محنت ڪئي. هڪ ٽيوتر جي مدد سان ڪاليج جا سبجيڪٽ سمجهي پڙهي، ٽيسٽ جي ايتري جنون سان تياري ڪيائين جو ان سال داخلا وٺندڙن ۾ پوزيشن حاصل ڪيائين. هن ڪاليج ۾ تعليم جي ضرورت سبب ، هُن GCSE جا ڪتاب پڙهيا ۽ انهن کي سمجهڻ به لڳي. هوءَ انهن بابت ٻڌائي ٿي ،”مون اڳ م اهي ڪتاب ۽ انهن ۾ لکيل مواد بار بار رَٽي ياد ڪيو. بعد ۾ سمجهڻ لاءِ پڙهڻ لڳيس تڏهن به ڪافي ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. مثال طور مون کي اها خبر ئي نه ٿي پئي ته هٽلر ڇا جي ڪري بدنام هو؟ يا هيسٽنگز واري جنگ ڪڏهن لڳي؟ مون کي ته اها به خبر نه هئي ته ساهه کڻڻ جو سرشتو ڪيئن ٿو ڪم ڪري؟ نه ئي ڪنهن جملي ۾ مون کي ساهيون يا وقفا ڪرڻ (Punctuations) ايندا هئا ، پر اصل ڳالهه اها هئي ته منهنجي اندر ۾ سکڻ ۽ سمجهڻ جي جُنوني خواهش، اڃا به هٻڇ هئي ، جو مان اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو ۽ سفوڪ ڪاليج ۾ وڏ گهراڻن ذهين شاگرد ۽ شاگردياڻين جو نه رڳو مقابلو ڪيم پر گهڻن کي پوئتي به ڇڏي ڏنم.“
هوءَ ننڍپڻ کان اهو خواب ڏسندي ٿي آئي ته هڪ ڏينهن هن جو ڪنهن وڏي شهر جي پوش ايريا ۾ پنهنجو گهر هوندو ، ان گهر جي بالڪنيءَ ۾ بيهي هو شهر جو نظارو ڪندي ، ان گهر مان کين ڪو به ايئن تڙي ڪڍڻ وارو نه هوندو ، جيئن جپسين کي شهري ماڻهو پنهنجين زمينن تان لوڌي ڪڍندا آهن. اڄ اهو سڀ راڪسيءَ سچ ڪري ڏيکاريو آهي.
هن جو چوڻ آهي ته ، ”اهو خواب ، انهن ڏينهن ۾ منهنجي اصل حالت جو رد عمل هوندو هو ، جيڪا رات جو ويگن جي پوئين حصي ۾ سمهڻ مهل ٿيندي هئي. ڀائرن ڀيڻين جون لتون منهنجي مٿان اچي ڦهڪو ڪنديون هيون. سڄي رات انهن کي پاڻ مٿان هٽائڻ ۾ گذري ويندي هئي ۽ ننڊ پوري ئي نه ٿيندي هئي ، جو صبح سوير امان بابي وارا اچي اٿاريندا هئا. ان ويگن ۾، جهوپڙيءَ ۾ يا جپسي ڪئمپ ۾ ڪا اهڙي جاءِ نه هوندي هئي، جتي ماڻهو پنهنجي منهن ويهي سوچ ويچار ڪري سگهي يا پنهنجي پاڻ سان ڪچهري ڪري سگهي. ان خيال سان مون کي پوُر پوندا هئا ته مان جهنگ مُنهن ڪري هلي ويندي هيس. اتي وڃي جهنگلي گل پٽيندي هيس، پوپٽ پڪڙيندي هيس ۽ ڪم واريون جڙيون ٻوٽيون چونڊي ، ٻه ٽي ڪلاڪ گذاري پوءِ گهر ايندي هيس. ان دوران منهنجي سوچڻ جو سلسلو جاري رهندو هو. جڏهن رُلي پِني ڪئمپ موٽندي هُيس ته ڪو به نه پڇندو هو ته ايترو وقت ڪاٿي هُئينءَ؟ شهر جي عام ڪٽنبن ۾ اهو رواج نه هو. اهي ٻارن خاص طور تي پنهنجي ڇوڪرين تي نظر رکندا هئا ته اهي ڪاڏي ٿيون وڃن، ڪنهن سان ملن ٿيون ۽ ڇا ٿيون ڪن؟ مون کي ايئن ٻارن تي نظر رکڻ، انهن جو خيال ڪرڻ ۽ کين پابند رکڻ وارو رواج وڻندو هو. جڏهن ته اسان جپسين ۾ ايئن ناهي. اتي ڪنهن کي به ڪنهن جي پرواهه ناهي هوندي. جپسي ماءُ پيءُ فقط ان ڳالهه کي اهميت ڏيندا آهن ته انهن جا ٻار ڪيترا ڏوڪڙ ڪمائي آيا آهن. اهو ڪير به نه ڏسندو آهي ته ڪيئن ڪمائي موٽياآهن؟“
راڪسي پنهنجن ٻارن جي حوالي سان اصل لاپرواهه ناهي. هوءَ سندن تعليم، اٿڻ ويهڻ ۽ دوستن تي نظر رکي ٿي . سندن سٺي تربيت لاءِ سختي به ڪري ٿي . راڪسيءَ جو چوڻ آهي ته ، ”مان کين سٺو شهري بڻائڻ ٿي گهران. مان چاهيان ٿي ته منجهن جپسين واري سخت محنت جي عادت ڀلي هجي، زندگيءَ جي ڏکن ڏاکڙن سان مقابلو به ڪن پر اخلاق، ادب آداب ۽ قانون جي پابندي ڪندڙ شهري بڻجن ، جيڪي هن سماج ڏانهن ذميوار هجن. گهٽ ۾ گهٽ بالغ ٿيڻ تائين ته منهنجا ٻار منهنجي مرضيءَ موجب هلن، پوءِ هر ڪو آزاد آ... کٽن سندن ڀاڳ !“