جپسي شاعره: پاپوزا
خورشيد قائمخاني
___
هُن جو نالو پاپوزا هو. پولينڊ جا جپسي، پاپوزا، ’گُڏين‘ کي چون ٿا. هوءَ گُڏين جيان سُندر هئي. هوءَ وڏي ٿي ته مشهور لاڏائو ڳائڻي ۽ شاعره طور مشهور ٿي، پر 1987ع ۾ جڏهن سندس وفات ٿي، ته دنيا هن کي بلڪل وساري چُڪي هئي، ۽ هوءَ گمناميءَ ۽ ڪسمپرسيءَ جو ڪفن پائي، هن بيدرد دنيا مان ڇوٽڪارو ماڻي وئي.
ٻين پولش جپسين جيان پاپوزا جو ڪٽنب به، جپسين واري زندگي گهاريندو هو. اُهي سال جو وڏو حصو گهوڙن ۽ گاڏين جي قافلي جي روپ ۾، سفر ۾ رهندا هئا. اڳيان مرد هلندا هئا، ۽ پٺيان عورتون، ۽ ٻار کُليل گاڏين تي چڙهيل هوندا هئا. ڪجهه امير گهراڻن وٽ، پڪي ڇت واريون گاڏيون به هونديون هيون، جن ۾ شيشن سان جڙيل سوڙهيون موريون ٺهيل هونديون هيون. وري ٻين ۾ هيري جي شڪل جون چؤڪور دريون لڳل هونديون هيون، جن تي اُڪر سان ڪاٺ ۽ پِتل جا رڱيل سانچا جَڙيل هوندا هئا. هڪڙي وڏي ڪاروان ۾، ڪڏهن ڪڏهن ڪيئي جٿا شامل هوندا هئا. جڏهن اهي چر پر ۾ ايندا هئا، ته انهن ۾ گهوڙا، گاڏيون، مرد، عورتون، ٻار ڪُتا ۽ رڇن سميت الائي ڇا ڇا شامل هوندو هو. 1960ع واري ڏهاڪي جي وچ تائين، اهي ان ڍنگ سان هلندا، اوڀرندن ٻيلن مان ٿيند، سَون جي تعداد ۾، تاترا جي ٽڪرين ۾ داخل ٿيندا هئا، جيڪي پولينڊ جي ڏکڻ ۾ آهن. هونئن، هنن جا مختلف ڌنڌا هئا، پر پاپوزا جو ڪٽنب، گٽار وڄائيندو هو ۽ اُتر ليٿوانيا کان وٺي، اوڀر تاترا جي ٽڪرين تائين، پنهنجا وڏا گٽار ۽ وينا جهڙن سازن کي، گڏ کڻي هلندا هئا، ته ڊوڙندڙ گاڏين تي اهي ساز سڙهن جيان ڦڙڪندي نظر ايندا هئا.
جڏهن اُهي ڌار ڌار رستن تي سفر ڪندا هئا، ته ٻين گروهن سان رابطو رکڻ خاطر، چوراهن تي ٻئي پاسي نڪرندڙ رستن جي ڪُنڊ تي، پنهنجو طرف بدلائڻ جو نشان ڇڏي ويندا هئا. ڪڏهن اهو نشان، ڳاڙهي ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڪاٺين جي ننڍڙي ڀَري هوندي هئي، ته ڪڏهن خاص انداز ۾ ٽوڙيل يا وڍيل ٽاري ۽ يا وري ڪا هڏي هوندي هئي. پولينڊ جا جپسي انهن نشانن کي ’شيپرا‘ چون ٿا، پر جپسي کين ’پترين‘ (پتر، چِٺي يا خط) سڏين ٿا. ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا جادو ٽوڻن سان ڀرپور اوبر سمجهي کين هٿ نه لڳائيندا هئا.
1920ع واري زماني ۾، جپسي عورتن ۾ پڙهڻ لکن جو رواج نه هو. پاپوزا اڃا ننڍڙي هئي، جو کيس پڙهڻ جو شوق ٿيو. لڏپلاڻ دؤران جڏهن قافلو ڪٿي ڊاٻو ڪندو هو، يا وري سياري ۾ عام ڏينهن کان ڪجهه وڌيڪ عرصي لاءِ گهرڙا ٺاهي رهندو هو، ته پاپوزا ڪنهن پاڙي جي دردمند غير جپسيءَ وٽ، چوريءَ جي ڪُڪڙ عيوض سبق وٺي پڙهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪيترن ڪُڪڙن عيوض، کانئس ڪتابَ به وٺندي هئي، ۽ سازن هيٺان لڪائي ڇڏيندي هئي. هڪڙي ڏينهن ڪتاب پڙهندي هوءَ جهلجي پئي، ته کيس ڏاڍي مارَ ملي ۽ سندس ڪتاب ضايع ڪيا ويا، پر هوءَ باغي طبيعت جي ڇوڪري هئي. هُوءَ جڏهن قافلي جي ڪارين اکين واري هڪڙي ڇوڪري سان پيار ونڊڻ لڳي، ته ايتري ۾ سندس شادي پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي، هڪڙي اڌڙوٽ ڄمار جي سارنگي وڄائيندڙ سان، ڪرائي ويو. شادي ته ٺيڪ رچي، پر هوءَ پاڻ ڏکاري هئي. هُن کي ڪو ٻار نه ٿيو، ۽ نيٺ هوءَ ڳائڻ لڳي.
پاپوزا کي ڀلي محبت جي روپ ۾ ڪجهه نه مليو هجي، پر سندس مُڙس، ديوني واج سُٺو ساٿي ثابت ٿيو، ۽ هُن سندس پورو ساٿ ڏنو. پاپوزا، جپسين جي روايتي لوڪ ڪهاڻين ۽ گيتن جي مدد سان جذباتي گيت لکڻ شروع ڪيا، جيڪي جزوي گيت ۽ جزوي نظم هئا. جپسي گيتن جيان، هن جا گيت، موضوع ۽ سُر، ٻنهي موجب جوش ڏياريندڙ هئا. انهن ۾ وڃائجڻ جو ڏوراپو به هو، ۽ ڊگهن رستن جون ڏکيائون به . اهڙن ڊگهن رستن جو ذڪر، جيڪي ڪٿي به نه پهچندا هئا، ۽ نه ئي جتان واپسي ممڪن هئي!
عالمي جنگ ۾، پاپوزا جي خاندان جا هڪ سؤ ماڻهو ماريا ويا هئا، پر اهو سانحو، هن جي تصورن تي اثر انداز نه ٿيو. هُن پولينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ رُلندي، پنهنجن ماڻهن جي تاريخ تي، تنقيدي انداز ۾ لکيو، جن جي هر جاءِ تي، رُڳو ساڳئي ڍنگ جي زندگي هئي. ڊگها رستا ۽ مٿن هلندر چلندڙ زندگي....! جيڪا هاڻي پُڄاڻيءَ ويجهو هئي، ۽ اُن جي جاءِ تي متبادل طور به ڪجهه ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. هُن ڪٿي ڪٿي پنهنجي گيتن جو اظهار هينئن ڪيو آهي:
”اي منهنجا خدا! آءٌ ڪيڏانهن وڃان؟
آءٌ ڇا ڪريان؟
پنهنجا وڃايل گيت ۽ ڪَٿائون؛
ڪٿي ڳوليان؟
هاڻي ته ٻِيلا به منهنجا نه رهيا؛
نه ئي درياءَ، رستي سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا!
اي منهنجا مقدس ويرانا!
منهنجا ڪارا ابا!
جپسين جا ڏينهن هاڻي ختم ٿيا،
تڏهن به آءٌ کين ڏسان ٿي!
ٽِڙيل، ڀوڳائي، چرچائي ۽ آسودا؛
زور آور، شفاف پاڻيءَ جيان!
رولاڪيءَ جي حال ۾ مست!
تون کين ٻُڌي سگهين ٿو؛
جڏهن اُهي ڳالهائڻ چاهين؛
ويچارا گونگا آهن!
پاڻي مُڙي نٿو ڏسي،
پري ڀڄي ٿو، ڀاڄوڪڙ جيان؛
جتي اکيون کيس نه ڏسي سگهن!
رولاڪيءَ ۾ رُڌل، ويچارو رُلندر، وهندڙ پاڻي!
ناستالجيا (ڏيهه يا وطن جي اُڪير ۽ سِڪ) جپسي گيتن جو تَت ۽ سارَ رهي آهي، پر ناستالجيا ڪهڙيءَ ڳالهه جو؟ ’ناستو‘ جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي: ”گهر اچڻ“ پر جپسين جو ته ڪو گهر ئي ناهي هوندو!! انهيءَ کان به عجيب ڳالهه اها آهي، ته اُهي ڏيهه يا وطن ڏانهن موٽڻ جا ڪي خواب به نٿا اُڻين. جپسي زندگيءَ ۾ يوٽوپيا (تصوراتي دنيا) جو گهڻو واهپو آهي. يوٽوپيا.... اوٽوپيا... جو مطلب آهي: ”بي وجود“ يا ”بيجاءِ“ هڪ اهڙي تصوراتي جاءِ، جنهن جو ڪو وجود نه هجي. تنهن ڪري يوٽوپيا لاءِ، ناستالجيا جو مطلب ٿيو: هڪ اهڙي جاءِ ڏانهن موٽڻ جي خواهش، جتي گهر جو وجود ئي نه هجي!
شايد، اهو ئي جپسي ماڻهن جو سڀني کان وڏو الميو رهيو آهي. اُهي رُڳو هڪ چاهه، ڀاونا ۽ هڪ اڻڄاڻ خواهش کي دل ۾ سمائي رُلندا رهن ٿا. هڪ اهڙي ماضيءَ جي ياد ۾، جيڪو جيڪر هو، ته ڪڏهوڪو سندن ذهنن مان وڃائجي چوڪو آهي، ۽ اُها ناستالجيا ۾ ڀاڳ يا قسمت پرستيءَ (جنهن کي اُهي ”بخت“ چون ٿا) جو به وڏو حصو شامل آهي. سربيا جي هڪڙي جپسي گيتَ جا ٻولَ هينئن آهن:
”تباهي، ڪنڌيءَ تي آهي،
ڪڏهن نه هئي!
ٿيڻ ڏي!
ان سان ڪهڙو فرق پوندو!
ٿيڻو آهي، سو ٿيندو!“
مقصد ته پاپوزا واقعن ۽ جاين بابت لکيو ۽ ڳايو. ڪڏهن ڪڏهن اِهي گيت، ڊگها سوانحي تجربا بڻجي ويندا هئا. ٻي مهاڀاريءَ جنگ جي زماني ۾، جهنگ ۾ لڪڻ واري تجربي کي هُن ’رت جا ڳوڙها‘ جي نالي سان لکيو آهي، ته 1943ع/1944ع ۾ جرمن نازين هٿان مٿس، ڇا وهيو واپريو. هُن يهودين جو ذڪر به ڪيو، جن سان گڏ ٻيلن ۽ آشويزن جي خوني ڪئمپ ۾، زندگي ۽ موت جون سختيون سَٺيون!
جڏهن 1949ع ۾، پولينڊ جي شاعر فيڪووسڪي، پاپوزا کي ڳائيندي ٻُڌو، ته سندس جوهر کي سُڃاتو ۽ هن جي شاعريءَ ۽ گيتن کي سهيڙڻ شروع ڪيو. 1950ع ۾ پاپوزا جا نظمَ ’پرابليمي‘ نالي هڪڙي مئگزين ۾ ڇپيا. جنهن جي ڪجهه عرصي کان پوءِ، ڪميونسٽ حڪومت، جپسين جي لڏپلاڻ تي پابندي لاڳو ڪئي، ۽ ائين پاپوزا لڏپلاڻ جي زندگيءَ کان موڪلايو پر حڪومت، پاپوزا جا نظمَ لڏپلاڻ خلاف پروپيگنڊا طور استعمال ڪيا ۽ سندن خلاف سخت قانون لاڳو ڪيا. اهڙا ساڳيا قانون، ڪميونسٽ حڪومت، چيڪو سلواڪيا (1958ع)، بلگاريا (1958ع) ۽ رومانيا (1962ع) ۾ به لاڳو ڪيا، جنهن موجب لڏپلاڻ کي، ڏوهه جوڳي سزا قرار ڏنو يو ۽ ان کان به وڌيڪ کِل جوڳي حقيقت اها هئي، جو 1960ع ۾ انگلينڊ ۽ ويلس ۾ لڏپلاڻ توڻي جائز هئي، پر جپسي ڪنهن هڪ جاءِ تي ڪئمپ هڻي نه ويهي سگهندا هئا، ۽ ائين ڪرڻ، قانون جي ڀڃڪڙي هئي. نيٺ 1968ع ۾ به اُتي لڏپلاڻ کي قانوني ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو. انهيءَ دؤران، ڪنهن به جپسين جي پنهنجي خواهش کي، نه سمجهيو ۽ نه ئي آڏو رکيو. ظاهر آهي، ته هنن جي ظلم ۽ ڏاڍ جون اِهي ڪاوشون به ناڪام ٿي ويون. پاپوزا جا نظم ڇپجڻ جي ڪجهه مهينن کان پوءِ، جپسي سردارن جي هڪڙي گروهه، پاپوزا کي غير جپسي (گاجو) ماڻهن سان رابطا رکڻ جي ڏوهه ۾، سزا جون ڌمڪيون ڏنيون، تڏهن هُن لکيو.
”ٻيلن ۽ دريائن کانسواءِ،
مون کي ڪو به نٿو سمجهي!
جيڪو به آءٌ چوان ٿي،
سو ڪڏهوڪو گُذري ويو؛
۽ اسان جو سڀ ڪُجهه لُٽجي ڦُرجي ويو؛
منهنجي نؤجوان زندگيءَ جو وقت به !“
واقعي، پاپوزا کي ڪو به نه سمجهندو هو، نه پنهنجا، ۽ نه ئي ڌاريا گاجو. هُن فيڪو وسڪي طرفان سهيڙيل نظمن جو، سندس ڪتاب ڇپجڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي . ڇا، هوءَ پنهنجن نظمن جي ترجمي مان مطمئن نه هئي، يا هُن اُنهن تي نظرثاني ڪرڻ پئي چاهي؟ هُن ڇپائيندڙ اداري سان به رابطو ڪيو، پر ڪنهن، کيس کنگهيو نه نه ! هوءَ واپس موٽي ۽ پنهنجن نظمن ۽ گيتن جي سهيڙيل سموري مواد کي، ساڙي ڇڏيو، جنهن ۾ هُن جا ٽي سؤ نظم شامل هئا. ڇا کيس جپسي سردارن جي ڌمڪين جو ڊپ هو، يا جپسي قسمت پرستيءَ جو!
هُن فيڪو وسڪيءَ کي لکيو: ”جيڪڏهن تون اِهي گيت ڇاپين ٿو، ته اُهي منهنجي کَل لاهي ڇڏيندا، ڇو ته هن سميت اُهي به اُگهاڙا ٿي ويندا. پر الائي ان کان پوءِ، منهنجي جسم تي، نئين چمڙي ڦُٽي، جيڪا پهرئينءَ کان وڌيڪ سهڻي هجي!“
انهن نظمن ۽ گيتن جي ڇپجڻ سان ئي، پولش روما جي ’بڙو شيرو‘ (وڏڙن جي پئنچائت) پاپوزا تي، مقدمو هلائي کيس ’معرڪه‘
ڪوٺيو، جنهن جو مطلب آهي، ناپاڪ ۽ اَڇوت، جنهن سان ناتو ۽ لاڳاپو رکڻ منع هجي. پوءِ ايندڙ اٺن مهينن تائين هوءَ هڪڙي نفسياتي اسپتال ۾ رهي، ۽ جنهن کان پوءِ چوٽيهن ورهين تائين، جيستائين هوءَ جيئري رهي، هٿرادو هيڪلائيءَ ۾ رهي. فيڪو وسڪي به کانئس پاسيرو ٿي ويو.
مقصد ته کيس، نه رُڳو پنهنجي نسل کان ڇِني ڌار ڌار ڪيو يو، پر جيئن ايندڙ نسلَ به کانئس اڻڄاڻ رهي. هوءَ لغوي معني ۾ پنهنجي رسمي نالي موجب ”گُڏي“ بڻجي وئي، پر گونگي، ٻوڙي ۽ ڀڳل ٽُٽل گُڏي! پوءِ پاپوزا ڪڏهن به نه ڳايو!
1987ع ۾، هوءَ خاموشيءَ ۽ گمناميءَ کي ڀاڪر پائي، هن دنيا مان موڪلائي وئي. تازو ازابيل فونيسڪا، پنهنجي مشهور ڪتاب “Bury Me Standing” ۾ پاپوزا کي ساراهيو آهي. پاپوزا مري سگهي ٿي، پر هُن جي آتما ڪڏهن نه مرندي! هُن جا سچائيءَ ۽ درد سان ڀرپور گيت، سدائين جيئرا رهندا!!
(ڪتاب; پرهه جو پانڌيئڙو ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)