جپسي / لاڏائو
خورشيد قائمخاني
_____
لاڏائو ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڇو ٿا ڀٽڪن؟ هنن جا مستقل ڳوٺ ۽ ٺڪاڻا ڇو نه آهن؟ هنن جي باقاعدي ڌرتي ۽ وسنديون ڇو نه آهن؟ اهي شهرن کان پري، ويرانن ۽ بيابانن ۾ لڏا ڇو لاهيندا رهيا؟ آهن ۽ ڪُڙمت بجاءِ شڪار ۽ پِنڻ تي گُذران ڇو ڪندا رهيا آهن. انهن سوالن مون کي اڪثر پريشان ڪيو آهي ۽ منهنجو رَويو ساڻن همدرداڻو رهيو آهي، ڇو ته آءٌ سمجهان ٿو، ته ماڻهو ڏک سُور سان ڀرپور زندگي رضاڪاراڻي طور قبول نٿا ڪن، بلڪ ايئن ڪرڻ تي کين مجبور ڪيو وڃي ٿو ۽ وقت گُذرڻ سان، سندن متعلق اسان جي ذهنن ۾ هڪڙو اسٽيريو ٽائيپ (Stereo Type) تصور ٺهي وڃي ٿو. مثال طور؛ اهي پوريءَ ريت انسان نٿا هجن، وحشي ٿين ٿا. هنن جو ڪو دين مذهب نٿو هجي ۽ اهو ته اهي جاهل، ڪِنا، ڪارا، ڪوجها ۽ اڻپورا ماڻهو ٿين ٿا، جيڪي ڌيان ۽ ڀروسي جوڳا نٿا ٿين، بلڪ چور لوفر ٿين ٿا.
جيڪڏهن اڄ هن سُڌريل دؤر ۾، هنن جي اها حالت آهي، ته پوءِ اڄ کان هڪ هزار ورهيه اڳ جي دؤر ۾، هنن جي زندگي ڪيڏين ڏکيائين سان ڀرپور رهي هوندي. تاريخي شاهدين موجب هي لاڏائو ماڻهو هزار ورهيه اڳ، پنهنجي هندستاني ٻولي ۽ ثقافت کي ڇاتيءَ سان لائي، هن ڌرتيءَ کي ڇڏي، اولهه ڏانهن نڪري ويا، يا کين نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. ايندڙ ميلنيم ۾ اهي ڦهلجي، اولهندي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين پهچي ويا يا پُهچايا ويا. انهيءَ دؤران هنن پنهنجي ٻولي (جيڪا قديم هندي آهي) نه ڇڏي ۽ نه ئي پنهنجا آڳاٽا ڌنڌا، پر انهيءَ دؤران ٻاهرين دنيا ۾ هنن سان ڇا وهيو واپريو، سو انساني تاريخ جو المناڪ داستان آهي. دنيا ۾ ڦرڻ واري، ان ڊگهي عرصي ۾ مٿن انيڪ ظلم ۽ ڏاڍ ٿيا. اهي جتي به ويا، کين نسل پرستيءَ، سماجي تعصب ۽ ڪٽر قومپرستيءَ جو نشانو بڻايو ويو. هنن کي جانورن جيان ماريو ويو، ٻَڌي جي حساب سان ڦاهيءَ تي لڙڪايو ويو، جيئرو ساڙيو ويو ۽ غلام بڻايو ويو. اهي ٻين ملڪن ۽ نو آبادين ڏانهن جلاوطن ٿيندا رهيا، پر ان دؤران وطن واپسيءَ جو شايد ئي هنن ڪڏهن سوچيو هوندو. ائين اهي پنهنجي ڌرتيءَ تان وکري، ائين وڃائجي ويا، ڄڻ ماءُ جي گود مان وڃايل ٻار! ڳالهه کُٽائڻي، ته هندستان ۽ پاڪستان جي ڌرتيءَ تان هڪ هزار ورهيه اڳ، ويل انهن لاڏائن کي هاڻي جپسي چيو وڃي ٿو. هنن کي جپسي ڇو ٿو سڏيو وڃي، تنهن جو به دلچسپ داستان آهي. هنن جي ٻولي، جيئن مون اڳ ۾ چيو، بنيادي طور هندي آهي ۽ هاڻي ’روماني‘ سڏجي ٿي. اها ٻولي، روماني ڇو ٿي سڏجي، تنهن جي کين به ڄاڻ نه آهي.
ٻيءَ مهاڀاري جنگ جي زماني ۾، هٽلر جي نازي جرمنن، جرمنيءَ ۽ اوڀر يورپ جي جپسي ماڻهن جو لکن جي تعداد ۾ عام قتل ڪيو. هنن جو ڏوهه اهو هو، ته اهي ’اڻ آريا‘ ۽ ڪارا ڏيهي ماڻهو هئا، جن نج جرمن آريا نسل کي بگاڙيو پئي. آشويز (Auschwitz) ۽ ٻين نازي جرمنيءَ جي ٽارچر ڪئمپن ۾، انهن جپسي ماڻهن تي ڇا وهيو واپريو، تنهن جو به هڪڙو هولناڪ داستان آهي.
تازو مون جپسين بابت هڪڙو غير معمولي ڪتاب پڙهيو آهي. ازابيل فونيسڪا جي لکيل ڪتاب جو نالو آهي ‘Bury Me Standing’ (مون کي بيٺل حالت ۾ دفن ڪجو) هُن اِهو ڪتاب اوڀر ۽ اولهه يورپ جي ڪيئي ملڪن ۾ سفر ۽ کوجنا ڪندي لکيو آهي. جيئن ته فونيسڪا روماني ٻولي به ڳالهائي ٿي، تنهن ڪري حقيقتون دلچسپيءَ کان خالي نه آهن. آءٌ هتي فونيسڪا جي ڪتاب جا ڪجهه ٽُڪرا ڏيڻ چاهيندس، جن مان پتو پوي ٿو، ته صدين جي لڏپلاڻ دؤران، جپسي ماڻهن تي ڇا وهيو واپريو!
”جرمن ٻوليءَ ۾، هنن کي ’سِنتي ۽ روما‘ سميت ’زيگنر‘ به سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ ايئن ڌڪار جوڳي آهي، جيئن ڪهن زماني ۾ آفريڪا مان غلام بڻائي آندل ماڻهن کي، نيگر يا نيگرو (۽ اسان جي ٻوليءَ ۾ حبشي) سڏيو وڃي ٿو. آشويز جي ٽارچر ڪئمپن ۾، سندن جسمن کي’Z‘ جي اکر سان داغ ڏنا ويندا هئا، جن کي نيٺ ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن سميت موت جي ماٿريءَ ۾ موڪليو ويندو هو.
”ارڙهين صديءَ ۾ ڊچ ريپبلڪ جي طريقيڪار واري پيرويءَ ۾ رستن تي اهڙا سائن بورڊ لڳل هئا، جن تي لکيل هو، ته جهلجڻ تي جپسين کي مارڪُٽ ۽ ڪوڙا هڻڻ سميت، ڦاسيءَ ڏئي سگهجي ٿي ۽ اهو ته جپسي گروهه بابت، ڄاڻ ڏيندڙ شخص کي انعام ڏنو ويندو. لادين ڪافرن جي شڪار واري نالي تي، تنهن وقت جپسين جي شڪار جو رواج ڊچ ريپبلڪ ۾ عام هو. رهائن لينڊ جي هڪ زميندار جي شڪاري فهرست ۾، شڪار جي تفصيل طور، ’هڪ جپسي عورت ۽ سندس کير پياڪ ٻار‘ جي به شڪار طور داخلا ٿيل هئي.
”هن شڪار (جپسي مارڻ) جي مشهور ٿيڻ کان گهڻو اڳ، ڊينمارڪ ۾ جپسي سردار لاءِ موت جي سزا جو قانون رائج هو. پندرهن ورهين کان پوءِ، سوئيڊن به سمورن جپسي مردن کي موت جي سزا ڏيڻ جو قانون منظور ڪيو. 1471ع کان وٺي 1637ع تائين اڄوڪي يورپي يونين جيان، هڪڙي ڪَٺور قانونن واري يونين ٺهيل هئي، جنهن ۾ اسپين، جرمني، هالينڊ، پورچوگال، انگلينڊ، ڊينمارڪ، فرانس، فلانڊرس، اسڪاٽ لينڊ، بوهيميا، پولينڊ، لٿوانيا ۽ سوئيڊن وغيره شامل هئا. انهن سڀني ملڪن ۾، سفاڪاڻا جپسي دشمن قانون جوڙيل هئا. انگلينڊ ۾ ڦاهي ۽ ڏيهه نيڪاليءَ جو رواج هو، جڏهن ته فرانس ۾ وئيس چوڏهين جي دؤر ۾ جپسين کي داغ ڏيڻ ۽ مٿو ڪوڙڻ جو رواج هو. مخالف رياستن ۾ ڌار ڌار قانون جوڙيل هئا. موراويا ۾ جپسي عورتن جو کاٻو ڪَن وڍيو ويندو هو. بوهيميا ۾ ساڄو ڪَن ڪپڻ کي ترجيح ڏني ويندي هئي تنهن ڪري جپسين جي ڳولا ۽ سُڃاڻپ سولي ٿي پوندي هئي. 1686ع ۾ فريڊرڪ ويلهم، جرمني جي عظيم شهزادي، قانون منظور ڪيو ته جپسي واپار نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي گهر ٺاهي سگهن ٿا. مشهور جپسي محقق آنگس فريزر موجب 1710ع ۾ شهزادي ايڊولف فريڊرڪ قانون منظور ڪيو، جنهن پٽاندڙ جپسين کي ڦٽڪا هڻڻ، داغ ڏيڻ ۽ ڏيهه نيڪالي ڏيڻ، عام ڳالهه هئي ۽ واپس موٽڻ تي کين ڦاهي چاڙهيو ويندو هو. جڏهن ته هنن جي ڏهن ورهين کان ننڍيءَ ڄمار جي ٻارن کي، ڦُري عيسائي گهراڻن حوالي ڪيو ويندو هو، ته جيئن سندن پرورش عيسائي طور ٿي سگهي.
”ان کان هڪ سال کن پوءِ، سيڪسونيءَ جي فريڊرڪ آگسٽس I هڪڙو قانون منظور ڪيو، ته جيڪڏهن ڪو جپسي جهلجڻ مهل مزاحمت ڪري، ته کيس گولي هڻي سگهجي ٿي. 1714ع ۾ مينز (Maintz) جي آرڪ بشپ اعلان ڪيو، ته جپسين کي عدالتن جي حُڪم کانسواءِ، سزا ڏئي سگهجي ٿي، ڇو ته سندن زندگيءَ جو ڍنگ، غيرقانوني آهي. 1725ع ۾ پرشيا ۾ ارڙهن ورهين کان وڏيءَ ڄمار جي سمورن جپسين کي، عدالتن جي اجازت کانسواءِ ڦاهيءَ ڏيڻ جو حُڪم هو. 1734ع ۾ الفريڊ ڊيلمن پنهنجي ڪتاب ’زيگنر بُڪ‘ (Zigeuner buch) ۾ لکيو، ته جپسين جو وجود اٽڪل ختم ٿي چُڪو آهي.“
هڪڙي آڳاٽي مواد موجب، جڏهن يورپ ۾ جپسين کي اُن ڌرتيءَ تي، نه رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، ته هي ماڻهو جرمني، فرانس، اسپين ، ڊچ ريپبلڪ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي سرحدن سان لڳو لڳ رهڻ لڳا. خاص ڪري انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي سرحدن تن ڏينهن ۾ تڪراري هئي، ۽ ايئن چورن لوفرن طور، جپسين جي وسندي سمجهي ويندي هئي.
فونيسڪا لکي ٿي، ته ”پيٽرڪ فاءِ اُن سرحد تي رهندڙ هڪڙو جپسي هو، جنهن کي 1715ع ۾ ڪنهن ڏوهه جي شڪ ۾ پنهنجي ستن ساٿين سميت، جن ۾ ڇهه عورتون هيون، آمريڪا ۾، ورجينيا جي نو آباديءَ ڏانهن نيڪالي ڏني وئي. سزا طور هن جا ٻئي ڪَن وڍيا ويا ۽ سندس گهر واريءَ کي پوئتي رکيو ويو. والٽر اسڪاٽ پنهنجي مشهور افساني گائي مانرنگ (Guy Mannering) ۾ هن جي گهر واريءَ کي امر بڻائي ڇڏيو آهي. پوءِ جين گورڊن کي به سترهن ورهين کان بعد اسڪاٽ لينڊ مان جپسي ۽ لُچي هجڻ جي تهمت ۾، نيڪالي ڏني وئي. هوءَ جيتوڻيڪ تنهن وقت پوڙهي ٿي چُڪي هئي، ۽ بيمار رهندي هئي، ڇو ته ان دؤران هُن نه رُڳو پنهنجي مڙس، بلڪ پنهنجي نوَن پُٽن کي وڃائي چڪي هئي، جن ۾ هڪڙو ڇوڪرو قتل ٿيو ۽ ٻين کي ڦاسي ڏني وئي هئي. جين گورڊن، پنهنجي باقي حياتي انگلش سرحد سان لڳو لڳ گهُمندي رهي ۽ شهزادي چارلس جي حق ۾ نعرا هڻندي، زماني کي پاراتا ڏيندي رهندي هئي. نيٺ 1746ع ۾ هڪڙي ڏينهن مڇريل مجموعي، هن کي به سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.
مقصد ته جپسين جي ڏکن جو داستان، گهڻو آڳاٽو ۽ گهرو آهي. اسڪاٽ لينڊ ۾، آڳاٽي زماني ۾ ڪا ماءُ پنهنجي ٻارن کي هينئن لولي ڏيندي هئي:
“Hush ye, hush ye, dinna fret yeh,
the black tinkler winna get ye.”
(چُپ ٿي وڃ منهنجا لال! نه روءِ، ڏس ڪارو جپسي تنهنجيءَ تاڙ ۾ آهي!)
1986ع ۾ جڏهن آءٌ انگريزيءَ ۾ ڪالم لکندو هوس، ته هڪڙي ڏينهن ’ڊان‘ جي انجم نياز، مذاق وچان مون کي چيو، ”تون جپسين بابت لکندي ٿڪجين نٿو!“ مون لحاظ ڪندي، ان جو جواب نه ڏنو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيو، ”بلڪل ائين، جيئن تون اوچن ايوانن ۾ رهندڙن لاءِ لکندي نٿي ٿڪين!“
(ڪتاب; پرهه جو پانڌيئڙو ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)