لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جپسي

ڪتاب ”جپسي : يورپ جا خانه بدوش سنڌي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب يورپ ۾ رهندڙ جپسين بابت مختلف ليکڪن جي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2943
  • 840
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپسي

جپسي سنڌي آهن ...

جپسي سنڌي آهن ...
زيب سنڌي
____

انٽرنيٽ تي هڪ ٿري ڇوڪريءَ کي ٻٻر جي وڻ هيٺان واريءَ تي نچندي ڏسڻ کانپوءِ، جڏهن مون انٽرنيٽ تي ئي، يورپ جي هڪ نائيٽ ڪلب جي ڊانسنگ فلور تي ناچ ڪندڙ جپسي ڇوڪريءَ جي ڊانس ڏٺي ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جو ٻنهي جو ناچ لڳ ڀڳ ساڳيو ئي هو! ساڳيائي اسٽيپس، ساڳئي چيلهه جي لوڏ، ساڳيائي هٿن ۽ اکين جا اشارا ۽ ساڳئي ئي جسم جي اڇل ! ٿر ۾ ٻٻر جي وڻ هيٺان ۽ يورپ جي ڪلب ۾ نچندڙ ڇوڪرين جي انهيءَ حيرت انگيز هڪ جهڙائيءَ مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو!
يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ “جپسي” ماڻهن لاءِ اسان جي ڪجهه محققن جو خيال آهي ته اهي اصل ۾ سنڌي آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ هتان لڏي ويا هئا.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ توڙي ڪجهه ٻين محققن جي خيال موجب، جپسين جو تعلق سنڌ جي ڪجهه ٻين قبيلن سان گڏ لورا قبيلي سان به آهي . لورا ذات جا ماڻهو اڄ به سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ موجود آهن. لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان گذرندڙ ريلوي لائين جي ڀرسان رهندڙ ، لورا ذات جي ڪجهه ماڻهن کي ٽيهارو سال اڳ مون پاڻ به لوهارڪو ڪم ڪندي ڏٺو هو.
ليلو رچنداڻي صاحب جي تحقيق مان ڄاڻ ملي ٿي ته جپسين کي ”بنجارا“ به چيو وڃي ٿو ۽ اهو لفظ، سنڌي لفظ “وڻجارا” جي بدليل صورت آهي. ليلو رچنداڻيءَ مطابق ، ماهرن جو رايو آهي ته اها جپسي قوم اوائل ۾ برصغير جي اتر-اولهه (پنجاب-سنڌ) واري حصي جي رهواسي هئي ۽ اتان لڏي پهرين ايران ۽ ميسو پوٽيما ايراضين ۾ اچي رهي ۽ اتان کان پوءِ اها قوم مصر ڏانهن وئي. ليلو رچنداڻيءَ وڌيڪ لکيو آهي ته، ”هيءَ قوم يورپ جي ڪن حصن ۾ پاڻ کي ”زنگنلي“ ته ڪٿي ”روما“ ته ڪٿي وري ”سِنتي“ سڏائيندي آهي. ”سنتي“سنڌيءَ جي بدليل صورت آهي.“ ليلو رچنداڻي پنهنجي دعويٰ جي ثبوت لاءِ هروڊوٽس جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”سنڌي نالي هڪ ننڍڙي قوم، ڪاري سمنڊ ويجهو ٽامن نالي ٻيٽ ۾ رهندي هئي. اهو وقت عيسوي صديءَ کان ڇهه-اٺ سئو سال اڳ جو آهي.“ ليلو رچنداڻي، هڪ ٻئي محقق چمن لال جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”پنجاب جي ايراضيءَ ۾ جنگر نالي هڪ پٺتي پيل قوم هن وقت به رهندي آهي، جيڪا هڪ سنڌوئي قوم جو جزو آهي ۽ جنهن جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ سان رشتو رکندڙ آهي، اهائي قوم ايران جي اندروني ايراضين تائين ويل ٿي ڏسجي.“ انهيءَ بحث مان ليلو رچنداڻيءَ صاحب اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته جپسي ، دراصل سنڌي وڻجارا هئا، جيڪي عيسوي سن کان ڇهه-اٺ صديون اڳ، ڪاري سمنڊ تائين پهچي چڪا هئا. هن پنهنجي تحقيق ۾ جپسي توڙي سنڌي ٻولين ۾ موجود ساڳين لفظن جو به ذڪر ڪيو آهي. جيئن ڇري، نڪ، ڪارو، راءِ، تون، چور، ماس، رت، مڙس ۽ ڪي ٻيا لفظ، جيڪي اڄ به ٻنهي ٻولين م رائج آهن ۽ ڳالهايا وڃن ٿا. ساڳئي وقت هن سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن اهڙن لفظن جو ذڪر به ڪيو آهي،جيڪي بدليل صورت ۾ جپسي ٻوليءَ ۾ رائج آهن. جيئن وار-بال، ماڻهو-مانس، ٻڪرو-بڪرو، سڱ-سنگ، راڻي-راني وغيره.
جپسين بابت سنڌيءَ ۾ ته نالي ماتر ئي تحقيق ٿي آهي، پر انگريزيءَ ۽ ٻين يورپي ٻولين سميت فارسيءَ ۾به جپسين بابت ڪافي مواد موجود آهي. انگريزيءَ ۾ ٿيل تحقيق ۾ جپسين کي مجموعي طور فقط انڊين ئي ثابت ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي سنڌي هئڻ ڏانهن ڪي گهٽ اشارا ئي ملن ٿا. هتي انهيءَ اهم حقيقت کي به ذهن ۾ رکڻ گُهرجي ته جپسين موجوده ننڍي کنڊ جي علائقن مان هڪ هزار سال کان وڌيڪ عرصو اڳ لڏيو هو ۽ انهيءَ زماني ۾ ، هن علائقي اندر ٻه وڏا ملڪ سنڌ ۽ هند موجود هئا. هند (انڊيا) ته اڄ به دنيا جي نقشي تي هڪ وڏي ملڪ جي حيثيت سان موجود آهي ، جنهن ڪري دنيا ۾ هند کي ته چڱيءَ طرح ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ، پر سنڌ پنهنجي تاريخي ۽ جاگرافيائي حيثيت وڃائي، هڪ ننڍڙو خطو وڃي بچيو آهي ، جنهن ڪري هند جي ڀيٽ ۾ سنڌ بابت جپسين سميت دنيا جا ماڻهو گهٽ ڄاڻ رکن ٿا. شايد انهيءَ سبب (گهٽ ڄاڻ ) ڪري به عام طور تي دنيا ۾ جپسين جو اصل نسل (origin) انڊيا سمجهيو وڃي ٿو. اڪثر جپسي پاڻ به اهو ئي ٻڌائين ٿا ته سندن تعلق هندستان سان ته هو، پر سنڌي هئڻ جي ڳالهه هو پاڻ به نٿا ڪن ، جيئن سنڌ جي نامياري سياح ليکڪ الطاف شيخ کي ڪوپن هيگن جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ اهڙا ٻه نوجوان نظر اچن ٿا، جن کي ڏسي الطاف کي لڳي ٿو ته اهي اسان جي ئي علائقي جا آهن ۽ الطاف شيخ جڏهن انهن نوجوانن سان ڳالهائي ٿو ته نوجوان کيس ٻڌائن ٿا ته هو جپسي آهن ۽ سندن وڏن جو تعلق انڊيا سان هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن اهي جپسي نوجوان، الطاف شيخ کي پنهنجي ٻوليءَ جا ڪي لفظ ٻڌائين ٿا ته الطاف صاحب کي به ڪجهه لفظ سنڌيءَ جا لڳن ٿا.
سنڌ کي سڀ کان پهرين ”شاهه جو رسالو“ ڏيندڙ ۽ سنڌي گرامر لکندڙ ارنيسٽ ٽرمپ جو واسطو به چپسين سان پيو هو. 31-مارچ 1828ع تي جرمنيءَ جي سرسبز علائقي ۾ جنم وٺندڙ ارنيسٽ ٽرمپ اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس ڳوٺ ۾ ڪي جپسي آيا ۽ ٽرمپ جي جپسين ٻوليءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ارنيسٽ ٽرمپ جي جپسي ٻوليءَ ۾ دلچسپي ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ سان دلچسپي ۽ سڀ کان اڳ شاهه لطيف جو رسالو ترتيب ڏئي، جرمنيءَ مان ڇپائي سنڌ واسين کي ڏيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکڻ ڇا قفط اتفاق هو، يا انهن جپسين منجهان ئي ارنيسٽ ٽرمپ کي سنڌي ٻوليءَ جي ڪا سُتي پئي هئي !؟
چيو وڃي ٿو ته ڪيئي صديون اڳ جپسين جو هڪ وڏو تعداد رومانيا ۾ وڃي آباد ٿيو هو، جنهن ڪري کين روماني يا روما به چيو ويو، پر دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ کين جپسي ئي سڏيو وڃي ٿو ۽ دنيا ۾ سندن مجموعي آبادي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي. رومانيا ۾ هر سال هنن لاڏائو جپسين جو هڪ ميلو به لڳي ٿو، جنهن ۾ هو پنهنجين نياڻين کي وڪرو به ڪن ٿا. سنڌ جي ڪجهه قبيلن ۾ به نياڻين کي وڪرو ڪرڻ جي روايت موجود رهي آهي ۽ ان روايت تي سنڌيءَ ۾ جمال ابڙي جي مشهور ڪهاڻي ”پيراڻي“ ۾ پڻ لاڏائو قبيلي جي هڪ فرد کي پنهنجي نياڻي وڪرو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ جپسي ماڻهو پيٽ گذر لاءِ ثقافت سان لاڳاپيل هٿ جي هنرن جهڙا ڪم به ڪن ٿا ته ڪجهه جپسي گهورڙيا به آهن، پر صدين کان وٺي اڄ تائين ڪيترن جپسين جي روزگار جو ذريعو ناچ گانو ئي آهي ۽ ناچ گاني جي ڌنڌي سان واڳيل جپسين کي سندن سماج ۾ مٿانهون درجو مليل آهي. ڪيترائي جپسي فنڪار راڳ ۽ موسيقيءَ جي دنيا ۾ اڄ اهم حيثيت جا مالڪ آهن ، جن يورپ ۽ آمريڪا ۾ نالو به ڪمايو آهي ته ناڻو به .
جيتوڻيڪ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ ڪي جپسي ٿانيڪي زندگي (setteled life) به گذارين ٿا، پر اڄ به اڪثر جپسي ڪنهن هڪ جاءِ تي گهر گهاٽ ٺاهي نٿا رهن ۽ لاڏائو قبيلن واري زندگي گذارين ٿا. لاڏائو هئڻ جي باوجود ڪيترائي جپسي گهرن جهڙي آرام واري زندگي به گذارين ٿا ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ انهن کي لڏو کڻڻ ۾ دير به نٿي لڳي، ڇو ته حيثيت مطابق ڪن جپسين جا گهر وڏن وڏن ٽريلرس ۾ به ٺهيل آهن. اهڙا ئي وڏا ٽريلر، جيڪي سنڌ ۾ اسان کي سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي پنجاب، افغانستان توڙي ٻين ملڪن ڏانهن سامان کڻي ويندي نظر اچن ٿا. جپسين جي ٽريلرس ۾ ٺهيل اهڙن گهرن ۾ بيڊ روم ۽ ڊرائنگ روم جهڙين سهولتن سان گڏ ايئرڪنڊيشنر، فرج، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، موبائل فون ۽ ٽيليويزن جهڙيون شيون به هجن ٿيون. ڪجهه گهٽ حيثيت وارن جا گهر ننڍن ٽريلرس ۾ به آهن ته غريب جپسين جا سندن حيثيت مطابق اڃا به سادا سودا ۽ ننڍا آهن، جن کي هو گهوڙن وسيلي به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪندا ۽ سفر ڪندا رهن ٿا. اهي جنهن به شهر يا ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ وڃي بيهن ٿا، اتي ”جهنگل ۾ منگل“ ٿيو وڃي ۽ ناچ گاني جون محفلون مچي وڃن ٿيون.
شروع ۾ مون هڪ نج ٿري ڇوڪريءَ ۽ يورپ جي هڪ جپسي ڇوڪريءَ جي ناچ ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪنهن ٻئي معمولي فرق کان سواءِ ڪو فرق هو ، ته اُهو فقط اِهو هو ته، ٿري ڇوڪري ٻٻر جي وڻ هيٺان واريءَ تي نچي رهي هئي ۽ فقط هڪ ننڍڙو ٿري نينگر طبلو وڄائي رهيو هو، جڏهن ته اها جپسي ڇوڪري يورپ جي ڪنهن نائيٽ ڪلب ۾ ، ڊاسنگ فلور تي فل آرڪسٽرا سان رنگن ۽ روشنين وچ ۾ ڊانس ڪري رهي هئي ، تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ فقط ڳالهائجندڙ ٻولين ۾ ڪجهه لفظن جي هڪجهڙائي ، توڙي رنگ روپ ۽ شڪل شبيهه ۾ يڪسانيت به ڪنهن گروهه لاءِ، ، ڪنهن قوم سان تعلق جون سئو سيڪڙو يقيني ثابتيون ناهن، پر ان سان گڏ ريتن رسمن ، لوڪ ناچ، لوڪ موسيقي ۽ خاص طور تي لوڪ گيتن جي هڪجهڙائيءَ جهڙا عنصر به ان سلسلي ۾ بيحد مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ان ڪري اسان جي محققن کي ان حوالي سان به تحقيق ڪرڻ گهرجي ، تڏهن ئي اها ڳالهه واضح ٿي سگهندي ته جپسي پنهنجي اصل نسل (origin) ۾ ڪيتري حد تائين سنڌي آهن يا سندن ڪهڙي گروهه جو تعلق سنڌ سان آهي ، ڇوته انهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن مان لڏي ويل آهن .
جپسي سنگيت جي سنڌي بنياد جو مختصر ذڪر ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به ڪيو آهي ، پر جيڪڏهن انهيءَ حوالي سان وڌيڪ تفصيل سان مُدلل تحقيق ڪئي وڃي ، ۽ جپسي ۽ سنڌي موسيقي ، لوڪ گيتن ۽ لوڪ ناچ ۾ خيال ۽ فڪر جي ڪا هڪجهڙائي ملي ٿي ته اها اڃا به وڌيڪ پختي ثابتي ٿي سگهي ٿي ، ڇوته لوڪ ادب ۽ فن ۾ تڪڙي تبديلي ناهي ايندي . لوڪ ادب ۽ فن ۾ خيال جي اصلوڪي صورت ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ساڳئي موجود رهندي آهي . جيڪڏهن ائين نه هجي ها ، ته هزار سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ، اسان کي اسپين ۽ سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ م هڪجهڙائي نه ملي سگهي ها. (ٿورو وڌايل ۽ سڌاريل )

(روزانه ”ڪاوش“ 19 جولاءِ 2011ع)