جپسي- I
خورشيد قائمخاني
__
هر سال 24 هين مئي تي يورپ جا جپسي يا لاڏڙائو سانوڻيءَ جي ڪڪرن جيان، يورپ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان نڪري اڳتي وڌندا، ڏکڻ فرانس جي رهون درياءَ جي دوآٻي ۾ هڪڙي ننڍڙي سامونڊي ڪناري واري شهر ”سينٽ اين ميريءَ“ ۾ اچي ڳاهٽُ ٿين ٿا. سڄي يورپ ۾ اهو ڏيهاڙو ’جپسي تهوار‘ طور مشهور آهي. وڏن وڏن قافلن جي روپ ۾ جپسين جا ڪيئي گهراڻا، پنهنجن گهوڙن ۽ گَٽارن سميت، هزارن جي انگ ۾ هتي گڏ ٿين ٿا، ۽ پوءِ پنهنجي خاص فليمينڪو ناچ ۽ گيتن ڀريو طوفان برپا ڪري ٿا ڏين، جتي اُهي پنهنجي اوتار ڪاري ميڊونا سارا يا ڪالي ماتا جي مورتي ڪڍن ٿا. ڏکڻ فرانس ۾ جپسين جي ان سڳوري ميلي جي تاريخ اٽڪل پنج سؤ ورهيه آڳاٽي آهي.
جپسي اصطلاح پنهنجي روايتي ۽ رومانوي وجد ۾ آڻيندڙ معني وڃائيندو پيو وڃي.اهو اصطلاح هاڻي اسان جي حواسن تي اهو جادوئي اثر نٿو ڇڏي، جيڪو ڪجهه ورهيه اڳ گبريل گارشيا مارڪئيز جي ڪتاب ”ويڳاڻپ جا سؤ ورهيه“ جا شروعاتي صفحا پڙهڻ سان ٿيندو هو. جپسي اصطلاح جي اصل معنيٰ هاڻي ڀٽڪندڙ انسانن جي هزارين ورهين جي ڏکن ۽ پيڙائن سان ڀرپور ويڳاڻپ کان پوءِ، ويتر گهري ۽ حقيقي ٿي وئي آهي.
يونيسڪو جي هاڻوڪي کوجنا پٽاندڙ: يورپ ۽ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل جپسي اٽڪل هزار ورهيه اڳ هندستان مان آيا هئا، ۽ اهو ته اُهي هندستان جي هاڻوڪن لاڏائن جو ئي حصو آهن. هندستان جا اِهي لاڏائو اڄ به ننڍي کنڊ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڀٽڪندي ڏسي سگهجن ٿا. ڪڏهن ۽ ڪهڙين خاص حالتن ۾ هنن هندستاني ڌرتيءَ کان سدائين لاءِ موڪلايو ۽ ڇو؟ تنهن بابت جپسولوجسٽ اٽڪل هڪ سؤ ورهين جي وجنا کان پوءِ به ڪو حتمي رايو جوڙي نه سگهيا آهن.
اها سچائي چِٽي آهي، ته پنهنجي هزار ورهين واريءَ پراسرار لڏپلاڻ دؤران جپسي جيڏانهن به ويا، هندستان کان به بدتر نسلي متڀيد جو ساڻن ورتاءُ ٿيو، ۽ يورپ جي اڪثر قومن مٿن ڏاڍا جا پهاڙ ڪيرايا. پوليس صدين کان سندن مردن کي قانوني طور شڪار ڪيو. هنن جي ڀوپين عورتن کي کي ڏانئڻ (Witches) چئي جيئرو ساڙيو ويو ۽ ٻيءَ مهاڀاري ويڙهه دؤران نازين اٽڪل ٽيهه لک جپسين کي قتل ڪري ڇڏيو. پنجاهه لک يهودين جي مارجڻ تي توڻي انساني عالمي ضمير کي جهَٻو ۽ ڌَڏڪو به آيو، ۽ ان ڏس ۾ معاوضو ڏئي ان جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، پر جپسين تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم کي عالمي برادريءَ ايئن وساري ڇڏيو، ڄڻ اُهي انسانَ ئي نه هئا. مقصد ته جپسين يا لاڏائن بابت انساني ضمير هڪ مُئل حقيقت کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. هندستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان ويندي دنيا جي ڏورانهن علائقن تائين ڦهليل جپسي قبيلن جي تاريخ نسلي، مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي متڀيد توڙي تعصب جو بدترين مثال آهي، جيڪو انسان ذات جي مُنهن تي بُڇڙي داغ جيان ڪارٺ بڻجي صدين تائين چُهٽيل رهندو. ڪوبه انسان اجتماعي طور يا شوق وچان نَرڳ جي واٽ نٿو قبولي، پر ماڻهو سدائين بيوسيءَ ۾ ٻئي انسانَ هٿان ذلت ڀريو جيون گهارڻ تي مجبور ٿين ٿا، ۽ ماڻهن جي اصل تاريخ به ان انساني عمل جو پاڇو آهي.
ننڍي کنڊ جي هاڻوڪن لاڏائن جي حالت ڏسي اهو اندازو لڳائڻ ڏُکيو نه آهي، ته آريا ويدڪ هدستان جي ذات پات تي ٻَڌل ظالماڻو ۽ ڪٺور سماج ئي کين پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌِڪڻ جو اصل ڪارڻ رهيو آهي.
فيليڪس گرانڊ چوي ٿو ته، ”اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ته هندستاني لاڏائن اهو پيڙا ڀريو سفر ڪڏهن شروع ڪيو، پر اهو چوڻ ڏکيو نه آهي، ته پنج هزار ورهيه اڳ اهي لاڏائو انتهائي سُڌريل تهذيب جا وارث هئا. لاڏائن طرفان هندستان جي سرحد اُڪرڻ جو سبب ڀلي ڪهڙو به هجي، پر ان هزارين ورهين جي لاڏائو جيون دؤران يورپ جي ڪنهن ملڪ به کين قبول نه ڪيو. اَڇوتن ۽ ڌِڪاريل ماڻهن جيان کين نه رُڳو ڌار رکيو ويو، پر ڪنهن نه ڪنهن بهاني کين غلام منڊين ۾ وڪڻڻ، جيلن ۾ واڙڻ يا وري کين ڏيهه نيڪالي ڏيڻ عام رسم هئي. بيٺڪيتي دؤر ۾ اٽڪل سمورين بيٺڪيتي طاقتن کين ڏوهاري ڪوٺي، پنهنجي ملڪن مان تڙي ٻاهر ڪيو. ايئن يهودين يا آفريڪي غلامن جيان آهستي آهستي کين سڄيءَ دنيا ۾ وکيريو ويو. مقصد ته نسل پرست آرين هٿان سڄي دنيا ۾ جپسين کي اُن ڏاڍ سان مُنهن ڏيڻو پيو، جنهن کان اُهي هندستان مان ڀڄي نڪتا هئا.
هندستاني لاڏائن بابت سڀني کان اڳ پهريون ليک، اسان کي ايران جي حمزي اصفهانيءَ جي قلم سان ڏهين صدي عيسويءَ ۾ لکيل ملي ٿو. هُن جي چوڻ موجب: اٽڪل ٻارهن هزار فنڪار هندستان کان آيا، جن ۾ ناچُو، ڳائڻا، جوتشي ۽ گهوڙن ۽ قالينن جا واپاري شامل هئا، ۽ اُهي ورلي چوري چڪاري ڪندا ۽ لوڙهيون به هڻندا هئا. ان بيان کان اٽڪل پنجاهه ورهيه پوءِ ساڳيو ذڪر فردوسيءَ به ’شاهنامي‘ ۾ ورجايو.
خيال آهي، ته ايران کان لاڏائن جو اهو قافلو يا ننڍڙا قافلا، ٻن طرفن ۾ ورهائجي ويا: هڪڙي گروهه اُڀرندي يورپ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، جيڪو سربيا، بلغاريا، رومانيا، پولينڊ، هنگري ۽ روس مان ٿيندو سائيبيريا تائين وڃي پهتو؛ جڏهن ته ٻيو گروهه اُلهندي ۽ ڏاکڻي يورپ ڏانهن وڌيو، جيڪو جرمني، برطانيا کان ٿيندو. اسڪينڊي نيويا پهتو، ۽ سندس ٻيو حصو فرانس، پورچو گال، اٽلي، اسپين ۽ يونان پهتو. انهيءَ سفر دؤران ڪجهه يورپي لفظ سندن هندستاني ٻوليءَ ۾ شامل ٿيا، ۽ ڪجهه ثقافتي اثر اُهي يورپي ملڪن ۾ ڇڏيندا ويا.
يورپ جي چوڏهين صديءَ جي عيسائي پادرين ۽ ياترين انهن لاڏائن بابت چڱو مواد ڇڏيو آهي. فرائر سيمون لکيو، ته هُن انهن لاڏائن کي ڪريٽ ۾ ڏٺو، جتي اُهي ڪارن تنبوئن ۾ رهندا هئا، ۽ کين حامَ جو نسل سمجهيو ويندو.
يونان ۾ سندن چڱي ۽ وڏي وسندي هئي. رنگ روپ پٽاندر ڪارا يا سانورا هئا، ۽ ننڍڙين جهوپڙين ۾ رهندا هئا. اهي ڀلوڙ لوهار، قلعيگر يا پِتل جو ڪم ڪندڙ ، ڇَٻيون ٺاهيندر، جوتشي ۽ ٻين فنڪاراڻي صلاحيتن وارا هئا. سندن هٿ جي هُنرن کان متاثر ٿي يونانين سندن وسنديءَ جو نالو ’ننڍڙو ايجپٽ‘ رکيو، جنهن سببان آهستي آهستي ماڻهو کين ايجپشين (مصري) سڏڻ لڳا؛ ۽ پوءِ ساڳيو لفظ بدلجي مخفف طور ’جپسي‘ بڻجي ويو، جيتوڻيڪ انهن لاڏائن جو ايجپٽ يا مصر سان ڪوبه واسطو نه هو.
انومان آهي، ته ايران مان نڪرن کان پوءِ اهي لاڏائو ڊگهي عرصي تائين ترڪيءَ ۽ يونان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهيا، تنهنڪري سندن ٻوليءَ تي تُرڪي ۽ يوناني ٻولين جو گهڻو اثر آهي، پر پوءِ تُرڪن ۽ بازنطيني رومين وچ ۾ جنگ لڳڻ سببان اُهي يورپ جي اندروني علائقن ڏانهن وڌيا.
1418ع ۾ سندن وڏا جَٿا هنگري ۽ جرمنيءَ ڏانهن وڌندي ڏٺا ويا. تنهن وقت وٽن بادشاهه سگمنڊ طرفان ڏنل راهداريءَ جو پروانو هو. پوءِ اُهي بالٽڪ سمنڊ جي سامونڊي ڪنارن سان لڳو لڳ هلندي، فرينڪفرٽ مان لنگهندي ڏٺا ويا.
1419ع ۾ اهي فرانس ۾ ڏٺا ويا، ۽ان ڏيهه جي سرحد پارَ نه ڪيائون، ڇو ته ان پار ٻئي بادشاهه جي حڪومت هئي، ۽ سندس راهداريءَ جو پروانو وٽن نه هو. انهيءَ زماني تائين سندن قبائلي سردار يورپي انداز جيان ڊيوڪ ۽ ڪائونٽ سڏرائڻ لڳا. انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو به هو، ته هاڻي اهي يورپ جي جنگين ۾ حصو وٺڻ لڳا، ۽ جنگ کٽڻ کان پوءِ بادشاهه طرفان سندن سردارن کي اُهي لقب ملڻ لڳا ۽ اُهي کين عزت توڙي احترام به ڏيڻ لڳا.
آگسٽ 1427ع دؤران جپسي، فرانس ۾ نروار ٿيا، جنهن وقت اهو علائقو برطانيا جي قبضي ۾ هو. پيرس جي ماڻهن لاءِ سندن وسندي، هٿ سان ٺهيل شيون وٺڻ ۽ وڪڻڻ ۽ وڻندڙ وندر طور مشهور ٿي، جتي ماڻهو کانئن شيون وٺندا به هئا، ۽ سندن نَچڻ ڳائڻ مان به وندرجندا هئا. پوءِ تُرت پيرس ۾ انهن لاڏڙائن بابت نرالا هُل هلڻ لڳا. هڪڙي افواهه موجب: جپسي، جادوگر هئا، ۽ جڏهن ماڻهن کين قسمت جو حال ٻُڌائڻ لاءِ هٿ پئي ڏيکاريو، ته ڳُجهي نموني سندن کيسن مان ٻَٽُون غائب ٿي پئي ويا، وغيره. پيرس جي بُشپ انهن افواهن کي توڻي غلط ڪوٺيو، پر نتيجي طور انهن لاڏائن کي پيرس ڇڏڻو پيو.
جولاءِ 1492ع ۾ ڊيوڪ آندري جي سرواڻيءَ ۾ لاڏڙائن جو هڪرو وڏو جَٿو اٽليءَ جي شهر فورلي ۽ بلونا مان لنگهيو. پُڇڻ تي جپسين وراڻيو، ته اُهي پوپ سان ملڻ لاءِ پيا وڃن. اصل ۾ جپسين کي تُرت پتو پيو هو، ته تنهن زماني ۾ ڪَٽر عيسائي پادري، عيسائي ياترين کي مسافريءَ ۾ گهڻيون سهوليتون ڏيندا هئا، تنهن ڪري جپسين هڪدم عيسائيت جو ويس اوڍيو، ته جيئن عيسائي ياتريءَ طور کين يورپي سرحدَ اُڪرڻ جو بهانو ملي سگهي، ۽ ايئن اُهي پوپ کان راهدريءَ جو پروانو وٺڻ ۾ به سوڀارا ٿيا. اٽليءَ ۾ اُهي پوپ کان راهداري وٺي، فرانس جي وچان لنگهندي، عيسائي ياتري طور اسپين پهتا، جتي ڪاسٽيلون جي ڪانسٽيبل ۽ چانسلر ڪائونٽ ميگوئل لوڪس سندن عزت ۽ احترام سان شاهي قلعي ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو.
سورهينءَ صديءَ جي پورچوگال ۾ جپسي ’سيگاني‘ سڏائيندا هئا، جنهن جو مطلب هو ڳائڻا. انهيءَ عرصي ۾ هنن جا ڪجهه جَٿا انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ به پهتا، پر اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ ۾ اڳ ۾ ئي مقامي لاڏائڻ جي چڱي آبادي هئي، تنهن ڪري کين اهي ڏيهه ڇڏڻا پيا.
1505ع ۾ جپسي سردار ڪائونٽ انتونيو گاگينو جي اڳواڻيءَ ۾ وڏو لشڪر اسڪاٽش جهاز تي چڙهي ڊينمارڪ پهتو. انومان آهي، ته کين اسڪاٽ لينڊ کان ڏيهه نيڪالي ڏني وئي هئي. هنن وٽ اسڪاٽ لينڊ جي بادشاهه جيمز چوٿين طرفان ڊينمارڪ جي بادشاهه جان ڏي لکيل هڪڙو سفارشي خط هو. ٻئي رڪارد موجب 1512ع ۾ ڪائونٽ انتونيو ۽ سندس جپسي، سوئيڊن پهچي اسٽاڪهوم ۾ گهِڙيا. سوئيڊن جا ماڻهو انهن نرالن لاڏائن کي ڏسڻ لاءِ اچي ڳاهُٽ ٿيا.
ناروي ۾ جپسي سڀني کان اڳ 1544ع ۾ ڏٺا ويا، پر انهن جپسين کي برطانيا مان جبري سمنڊ رستي تڙي پار ڪيو يو هو. انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي نيم لاڏائو ماڻهن جيان سوئيڊن ۽ ناروي جي نيم لاڏائو مقامي ماڻهن به انهن هندستاني لاڏائن کي پسند نه ڪيو، ۽ کين فن لينڊ استونيا ڏانهن ڌڪي ڇڏيائون. انهيءَ عرصي ۾ هنگريءَ جي جپسين جو وڏو تعداد پولينڊ ۽ لٿوانيا ۾ مشهور پئي ٿيو.
هوڏانهن 1501ع ۾ ڏکڻ روس ۾ به جپسي گروهه چُر پر ڪندي ڏٺا ويا. اهي جَٿا پولينڊ کان يوڪرين ڏانهن وڌيا پئي. 1721ع ۾ پولينڊ جي ميداني علائقن جا جپسي، سائيبيرا جي راڄڌاني تيبولسڪ ۾ گهڙيا. اهڙيءَ ريت پندرهين صديءَ کان ارڙهين صديءَ تائين هي پُراسرار هندستاني لاڏائو، يورپ جي سموري ڊيگهه ۽ ويڪر ماپي چُڪا هئا. نه رُڳو يورپ پر اُهي آفريڪا ۽ آمريڪا جي ڏورانهن علائقن ۾ به پُهچي چُڪا هئا، پر اُتي کين بيٺڪيتي يورپي طاقتن، ڏيهه نيڪالي ڏئي ’ڪاري پاڻي‘ طور اوڏانهن موڪليو هو.
سڀ کان اڳ اسپين، جپسين کي اوقيانوس سمنڊ پار پنهنجي بيٺڪيتن (ڏکڻ آمريڪا) ۾ ڏيهه نيڪالي ڏني ، جنهن کي ڏسندي پرتگال به سيگاني جپسين يک جلاوطن ڪري زبردستيءَ انگولا، ڪيپ وردي ۽ برازيل جي بيٺڪيتن ۾ موڪليو. اهو اندازو آهي، ته اهو عمل سورهين صديءَ ۾ ٿيو.
سترهين صديءَ ۾ اسڪاٽ لينڊ، جپسين کي جميڪا ۽ بار بادو جي ٻيٽن ۽ ارڙهين صديءَ ۾ ورجينا جي آمريڪي بيٺڪيت ۾ موڪليو. بادشاهه لوئي چوٿين جي زماني ۾ غلام جپسين کي ڇُوٽ ڏني وئي، ته جيڪڏهن اُهي آمريڪا جي ڪالونين ۾ جلاوطن ٿيڻ پسند ڪن، ته کين آزاد ڪيو ويندو. کين سزا طور غلام بڻايو ويو هو.
رُڳو اوڻيهين صديءَ ۾ ايئن ٿيو، جو جپسين وڏي تعداد ۾ پاڻهُرتو آمريڪا لَڏڻ شروع ڪيو. هاڻي جپسي ڪئناڊا، ڪيليفورنيا، ميڪسيڪو، وچ آمريڪا، ارجنٽائين، چِلي، برازيل وغيره پُهچي چُڪا آهن. گيتانو، روم، مانش، سيگاني، سنتي، ڪالو، سندن ڪجهه قبائلي نُکون اهن. انهيءَ عرصي ۾ پنهنجن هندستاني لاڏائو وڏڙن جيان اُهي گهڻو نه بدليا آهن، بلڪ پنهنجي ماضيءَ سان هوڏ ۽ هَٺ وچان چُهٽيل آهن، ۽ اها ئي سچائي سندن بابت سڀني کان وڌيڪ اچرج جوڳي آهي.
هنن جا ڌنڌا، ٻولي، ثقافت ۽ رسم توڙي رواج اڃا تائين ساڳيا آهن، جيڪي هندستاني لاڏائو جيوَن ۾ هئا. انهيءَ مامري ۾ اُهي هندستان جا انتهائي ديش ڀڳت، آدرشي ۽ شانائتا ماڻهو ثابت ٿيا آهن.
(ڪتاب; ڀٽڪنڙ نسل ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)