لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جپسي

ڪتاب ”جپسي : يورپ جا خانه بدوش سنڌي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب يورپ ۾ رهندڙ جپسين بابت مختلف ليکڪن جي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2943
  • 840
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپسي

جپسي

جپسي

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
__
(1988ع ۾ آءٌ برطانيه ويس ۽ اسڪول آف اورينٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز لنڊن ۾ اچ وڃ جو گهڻو سلسلو رهيو. لئبرري، ڪلاسن، ڪئٽين، هاسٽلن ۽ شاگردن جي ٻين مشغولين کي ڏسڻ جو موقعو مليو. موٽي اچڻ کان پوءِ ڪي ڳالهيون ذهن ۾ ڪَر موڙينديون رهيون. اُنهن ۾ سري لنڪا، پاڪستان، آفريڪا ۽ ٻين هنڌن تي دهشتگردي ۽ انسان تي ظلم جي حوالي سان ناوليٽ ”شڪار“ لکيم، جيڪو 1994ع جي ٽماهي ”مهراڻ“ (نمبر 3 ۽ 4) ۾ ڇپيو. هن ناوليٽ جو منظرنامو لنڊن واري اسڪول جو ٺهيل هو، جتي دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد اچي ٿا گڏ ٿين. انهن ۾ سنڌ جو دودو، ڀارت جا گل بهار سنگهه ۽ انوپ، سَري لنڪا جي سريتا، چين جي چِنگ لِنگ کوُ، هالينڊ جي مارٿا ۽ هڪ جِپسي ڪردار ”لَکانو“ آهي. ناوليٽ جي ڪهاڻيءَ جي رٿا پنهنجيءَ جاءِ تي آهي، پر اُن ۾ ’جپسين‘ بابت انسائيڪلوپيڊيا مان مليل انگ اکر ڏنا هئم. اُنهن جو مول مقصد
’لکاني‘ جي سڃاڻپ ڪرائڻ هو. ناوليٽ جو اُهو خاص ٽڪرو هتي تمهيد طور ڏيان ٿو، جنهن ۾ جِپسپن جو يورپ ۾ پهچڻ ۽ مٿن ٿيل ظلمن جو مختصر بيان آهي:
”جيئن ٻئي اُميدوار جو نالو پڪاريو ويو، تيئن سڀني شاگردن جا ڪن کڙا ٿي ويا. نالو هو ’لکانو‘. هڪ قداور شخص اسٽيج طرف وڌيو. جينز پاتل، ڇيٽَ جي ويڪري قميص ۽ مٿي تي نراڙ وٽ سائي پٽي ٻڌل. وڏن مڻين جي هڪ مالها ڪنڌ ۾، ۽ هڪ مالها چيلهه تي پٽي وانگر ٻڌل هئس، جنهن مان به ڪي مڻين جون سَريون هيٺ لڙڪي رهيون هئس. جِست جي سِڪن جي به هڪ مالها ڪنڌ ۾ جهر مهر ڪري رهي هئس. دودي جو ته وات ڦاٽي ويو، ته ڇا کيس هڪ سنڌيءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو! ’لکانو‘ ته سنڌي نالو هو. ويٺلن ۾ ’جِپسي جِپسي‘ جا سُرٻاٽ ٿيا. هاڻي دودي کي به ڪجهه سمجهه ۾ آيو.
لکانو جيڪا انگريزي ڳالهائي رهيو هو، سا لهجي جي لحاظ کان ڪن کي فرينچ ته ڪن کي رومانين لڳي رهي هئي. لکاني جو آواز آهستي آهستي بلند ٿيندو ويو: ’آءٌ اوهان جو حقيقي خادم آهيان. آءٌ هڪ برجستو ۽ بي تعصب شخص آهيان، جو تاريخ مون کي اهو سبق ڏنو آهي. منهنجا وڏا اندازاً اٺ سؤ ورهيه اڳ پنهنجو وطن، جيڪو اُتر اولهه ڀارت هو، ڇڏي مصر کان ٿيندا يورپ ۽ آمريڪا تائين پکڙجي ويا. اِن ڪري اسان کي ’جپسي‘ سڏيو ٿو وڃي. اسان تي ۽ دنيا جي ٻين ڪمزور طبقن تي ظلم ڪيو ويو. سوين ڪتاب جپسين جي باري ۾ لکيا ويا آهن. اولهه جي ڪنهن به ملڪ ۾ اسان سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويو. مون جيئن هوش سنڀاليو تيئن پاڻ کي اسپين جي هڪ شهر بارسلونا جي ٻاهران گهوڙن سان ڇڪجندڙ ۽ ڳوڻين سان ڍڪيل هڪ ٽريلر ڍانچي ۾ ڏٺم. منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ صبح جو شهر ويندا هئا ۽ شام جو چار پئسا ڪمائي گهر موٽندا هئا. مون کي خبر نه هئي ته ڪهڙو ڌنڌو ٿا ڪن. ڪجهه وڏو ٿيس ته خبر پيئي ۽ پوءِ آءٌ به روزگار لاءِ ٻاهر نڪتس.
مون کي معلوم آهي ۽ اوهين به ڄاڻو ٿا ته جپسي ڪير آهن؟ پردوستو! مسئلو فقط جپسين جو نه آهي، مسئلو دنيا جي سمورن مسڪينن ۽ بي گهرن جو آهي. آءٌ پنهنجي هم وطن مسٽر دودي سان مقابلو ڪريان يا هٿ کڻي وڃان؛ پر هن پليٽ فارم تان دنيا جو ضمير جاڳائڻ اسان جو بنيادي مقصد آهي. ليکڪن اسان کي متفق طور اُتر اولهه ڀارت يعني ’سنڌوماٿر‘ مان لڏي اولهه ڏي آيل ڄاڻايو آهي. ڪن اِهو به خيال ظاهر ڪيو آهي ته اسين پهرين مصر پهتاسين. اسان جي قوم اڄ يورپ ۽ آمريڪا ۾ لکن ۾ آهي ۽ گهڻو ڪري ٽوڪرا ٺاهڻ، قسمت ٻڌائڻ، نچڻ ڳائڻ ۽ ڪن صاحبن جي خيال موجب چوريون ڪرڻ اسان جو ڌنڌو آهي. شايد دنيا ۾ ٻيو ڪير به چوري ڪونه ٿو ڪري! ڪتابن ۾ اسان کي رولو، لوفر ۽ ڳُجهڙا به سڏيو ويو. انسائيڪلوپيڊيا ۽ تاريخ جي ڪتابن موجب جپسي ڪريٽ ۾ 1322ع ۾ نظر آيا. 1346ع ۾ ڪورفو ۾، جرمنيءَ جي شهر هيلڊشين ۾ 1416ع ۾، مالديويا ۽ هنگريءَ ۾ 1417ع ۾ ، پئرس ۾ 1427ع ۾ ۽ بار سلونا ۾ 1447ع ۾ نظر آيا. اسين پاڻ کي ”روم“ به چوندا آهيون، جنهن جو مطلب آهي ’ماڻهو‘. ايئن ’منش‘ به سڏائيندا آهيون. باقي خلق کي ’گاجي‘ يعني ڌاريو ڄاڻندا آهيون. اسان جو اسپيني نالو ’گيٽانو‘ آهي. اسان کي اولهه ۾ ويڙهاڪ ۽ هاڃيڪار ڄاتو ويو ۽ يورپ ۾ اسان کي ماريو ويو. جرمنيءَ ۾ اسان کي پنهنجي اصل وطن جي مناسبت سان ’سنتي‘ يا سنڌي‘ سڏيو ويو. قانون ٽوڙيندر ۽ ٺڳ به ڄاتو ويو.
فريڊرڪ وليم اول 1725ع ۾ حڪم ڏنو ته 18 سالن کان وڏي عمر جي سڀني جپسين کي ڦاسي ڏني وڃي. ساڳين سالن ۾ رومن سلطنت جي چارلس ٻئي به سڀني جپسين لاءِ موت جو وارنٽ ڪڍيو. بوميميا ۾ عورتن جو ساڄو ڪن ڪپڻ، سلسيا ۽ موراويا ۾ کاٻو ڪن ڪپڻ جو حڪم ڪيو ويو. جناب عالي! اِهي ڳالهيون ڪتابن ۾ لکيل آهن. انصاف ڏسو. هٿ ڏيکاري اوهين پنهنجو ڀاڳ ڄاڻڻ ٿا گهرو ۽ ڏوهه اسان جو آهي ! راڳ ٻڌڻ اوهين گهرو ٿا ۽ ڏوهه ڳائڻ واري جو آهي! مرچ اوهان کي پسند ڪونهي، پر ڪو ٻيو کائي ته اُهو اوهان جو ڏوهاري آهي! ويهين صديءَ ۾ به اسان سان نسلي متڀيد روا رکيو ٿو وڃي. اسان جا ’هم قوم‘ مختلف ملڪن اسپين، فرانس، برطانيه، جرمني، رومانيه، بلگيريا، روس ۽ آمريڪا ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ آهن. اوهين ڏسو ته ڪٿي نڪورنو ڪارا باخ ۾ اسان کي ته نه پيو ماريو وڃي! ڪٿي نڪولائي چائوسسڪو جي ظلم هيٺ اسين ته نه پيڙيا ويا آهيون! اسان تي ظلم به ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جي آدمشماري به وڌي پيئي. غلط ۽ گهٽايل انگ اکر گهڻو وقت هلي نه سگهندا. اسين به مغرب جي چمڪ ۾ پنهنجو خوبصورت چهرو ڏسڻ گهرون ٿا. برطانيه جي جپسي قومي ڪائونسل جي صدر چيو آهي ته اسين به ٻي عام مخلوق وانگر هڪ هنڌ رهي مفيد ۽ ڪامياب زندگي گهارڻ گهرون ٿا.
نازي ڪئمپن ۾ پنج لک جپسي ماريا ويا. جپسين کي باهه ۾ ساڙيو ويو. ٻانهن تي سڃاڻپ جا داغ ڏنا ويا. فرانس ۾ سندن سڃاڻپ جون خاص چيٺون رکڻ ۽ طلب ڪرڻ تي پوليس کي ڏيکارڻ جو حڪم ڪيو ويو. مَنُش (جپسي) قبيلي کي فرانس ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو. يورپي برادريءَ ۾ فقط ٽيهه سيڪڙو جپسي ٻار اسڪول وڃي سگهن ٿا. جپسين کي فقط بيڪار پيل زمين تي رهڻ ڏنو وڃي ٿو. هاڻي حالات بدليا آهن. 1989ع ۾ يورپي برادريءَ جي وزيرن جي ميٽنگ ۾ جپسين جي تعليم، ثقافت ۽ روماني زبان جي ترقيءَ لاءِ سوچيو ويو آهي. اڄ جپسي نوجوان سماج جو هڪ ڪارآمد حصو بنجڻ گهرن ٿا. دوست! مون کي اوهان جي ساٿ جي ضرورت آهي.“
جذبات کان ٻيئي اُميدوار مغلوب آهن. دودو ۽ لکانو ٻيئي ڀاڪرين پئجي ٿا وڃن. لکانو دودي کي زور ڀري صدارت لاءِ اڳيان آڻي ٿو. خير! جپسين جي باري ۾ انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جو ڏنل احوال لکاني جي تقرير ۾ هو. اهو بنيادي ۽ مختصر احوال آهي، جيڪو ٻين ليکڪن به پنهنجن مقالن ۾ آندو آهي. آءٌ گذريل ٻارهن سالن ۾ هن موضوع تي مواد گڏ ڪندو رهيو آهيان. اُن جي بنياد تي هن گروهه جي اصل نسل، زندگي، ثقافت ۽ زبان جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون عرض ڪريان ٿو. عبدالجبار)
***
جپسي هڪ وڏو گروهه هو، جو انسائيڪلوپيڊيا جي تحرير ۽ ٻئي تحقيقي مواد موجب ڀارت (هاڻي هند-پاڪ) جي اُتر اولهه علائقن مان اولهه طرف اٽڪل هزار سال اڳ لڏيندو ويو. اهو گروهه پهرين شايد ايران ۽ مصر ۽ پوءِ اُتان يورپ ڏانهن ويو.
ايترو اسان ڪونهي جو جپسين بابت چند حوالن ڏيڻ سان ڪنهن آخري نتيجي تي پهچي سگهجي. ڪافي ڪجهه لکجڻ بعد به اِهو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي ته اُهي سنڌ، پنجاب، راجسٿان، گجرات يا بلوچستان مان لڏي ويا. هڪ صوبي مان يا انهن سڀني صوبن (۽ ايراضين) مان لڏي ويا. ’مغرب ۽ مشرق ۾ اُنهن خانه بدوش ماڻهن تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. ان ڳالهه تي سڀ محقق متفق آهن ته: ”جپسي هڪ رولو ۽ خانه بودش نسل آهي. اُهي روماني زبان ڳالهائين ٿا. اُهي اصل اُتر اولهه ڀارت جا رهاڪو هئا ۽ اٽڪل 1000ع ۾ اولهه ڏي لڏپلاڻ شروع ڪيائون. اُنهن جو تعداد 5 کان 6 ملين (50 کان 60 لک) آهي.“
ڪينٿ ڪازنر (Kenneth Katznr) لکي ٿو ته، ”جپسين جي عام ۽ بنيادي ٻولي روماني (Romany) اهي، جيڪا لفظ روم Rom (ماڻهو) مان نڪتل آهي. هيءَ اُها ٻولي آهي، جيڪا يورپ ۽ آمريڪا جا رهاڪو مختلف جپسي ٽولا ڳالهائين ٿا. (1). ”جپسين ۽ سندن ٻولين اولهه ۾ گهڻي دلچسپي پيدا ڪئي آهي ۽ اوڀر ۾ به ماڻهن ۾ تجسس آهي. جارج ايف بلئڪ (George F. Black) هڪ جپسي ببليو گرافي تيار ڪئي، جنهن ۾ 4577 عنوان (ڪتاب ۽ مقالا) ڄاڻايل آهن. اُهي ڪتاب ۽ مقالا گهڻو ڪري يورپ جي سڀني ٻولين ۾ آهن. اُنهن ۾ اسپيني (Spanish) زبان به شامل آهي. هيستائين موجود ڪيل تحريري مواد، سوانحي خاڪن، انسائيڪلوپيڊيا ۽ ڊڪشنرين موجب جپسين جي مختلف ٽولن جا اصل وطن به مختلف آهن، پر اهو سڀ مڃين ٿا ته ”جپسي رولو گروهه آهن ۽ اوڀر کان اولهه ڏانهن آيا آهن. مئڪملن جي “Concise Dictionary of world History” ۾ آيو آهي ته: ”اهي اُتر هند کان ايران ڏي لڏي آيا. اهو وقت ڏهين صدي عيسويءَ جو هو. يورپ ۾ 15 صدي عيسويءَ ۾، ۽ اُتر آمريڪا ۾ اٽڪل 18 صدي عيسويءَ ۾ آيا. پراڻي ريت موجب جپسي هنرمند آهن. وندرائيندڙ ۽ قسمت ٻڌائڻ وارا به بڻيا. اُهي قافلن سان سفر ڪندا رهيا. هر هنڌ ٻاهريان هئا. ان ڪري کين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيڻو پيو. خاص طور هٽلر جي هٿان اندازاً چئن کان پنجن لکن تائين جپسي ماريا ويا.“ (2) هن باري ۾ هڪ ٻيو محقق رالف. ايل. ٽرنر (Ralph L. Turner) لکي ٿو ته: ”جپسي نيم-خانه بدوش (Semi-nomadic) سنتي/ سنڌي (Sindi) آهن. جرمنيءَ ۾ اهو نالو (سندي) اٿن.“ (3)
لفط ”سنتي“ لاءِ اهو به خيال ظاهر ڪيو ويو ته چيني زبان ۾ ”سنڌ“ کي ”سنت“ (۽ سنڌيءَ کي ”سنتي“) چئجي ٿو. ان سلسلي ۾ ليلو رچنداڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جي جهلڪ“ ۾ پنڊت جواهر لال نهروءَ جي ”ڊسڪوري آف انڊيا“ جو حوالو ڏئي ٿو (4). حقيقت ۾ چيني زبان ۾ ”سنڌ“ کي ”شِن تَ“ چئجي ٿو (5). اهو معياري محاوري (Dialect) موجب آهي. آءٌ اُهو پڙهيو آهيان. ٻين محاورن (ڏکڻ) ۾ ’ش‘ گهڻو ڪري. ’س‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي.
انسائيڪلو پيڊيا آمريڪانا موجب جپسي رولو ٽولا آهن ۽ اوڀر مان 14 صدي عيسويءَ ۾ لڏي آيا. خاص طور هند مان (6). اُهي يورپ ۾ چوڏهين صدي عيسويءَ کان وٺي نظر اچن ٿا. اها داخلا يورپ جي تاريخي رڪارڊ ۾ ٿيل اهي. ان جو اختصار تمهيد ۾ ناوليٽ جي ڪردار لکاني جي گفتگو ۾ به آندل آهي. اهي انسائيڪلوپيڊيا مان ورتل انگ اکر (Data) آهن. يورپ ۾ اهو عام طور تسليم ٿيل آهي ته جپسي ”مصر“ (ايجپٽ) کان آيا. ”ايجپشن“ مان بگڙي لفظ ”جپسي“
ٿيو. انهن تي جرمني ۽ ٻين هنڌن تي جيڪو ظلم ٿيو، اهو تمهيد ۾ ڏيئي آيا آهيون.
گروليئر جي اڪئڊمڪ انسائيڪلوپيڊيا ۾ جپسين جي زبان جي باري ۾ معلومات ڏيڻ سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته اُهي ”مَنوُش“ آهن. کين اِهو نالو فرانس ۾ مليل آهي. جرمنيءَ ۾ ”سنتي“ (Sinti) سڏجن ٿا. سندن ٻولي رومانيءَ وانگر آهي، پر ڪافي جرمن لفظ اٿس (7) (هتي شايد ”روماني“ مان ليکڪ جي مراد رومانين (Romanian) آهي). هي ليکڪ جپسين کي ڪاڪيزين (Caucasoid) نسل سان واسطو رکندڙ سڏي ٿو (8). هي ليکڪ کين گهٽ ذات به سڏي ٿو (9).
جپسين جي زبان ۽ ثقافت بابت تفصيل سان ذڪر اڳتي ايندو، پر سندن زبان جي باري ۾ ڪي حوالا هتي به آڻيون ٿا. ڪامپٽن جي انسائيڪلوپيڊيا موجب، جپسين جو خيال آهي ته هُو ڀارت کان آيا آهن ۽ سندن ٻوليون سنسڪرت تي آڌاريل آهن، جيڪا ڀارت جي قديم ٻولي آهي (10).
لوئي برٽرانڊ جي ”تاريخ اسپين“ ۾ آهي ته هُو پاڻ کي ’روم‘
(ماڻهو) ۽ ٻين کي ’گاجي‘ (ڌاريو) چوندا اهن. مسلمانن جي اسپين ۾ حڪومت دوران عيسائي ۽ يهودي، اسپيني زبان جو پهريون محاورو
”رومان“ ڳالهائيندا هئا. (11)
سنڌ ۽ هند جي محققن، ليکڪن ۽ سياحن به جپسين بابت ڪجهه لکيو آهي. اُنهن ۾ گنگارام سمراٽ، ليلو رُچنداڻي، شيخ عزيز ۽ خورشيد قائمخانيءَ جا حوالا ڏيڻ مناسب ٿيندا. جناب گنگا رام سمراٽ، هن کان گهڻو اڳ ”آريه ورت“ ڪتاب ۾ سنڌ، هند، هندو مذهب ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جي عظمت ۽ ڦهلاءُ توڙي يورپ تي ٻولين جي اثر بابت گهڻو لکيو هو. هن وقت جنهن ڪتاب مان حوالا وٺي رهيا آهيون، سو ”سنڌو سؤوير“ آهي. هن ۾ ڀارت ورش جي زبان ۽ ثقافت جي قدامت ۽ ڦهلاءُ بابت ۽ پڻ سنڌ جي عظمت بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. تنهن سان گڏ سنڌ جي جپسين بابت به لکيو اٿس. انگريزي ڪتابن جي حوالن سان پنهنجي دعويٰ کي پڪو ڪيو اٿس. هو لکي ٿو ته ”جپسين جا مختلف ٽولا مصر (ايجپٽ) کان ٿيندا يورپ ۽ آمريڪا ۾ داخل ٿيا.“ (12). سمراٽ لکي ٿو ته: ”لڏي ويندڙ سنڌو يا اُن جي ڀر مان روانا ٿيا ۽ ايجپٽ ۾ ڏکڻ کان داخل ٿيا. لڏي ويندڙ سنڌي اڳتي وڌيا ته نئين پرديش جي ڳولا ۾ ڦُٽي الڳ ٿيا. جيڪي اُتي رهيا، سي ايٿوپين هئا ۽اوڀر ۾ رهيا. اسين سدا اهو ٻڌندا پئي آيا آهيون ته ايٿوپيا وارا ڀارتي ”سنڌي“ آهن“ (13). ”هڪڙو ٽولو اُتر آفريڪا ۾ لڏي ويو ۽ لبيا ۾ وڃي وسيو. هڪڙي ٽولي اُنهن (سنڌين) کان الڳ ٿي آفريڪا ۽ يورپ جي وچ وارو جبرالٽر جو ڳچي سمنڊ پار ڪري ايبيرين ٻيٽ کي آخري منزل بنايو.“ (14) سمراٽ، رابرٽ شا (Robert Shaw) جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”سنڌوءَ جا سنڌي ايٿوپيا ۾ ويا، پوءِ ايجپٽ (مصر) ۾ وڃي اُن کي آباد ڪيائون ۽ پوءِ اسپين به ويا“ (15). ائين سنڌ جي ماڻهن سنڌ ورڪين جي واپار لاءِ لڏپلاڻ، جاوا ۽ ٻين ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ وسڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ جو ذڪر به سمراٽ صاحب تفصيل ۽ ڪتابن جي حوالن سان ڪري ٿو (ص 234). دنيا ۾ سنڌين جي پراڻن ماڳن مڪانن ۽ ڳوٺن جو ذڪر ڪندي، فلسطين ۾ هڪ ڳوٺ ”سنڌياڻي“ (Sindhiany) جو به ذڪر ڪري ٿو (16). جپسين جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”سڄي يورپ، رشيا، ايجپٽ وغيره ۾ گهمندر هڪ جاتي آهي، جنهن ۾ مختلف پرانتن جا ڀارت واسي شامل آهن، جيڪي هزارن ورهين کان گهمندڙ حالت ۾ رهن ٿا. يورپ جي هر ڀاڱي ۾ ڦهليل آهن. سندن ٻولي هڪ آهي. مڪاني حالتن جي ڪري فرق به اٿن. اڪثر قسمت ٻُڌائڻ جو ڪم ڪندا آهن. گهوڙيسوار به ڏاڍا سٺا آهن. نالا ۽ سنسڪار سڀ هندوانه اٿن، جن لاءِ هڪ عجيب نالو الائي ڪيئن ’جپسي‘ (Gypsy) پرسڌ ٿي ويو آهي“ (17). وڌيڪ لکي ٿو ته ”انهيءَ جپسي جاتيءَ ۾ ’سنڌي‘ به آهن. هُو هڪٻئي کي ’سنتي‘/’سنڌي‘ ڪري سڏيندا آهن.“ (18) هڪڙن سنڌين جو يوناني مؤرخ هيروڊوٽس(Hirodouts) ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پنج سؤ قبل مسيح ۾ ٿي گذريو آهي. (ص333)، انهيءَ ڪري سنڌين، سنڌ ورڪين ۽ جپسين جي لڏپلاڻ اڃان به آڳاٽي ليکبي. هن مؤرخ ڪاري سمنڊ وٽ ”سنڌيڪا“ (Sindhica) بندر جو به ذڪر ڪيو آهي (19).سمراٽ لکي ٿو ته: ”رشيا ۾ هو گهڻي ۾ گهڻو ڦهلجي وڌيا ۽ ويجهيا آهن. روس ۾ اٽڪل 35 ورهيه اڳ هُو اُتي ٻه لک کن هئا. پنهنجين خوبين جي ڪري هُو اُتي مقامي آباديءَ ۾ ملي ضم ٿي ويا. روسي گيت، روسي لوڪ گيت، روسي ساهتيه، جپسي لوڪ گيتن سان ڇانيل آهي. روسي-جپسي شاديون هڪ اتهاسڪ حقيقت آهي.“ (ص 335)
ليلو رُچنداڻي جپسين کي ”وڻجارا“ سڏي ٿو: ”شاهه جن وڻجارن جو ذڪر ڪيو آهي، اهي سنڌ جا ئي رهاڪو هئا. انهن چين ولايت وڃي واپار ڪري سنڌ کي ڀريو ڀاڳيو پئي رکيو، پر وڻجارن جي ٻي هڪ قوم آهي، جنهن جو ڪو مقرر ٺڪاڻو ڪونهي. اُنهن وڻجارن کي عام طور ’جپسي‘ چيو ويندو آهي.“ (ص 20)
رچنداڻي صاحب ائين به لکي ٿو ته: ”اهو به چيو وڃي ٿو ته انهن جو وطن ڪنهن سمي هندستان هو. هنن جي ٻوليءَ جا ڪيترا اکر ۽ نحوي بناوت، ڪجهه اُتر اولهه ڀارت خاص ڪري سنڌوءَ، پنجاب جي ٻوليءَ جي اکرن سان ميل جول رکندي نظر اچي ٿي. ٻوليءَ جي هڪجهڙائي اها سِڌِ ٿي ڪري ته انهن جو ڪنهن سمي ’سنڌ‘ سان گهاٽو سنٻنڌ هو.“ (21)
”اهي شايد هزار ورهيه اڳ هند مان لڏي وڇي دنيا جي مختلف ايراضين ۾ وسيا. انهن وڻجارن کي روس ۾ زگيني، جرمنيءَ ۾ زنگنيز، ايران ۽ ترڪستان ۾ زنگيري چيو ويندو آهي. اهي پاڻ به ڪن هنڌن تي پاڻ کي ’زنگيرو‘ ته ڪن هنڌن تي ’زنڪيلي‘ ته ڪن هنڌ وري ”سڀنتي“ (سنڌي) سڏائيندا آهن“ (22).
مختلف نالن جو جيستائين تعلق آهي ته انهن جي باري ۾ ليکڪن ۾ اختلاف به آهي. هن کان اڳ ان ڳالهه جو ذڪر ٿي آيو آهي. منهنجي دوست شيخ عزيز جپسين تي هڪ مضمون ”ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءِ سنڌ سان آهي؟“ جي عنوان سان لکيو آهي، جنهن ۾ شيخ صاحب جپسين جي اصل نسل بابت مليل معلوامت سان گڏ انهن جي ثقافت ۽ جيوت جي مختلف معاملن بابت لکيو آهي. سنڌ مان ايران ڏي ويندڙ لوليان/ لوريان واري نظريي جي پس منظر ۾ مشهور شاعر فردوسيءَ جي ايران جي بادشاهه بهرام گور (220-238ع) جي ڪيل بيان جو حوالو ڏيندي، شيخ صاحب لکي ٿو ته: ”جنهن (بهرام) هتان (سنڌ مان) اٽڪل 20 هزار موسيقارن کي پاڻ وٽ گهرائي، انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ڪيو“ (23). شيخ عزيز، ڊچ مستشرق ڊي گوئسجو جي حوالي سان سنڌ جي ’جت‘ قبيلي کي جپسين جو امجد قرار ڏنو آهي، جن کي عربن ’زط‘ چيو(24). شيخ صاحب موسيقيءَ سان سندن وابستگيءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. (25).
ڪن سياحن به جپسين جو ذڪر ڪيو آهي. انهن پنهنجي سفر جي بياني سلسلي ۾ ذڪر ته ڪيو آهي، پر اُن جي ڪا تاريخي حيثيت سَنَدَ نه آهي. خورشيد قائم خانيءَ جي ڪتاب ”ڀٽڪتي نسلين“ ۾ به جپسين تي ٻه ٽي عنوان آهن. هُن به مليل تاريخي حوالن کي ورجايو آهي. ڪٿي ڪٿي ذاتي رابطي جو ذڪر به ڪيو آهي. سندس لکڻ موجب پهريون حوالو حمزه اصفهانيءَ جي تحريرن ۾ ملي ٿو، جنهن لکيو ته ”هندستان مان ٻارهن هزار ڳائڻ ۽ نچڻ وارا آيا“ (26). سنڌ جي تاريخ ۾ اها مشهور روايت آهي ته سنڌ مان ڪي ڳائڻا ايران ويا. انهن کي لوليان/ لوريان سڏيو ويو آهي. ممڪن آهي ته ان جو بنياد ’لورو‘ (فارسيءَ ۾ جمع لوريان) هجي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ’لوليان‘ جي باري ۾ لکيو آهي: ”ڪي ڪاسبي ۽ گداگر قبيلا پهرين ايران، مصر، اندلس ۽ برطانيه پهتا. مصر ۾ پهرين ڏٺا ويا ته انگريزن کين جپسي ڪوٺيو“ (ص16). ترڪي ۾ لوهار ڪو ڌنڌو ڪرڻ ڪري کين
’سيگان‘ سڏيو ويو (ص 17). گهڻا لورن جي نسل مان آهن (ص17). لورن کي ٻه صديون اڳ ايران ۽ مصر سان واقفيت ٿي چڪي هئي (ص17) ڊاڪٽر صاحب ڪن فارسي شعرن جا حوالا به ڏنا آهن، جن موجب لوليان/ لوريان واري نظريي کي هٿي ملي ٿي(27).
جيڪڏهن ايرانين لوريءَ کي ’لولي‘ (جمع لوليان) ڪري ڄاتو آهي ته ’لورا‘ يا ’لوري‘ سنڌ جي هڪ ذات به آهي. لغات ۾ به لورو هڪ ذات ڄاڻايل آهي(28). جُنگشاهيءَ طرف به ذات جا ’لورا‘ رهن ٿا. ’لورو‘ لفظ عام معنيٰ ۾ ڪنهن ڪريل شخص يا پيڇو نه ڇڏيندڙ کي به چئبو آهي (29).’لوريڙ‘ به هڪ ذات آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارسيءَ جي هڪ اڳوڻي استاد محترم ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب، جيڪو اصل روهڙيءَ جو آهي، تنهن هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته ”لوليان“ اصل ۾ ’روهڙان‘ مان آهي. فارسيءَ وارن اڪثر ’ر‘ کي ’ل‘ سان بدلايو آهي ۽ ’روهڙيءَ‘ کي ’لهري‘ لکيو اٿن. لفظ ’لوري‘ شاهه جي رسالي ۾ ڪوهياريءَ ۾ هڪ وائيءَ ۾ ٻن مصرعن ۾ آيو آهي:
اديون آريچن جو لَھ لڳو مون ’لوري‘
ڪشي ڪان ڪمان مان، لائي وئڙا ’لوري‘ (30)
سُر ديسيءَ جو هڪ بيت اهڙو به آهي جنهن ۾ لفظ ’لوري‘ ذات جي لحاظ کان نمايان آهي:
ڇوري ندوري، نڪو مائٽ مُنڌَ جو،
سوين هلن ساٿ ۾، ڪمي ۽ ڪوري،
آءٌ پن آهيان ان ۾، لنگهي ۽ ’لوري‘،
لنگهائين لطيف چئي، ٿر جا ٿوري،
آهيان ازوري، تنهنجي جوري جبل لنگهيان. (31)
اڪثر شاعرن جي ڪلام ۾ لنگهي، فقير، مڱتي ۽ پٺيان پوندڙ جي معنيٰ ۾ ’لورو‘ لفط گهڻو ڪم آيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪن شعرن جا جيڪي حوالا ڏنا آهن، انهن مان به اهو نظريو پڪو ٿو ٿئي ته سنڌ جا ’لورا‘ ذات جا ماڻهو، جن جو ڳائڻ وڄائڻ سان به واسطو هو، غريب، ڪاسبي ۽ گداگر به هئا، سي ايران ويا ۽ ”لوريان/ لوليان“
سڏجڻ ۾ آيا. شعر هي آهن:
ازان لوريان برگزين ده هزار،
نروماده برزخم بربط سوار. (فردوسي)
افغان ڪين لوليان شوخ شيرين کار شهر آشوب،
چنان بُردند صبراز دل ڪه، ترڪان خدان يغمارا (حافظ)
ڇو جو ’لورا موسيقي‘ (لوليان) مقبول ٿي، ان ڪري ان قوم جي ايان ۾ شهرت ٿي (32). اڳتي مصر، يورپ ۽ خاص طور اسپين ۾ هن سنگيت پنهنجو نه رڳو اُتي اثر ڇڏيو، پر جپسي موسيقي ۽ ناچ لئه جو به شهرو ٿيو (32). اسپين ۾ جپسين کي ’سِن تانو‘ (Sintano) يعني ”سنڌ جا“ سڏيو ويو، جيڪو ’هتانو‘ (Hitano) ٿيو ۽ هاڻي عام طور ”گِٽانو“ (Getano) سڏجن ٿا. (33).

حوالا ۽ سمجهاڻيون
1. Katzner Kenneth. Languages of the World London, 1977, p. 107.
2. Mac Millans Concise Dictionary of World History, Bruce wetterau, New York, 1983, pp. 337. 338.
3. Turner, Ralph L. Position of Romani in Indo-Aryan, 1927. p.649.
4. رچنداڻي، ليلو. ”سنڌوءَ جي جهلڪ“، ڪمل سنڌي پرنٽنگ پريس احمد آباد، 1963، ص.44.
5. A concise English-Chinese Dictionary, Peking, 1965, p. 920.
6. Encyclopedia Americana, vol. 13. 1987. p.649.
7. Groliar’s Academic Encyclopedia, vol. 9. 1985, p. 415.
8. Ibid, p.415.
9. Ibid, p. 415.
10. Compton’s Pictured Encyclopedia and a Pact In, vol. 6., pp. 235-236.
11. Bertrand, Louis and Parte. C History of Spain, part I, London, 1952, p. 74.
12. سمراٽ، گنگارام، ”سنڌو سؤوير“ ڪَپل پرنٽنگ پريس، سهجپور احمد آباد 1979ع، ص 316-317.
13. ايضاً، ص 316
14. ايضاً، ص 317
15. ايضاً، ص 322
16. ايضاً، ص 330
17. ايضاً، ص 332
18. ايضاً، ص 333
19. ايضاً، ص 329
20. ”سنڌوءَ جي جهلڪ“، ص 40-41
21. ايضاً، ص 41
22. ايضاً، ص 41
23. عزيز، شيخ: رسالو ”شهباز“، حيدرآباد، (جنوري-فيبروري 1993ع) مقالو: ”ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءَ سنڌ سان آهي.“ ص 150.
24. ايضاً، ص 151
25. ايضاً، ص 152
26. قائم خاني، خورشيد: ”ڀٽڪتي نسلين“ روهتاس، ٻُڪس لاهور، 1991ع، ص 60
27. بلوچ، نبي خش خان: .سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ شاهه لطيف ثقافتي مرڪز 1978ع، ص ص 16-17
28. ايضاً، ”جامع سنڌي لغات“، جلد پنجون، سنڌي ادبي بورڊ، ص 2527
29. ايضاً، ص 2527
30. قاضي، علامه آءِ آءِ : ”شاهه جو رسالو“، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع، وائي، داستان ڇهون، سُرڪوهياري.
31. ايضاً، سُرديسي، بيت 20، داستان 4
32. حوالو ڏنل، نمبر 27، ص ص 8-9
33. ايضاً، ص 17.
(ٽماهي ”مهراڻ“، اونهارو ، 2004ع)