لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جپسي

ڪتاب ”جپسي : يورپ جا خانه بدوش سنڌي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب يورپ ۾ رهندڙ جپسين بابت مختلف ليکڪن جي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2943
  • 840
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپسي

جپسي- II

جپسي- II

خورشيد قائمخاني
___

ڪنهن به تاريخ يا سماجي سائنس جي ڳنڀير شاگرد لاءِ اها سچائي، اچرج کان گهٽ نه آهي، ته جپسين جو بنيادي لاڳاپو هندستاني سماج سان ئي آهي ، يا اهو ته انهن جي روماني ٻوليءَ جو بنيادي ناتو به پراڪرت، هندي يا اولهندي راجستان ۽ گجرات وارن لاڏڙائن جي لهجي سان ويجهو آهي، ۽ اهو ته ثقافتي تهذيب ۽ پيشيواراڻي طور به جپسي، هندستاني لاڏائن سان اچرج جوڳيءَ حد تائين هڪجهڙائي رکن ٿا.
مثال طور؛ رنگ روپ جي ڏس ۾ هاڻي به اڪثر جپسي هندستاني ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ هاڻوڪي زماني تائين جپسي شهرن کان پري جهنگن ۽ بيابانن ۾ جهُڳيون ۽ وسنديون ٺاهيندا رهيا آهن. جپسي مادراڻي سرشتي تي هلن ٿا، ۽ ٻارن جي سار سنڀال توڙي نيپاج عام طور ڏاڏيون ۽ نانيون ڪن ٿيون. اُهي ڇوڪرين جو ننڍيءَ ڄمار ۾ شادي ڪن ٿا، ۽ وڏيءَ ڇوڪريءَ جي شادي سدائين ننڍيءَ کان اڳ ٿئي ٿي. هر ڇوڪري جو پيءُ ڪجهه پئسا ڪنواريتن کي ڏئي ٿو. ڪنوار جو سڱ اڪثر گهوٽيتا گهُرن ٿا، ته رشتو طئي ٿئي ٿو. ڪنوار جي ڪنوارپ کي گهڻو اهم سمجهيو وڃي ٿو. شاديءَ جي موقعي تي قبائلي مائٽ پري پري کان ڪَهي اچي اِن ۾ شامل ٿين ٿا، ۽ ڀَت، ناچ ۽ گيتن سان مهمانن کي ريجهايو وڃي ٿو. ٻار جي ڄمڻ مهل به جپسين جا رسم توڙي رواج هندستاني سماج سان هڪجهڙائي رکندڙ آهن. جپسي، سارا نالي ڪاري ميڊونا جي پوڄا ڪن ٿا، جنهن بابت انومان آهي، ته اهو هندستاني لاڏائن جي ’ڪالي ماتا‘ جو بگڙيل روپ آهي.
جپسي صدين کان دنيا جي رولاڪيءَ دؤران پنهنجي اصلي وطن کان ٻاهر نهايت اڻوڻندڙ حالتون هوندي به پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي سُڃاڻپ کي وڏي جوش ۽ جذبي سان جياريندا اچن. اُهي جتي به ويا، ۽ پنهنجين جَڙن کان ڀلي ڪيڏو به پري ويا هجن، پر اُهي ڏاڍيءَ ڳنڀيرتا سان پنهنجين آڳاٽين رسمن توڙي رواجن سان چُهٽيل رهيا. اهو چوڻ ته سڄي دنيا سندن وطن آهي، هڪڙي نپٽ ڪُوڙ کان گهٽ نه آهي، بلڪ سچائي اها آهي، ته ٻاهرين دنيا جي هر مُلڪ ۾ ويڳاڻپ ۽ ڌاريائپ سندن پيڇو ڪندي رهي، ۽ پنهنجي اصلي وطن ۽ اصلي گهر جي ساروڻي سندن دل ۾ لڳاتار دُکندي رهي، جنهن جي ڳولا ۾ اُهي دُنيا جي ڪُنڊ ڪُرڇ ۾ ڀٽڪندا رهيا. پر هنن جي زندگيءَ جو سڀني کان وڏو الميو اهو رهيو آهي، جو انساني همدرديءَ ۽ ڀائيچاري جا جذبا يا سماجي تحفظ جو احساس، جيڪو اهي ڪنهن آڳاٽي ماضيءَ م پنهنجي وطن ۾ ئي وڃائي آيا هئا، پوءِ وري کين ڪڏهن به نه مليو ۽ جيڪڏهن انفرادي طور ڪجهه جپسين کي ڪنهن مُلڪ ۾ مليو، ته اُهي اُتي رَچي سي ويا. مثال طور اُڀرندي يورپ ۾ انقلاب کان پوءِ پولينڊ، هنگري ۽ روس ۾ سوشلسٽ حڪومتن، جپسين جا قوميتي حق مڃيندي کين سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جپسي منطقي طور انهن ملڪن ۾ سماج جو هڪڙو اَٽوٽ حصو بڻجي ويا.
اُلهندي يورپ جي بورزوا صنعتي انقلاب ۽ بيٺڪيتي سرشتي هنن جي بچيل جيوَن کي نهوڙي ناس ڪيو. تِکي ڦهلجندڙ ٽرانسپورٽ جي سرشتي ۽ واهيات مشيني شين جي گهڻائيءَ، جپسي دستڪاريءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. ۽ اهي بُکَ مرڻ لڳا. اُلهندي جي نئين صنعتي سماج م سندن کاپي جي هڪڙي واٽ هئي، ۽ اها هيءَ هئي، ته اهي هاڻي لُٽيندڙ سرمائيداراڻي سرشتي ۾ ڦهلجندڙ صنعتي فيڪٽرين ۾ سستي اجوري تي مزدوري ڪن، جيئن ته جپسي ايئن ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿيا، ته کين هر صنعتي مُلڪ ۾ ڌِڪاري شهرن مان تڙيو ويو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن شهرن کان تڙجڻ ايڏو شديد هونود هو، جو پوليس جي مارڪٽ ۽ جيل جي هوا کائڻ کان پوءِ کين ڏيهه نيڪالي ڏني ويندي هئي. 1499ع ۾ اسپين جي بادشاهه فرڊيننڊ ۽ راڻي ازابيلا هڪڙو قانون منظور ڪيو، جنهن پٽاندر جپسين جي لڏپلاڻ کي ڏوهه ڪوٺيو ويو، ۽ جنهن جي ڏوهه ۾ کين ڦٽڪا هڻڻ، هٿ پير وڍڻ، عمرقيد جي سزا ڏيڻ، جيئرو ساڙڻ، مارڻ يا وري جلاوطن ڪرڻ جو رواج پئجي ويو. يورپي سماج ۾ ايندڙ ٽن صدين تائين جپسين کي لڏپلاڻ واري زندگيءَ کان روڪي مزدور بنائڻ لاءِ نِت نوان قانون ٺاهيا ويا، جن ذريعي سندن زندگين کي جهنم کان به وڌيڪ بدتر بڻايو ويو. جپسين، اسپين ۾ فليمينڪو ناچ ۽ گيتن جي پيڙهه اِن دؤر ۾ رکي، جنهن مان سندن گهرا ڏُک ۽ پيڙا توڙي ڪاوڙ ظاهر ٿئي ٿي. الهندي يورپ جي ٻين ملڪن جو ورتاءُ به ڪو ايڏو مختلف نه رهيو. بيلجيئم جي حڪومت هنن کي اقليت مڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ اتي کين ڪڏهن ڪي حق نه مليا. يورپ جي اڪٿر ملڪن ۾ جپسين بابت پراڻا قانون اڄ ڏينهن تائين لاڳو آهن.
فرانس ۾ 1960ع ۾ قانون منظور ٿيو، جنهن وسيلي سمورن جپسين کي پنهنجن ٻارن ٻچن سميت روزاني چُر پر بابت پوليس کي ڄاڻ ڏيڻي پوي ٿي. ”۽ توهان اها اميد رکو ٿا، ته اسان جا ٻار توهان جي اسڪولن ۾ پڙهندا؟“ هڪڙي جپسيءَ چيو.
يورپ ۾ هٽلر جي جرمن نازي فسطائي سرشتي کان پوءِ جپسين جو عام قتل شروع ٿيو. هڪڙي اندازي موجب: هنن جي آباديءَ پٽاندر يورپ ۾ نازين هٿان مرندڙ جپسين جو تعداد يهودين کان به وڌيڪ هو.
نازي جرمنيءَ ۾ 38-1937ع دؤران هزارين جپسين کي جهلي نازي ڪئمپن ۾ پهچايو ويو. نازي ايس. ايس. جي ڊاڪٽر مٿن نِت نوان نسلي تجربا ڪيا، ۽ ايس. ايس. نيٺ اها راءِ ڏني، ته سمورن جپسي مردن کي کَدڙو بڻايو وڃي، ته جيئن جرمن آريا سماج جي رت کي پاڪ رکي سگهجي. انهن غير جپسي مردن کي به، جن جپسي عورتن سان شادي ڪئي هئي، کدڙو ڪيو ويو. جپسين بابت نازين جي رٿابندي صاف ۽ سادي هئي؛ يعني ”کين ڍڳن جيان خصي ڪيو، ڏيهه نيڪالي ڏيو، يا وري ماري ڇڏيو.“ پر جرمن نازين جو وڻندڙ شُغل مارڻ ئي هو.
1941ع ۾ نازين مڪمل طور جپسين کي مارڻ جو اخري فيصلو ڪيو (جنهن کي تاريخ ۾ Final Solution به چوندا آهن) رُڳو پولينڊ جي نازي ڪئمپن ۾ ٽيهه هزار جپسين کي موت جي ماٿريءَ ۾ پهچايو ويو. بيلجيم، هالينڊ ۽ فرانس مان هزارين جپسين کي جهلي آشويز جي مشهور ڪئمپ ۾ موڪليو ويو، ۽ ماريو ويو. انهن ڪئمپن مان ڀڄي جيئرو بچندڙ ڪولڪا ۽ ڪرائوزر جهڙن ماڻهن، جپسين جي ان عوامي قتل بابت دل ڌوڏيندڙ ڀوائتي ڄاڻ ڏني، جيڪو جولاءِ 1944ع ۾ ٿيو. مقصد ته يوڪرين، ڪريميا، ۽ بالٽڪ سمنڊ جي رياستن ۾ جتي به جرمن ويا، تن جپسين کي نهوڙي ناس ڪيو.
يوگو سلاويا ۾ جپسين ۽ يهودين جو اهو عوامي قتل 1941ع ۾ شروع ٿيو. هنن کي جهنگن ۾ وٺي وڃي گوليون هنيون وينديون هيون. انهن علائقن جي ڪُڙمين کي جپسي ۽ يهودي عورتن ۽ ٻارڙن جون رڙيون، ڪيهون ۽ ڪيڪون هينئر به ياد آهن، جڏهن کين مارڻ لاءِ ٽرڪن م ڀَري انهن علائقن ۾ نيو ويندو هو.
جپسين کي سڀني کان وڌيڪ هاڃو هنگريءَ ۾ ٿيو، جتي سمورن جپسين مان پنجهتر سيڪڙو جپسي رهندا هئا. هڪڙي اندازي موجب: هنگريءَ ۾ ٻه لک جپسين کي قتل ڪيو ويو، ۽ سموري يورپ ۾ پنج لک جپسي ماريا ويا.
ڪجهه بچندڙ ماڻهن، موت جي وات ۾ جپسين جي بهادري ۽ زندگيءَ سان پيار بابت اکين ڏٺل واقعا ٻُڌايا آهن. جپسين سان گڏ قيدي بڻجندڙ ۽ هاڻي اسرائيل ۾ رهندڙ مريم نويخ ٻُڌايو ته: ”اهو ڄاڻندي به ته کين سڀاڻي ماريو ويندو، اهي سڄي رات پنهنجن ٻارن ۽ عورتن کي ڏَڍُ ڏيڻ لاءِ ڳائيندا ۽ نچندا هئا، ۽ پوءِ پرهه ڦٽيءَ مهل کين گوليون هنيون وينديون هيون. جڏهن وڙهڻ جي مهل ايندي هئن، ته اهي هٿين خالي يا چاقئون جي مدد سان مشين گنن سان هٿياربند نازين تي جُلهه ڪندا هئا. اهي بيشڪ جيالي نسل جا ماڻهو هئا.“
ٻي مهاڀاريءَ جنگ جي پُڄاڻيءَ تي جيتوڻيڪ جپسين جي جاني توڙي مالي نقصان جي پورائي ۽ معاوضي لاءِ عالمي عدالتن ۾ قانون ٺهيا، پر اڄ ڏينهن تائين جپسين کي ڪنهن به قسم جو ڪو معاوضو نه ڏنو ويو، ۽ نه ئي جنگ کان پوءِ يورپ سندن بابت پنهنجو ورتاءُ بدلايو. ظاهر آهي، ته يورپي سماج جي ان ڪٺورتا، جپسين کي ويتر چيڙائي وڌو آهي.
ڪجهه ورهين کان پوءِ اُهي پنهنجي هندستاني ثقافتي سُڃاڻپ بابت ڦُڙتيءَ ۽ چُستيءَ سان عمل پيا ڪن. هاڻي اُهي هر هنڌ پنهنجي رومانوي ڪانگريس ڪوٺائين ٿا، ۽ هاڻي دنيا جا جپسي هڪڙي تنظيمي ڍانچي ۾ جُڙندا پيا وڃن. ڪيئي لساني ماهر، روماني ٻولي ۽ سندس هدستاني بنياد بابت کوجنا ۾ رڌل آهن. روماني ٻولي توڻي گهڻي لچڪيدار آهي، ۽ منجهس سڄيءَ دنيا جي ٻولين جا لفظ موجود آهن، پر سندس گرامر ۽ لفظن جي پيڙهيائتي پاڙ هندي، سنڌي، مارواڙي، گجراتي ۽ پنجابي ٻولين سان ملندڙ جُلندڙ آهي.
ڊاڪٽر اختر حسين رائپوري پنهنجي ڪتاب ”گرد راهه“ ۾ لکيو آهي، ته لنڊن ۾ ”سوهو“ ۾ هن ڪجهه جپسين کي ڳائيندي ٻُڌو، جن جا بولَ هئا:
”اپر دي رخ آر چڙڪلا اينڊ چڙڪلي ني،
انڊر دي رخ آر پيارا اينڊ پياري ني.“
مارواڙي ڀيل ۽ ڪَڇي اڄ به جهرڪَ کي ’چِڙڪلو‘ ئي چون ٿا.
نڪولائي سليچنڪو، هڪڙي جپسي لوڪ ڪٿا هن ريت ٻڌائي آهي:
”آڳاٽي زماني ۾ سگهارن ۽ سُهڻن ماڻهن جو هڪرو قبيلو، هندستان ۾ درياءَ ڪناري رهندو هو. هنن جي موهيندڙ، مٺن ۽ پيار سان ڀرپور گيتن ۾ هڪڙو وڻندڙ رَس هو، ۽ سندن جهومائيندڙ ۽ موهيندڙ ناچن ۾ زندگيءَ جو جوڀن هو. شايد هنن کي پنهنجي فني گهرائيءَ ۽ قوت سببان هيءَ ڄاڻ هئي، ته اها کين هر هنڌ ڀٽڪڻ تي مجبور ڪندي.“
جپسي ايڏيءَ نرم مٽيءَ مان به ٺهيل نه هئا، ۽ نه ئي اهي سولائيءَ سان وقت هٿان هار مڃڻ لاءِ تيار هئا. اولهه جي ڇسي مشيني دنيا کي ڌڪاري، اڄ به اٽڪل ٽيهه لک جپسي، هن دنيا جي گولي تي روان دوان آهن. يورپ لاءِ نازين جي ظالم ڪاهه جيتوڻيڪ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچي چڪي آهي، پر جپسين جا ڏُک ۽ پيڙا ساڳي آهي.
آئون 1974ع ۾ واشنگٽن ڊي. سي ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي دوست شيخ اڪبر عالم سان گڏ رهندو هوس. هڪڙي ڏينهن صبح جو ڪنهن گهر جو دروازو کُڙڪايو. مون دروازو کوليو، ته زماني جي ستايل هڪڙي اڌڙوٽ ڄمار جي عورت کي گهاگهاري ۾ ڏٺم. هُوءَ مون کي ڏسي مُرڪي. مون اچرج مان پُڇيو:
”تون ڪير آهين، ۽ ڇا ٿي چاهين؟“
”ڇا هيءُ اِڪيءَ جو گهر آهي؟“ هُن پُڇيو،
”ها!“ مون وراڻيو.
”ائون لاطيني جپسي آهيان. هڪڙي آمريڪيءَ مون سان شادي ڪري مون کي هتي آندو ۽ هيڪلو ڇڏي ڏنائين. آئون ڏاڍي بُکايل آهيان. تون منهنجو پنهنجو ماڻهو آهين. مون کي ٿورڙي مدد جي گهُرج آهي.“ هوءَ آهستي آهستي ڳالهائيندي ماٺ ڪري بيٺي رهي. مون کي جيئن ته تنهن زماني ۾ جپسين بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي، تنهن ڪري کيس ڌنڌوڙي فقيرياڻي سمجهي، مون دروازو هڪدم بند ڪري ڇڏيو.
ان وقت کي اڍائي ورهيه لنگهي چُڪا آهن، پر هاڻي جڏهن آئون ان پوڙهيءَ بابت سوچيان ٿو، ته مون کي پاڻ منجهه هڪڙو نازي ڀُوت ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ ان کان پوءِ مون پنهنجي ان لاشعوري ڄٽپائيءَ تي پنهنجي پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو. شايد ان ڪري آئون به لاڏائن جيان ڀٽڪندو رهيو آهيان! ڄڻ زندگيءَ، سچائيءَ ۽ سُڪون جا دروازا مون تي بند ٿي ويا هجن!

(ڪتاب; ڀٽڪنڙ نسل ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)