ڪھاڻيون

سپنن جو انت

رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2258
  • 870
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جو انت

• دلنواز اسلوب جو مالڪ ــ رضوان گل

ادب جي وصف بيان ڪرڻ ائين ڏکي آهي جيئن ڪنهن ٻئي فن جي وصف بيان ڪرڻ مشڪل ٿيندي آهي. ڪجهه ماڻهو هر ان علم کي جيڪو اسان وٽ ڪنهن ڪتابي صورت ۾ پهچي ٿو، ادب قرار ڏنو آهي. جڏهن ته جڳ مشهور برطانوي اديب والٽر پيٽر (Walter Patter) جو خيال آهي ته ادب واقعن ۽ حقيقتن کي فقط پيش ڪرڻ جو نالو ڪونهي. ڪنهن تحرير کي ادب چوائڻ لاءِ اسلوب جي به ضرورت هجي ٿي.
والٽر پيٽر اهو پڻ چوي ٿو ته، ڪنهن ادبي يا فني تخليق کي پرکيندي هي ڏسڻ گهرجي ته پڙهندڙ تي ان تخليق ڪهڙو اثر وڌو آهي ۽ ان اثر جو ڪيترو احساس کيس رهيو آهي. هو اهڙن سوالن جا جواب ڪٺا ڪري ٿو ته هڪ تصوير يا گيت ڪيئن آهي؟ ۽ ان جي ليکڪ مٿس ڪهڙو اثر ڇڏيو آهي. ان مان کيس ڪو لطف اچي ٿو يا نه. اها ڪهڙي چاش ۽ چوس آهي، سا به ڪهڙي نوعيت جي ۽ سندس فطرت تي اهي ڳالهيون ڪهڙو اثر ٿيون وجهن؟
ادب انساني اظهار جو هڪ ذريعو آهي، پر هر اها شيءِ جنهن جو اظهار لفظن ۾ ڪجي ۽ لِکي به وڃي، ضروري ناهي ته اها ادب جي زمري ۾ شامل ٿي سگهي. اهي سموريون تحريرون جيڪي معلوماتي هجن، مثال طور سائنسي علم، علمي ۽ صحافتي تحريرون، سي سڀ ان وقت تائين ادب جي زمري ۾ شامل ٿي نٿيون سگهن جيستائين اهي فنِ لطيف جي حدن کي ڇُهي نٿيون وٺن. ڪڏهن ڪڏهن ڪيترا ئي نظم ذهني ۽ جذباتي گهرائين کي ڇهي نه سگهڻ سبب ادب جي زمري ۾ اچي نه سگهندا آهن جڏهن ته ڪجهه سائنسي تجربا وري اهڙي ته ڍنگ سان پيش ڪيا ويندا آهن جو اهي ادبي فن پارا لڳندا آهن.
ڪهاڻي پڻ ادب جي هڪ شاخ آهي. هن نثري صنف ذريعي زندگيءَ جي ڪنهن هڪ جُز (واقعي يا پهلوءَ) کي اهڙي ته فن ۽ سليقي سان پيش ڪيو ويندو آهي جو ڪهاڻيءَ جي اختتام تي پڙهندڙ حيرت ۾ وڪوڙجي ويندو آهي. ڪهاڻيءَ جو ميدان ايترو ته وسيع آهي جو ڪهاڻيڪار کي ان ۾ تجربي جي پوري آزادي حاصل هجي ٿي. ۽ منهنجي خيال ۾ اهائي آزادي هن صنف جي جان هجي ٿي.
سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ڊگهي قطار تي جڏهن نظر ڦيرائجي ٿي ته ان ۾ اسان جو يار رضوان گل پڻ نمايان نظر اچي ٿو. رضوان گل سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نون نون تجربن ۽ هيئت کي پنهنجو ڪندڙ هڪ منفرد ڪهاڻيڪار آهي. رضوان گل سنڌي ادب ۾ تمام وڏو نانءُ رکندڙ محترم سائين بشير احمد شاد صاحب جو فرزند آهي. گهر ۾ علمي ماحول هجڻ سبب ننڍپڻ کان ئي رضوان ۽ سندس ڀاءُ اسانجي پياري دوست احسان دانش کي ادب سان فطري لڳاءُ رهيو آهي. رضوان گل ابتدا ۾ شاعريءَ طرف توجهه ڏنو هو، پر هاڻ ڪهاڻيءَ طرف اچي چڪو آهي. تمام ٿوري عرصي ۾ هن ڪهاڻيءَ جي حوالي سان پڻ پنهنجي پختي سڃاڻ ٺاهي ورتي آهي. رضوان گل جي ڪهاڻين جي هڪ هڪ سٽ، هڪ هڪ منظر، هڪ هڪ ڪردار ۽ هڪ هڪ موڙ حقيقت جي بلڪل قريب ٿو لڳي. هن جون ڪهاڻيون پنهنجي مٽيءَ جون ڪهاڻيون ٿيون لڳن. جنهن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته هي يار پنهنجي مٽيءَ سان ڪيتري نه محبت ڪري ٿو. منهنجي سامهون رضوان جون جيڪي ڪهاڻيون هن ڪتاب جي صورت ۾ کُليون پيون آهن، اهي ٻڌائن ٿيون ته رضوان گل جي نظر پنهنجي سماج تي اهڙي طرح آهي جو هو ان جي فردن جي تمام چڱاين، مداين، خوبين، خامين، خوشين، غمين ۽ الجهنن ۾ پاڻ کي هر وقت شامل سمجهي ٿو. هن جون ڪهاڻيون پڙهندي دل تي جبر نٿو ڪرڻو پوي، اهي ڪهاڻيون پاڻ کي پڙهندڙ کان پڙهائي وٺن ٿيون.
”سپنن جو انت“ ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون درياءَ جي وهندڙ پاڻيءَ جيان رواني ۽ خوبصورتيءَ جو بهترين مثال آهن. رضوان جون ڪهاڻيون چنڊ جيان روشن ۽ رات وانگر پُراسرار پڻ آهن.
رضوان گل جون ڪهاڻيون هڪ طعي شده منزل طرف ڌيمي چال سان هلن ٿيون تنهن ڪري اهي زندگيءَ کي تمام ويجهو ڏسجن ٿيون. مونکي هن جون سموريون ڪهاڻيون هڪ صالح ۽ ايماندار پيغام ڀاسن ٿيون. رضوان جون ڪهاڻيون پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اڄ به سماجي حقيقت نگاريءَ تي مبني ڪهاڻيون لکيون وڃن ٿيون. رضوان افسانا ته لکي ٿو، پر انهن ۾ افسانوي ڳالهيون نٿو ڪري. معاشري جي سنگين حقيقتن، تاريڪين، قباحتن ۽ محرومين کي موتين جهڙن لفظن ذريعي اسان جي سامهون آڻي ٿو. هن جون ڪهاڻيون سادن سودن لفظن ۾ لکيل ڪهاڻيون آهن جيڪي يقينن دل کي ڇهن به ٿيون ته پڙهندڙ کي حيرت ۾ پڻ وڪوڙي ڇڏين ٿيون. هن جي هر ڪهاڻي پڙهندڙ کي پنهنجو هجڻ جو احساس ڏياري ٿي. جيئن رضوان جو مزاج سادو آهي تيئن سندس ڪهاڻيون پڻ ڪنهن به بناوٽ کان پاڪ آهن. هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪو خطيب يا مقرر نظر نٿو اچي.
رضوان نهايت سادي زبان لکڻ جو عادي آهي. ننڍن ننڍن جملن ۾ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. ۽ جيستائين ٿي سگهي مسئلن جو حل پڻ پيش ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار اجنبي ڪونهن، بلڪه اسان جي چوگرد رهندڙ اهي فرد آهن جيڪي زندگيءَ جو فرض ادا ڪندا ٿا رهن. رضوان گل جون ڪهاڻيون زندگي، فن ۽ شخصيت جي متوازن امتزاج جو عڪس آهن. رضوان فرد جي ذهني ۽ جذباتي ڪيفيتن کان پڻ غافل ڪونهي. هن جو پوري خلوص سان زندگيءَ سان رشتو جڙيل آهي.
ڪنهن به تخليقڪار جي انفراديت جا ڪي خاص سبب ٿيندا آهن. جن جي بدولت تخليقڪار جو اسلوب، نظريو ۽ ذهني نچوڙ سندس تخليقن ۾ شامل ٿيندو آهي. هر لکندڙ جو پنهنجو مزاج، طريقو ۽ رويو ٿيندو آهي. ۽ هر ڪهاڻيءَ جا پنهنجا تقاضا ٿيندا آهن. رضوان گل به تقريبن هر طرح جون ڪهاڻيون لکيون آهن. طويل، مختصر، ڪيترن ئي رنگن ۾ رڱيل ڪيترن احساسن تي مبني مختلف ۽ پُر اثر ڪهاڻيون! جن ۾ ڪجهه اهڙا شاهڪار پڻ شامل آهن جن کي ڪنهن به حوالي سان پرکجي ته به سندن تاثر ۾ ڪا ڪمي نظر نٿي اچي. جيڪڏهن رضوان گل رڳو اهي چند ڪهاڻيون ئي لکي ها ته به سندس نالو سنڌيءَ جي سٺن ڪهاڻيڪارن ۾ شامل هجي ها. اهڙين ڪهاڻين ۾”نڪمو“ ، ”اڻ تڻ“ ، ”سپنن جو انت“، ”لڙڪن جو سيلاب “ ۽ ”پهرين تاريخ“ کي ڳڻائي سگهجي ٿو. رضوان جي ڪهاڻي ”لڙڪن جو سيلاب“ پڙهي ته آئون خود ڪيتري دير لڙڪن جي سيلاب ۾ لڙهي ويو هئس. ان ڪهاڻيءَ جي انت مونکي روئاري روئاري حال کان بيحال ڪري ڇڏيو هو.
رضوان گل پنهنجي ڪهاڻين ۾ زبان جي شيري ۽ چاشنيءَ جو احساس اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ حالتن ۽ واقعن جو ذڪر اهڙي ته انداز ۾ ملي ٿو جو پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي ڪهاڻيءَ جو هڪ جيئرو جاڳندو ڪردار تصور ڪرڻ لڳي ٿو. رضوان گل ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو اسلوب استعمال ڪيو آهي اڄ جو هر ڪهاڻيڪار تقريبن اهو ساڳيو جديد اسلوب استعمال ڪري ٿو. پر رضوان جي اسلوب ۾ هڪ خاص اثر آهي، جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو.
رضوان کي اڳتي هڪ طويل سفر طعي ڪرڻو آهي، جيڪو ڏکيو به آهي ته انتهائي رياضت طلب به. مونکي يقين آهي ته جيڪڏهن اسانجي هن دوست وٽ ڪهاڻيءَ لاءِ ساڳي تشنگي برقرار رهي ته مستقبل ۾ ڪاميابي سندس قدم ضرور چمندي. ڇوته تشنگي تخليق کي ”تڪميل“ سان هم ڪنار ڪندي آهي. تشنگي تخليقڪار جي ان اضطراب کي زنده رکندي آهي جيڪو تخليقي ڪينواس لاءِ ضروري هوندو آهي. بهرحال، سنڌي ٻوليءَ جو هي ترقي پسند ۽ دلنواز اسلوب جو مالڪ ڪهاڻيڪار بلاشڪ خراج تحسين جو حقدار آهي.

مظهر ابڙو
”احمر جو گهر“ گلشنِ نظير،
نيو شهباز ڪالوني، خيرپور ميرن واري، سنڌ
18 آڪٽوبر 2013ع