ڪھاڻيون

سپنن جو انت

رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2258
  • 870
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جو انت

22. هوءَ ۽ مان

مان هن کي مرگلا ڪار جي پوئين سيٽ تي ويهندي تن ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو جڏهن اڪثر انٽرنيٽ ڪيفي تي ويهي اڻ ڏٺل حسينائن سان چيٽنگ ڪندو هوس. ان وقت لائيٽ بليو ڪلر جي جِينس، ٽي شرٽ ۽ اسپورٽس بُوٽ ڏاڍي شوق سان پائيندو هيس.
هُن کي ڏسي منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي ويندي هئي. من تي سندس حسن جو سحر طاري ٿي ويندو هو. ان ڪار جي پويان چرين جيان ڊوڙي پوڻ جو خيال ايندو هو. دل چوندي هئي کيس سامهون ويهاري ڪيئي پل ۽ پهر ڏسندو رهان پر دل جي هر خواهش جي تڪميل ڪٿي ٿي ممڪن ٿئي!
هڪ ڏينهن جڏهن مان پنهنجن دوستن سان انٽرنيٽ ڪيفي ۾ ويٺو هوس ته سامهون اچانڪ هُن تي نظر پئجي وئي هئي. سندس هڪ ئي جھلڪ ڏسڻ سان هوش خطا ٿي ويا هئا. ان پل منهنجو وجود ته ڪيفي جي ان ئي ڪرسيءَ تي موجود هو پر سڀئي خيال ان ڪار جي پويان ڊوڙون پائيندا هليا ويا هئا. سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته مون کي ڇا ٿي ويو هو ان هڪ ئي لمحي ۾، جڏهن منهنجين ديدن هُن جي هڪ جھلڪ پسي هئي.
شيشي جي دروازي کي ڌڪو ڏئي ٻاهر نڪري آيس، روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ جا زوردار هارن ۽ ماڻهن جي پيههَ ويتر پريشان ڪري ڇڏيو. پنهنجي ان ڪيفيت کي پاڻ به سمجھي نه سگھيس، بس اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي.
پوءِ هر روز هُن جو ڪيفي جي شيشي واري در مان درشن ڪندو هوس. ڪار ۾ ويهندي هئي ۽ چند سيڪنڊن ۾ ئي منهنجي اکين کان اوجھل ٿي ويندي هئي. هوءَ مون کي خوبصورتيءَ جي ديوي لڳندي هئي. مان ڀائيندو هيس ته هُن جي جوڀن ۽ سونهن جو موهه منهنجي اکين ۾ ئي سمايل آهي جنهن کي فقط مان ئي محسوس ڪري سگھان ٿو. ها! بس فقط مان...
ڪيترائي ڀيرا سوچيم ته ڊڪ پائي وڃي ان گاڏيءَ جي ڀرسان بيهان، کيس ويجھو کان ڏسان، پر چاهيندي به الائي جي ڇو ائين ڪري نه سگھندو هوس. بس شيشن جي اندرئين پاسي کان ئي هر روز انهيءَ ٽائيم تي کيس ڪار ۾ ويهندي ڏسندو هوس ۽ ڪار زوزاٽ ڪندي نڪري ويندي هئي. مون کي هڪ ڳالهه تمام پريشان ڪندي هئي ته آخرڪار هوءَ رات جو يارهين، ساڍي يارهين وڳي ائين ٺهي ٺُڪي آخر ڪيڏانهن ويندي هئي! جيتوڻيڪ وڏن شهرن ۾ رات جو اهو ٽائيم ڪو وڏو ناهي، پر هرروز! شايد رات واري شفٽ ۾ ڊيوٽي هوندس يا وري ڊاڪٽرياڻي هوندي ۽ ڪنهن ميڊيڪل سينٽر تي وڃڻو هوندس... ذهن ۾ مختلف سوچون اچڻ لڳنديون هيون. هڪ خيال اوچتو ذهن جو در کڙڪايو ته ’جنهن اپارٽمينٽ مان هوءَ نڪرندي آهي اتان جي ڪنهن ماڻهوءَ کان جاچ ڪيان.‘ ڪيفي مان نڪري روڊ ڪراس ڪري انهيءَ اپارٽمينٽ طرف هلڻ لڳو هيس پر هڪ هنڌ منهنجا قدم جھڪا ٿيندي ٿيندي رڪجي بيهي رهيا. خيال آيو ته مان هن جو نالو يا فليٽ نمبر به ته نه ٿو ڄاڻان! پوءِ ائين ڪنهن کان معلوم ڪندس! اتان ئي منهنجا قدم واپسي واري رستي تي هلڻ لڳا. واپس اچي انٽرنيٽ ڪيفي تي ويٺس.
هڪ ٻيو خيال آيو. ’اڄ سندس واپسيءَ جو انتظار ٿو ڪريان.‘ آخر ڊيوٽي ختم ڪري گهر ئي ته واپس ورندي. بس ان وقت مان سندس ويجھو وڃي کيس ايڪسڪيوزمي چئي پنهنجي اندر جو اڌمو بيان ڪري ڇڏيندس. ائين الائي جي ڪيترا خيال ذهن ۾ گردش ڪندا رهيا. هن ۾ الائي ته ڪهڙي ڪشش هئي جو منهنجي ننڊ ئي حرام ٿي وئي هئي. ڪجهه به نه ٿي وڻيو ڪابه ڳالهه سمجھ ۾ نه ٿي آئي ته مون کي هن ڪيئن پنهنجو ديوانو ڪري ڇڏيو هو! ’پر هن کي ته ڪا خبر ئي نه آهي ته مان....... هن ته مون کي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونهي! پوءِ هن جو ڪهڙو قصور!‘ پاڻ سان ئي ڳالهائڻ لڳو هيس. پريشاني... مونجهه... بيچيني... نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پي روالونگ چيئر تي ويهي رهيو هيس. منهنجا سڀئي دوست پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي چڪا هئا. ’هاڻي مون کي به گھر وڃڻ گھرجي. پر نه اڄ ئي ته هن سان ملڻ جو بهترين موقعو آهي ڇو ته امي ۽ ابو حيدرآباد ويل آهن.‘ سوچيو هيم.
روالونگ چيئر تان اٿي اچي انهيءَ جاءِ تي ويٺس جتان هر روز هن کي ڏسندو هيس. ٽائيم گذارڻ لاءِ انٽرنيٽ تي مختلف ٻاهرين دوستن سان چيٽنگ ڪرڻ لڳس. ائين ٽائيم گذرندو رهيو. ٻارنهن، هڪ، ٻه، ٽي، منهنجي اکين تي ننڊ جا کيپ چڙهڻ لڳا. ٽي لڳي چاليهه منٽ ٿيا ته ساڳئي مرگلا انهيءَ هنڌ تي اچي بيٺي ۽ اها دلڪش حسينه جنهن مون کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو هو، پوئين دروازي کان ٻاهر نڪتي. مان يڪدم اُٿي بيٺس. ڪار هلي وئي. مان ٻاهر نڪري آيس. هوءَ ٿڪل ٿڪل قدم کڻندي پنهنجي اپارٽمينٽ واري رستي تي هلڻ لڳي. رات جي سانت، سنسان روڊ ۽ مان سندس پويان پويان. آهستي آهستي سندس پيڇو ڪندي همت نه ٿي ته ڊڪ پائي کيس ڪجهه چوان... اپارٽيمينٽ جي وڏي گيٽ جي ننڍي دروازي مان به ٽپي اندر آيس. لفٽ بند هئڻ ڪري ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳي. فرسٽ فلور جي آخري ڏاڪي تي پير رکيائن ته مان کيس هٻڪندي ”ايڪ... ايڪسڪيوزمي“ چيو.
ڪنڌ ورائي ڏٺائين، هر پاسي چانڊوڪي ڦهلجي وئي. هڪ پاسي ڪنڌ جُھڪائي خماريل اکين سان مون کي نَنهن کان چوٽيءَ تائين چتائي ڏٺائين ۽ پوءِ ڌيمي لهجي ۾ چيائين: ”هُون، چئو؟“
”مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“ مون همت ڪري چئي ڏنو هو.
”ڇا ڳالهائڻو آ؟“
”ڪجهه ٻڌائڻو آ توهان کي!“ مون معصوميت واري انداز ۾ چيو هو.
مرڪي پئي هئي شايد منهنجي معصوميت تي. چيو هئائين: ”منهنجي پويان اچ.“
منهنجون نظرون بيساخته سندس ڀوري جسم تي پهريل سنهڙي لباس ڏانهن ڇڪجي ويون، جنهن مان سندس جوڀن جو ڇلندڙ سمنڊ ۽ جوانيءَ جي ڀرپوريت ليئا پائي رهي هئي. هڪدم نظرون ٻي طرف هٽائي ڇڏيم. لڱن مان سيسراٽيون نڪري ويون، چاهيندي به نه ڏسي سگھيو هيس.
ٽين فلور تي فليٽ نمبر اي 232 جو دروازو کولي اندر اچڻ لاءِ چيائين. مون کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري پاڻ بيڊ روم ۾ هلي وئي.
مان چند گھڙين لاءِ پريشان ٿي ويس. ذهن ۾ مختلف خيال اچڻ لڳا. جسم ٺري برف ٿي ويو. پيشانيءَ تان پگھر ڳڙڻ لڳو. ڪجهه منٽن بعد نائٽي پهري سامهون واري سوفا سيٽ تي اچي ويٺي. چيائين: ”جلدي چئه! مون وٽ ٽائيم تمام گھٽ آهي.“
هڪ ئي ساهي ۾ چئي ويس: ”تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين، مان توسان بي انتها پيار ٿو ڪريان، مان توسان شادي....“
منهنجيون ڳالهيون ٻڌي مسڪرائڻ لڳي هئي...
چيو هئائين: ”ڪير آهين؟“
هٻڪندي چيو هيم: ”تنهنجو عاشق.“
وارن ۾ هٿ ڦيريندي وراڻيو هئائين: ”تون منهنجو عاشق ٿي نه ٿو سگھين! تون اڃا ننڍڙو آهين، ان ڪري منهنجو عاشق ٿيڻ لاءِ اَن فِٽ آهين.“ چپن تي هلڪي مسڪراهٽ هيس.
”ڇو؟ ڇا لاءِ ان فٽ آهيان مان!؟ مان جوان يا سمارٽ ناهيان؟!“ مان پنهنجو دفاع ڪيو هو.
سنجيده ٿيندي چيو هئائين: ”منهنجو عاشق ٿيڻ لاءِ جوان ۽ سمارٽ هئڻ لازمي ناهي.“
چيم: ”باقي تنهنجي عاشق ٿيڻ لاءِ مون کي ڇا ٿيڻو پوندو؟ مان سڀ ڪجهه ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.“
”هاهاهاهاها....“ هن جا ٽهڪ هوا ۾ وکري ويا هئا. ”تون ڪنهن وڏيري، وزير، پوليس واري يا ڪنهن راشي آفيسر جو پٽ آهين؟“ سندس سواليه نظر مون کي جنجھوڙي ڇڏيو هو.
”نه منهنجو پيءُ ماستر آهي.“ چيو هئم.
جھٽڪو ڏئي سوفا سيٽ تان اٿي بيڊ روم ڏانهن هلي وئي هئي ۽ ان ئي ساعت واپس اچي منهنجي هٿ ۾ پنج سئو جو نوٽ ڏيندي ڳل تي ٿڦڪي هڻندي چيو هئائين: ”مجنونءَ جو ڀاءُ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر! پيار ٻيار ڪجهه به ناهي. تون اڃا ٻار آن. جڏهن تون وڏيرو، وزير يا ڪو راشي اعلى عملدار ٿئين تڏهن مان پاڻ تو وٽ هلي اينديس تنهنجي عاليشان بنگلي ۾، تنهنجي ئي چمڪندڙ شاندار ڪار جي پوئين سيٽ تي ويهي.“