17. لڙڪ ۽ مرڪ
”منهنجا ٻچا، هي ڇا ٿي ويو؟“ امڙ جي آواز ۾ پيڙا هئي.
نظر ڦيرايم ته منهنجي پيرانديءَ واري پاسي کان صنوبر به ويٺي هئي. گھڻي روئڻ ڪري سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. صنوبر کي پنهنجي ڀر ۾ ڏسي کن پل لاءِ سڀئي سورَ وسري ويا. ابوءَ چيو: ”پٽ الله جو شڪر آهي جو تنهنجي حياتي بچي پئي، ماڻهو ٻڌائين پيا ته ايڪسيڊنٽ ڏاڍو خراب ٿيو هو.“
مان ڪجھ چوان، ان کان اڳ ڊاڪٽر چيو: ”پليز مريض کي آرام ڪرڻ ڏيو... الله ڪندو سب ٺيڪ ٿي ويندو.“
مون اکيون بند ڪري ڇڏيون ته ذهن جي پردي تي ڄڻ ڪا فلم هلڻ لڳي... ۽ ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس چٽا ٿيڻ لڳا.
..........
اسڪول ۾ جڏهن صنوبر جو هوم ورڪ نه ٿيل هوندو هو ته مان کيس بريڪ ٽائيم ۾ هوم ورڪ ڪري ڏيندو هوس. ٽيچر جڏهن ڪنهن به ڳالهه تي صنو کي دڙڪا ڏيندي هئي ته دل چوندي هئي ٽيچر جي وات تي هٿ رکي ڇڏيان يا کيس چوان ته صنو جي حصي جا دڙڪا به مون کي ڏئي ڇڏ. صنو جڏهن پنهنجي ابُوءَ جي انتظار ۾ اسڪول جي گيٽ تي اچي بيهندي هئي ته مان تيستائين پنهنجي گاڏيءَ ۾ نه ويهندو هوس جيستائين سندس ابُو نه اچي... پوءِ صنو پنهنجا هٿ لوڏيندي مون کي الوداع چوندي هئي ۽ مان پنهنجي گاڏيءَ ۾ اچي ويهندو هوس. گاڏيءَ جي شيشي مان جيستائين صنو نظر ايندي هئي تيستائين کيس ڪنڌ ورائي ڏسندو رهندو هوس. ڪيڏي نه پياري هئي صنو! مون کي ڏاڍي وڻندي هئي، پوءِ جڏهن پاڻ مئٽرڪ ۾ پهتاسين ته مان محسوس ڪيو ته صنو ٻين سڀني شاگردياڻين کان تمام گھڻي منفرد هئي. اکيون، چپ، نڪ، گول مٽول ڳل، خوبصورت مرڪ ۽ هن جي هر ادا... بس اها صنوبر جي خوبصورتي ئي هئي جيڪا اسڪول کان ڪاليج تائين مون کان سندس هوم ورڪ به ڪرائيندي هئي ته نوٽس به ٺهرائيندي هئي... اها خوبصورتي جيڪا ٻال وهيءَ کان مون کي وڻندي هئي. تڏهن کان جڏهن اڃا اها سڌ ئي نه هئي ته احساسن ۽ جذبن جا رنگ جڏهن پيار جي مينهن ۾ پسي پوندا آهن ته دل جي ڪئنواس تي الاءِ جي ڪيتريون سهڻيون ۽ من موهيندڙ تصويرون جُڙي پونديون آهن. جوانيءَ جي سرحدن ۾ پير پائڻ کان پوءِ جڏهن ڪاليج ۾ پهتاسين ته اهي پيار جا رنگ اسان جي وجود تي چٽا ٿي اڀري آيا. پيار! جنهن جون هزارين معنائون آهن، هر معنى خوبصورت. پر جڏهن اهو پيار عشق جي ماٿريءَ تي پير ڌريندو آهي ته عقل وارن جي لغت ۾ ان کي ديوانگي ۽ چريائپ جھڙن خطابن سان نوازيو ويندو آهي... ها ڀل ته عشق چريائپ جو ٻيو نالو هجي پر اها عشق واري ديوانگي دنيا جي سڀني سياڻن ماڻهن کان تمام گھڻي اعلى ۽ اتم آهي.
معصوم محبت کان ويندي شعور جي دنيا ۾ قدم رکڻ تائين، جڏهن به ڪنهن صنو ڏانهن نهاريو ته مون کي اهو زهر لڳو. جنهن به صنو سان ڳالهايو ته منهنجو رت ٽهڪي پيو. جڏهن صنوبر کي بخار ٿيندو هو ته منهنجون راتين جون ننڊون حرام ٿي وينديون هيون. جيستائين بلڪل ٺيڪ ٿي سامهون نه ايندي هئي تيستائين مان تڙپندو رهندو هوس. صنوبر به ته مون لاءِ ائين ئي تڙپندي هئي. سندس منُ به مون لاءِ ائين ئي آتو هوندو هو. هڪ ڀيري ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ هلندي مون کي چيو هئائين: ”واجد! پاڻ ڪڏهن به جدا نه ٿينداسين نه؟“
”مون سندس گھرين ڪارين اکين ۾ گھوريندي چيو هو: ”صنو! تون ئي منهنجي روح جي راڻي آهين. تون ئي منهنجي ڪُل ڪائنات آهين. مان توکان سواءِ ڪنهن ٻي جو سوچي به نه ٿو سگھان! تون منهنجي آهين. ها صنو صرف منهنجي!“
منهنجو آواز ڳنڀير ٿي ويو هو. صنو منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺي زور ڏيندي چيو هو: ”ها! واجد مان صرف تنهنجي آهيان ۽ رهندس.“
انٽر جا امتحان ٿيا ته ٻئي اي ون گريڊ ۾ آيا هئاسين. صنوبر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم بي بي ايس جي انٽري ٽيسٽ ۾ پاس ٿي وئي ۽ مان مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سوِل شعبي ۾ داخلا ورتي. صنو ۽ مان پهريون ڀيرو مختلف ادارن ۾ داخل ٿياسين. دليون گڏ هوندي به ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ جسم کان روح جدا ٿي رهيو آهي. دل اُٻاڻڪي ٿي پئي هئي. داخلا ملڻ جي خوشي غم ۽ ماتم ۾ تبديل ٿي وئي. هڪ ويل دل ۾ آيو ’ڪاش! مان ميڊيڪل ۾ پڙهان ها...‘ صنو جون اکيون به آليون ٿي ويون هيون. گھڻو وقت هڪ ٻئي سان گڏ گھارڻ بعد هڪ ٻي کي همت ڏنيسين ته ’پاڻ هي پڙهائي وارا سال موبائيل تي رابطي ۾ رهنداسين، پابنديءَ سان ملندا رهنداسين ۽ پڙهائي پوري ڪري پوءِ ترت ئي شادي ڪنداسين.‘
مان ڄامشوري ۾ ۽ صنو لاڙڪاڻي ۾. ڏينهن، مهينا، سال گذرندا رهيا. اسان جي پيار اسان جي روح کي ول جيان وڪوڙي ڇڏيو هو. راتين جون راتيون ايس ايم ايس تي ڪچهريون ۽ ڪئمپس مان فون تي احوال. وقت جا ڪانٽا ڦرندا رهيا. صنو ڊاڪٽر بڻجي وئي ۽ مان انجنيئر.
صنوبر هڪ ڏينهن فون ڪئي، صرف سندس روئڻ جو آواز هو، سڏڪن جو آواز هو... ڪجهه به نه پئي ڳالهايائين...
مان کانئس سوال ڪري ڪري ٿڪجي پيس: ”آخر ٿيو ڇا آهي صنو. الله جو واسطو اٿئي، مون کي ٻڌاءِ، ڇا ٿيو آ؟ تون ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن ڪجهه چيو اٿئي؟ امي ٺيڪ آ؟ ابوءَ دڙڪا ڏنا اٿئي؟ طبعيت ته ٺيڪ اٿئي نه صنو... پلــــيز صنو خدا جو واسطو اٿئي ڪجهه ٻڌاءِ... صنو، نه ته مان به روئڻ شروع ڪندومانءِ... پلــــيز مون کي ڪجهه ته ٻڌاءِ؟ صــنــو! او صـنـــــو!“ مان ساڻو ٿي پيو هوس.
صنوبر ڏڪندڙ آواز ۾صرف هڪ جملو چيو هو: ”جانو! ابوءَ آمريڪا واري سؤٽ سان منهنجي شادي طئي ڪري ڇڏي آ!“
صنوبر انهيءَ حوالي سان کوڙ ڀيرا پنهنجي ان سؤٽ جو ذڪر ڪيو هو ۽ پنهنجي پيءُ جي ضديري هئڻ جون ڳالهيون به ٻڌايون هئائين ته سندس فيصلو پٿر تي لڪير جيان هوندو آهي جنهن کي ڪوبه مَٽي ناهي سگھندو. مان پنهنجي اميءَ کي صنو جي گھر سندس رشتي جي گھُر ڪرڻ لاءِ اڃا ٻه ڏينهن اڳ ئي موڪلڻ لاءِ صنوبر سان طئي ڪيو هو، ته نه ڄاڻ ڪيئن اچانڪ هي طوفان اچي ويو...!
منهنجي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي، مٿو چڪرائجڻ لڳو. ائين محسوس ٿيو جيئن ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ ڪرندو هجان. هٿ پير ڏڪڻ لڳا. دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. مٿي جون رڳون ڌنوڻ لڳيون... ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو! سوچن جون تپيل سيخون منهنجي ذهن ۾ ٽنبجي رهيون هيون...
صنوبر جي گھر رشتي لاءِ امي ۽ ابوءَ کي هاڻي بلڪل هن وقت موڪلڻ گهرجي! ڀلا اميءَ سان صلاح ڪريان ته ڇا ڪرڻ گھرجي! مان ڪهڙي به صورت ۾ صنو کي ٻي ڪنهن جو ٿيڻ نه ڏيندس... ڪيترائي خيال ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳا. ڇا ڪيان! ڇا ڪرڻ گھرجي. من ۾ آنڌ مانڌ شروع ٿي ويئي.
آفيس مان نڪري ڏاڪڻين جا ٻه ٻه ڏاڪا لهندو، تڪڙو تڪڙو پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏيءَ وٽ پهتس... گاڏيءَ کي شهر جي روڊن تان ٽريفڪ جي پيهه مان ڊوڙائيندو جيئن ئي اسپتال واري لاڙي وٽ پهتس ته سامهون ايندڙ ڊاٽسن سان زوردار ٽڪر ٿي ويو...
هاڻي مان جڏهن اکيون کوليون ته ايمرجنسي وارڊ ۾ ستل هوس. سڀئي منهنجي مٿان بيٺل هئا. منهنجين ٻنهي ٽنگن ۾ فريڪچر ٿي پيا هئا... مٿي، نرڙ ۽ نڪ تي زخم آيا هئا.
صنوبر جو ڪنڌ جُھڪيل هيو. مون ڏانهنس نهاريو... ڪجهه چوان ان کان اڳ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيائين: ”تنهنجي هن حالت جي ذميوار مان آهيان، واجد!“
سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ”پليز مون کي معاف ڪر واجد، پـلـــيــز مون کي ائين نه ڪرڻ کپندو هو... مان تمام گھڻي شرمنده آهيان.“
مون کي ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته صنوبر ڇا پئي چوڻ چاهي. اميءَ مون ڏانهن نهاريو، آهستگيءَ سان منهنجي نرڙ تي هٿ ڦيريندي چيائين: ”واجد! پٽ، صنو کي معاف ڪر! هيءَ مسلسل رُني آهي، تمام گھڻي شرمنده آهي ڏاڍو تڙپي آ تولاءِ.“
”پر!“ مان ڪوئي سوال ڪريان ان کان اڳ صنوبر منهنجي هٿ تي پنهنجو هٿ رکندي روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو: ”واجد! اڄ پهرين اپريل آهي. مون اپريل فول ڪيو توسان. منهنجي شادي طئي نه ٿي آهي...“