ڪھاڻيون

سپنن جو انت

رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2258
  • 870
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جو انت

15. منهنجو ارسلان

ريل آخري وسل هڻي پليٽ فارم تان آهسته آهسته هلڻ لڳي. مان ڪراچي وڃي رهيو هوس. مون سان گڏ منهنجو يارنهن سالن جو پٽ ارسلان به هو. مون سامهون ۽ ڀرسان ويٺل مسافرن جي چهرن تي ان خيال سان نظرون ڦيرايون ته متان ڪو ڏٺل وائٺل ويٺو هجي. ڪجهه ڏٺل وائٺل ماڻهو پرَ ڀَرو ويٺل هئا پر ڀرسان ويٺل سڀ چهرا اوپرا لڳا. ريل لاڙڪاڻي جو پليٽ فارم ڇڏي، آباديءَ وارن علائقن مان وسل وڄائيندي گذري رهي هئي. ريل ۾ ڪافي رش هئي جو قلندر جو ميلو ويجھو هو. غريب ماڻهو ميلي تي وڃڻ لاءِ ريل کي ئي ترجيح ڏيندا آهن جو ڪوچ جي ڀيٽ ۾ سفر سستو ۽ آسان هوندو آهي. رش ايتري هئي جو ماڻهو برٿ تي پڻ ويٺل هئا.
ارسلان دريءَ واري پاسي کان ويٺو تيزيءَ سان پوئتي ويندڙ منظرن کي حيرانيءَ مان ڏسي رهيو هو. مون کي آڱر جي اشاري سان رڍن جا ڌڻ، ڪکاوان گھر ۽ انهن گھرن ۾ موجود ماڻهو ۽ پالتو جانور ڏيکاري خوش ٿي رهيو هو.
ارسلان منهنجو سڪيلڌو پٽ آهي، جيڪو شاديءَ جي ڏهن سالن کان پوءِ پيدا ٿيو هو. مان ڪراچيءَ آفيس جي ڪم سان وڃي رهيو هوس. سوچيم ته پٽ کي به ڪراچي گھمائي اچان. هو ريل ۾ پهريون ڀيرو چڙهيو هو تنهنڪري سندس لاءِ سڀ ڪجهه نئون هو. مُڱن جي دال ۽ نمڪو وارو آيو ته معصوميت مان منهنجي منهن ڏانهن ڏسندي چيائين: ”ابُو! ڪاڪي کان دال وٺي ڏيندؤ!؟“
مان کيس نمڪو ۽ دال جون ٻه ننڍڙيون ٿيلهيون وٺي ڏنيون. ريل جا لوڏا ۽ ماڻهن جا گڏيل سڏيل آواز، ڪي سنها آواز؛ ڪي ڳورا آواز، ته ڪي وري ڪنن جا پردا ڦاڙيندڙ آواز! ماڻهن جون ڪچهريون جاري هيون. منهنجي ڀرسان ويٺل چاپئين ڏاڙهيءَ سان اڌڙوٽ عمر واري همراهه مون کان اوچتو سوال ڪيو: ”سائين! گاڏي دادوءَ ڪهڙي وقت پڄندي؟“
مون واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. ”ساڍا ست پيا ٿين. مان سمجھان ٿو ته ساڍي ڏهين تائين پهچڻ گھرجي.“
ارسلان! دال جا ٻه ٽي ٻه ٽي ڪڻا کائيندي ريل جي اندرئين ماحول کان بي نياز ٿي ريل کان ٻاهريان منظر ڏسڻ ۾ مصروف هو. ريل ننڍين ننڍين اسٽيشنن تي اسٽاپ ڪندي ۽ هلندي رهي. پاسي واري کيسي ۾ پيل موبائيل جي گھنٽي وڳي. اسڪرين تي ڏٺم. ارسلان جي ماءُ جي فون هئي.
”هيلو!“
”ڪٿي پهتا آهيو؟“
”بس هاڻي ڪجهه دير اڳ راڌڻ اسٽيشن ڪراس ڪئي آهي.“ مون چيو.
”ارسلان تنگ ته نه ٿو ڪريوَ نه؟“
”نه نه! ويٺو انجواءِ ٿو ڪري. اچي وٺ، ڳالهائينس.“
”هيلو! ارسلان ڇا حال آ، پٽ؟ مزو اچئي ٿو؟“
”ها امي ڏاڍو مزو آ. مان دريءَ واري پاسي کان ويٺو آهيان، کوڙ شيون ڏٺيون آهن. گھر اچي ٻڌائيندومانءِ. ابو مون کي شيءِ به وٺي ڏني آ. هاڻي ابوءَ سان ڳالهايو.“
ارسلان مون کي فون ڏئي نمڪو کائڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
”ٺيڪ آهي! پوءِ بعد ۾ وري ڪنهن اسٽيشن تي لهي ڳالهايان ٿو.“ مون چيو.
”ها ٺيڪ آهي.“ ارسلان جي ماءُ وراڻيو.
”ابو! ابو! هُو ڏسو ڪيڏا اُٺ ٿا وڃن سامهون.“
”ها ۽ هو ڏسو انهن سان گڏ ننڍڙو ٻچڙو به آهي.“ مون چيو.
سفر گذرندو رهيو. ڳنڍيرن، بوائل ٿيل انڊن، مڪئي سنگن، ڀڳڙن ۽ جوسن وارا مختلف اسٽيشنن تان چڙهندا هوڪا ڏيندا رهيا. ارسلان به مختلف شين جي فرمائش ڪندو رهيو ۽ مان سندس فرمائشون پوريون ڪندو رهيس.
ارسلان کي منهنجي ڪلهي تي ننڊ اچي وئي. ٻيا ويٺل ۽ بيٺل ماڻهو به هاڻي ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پيا هئا. مان رکي رکي سيٽ جي هيٺان رکيل پنهنجي بريف ڪيس کي پير سان ڇُهي پڪ ڪري رهيو هوس ته پيو آهي يا نه، ڇالاءِ ته ميلي جي موقعي تي اڪثر سامان چوري ٿي ويندو آهي.
اکين تي ننڊ جا کيپ چڙهڻ لڳا ته مون به اکيون پوري ڇڏيون. نه ڄاڻ ڪهڙي مهل ننڊ اچي وئي. گاڏي سيوهڻ اسٽيشن تي پهتي ته نعرن ۽ وڏن لائوڊ اسپيڪرس تي هلندڙ ڌمال جي آواز تي مان ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي پيس.
ڀر ۾ ڏٺم ارسلان غائب هو! ساهه وڃي پيرن ۾ پيو. اکين آڏو اوندهه اچي وئي. سامهون ويٺل همراهه کان پڇيم: ”ڀائو! منهنجو پٽ ڪاڏي ويو!؟“
”ڀائو! هاڻي هاڻي هيٺ پاڻي پيئڻ لاءِ لهي ويو! توکي اٿارڻ جي ڪيائين، پر تو ورندي نه ڏنس!“
جسم ۾ سُيون چڀي ويون. مٿو چڪرائجڻ لڳو. هڪدم پليٽ فارم تي لهي آيس. ماڻهن جي رش ايڏي هئي جو ڪلهو ڪلهي سان ٽڪرائجي رهيو هو. پاڻيءَ جي سبيل تي به ماڻهن جي پيههَ هئي. ماڻهن جي رش کي چيريندو ڪيتري ئي دير تائين چرين وانگر ارسلان کي ڳوليندو رهيس. سبيل واري اسٽال تي نظر نه آيو، ته وري ڊُڪندو پنهنجي بوگيءَ طرف آيس. سامهون ويٺل همراهه کان ٻاهران دريءَ کان بيهي سهڪندي سهڪندي پڇيو: ”ڀائو! مون وارو ننڍڙو هيڏي واپس ته ناهي آيو؟“
همراهه منهنجي پريشاني ڏسي اٿي بيهي رهيو. چيائين: ”نه ڀائو! هيڏي ته ناهي آيو. اچي ته ويهاريانس ٿو. تون ٻاهر ڏسيس.“
مان پليٽ فارم جي ٻي ڪنڊ تي موجود پاڻيءَ جي سبيل ڏانهن ڀَڳس. ماڻهن کي ڌڪا ڏئي کانئن پڇندو رهيس: ’ڀائو منهنجو ننڍڙو گم ٿي ويو آهي. توهان ڏٺو؟ بِلُو ڪلر جي ڊريس پاتل اٿس.‘
ڪجهه ماڻهو ڪاوڙ، ته ڪجهه ماڻهو وري همدرديءَ واري نظر سان چتائي رهيا هئا. دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي، اندر ۾ وڍ پئجي رهيا هئا.
پليٽ فارم تي موجود اڪثر ماڻهو ميلو گھمڻ آيا هئا. سندن چهرا ٻهڪي رهيا هئا، پر منهنجو هانءُ پيو ڦاٽي. زور زور سان رڙيون ڪري ”ارســلان... ارســلان... ارســـلان...“ ڪندو پليٽ فارم تي ڀڄندو رهيس. ڊوڙندو اسٽيشن ماسٽر جي آفيس ۾ آيس. کيس ٻڌايم ته منهنجو پٽ پليٽفارم تان گم ٿي ويو آهي. ريل کي نه هلائجو، متان ڪنهن ٻي بوگيءَ ۾ چڙهيو هجي يا پليٽفارم تي ئي ڀلجي پيو هجي. مهرباني ڪيو. الله جو واسطو اٿوَ. منهنجي مدد ڪيو. منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا. اسٽيشن ماسٽر مُنهن ۾ سُونڊ وجھندي چيو:
”ٻار سنڀالي نه ٿا سگھو ته پوءِ ساڻ ڇو ٿا کڻو؟“
”بس سائين غلطي ٿي وئي، بس مهرباني ڪيو، الله جو واسطو اٿوَ.“ مون روئڻهارڪي لهجي ۾ کيس منٿ ڪئي.
”ٻارُ گھڻن سالن جو آهي؟“ اسٽيشن ماسٽر ڪاوڙ مان پڇيو.
”سائين! يارنهن سالن جو آهي. بلو رنگ جا ڪپڙا پهريل اٿس.“ مون ڏڪندڙ آواز ۾ کيس وراڻيو.
مان بار بار ٻاهر به نهاري رهيو هوس. مٿو ڦاٽي رهيو هو. سڀئي ماڻهو زهر لڳي رهيا هئا. دل ۾ آيو سبيل واري کي وڃي گُھٽا ڏيان، چانهن واري اسٽال کي باهه ڏئي ڇڏيان، اسٽيشن ماسٽر کي گريبان کان جھلي چماٽ وهائي ڪڍان ۽ کيس رڙيون ڪري چوان ته جلدي ڪر، مون کي منهنجو ٻچو ڳولراءِ. ٻارن جا مرڪندڙ چهرا ڏسي مون کي ارسلان جو مرڪندڙ معصوم چهرو آڏو اچي ويو. اکين مان گرم ڳوڙها ٽمڻ شروع ٿي ويا.
ريل وِسل هنيو ته سموري وجود کي باهه لڳي وئي. ان بوگيءَ طرف وڌي ويس جتي ڪجهه گھڙيون اڳ ارسلان مون سان گڏ ويٺو هو، منهنجي ڪلهي تي ستل هو، مون سان ڳالهيون ڪري رهيو هو.
سامهون واري سيٽ تي ويٺل همراهه منهنجي پڇڻ کان اڳ ئي ٻڌايو ته ”ڀائو تنهنجو ڇوڪرو هتي ناهي آيو!“
ڄڻ جبل جي چوٽيءَ تان ڪري ڀورا ڀورا ٿي پيس. دل ۾ آيو ريل جي آڏو بند ٻڌي تيستائين بيهاري ڇڏيانس جيستائين منهنجو ارسلان نه ٿو ملي. ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته ريل ۾ چڙهان يا ريل کي وڃڻ ڏيان. ارسلان ڪٿي هوندو! کيس ڪٿان ڳوليان!
واپس اسٽيشن ماسٽر ڏانهن هليو ويس. کيس پيرن تي هٿ رکي منٿون ڪيون ته ريل نه هلائجو. منهنجو پٽ مون کي ڳولي ڏيو.
اسٽيشن ماسٽر مُنهن خراب ڪندي چيو: ”ٿاڻي تي وڃي رپورٽ لکراءِ. پليٽفارم تي تنهنجو ڇوڪرو ڪونهي. ريل ۾ چڙهيو هوندو ته مان توکي اطلاع ڏيندس. منهنجو موبائيل نمبر لِکُ. مان عملي کي پارت ڪئي آهي.“
گاڏي ٻيهر وسل هڻي آهسته آهسته هلڻ لڳي. مان پليٽفارم تي بيٺو رهيس. منهنجي اکين آڏو بوگيون گذرنديون رهيون. ائين ٿي لڳو جيئن اها ريل منهنجي سموري وجود کي چيڀاٽيندي اڳتي وڌي رهي هجي. ڳڀا ڳڀا ٿي پيو هوس.
نه ڄاڻ ڪاڏي ويو منهنجو ارسلان. ريل ۾ ته نه چڙهيو! کيس ڪوئي کڻي ته نه ويو! اسٽيشن ٻاهران بيٺل ٽانگن تي نظر پئي. مُئل قدمن سان اسٽيشن جي ڏاڪڻين تائين اچي ڪجهه ماڻهن تي نظرون ڦيرائي واپس پليٽفارم تي آيس. دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. لوندڻيون ڌنوي رهيون هيون.
پوليس وٽ رپورٽ لکرائڻ جو سوچي هلڻ لڳس. جسم مان روح نڪرندي محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ لاش بڻجي ويس جنهن کي قبر تائين پهچائڻ لاءِ چئن ڪانڌين جي ضرورت هوندي آهي. رستي تي جيڪي به شيون نظر اچي رهيون هيون، دل ۾ آيو ته انهن کي خاڪ جو ڍير بڻائي ڇڏيان. ائين ٿي لڳو سڀئي ماڻهو مون ڏانهن ڏسي کلي رهيا آهن. مان پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي قدم قدم ڊهندو ٿاڻي طرف وڌي رهيو هيس. ٿاڻي تي ويٺل وڏي پيٽ وارو وڏو جمعدار مُڇون وَٽي رهيو هو. جمعدار کي رپورٽ لکرائي ته چيائين:
”ٺيڪ آهي هاڻي تون وڃ. اسان ڳولا شروع ٿا ڪيون.“
”مان ڪاڏي وڃان؟!“ پاڻ کان ئي سوال ڪيو.
”نه، مان هتي ئي ويهندس. جمعدار! الله کي مڃو مون کي منهنجو پٽ ڳولي ڏيو، جيڪي پئسا چوندؤ، مان ڏيندس. پاڻ کَپائي به توهان کي راضي ڪندس. هاڻي ئي جاچ ڪرايو.“
”صاحب گشت تي ويل آهي. اجھو واپس آيو. تون ڀلي سامهون هُن بينچ تي وڃي ويههُ!“
دل ئي دل ۾ مالڪ کي ٻاڏائي رهيو هوس. دعائون گهري رهيو هوس. ڪجهه گھڙيون گذريون ته پوليس موبائيل ٿاڻي جي گيٽ کان اندر داخل ٿي. اڳيان ايس ايڇ او ويٺل هو. موبائيل وين جيئن ئي رُڪي ته مان وڃي ايس ايڇ او کي ٻانهون ٻڌيون. کيس منٿون ڪندي چيم: ”سائين منهنجو ٻچڙو وڃائجي ويو آهي. مهرباني ڪيو مون کي ڳولهي ڏيو. خدا جو واسطو اٿوَ. مون کي منهنجو ٻچڙو...“
”ٺيڪ آهي بابا. الله تي رک! مان سپاهين کي موڪليان ٿو.“
”سائين! بلو رنگ جا ڪپڙا پهريل اٿس. يارنهن سالن جو آ. ارسلان نالو اٿس.“ مان هڪ ئي ساهيءَ ۾ چئي ويس.
”توهان وڃو! اسٽيشن واري سڄي علائقي جو چڪر هڻي اچو.“ ٻن سپاهين کي ايس ايڇ او حڪم ڏنو، جيڪي ان ئي وقت موٽر سائيڪل تي سوار ٿي نڪتا.
اتي ئي بيٺل هئاسين ته ٻه سپاهي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندا آيا ۽ ايس ايڇ او ڏانهن مخاطب ٿيندي چيائون: ”سائين! هڪ لاوارث ٻارڙي جو لاش مليو آهي!“
مان پاڻ کي اونهي کوهه ۾ ڪرندي محسوس ڪيو. دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. ساهه پيرن ۾ وڃي پيو. هيٺ مٽيءَ تي ويهي رهيس. ٻئي هٿ مُنهن تي رکي دعا گھرڻ لڳس: ”يا الله، منهنجو ارسلان خير سان هجي. منهنجي ارسلان کي پناهه ۾ رکجانءِ منهنجا مالڪَ!“
”سائين! لاش ايمبولينس ۾ پيل آهي.“ سپاهيءَ ايس ايڇ او کي ٻاهر بيٺل ايمبولينس ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو.
ايس ايڇ او منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي مون کي حوصلو ڏيندي چيو: ”اوهان به هلو، لاش ڏسو. متان...“
”نه نه. ائين نه چئو سائين! منهنجو ارسلان ته....“ مون سُڏڪندي وراڻيو.
مئل قدمن سان ايمبولينس تائين ويو هوس. لاش جي مُنهن تي پيل ڪپڙو هٽائڻ تائين مان اڌ مُئو ٿي پيو هوس... هُو ارسلان نه هو.
وهندڙ ڳوڙهن ۽ سڏڪن سان مان رب جا احسان مڃيا. اکين تي زور سان هٿ رکي مالڪ کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو. ساڳي بينچ تي وڃي ويٺس. انتظار ڪري رهيو هوس. دعائون گھري رهيو هوس ۽ سڏڪا ڀري رهيو هوس.
اڌ ڪلاڪ گذريو ته سپاهي موٽر سائيڪل تي ٿاڻي ۾ داخل ٿيا. مان موٽر سائيڪل جي بيهڻ کان اڳ ئي ڊوڙندو، ٿاٻڙندو وڃي ان کي چنبڙيس. آڏو منهنجو ارسلان ويٺل هو. مان ارسلان کي ڀاڪر ۾ ڀري چميون ڏيڻ لڳس. مالڪ جا ٿورا مڃڻ لڳس. ان وقت سپاهي مون کي مسيحا لڳي رهيا هئا، جن منهنجي مئل جسم ۾ ساهه ڦوڪي ڇڏيو هو. هر طرف روشنيون ئي روشنيون ٿي نظر آيون. دل جي ٺوٺ ٿي ويل ڌرتيءَ مٿان ميگهه ملهار ڇائنجي ويا هئا، يڪدم وڏ ڦڙو وسي پيو هو. من ۾ خوبصورت رنگن ۽ خوشبوئن وارا گل ٽڙي پيا هئا... ارسلان منهنجي ڇاتيءَ سان چهٽي پيو هو. خوف وچان سندس سمورو جسم ڏڪي رهيو هو.