ڪھاڻيون

سپنن جو انت

رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2258
  • 870
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جو انت

9. سپنن جو انت

عامر فليٽ جي گئلريءَ مان ڪراچيءَ جي تيز رفتار زندگي وڏيون وڏيون بسون، چمڪندڙ خوبصورت ڪارون ۽ شاندار اوچيون عمارتون ڏسندي سپنن جي حسين وادين ۾ گم ٿي ويو هو...
”ٻن ڪمرن جو فليٽ، سٺي نوڪري ۽ ننڍڙي گاڏيءَ کان علاوه سندس سپنن جي راڻي فائزه جو ساٿ، ڪراچيءَ جون مڌ مست هوائون، سمنڊ ڪناري جون مَن موهيندڙ شامون، لانگ ڊرائيو، هوٽل تي ڊنر، زندگيءَ جي انيڪ مسئلن تي بحث، بچپن جون يادون، وڏا وڏا ٽهڪ ۽ فائزه جي حاصلات جو دل کي اطمينان ڏياريندڙ احساس...“
اوچتو روڊ تي گاڏين جي بريڪن جا تيز چرڙاٽ ۽ ڪلاشنڪوف مان نڪرندڙ گولين جا دل ڏاريندڙ آواز سندس سماعتن سان ٽڪرائجڻ لڳا! عامر سپنن جي ماٿرين مان ڇرڪ ڀري حقيقت جي دنيا ۾ واپس اچي ويو.هٿياربندن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ ماڻهن ۾ ڀاڄ، گاڏين جو ٽڪرائجڻ ۽ ان ئي پل ماڻهن جا زخمي ٿيل جسم ۽ رت ۾ وهنتل لاش! لاش انهن ماڻهن جا جيڪي صبح جو گهران روزي ۽ روزگار جي تلاش ۾ نڪتل هئا پر رستي تي خون خوار بگهڙن جي ور چڙهي ويا، لکين رپين جون گاڏيون چڪنا چور ٿي ويون، دڪانن جا شٽر هيٺ ٿيڻ لڳا، سڄو روڊ ويرانيءَ جي وَر چڙهي ويو جيئن ڪو راڪاس گهمي ويو هجي ۽ هٿياربند وچ شهر مان سگنل ٽوڙيندا فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
اهي سڀ هانءُ ڏاريندڙ منظر عامر فليٽ جي گئلري مان پئي ڏٺا.
ٿوري دير ۾ ايمبولينسون سائرن وڄائينديون پهچي ويون. ڪجهه دير بعد پوليس آفيسر ۽ عوامي نمائندا به ساڳي هنڌ پهچي ويا. مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چينلس جا رپوٽر کانئن واقعي بابت سوال پڇڻ لڳا. چند ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ رهيو، پوءِ آهستي آهستي ٽريفڪ معمول موجب هلڻ شروع ٿي وئي.
فليٽ جي ڊرائنگ روم ۾ لڳل بيل جي آواز تي عامر گئلري مان اٿي تڪڙو تڪرو اچي دروازو کوليو.
”جنيد! يار ڏاڍي دير ڪري ڇڏيئي! خير ته هو!؟“ عامر فليٽ جو در بند ڪندي جنيد کي چيو.
جنيد هڪ خانگي ادري ۾ ننڍڙو ملازم آهي. ساڻس گڏ ٽي پارٽنرس به رهن ٿا. عامر نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ڳوٺان اچي جنيد جي فليٽ تي ترسيو آهي، سندس تعليم ايم ايس سي آهي ۽ جنيد سندس ٻال وهيءَ جو دوست آهي.
”ڀائو! ڪراچيءَ ۾ ايتري دير ٿيڻ معمول جي ڳالهه آ.“ جنيد عامر جي پڇيل سوال جو ٽاءِ جي ناٽ کوليندي جواب ڏنو.
”پريشان پيو لڳين خير ته آهي؟“ جنيد ڪرسيءَ تي ويهي بوٽ جون ڪَهيون کوليندي چيو.
”يار! ڪجهه دير اڳ سامهون واري روڊ تي....!“
”پوءِ اها ڪا وڏي ڳالهه آ ڇا! ان قسم جا واقعا ته هاڻي ڪراچيءَ جي زندگيءَ جو معمول بڻجي ويا آهن جيڪي هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن روڊ رستي تي ٿيندا ئي رهن ٿا.“
”پر يار...!“
جُنيد عامر جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪَٽيندي پڇيو: ”چڱو اهو ٻڌاءِ ته ماني کاڌي اٿئي؟“
”نه يار مون کي هاڻي ماني نه وڻندي. تون ڀلي کائي اچ.“ عامر چيو.
”ماني پاڻ ئي وڻي ويندئي، تون اٿي چينج ڪر ته هلئون ٿا“. جنيد هجائتي انداز ۾ زور ڀريندي چيس.
پوءِ عامر ڪيترن ئي ڏينهن تائين جنيد جي فليٽ تي رهي نوڪري جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ پنهنجي سپنن جي راڻي فائزه سان لانئون لهڻ جا سپنا به مَن ئي مَن ۾ سجائيندو رهيو.
فائزه عامر جي نالي ٿيل هئي پر سندس والدين جو شرط هو ته عامر ڪا سٺي نوڪري وٺي ته پوءِ کيس سڱ ڏنو ويندو ۽ انهيءَ سٺي نوڪريءَ جي تلاش ۾ هي هر روز ڪيترين ئي آفيسن جا در کڙڪائيندو رهيو پر پئسي جي گرم بازار ۾ سندس قابليت نااهل ماڻهن جي بوٽن هيٺان لتاڙبي رهي. هر هنڌ تان کيس ناڪامي ۽ مايوسيءَ جي موٽ کان سواءِ ڪجهه به پلئه نه پيو. پنهنجي سبجيڪٽ ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن هولڊر ته هو پر سندس سرٽيفڪيٽس ۾ ڪنهن جو به سفارش وارو سرٽيفڪيٽ موجود نه هو!
مختلف آفيسن جا مسلسل چڪر لڳائڻ کان پوءِ به کيس ڪٿان نوڪريءَ جي ڪا اميد يا آسرو نه مليو. ننڊون ڦِٽي ويَس. سخت مايوس ٿي ويو! ذهن تي بار محسوس ڪيائين ته فليٽ تان هيٺ لهي آيو. شام جا پاڇا لَڙي چُڪا هئا. هي روڊ جي تيز رفتار ٽريفڪ کي ڪراس ڪري هڪ پٺاڻ جي فٽ پاٿ تي ٺهيل هوٽل تي اچي ويٺو. سندس ڀر واري ڪرسيءَ تي صبح واري اخبار پيل هئي. اخبار پڙهڻ شروع ڪيائين. پهريون صفحو قتل و غارت ۽ ڪارو ڪاريءَ کان وٺي جرڳائي فيصلن، دهشتگرديءَ جي واقعن ۽ وزيرن جي بيانن سان ڀريل، ٻيون ٽيون ۽ جڏهن آخري صفحو پڙهڻ لڳو ته سندس نظر هڪ ٻِه ڪالمي خبر تي ڄمي وئي: ”پبلڪ سروس ڪميشن پاران ليڪچراريءَ لاءِ ورتل زباني امتحان جو نتيجو پڌرو ٿي ويو.“ سندس نظرون کُپي وڃن ٿيون انهيءَ خبر تي، ڇالاءِ ته ڪجهه مهينا اڳ ٿيل انهيءَ امتحان ۾ هو پڻ اپيئر ٿيو هو. هڪدم پڙهڻ شروع ڪري ٿو. ”پبلڪ سروس ڪميشن جي هڪ پڌرائيءَ موجب هيٺيان اميدوار زباني امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن....“ جن ۾ ٽئين نمبر تي هن جو نالو به لکيل هو. خبر پڙهندي ئي ڪرسيءَ تان اٿي بيهي رهيو. خوشيءَ مان سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، من جي اُڃايل ڌرتيءَ تي وڏ ڦڙو وسندي محسوس ڪيائين. اندر ۾ دُهل ۽ شرنايون وڄڻ لڳس، بي ساخته اخبار مُنهن تي رکي اندر ئي اندر ۾ مالڪ جا کوڙ سارا ٿورا مڃيائين. هاڻي روڊ سان هلندڙ تيز رفتار ٽريفڪ جا زوردار هارن به کيس خوشيءَ جي گيتن جي مڌر سازن جيان لڳي رهيا هئا.
بيري سندس آڏو ٽيبل تي گرم گرم چانهه آڻي رکي. ڪرسيءَ تي ويهندي جڳ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي، گرم گرم چانهه جو ڪوپ کڻي پهرين سپَ ڀري وري هٿ ۾ جهليل اخبار کولي ٻين ڪامياب اميدوارن جا نالا پڙهڻ لڳو. سڄي ڏينهن جي ٽوڙيل مروڙيل اها اخبار هن لاءِ زندگيءَ سان ڀرپور اهڙو پيغام کڻي آئي هئي جنهن سان هن پنهنجين حسرتن ۽ اميدن جا سڀئي رستا روشن ٿيندي محسوس ڪيا هئا.
چانهه مان ٻيو ڍُڪ ڀري ڪوپ اڃا ٽيبل تي به نه رکيائين ته اوچتو انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ٿي وئي ۽ هڪ درندي جي پسٽل مان نڪتل گولي عامر جي سيني مان پَار ٿي وئي.
فوٽ پاٿ تي ڳاڙهي ٿي ويل اخبار، چانهه جي هاريل ڪوپ ۽ عامر جي رت ۾ رڱيل لاش تي ماڻهو مکين وانگر مڙي آيا!