18. منحوس
عرفان ٻارڙيءَ کي هنج ۾ وٺندي نرس کان زرينه جي خيريت معلوم ڪئي. نرس ٿورو پريشانيءَ مان چيو: ”آپريشن ڏاڍي ڏکي ٿي آهي. زرينه اڃا بيهوش آ، کيس هوش ۾ اچڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ لڳندو.“
ٻه ڪلاڪ گذري ويا، زرينه کي هوش نه آيو. سڀئي پريشان ٿي ويا. ڊاڪٽرياڻيءَ ٻڌايو: ”اچانڪ سندس بلڊ پريشر گھٽجي ويو آهي. ڪوشش ڪريون پيا، اوهان پريشان نه ٿيو“
ڊاڪٽرياڻي آٿت ڏئي واپس آپريشن ٿيٽر ۾ هلي وئي پر سندس چهري تي پريشاني پڌري هئي جنهن سڀني کي فڪر ۾ وجھي ڇڏيو. ڪافي وقت گذري ويو. زرينه جو بلڊ پريشر نارمل ٿيڻ لڳو، هوش ۾ اچڻ تي کيس پرائيويٽ ميٽرنٽي هوم جي هڪ روم ۾ شفٽ ڪيو ويو. عرفان جي مائٽن مان آيل هڪ عورت ننڍڙي ٻارڙيءَ لاءِ چيو: ”هن منحوس بَلا ته اچڻ سان ئي ماءُ جو سِرُ کنيو هو!“
زرينه جون اکيون بند ٿي ويون ۽ سندس ٻارڙيءَ جي روئڻ جو آواز پوري ڪمري ۾ گونجڻ لڳو.
..........
گھڻا ورهَه اڳ جڏهن زرينه ڄائي هئي ته ويم ۾ سندس ماءُ مري وئي هئي. ماڻهن چيو هو :’ڇوري نڀاڳي آ! اچڻ سان ماءُ جو سِرُ کنيو اٿائين، اڳتي الاءِ ڪهڙا نقصان ڪندي.‘
ننڍڙي زرينه اوئائون اوئائون ڪندي روئندي رڙندي رهي... پڻس علي بخش جنهن کي سڀ ڳوٺ وارا علي بشڪ چوندا هئا، ڇهن مهينن تائين زرينه جي پرورش ڪڏهن ماءُ کي ايلاز ڪري ڪڏهن ڀيڻ کي منٿ ڪري ڪندو رهيو پر پوءِ سڀني زور ڀريس ته ٻي شادي ڪري. چيائونس: ”علي بشڪ ابا! جبل جيڏي زندگي آهي. اڪيلو ڪيئن گذران ڪندين؟ ڀلا زالون مرنديون ناهن ڇا؟ هونئن به مڙسن لاءِ زالون کوڙ هڪ ويندي ته ٻي...“
علي بخش مٽن مائٽن جي گھڻي اسرار تي ٻي شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪئي. ڪنوار کي پِڙي ۾ زرينه به گڏ ملي. ڪجهه مهينا دل جانِ سان علي بخش جي نئين زال ننڍڙي زرينه جو خيال رکيو پر جڏهن پاڻ اميد سان ٿي ته زرينه ڏانهن توجه گھٽائي ڇڏيائين. جوان ۽ اڌ وَهيءَ وارا علي بخش کي ’سائين‘ ڪري سڏيندا هئا جو هي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد به هو.
زرينه ڪچي گھر جي مٽيءَ واري پڌر تي بانبڙا پائيندي ڪڏهن بک تي ڪڏهن ڏک تي رهندي وڏي ٿيڻ لڳي. سائين علي بخش کي ٻي زال مان ٻن ڌيئرُن ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو. پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران زرينه کي سڀ ٻار چوندا ها تون منهنجي ڀرسان نه ويههُ، تون ڪِني آن. زرينه کي تڏهن خبر نه هئي ته ڪني ۽ سٺي ۾ ڪهڙو فرق هوندو آ. پوءِ جڏهن هوءَ وڏي ٿيندي وئي ته کيس خبر پئي ته هوءَ پنهنجي ڀينرن، ڀاءُ ۽ ٻين ٻارن کان رنگ ۾ گھڻي سانوري ۽ مهانڊن ۾ موچاري هئي. زرينه جنهن کي ننڍي لاءِ کان ئي ماٽيلي ماءُ اهڙي ريت پاليو جو هوءَ پنهنجي گھر ۾ به پاڻ کي نوڪرن وانگر ڀائيندي هئي. علي بخش گھر ۾ هوندو ته کيس چڱو مانيءَ ٽڪر ملندو، نه ته بچيل سچيل جيڪو مليس تنهن تي پاڻ کي راضي رهڻ سيکاري ڇڏيو هئائين. سڀ ڪجهه ماٺ ڪري پئي سهندي هئي... دانهن به ڪنهن کي ڏي! پيءُ کي هڪ ڀيري دانهن ڏني هئائين ته ماٽيلي ماءُ اهڙو ذليل ڪيو هوس جو اصل ڪُتن سان گڏ کارايو هئائينس. ان کان پوءِ توبهه ڪري ڇڏيائين...
وقت واريءَ جيان مُٺ مان وهندو رهيو. زرينه جوان ٿي وئي. پيءُ کيس بي.اي تائين پڙهايو، پوءِ سندس شادي لاءِ رشتو ڳولڻ لڳو. رشتو ته مليو ٿي پر زرينه لاءِ نه. سندس ٻين ڀينرن لاءِ! زرينه جي سانوري رنگ ۽ موچاري صورت سبب ڪو به سندس رشتو وٺڻ لاءِ تيار نه هو.
زرينه رنگ جي ڀل ته سانوري هئي پر ڇا ته سندس اخلاق، ادب ۽ سڀاءُ هيس. پڙهائي ۾ به ڏاڍي هوشيار هئي، بس قسمت ۾ کيس چمڙي اڇي نه ملي هئي باقي اندر جي کير جهڙي اڇي هئي. پر اندر جي اجرائپ کي ڪير ٿو ڏسي! هرڪو چهري جي چمڪ تي ئي موهت ٿي پوي ٿو، پوءِ ڀل ته اڇي چمڙيءَ وارا دل جا ڪارا ئي ڇو نه هجن! زرينه مَن ئي من ۾ جُھرندي، ڳَرندي ۽ پَچندي رهي. سندس ٻين ڀينرن جا رشتا ٿيندا ويا، اهي وڃي پنهنجي گھر خوش ٿيون. پنهنجي قسمت تي روئندي روئندي هاڻي ته زرينه جا ڳوڙها به سُڪي ويا هئا، سندس اکين ۾ ويراني واسو ڪري ويهي رهي هئي. مايوسيءَ جون چڻگون سندس وجود کي ساڙي رهيو هيون.
هڪ ڏينهن سندس پيءُ ڊوڙندو گھر جي ڪُشادي اڱڻ ۾ اچي زرينه کي سڏڻ لڳو: ”زرينه، او زرينه! هيڏانهن جلدي اچ جـــلــدي.“
زرينه رنڌڻي مان ڊوڙندي رئي جي پلوَ سان هٿ اگھندي اچي پيءُ جي سامهون بيٺي. ”جي بابا!“
علي بخش خوشيءَ مان زرينه جي مٿي تي هٿ رکي نرڙ تي چمندي کيس هٿ ۾ خاڪي لفافو ڏيندي چيو: ”هي وٺ زرينه تنهنجو ماستريءَ جو آرڊر آيو آ پٽ!“
زرينه جا هٿ پير ٺري ويا. خوشيءَ مان سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو. پيءُ کي ڀاڪر پائي روئي پئي. محرومين جي ماريل زرينه جي جيون ۾ نوڪريءَ جو آرڊر ڪنهن ڀٽڪيل مسافر کي اونداهي رات ۾ ڏيئو ملي وڃڻ مثل هو جيڪو کيس منزل تائين رسائڻ ۾ آساني ڪندو آهي.
”اڙي! زري ڪاڏي مري وئينءَ. پٽاٽا ٿا سڙن.“ سندس ماٽيلي ماءُ ورانڊي مان رڙ ڪئي.
ڇرڪ ڀري رنڌڻي ڏانهن ڊوڙندي وئي، پوءِ هڪ صبح ٿيو جڏهن زرينه اسڪول ۾ ماسترياڻي طور جوائن ڪيو. اهو صبح زرينه لاءِ خوشين جا ڪِرڻا ساڻ ڪري آيو هو. سڄي ڳوٺ ۾ هُل ٿي ويو. سائين علي بشڪ جي ڌيءُ ماسترياڻي ٿي آ. پوءِ ته واندن واندن جي رشتن جي لانڍ لڳي وئي، پر هاڻي زرينه انڪار ٿي ڪيو. پيءُ کي چيائين: ”بابا! مون کي ايم.اي ڪرڻي آ.“
”حاضر بابا.“ پيءُ کيس پيار ۽ شفقت سان وراڻيو هو.
ماستريءَ واري آرڊر زرينه کي نئون اتساهه ڏنو هو. ايم.اي جو امتحان ڏاڍي محنت ڪري امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين.
وقت جا ڪانٽا ڦرندا رهيا. زرينه ليڪچرارشپ جو امتحان پاس ڪري ورتو. شهر جي ڪاليج ۾ سندس پوسٽنگ ٿي. سندس پيءُ خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيو. زرينه جي ماٽيلي ماءُ جو روَيو هاڻي تبديل ٿي چڪو هو. ڳوٺ ۾ ماڻهو زرينه جي هوشيارپ ۽ ڀاڳن جا مثال ڏئي رهيا هئا، پر زرينه اڃا به اڌوري هئي. سندس شادي وارو مسئلو اڃا تائين حل ٿي نه سگھيو هو، پوءِ هڪ ڀيري کانئس هڪ ليڪچرارِ بُشرا پڇيو هو: ”زرينه! تون ڀلا شادي ڪڏهن ڪندينءَ راڻي؟!“
زرينه اداسيءَ مان راڻيو هوس: ”مان جڏهن ڪنهن کي قبول پونديس تڏهن ٿيندي منهنجي شادي!“
”ڇو زرينه! تو ۾ قدرت هيڏيون ساريون خوبيون رکيون آهن ڪير نه ڪندو توسان شادي!؟“ بشرا چيو هيس.
”بس بشرا! لوڪ کي صرف اڇي چمڙي گھرجي، اڇي دل نه. اڇي چمڙيءَ واريون ڀل ته دل جون ڪاريون هجن پوءِ به انهن جو مانُ مٿانهون آ. اسان جي سماج ۾ سانورو ماڻهو ٻي درجي جو شهري آهي. ماڻهو کيس حقارت جي نظرن سان ٿا ڏسن! جيئن ڪنهن جو ڏوهه ڪيو هجي. ڪيتريون ئي چڀندڙ نظرون طنزن جا تير هڻندي ائين گھورينديون آهن جيئن اسان ڌرتيءَ تي اچي غلطي ڪئي هجي.“ زرينه پنهنجي اندر جي سڀني محرومين جو اوٻر ڪڍندي آخر ۾ روئي پئي هئي. رئي جي پلوَ سان ڳوڙها اگھندي چيائين: ”اسان سانورن جي نصيب ۾ شادي ناهي لکيل هوندي.“ بشرا جي اکين ۾ به پاڻي ڀرجي آيو، زرينه کي ڀاڪر ۾ ڀري آٿت ڏيڻ لڳي هئي.
ڪجهه مهينن کان پوءِ بشرا، زرينه کي اسٽاف روم مان ٻاهر ڪڍي اچي ڪاريڊور جي ڪنڊ تي بيهاري کيس چيو هو: ”زرينه منهنجي ڀاءُ عرفان کي سئي گيس ۾ 16 گريڊ جي نوڪري آ. مان چاهيان ٿي تون منهنجي ڀاڄائي ٿي.“
”بشرا! مان بابا سان صلاح ڪري توکي جواب ڏيندس.“ زرينه وراڻيو هو.
پوءِ هڪ ڏينهن زرينه جي گھر ڄڃ آئي. ڌوم ڌام سان سندس شادي بشرا جي ڀاءُ سان ٿي. زرينه مايوسين واري دنيا مان نڪري آئي هئي. هوءَ ڪاميابين جا سفر ڪندي منزلون ماڻيندي ٿي وئي.
.... ۽ اڄ زرينه ماءُ بڻجي وئي هئي پر نه ڄاڻ ڇو سندس ٻارڙيءَ لاءِ به ساڳيون ئي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ’هوءَ منحوس آهي، اچڻ سان ئي ڪٿي ماءُ جو سرُ کنيون هئائين.‘ زرينه جون ٻوٽيل اکيون کُلي ويون، ڌيءُ کي هنج ۾ کڻي انهن عورتن ڏانهن غصي مان ڏٺائين ۽ پوءِ کين مخاطب ٿيندي وڏي واڪي چيائين: ”منهنجي ڌيءَ منحوس ناهي! ناهي منهنجي ڌيءَ منحوس! هن سماج جون هٿ ٺوڪيون روايتون آهن منحوس.“ روئڻهارڪي لهجي ۾ چيائين ”منحوس آهي توهان جي سوچ جيڪا توهان جي ذهنن ۾ موجود جهالت جو نتيجو آهي!“