ڪھاڻيون

سپنن جو انت

رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2258
  • 870
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جو انت

20. ســاروڻيون ۽ ســورَ

ماڻهو پنهنجي گھرن جي ڪشادن اڱڻن تي مڇرن کان بچڻ لاءِ رليون تاڻي ستل هئا. ٿڪل ٽٽل هاري کونگھرا هڻي رهيا هئا. ڪي ماڻهو آسمان ۾ تارا اٽڪائي کٽ تي پاسا ورائي رهيا هئا. ڪجهه عورتون ننڊاکن اکين سان نون ڄاول ٻارن کي ڪڇ ۾ سمهاري ٿڃ پيئاري رهيون هيون... اڌ رات جو ڳوٺ ۾ اچانڪ رڙيون پئجي ويون. ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جانورن ۾ ٽاهه پئجي ويو... وٺ وٺ وارو ڙي وارو... اڙي ٻوڏ ڙي ٻوڏ... ڀڄو نڪرو!
ننڍا ٻار، عورتون، جوان، پوڙها، پوڙهيون ۽ معذور پنهنجي گهرن مان نڪري پيا. سڀ هراسان... پريشان...! آسمان ۾ صرف تارن جي ٽم ٽم... چنڊ جون پويون تاريخون... گھگھ ڪاري رات...
پاڻي تيزيءَ سان وڌي رهيو هو. گڏهه گاڏن، ڏاند گاڏين، ٽريڪٽرن، سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن کان علاوه ماڻهو پيدل به پڪي سڙڪ ڏانهن ڊوڙڻ لڳا. افراتفري ۾ ماڻهو هڪ ٻئي مٿان ڪرندا، ٿاٻڙندا، پاڻي جهاڳيندا هڪ ئي طرف ڊوڙندا رهيا. جهونا لٺ جي سهاري آهسته آهسته روڊ ڏانهن هلڻ لڳا. تيزيءَ سان ايندڙ پاڻيءَ نه صرف ان هڪ ڳوٺ پر آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏي هئي.
روڄ راڙو... آهون دانهون... سڏ، سڏڪا ۽ هر طرف انساني آبادين طرف تيزيءَ سان وڌندڙ ٻوڏ جي پاڻيءَ جون تباهيون. پترن سان ٺهيل منههَ ۽ جھوپڙيون ڊهي پاڻيءَ ۾ لڙهڻ لڳيون. بي سهارا ۽ ضعيف ماڻهن کان علاوه معصوم ٻارڙن جي ٻڏڻ ۽ لڙهڻ جا ڪيترائي منظر انور پنهنجي اکين سان ڏٺا...
پنهنجي ڳوٺ جا ڪچا گهر جُهرندي، ڀُرندي ۽ ڊهندي ڏسي هن ان لمحي ڇا محسوس ڪيو هو سو سندس اوجاڳيل اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪ بيان ڪري رهيا هئا، جن ۾ دردن جا ڪيترائي داستان هئا...
ڪيترائي ماڻهو ڳوٺ مان بروقت نڪري نه سگهيا. اهي سڀ ٻوڏ ۾ لڙهي ويا. کين ياد ڪندي انور جون اکيون آليون ٿي ويون. سندن ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. ٻن ڏينهن تائين روڊ تي لُٽيل قافلي کان به بدتر حالت ۾ بي گهر ۽ بي سهاره بڻجي ويل انسانن جا ڪٽڪ بکَ ۽ اُڃَ ۾ پاهه ٿي ويا هئا!
جڏهن هڪ گاڏي کاڌي جو ڪجهه سامان کڻي اتي پهتي ته هڙني ماڻهن ڊوڙ وڌي... ان پيهه سبب پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ آندل چانورن جو ڪڻو ڪڻو ٿي روڊ تي ڇٽبو رهيو. بک ۾ پاهه ٿي ويل ماڻهن ڌڪا ڏئي هڪ ٻئي جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا... ڪيترن ئي ٻارڙن کي روڊ تي ڪريل چانور ٻنهي هٿن سان کائيندي ڏسي انور به اتان ئي ٻه ٽي گرهه کڻي پيٽ جو دوزخ ڀريو هو. کيس هزارين بکايل ماڻهن لاءِ آندل اهي چند چانورن جون ٿيلهيون. ان پل سندن زخمن تي پهن بدران لوڻ ٻرڪڻ برابر محسوس ٿيون هيون...
کُليل آسمان هيٺان، ڪاري رات ۾ هر طرف پاڻي، مڇر، ڪُتِ، ننڍڙن ۽ بيمار ٻارن جي روئڻ جا آواز. اچانڪ انهن آوازن ۾ عورتن ۽ مردن جي آوازن جو اضافو اُڀ ڏار رڙيون... ”اڙي منهنجا ابا... مون کي اڪيلو ڪري وئين... مون کي ڇورو ڇنو ڪري وئين... او منهنجا ابا....“ روڄ راڙو ۽ پَارَ! ٻن ڏينهن کان بکايل ڀر واري ڳوٺ جو هڪ پوڙهو گذاري ويو!
ڪيترائي ٻار، وڏا ۽ ننڍا چؤطرف پاڻيءَ ۽ گندگيءَ سبب اچانڪ پيدا ٿي ويل وبائي بيمارين سان جنگ جوٽي رهيا هئا... موت ڪيترن کي ئي مات ڏيندو رهيو. ڪجهه ماڻهن کي نانگن ڏنگي وڌو هو، ڪيتريون ئي دانهون، پَارَ ۽ سُڏڪا ڪنن ۾ رجيل شيهي جيان اوتجندا رهيا. ڪَنَ بند ڪري ڇڏڻ سان به اهي آواز اڄ به انور جي وجود ۾ گونجندا ٿا رهن...
انور مون کي ان رات جون ساروڻيون ۽ سور ائين پئي ٻڌايا جو مان پاڻ کي به ان ئي ڪربناڪ ماحول ۾ بيٺل محسوس ڪري رهيو هيس. ڪجھ دير اڳ مان هن سان هڪ سرڪاري ڪاليج ۾ قائم رليف ڪئمپ ۾ ملڻ آيو هيس. انور اڃا پنهنجي درد ڪٿا ٻڌائي ئي رهيو هو ته هڪ ٽرڪ ڪاليج جي گيٽ مان داخل ٿي.
اچانڪ ماڻهو ان ٽرڪ طرف ڊُڪڻ لڳا... چانورن جون ٿيلهيون، ٽرڪ تان هيٺ اڇلائجي رهيون هيون تن کي ڪيترائي هٿ... پوڙهن جا، جوانن جا، ٻارڙن جا ۽ عورتن جا جھپڻ لاءِ تيار هيا، پر انهن مان اڪثر ٿيلهيون ان ڇڪتاڻ ۾ ڇڄي رهيون هيون ۽ چانور روڊ تي ئي هارجي رهيا هئا...
انور به ٿيلهي جھپڻ جي انتظار ۾ بيٺل هو... هو اکين مان وهي آيل ڳوڙها پنهنجي قميص جي ميري ڪف سان اگھي رهيو هو.