16. الهي ويل وهيءَ جو سج
مون کيس ڪاليج جي ڪيترن ئي مسئلن بابت صلاحون مشورا پڻ ڏنا. ان دوران پرنسپل کي پنهنجي ڌيءُ جي شاديءَ جو ڪارڊ ڏيندي چيو:
”اچڻو ضرور پوندئي متان ڪو بهانو ڪرين!“
پرنسپل ڪارڊ کوليندي مرڪي پئي، حيران ٿيندي چيائين: ”ماشاءَالله پرهه جي شادي آهي! ها مان ضرور اينديس.“
دروازو کُليو. سامهون ڊائريڪٽر تي نظر پوندي ئي پرنسپل ۽ مان اٿي بيهي کيس ويلڪم چيو. ڪجهه گھڙيون ڪاليج جي تعليمي سرگرمين بابت ڳالهيون ٻوليون ٿيون. ان دوران چانهه بسڪٽس جو دور به هليو.
”ميڊم! توهان جي ڪاليج وزٽ ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان.“ ڊائريڪٽر هجائتي انداز ۾ چيو.
”بلڪل سر! اچو پليز!“
پرنسپل ڊائريڪٽر کي ڪاليج گھمائڻ لاءِ وٺي وئي. مان ساڳي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس! بريڪ ختم ٿي وئي. ڇوڪريون ڪلاسن ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون. پرنسپل جي نظر واري عينڪ جا ٿلها شيشا ڏسي يادون سانوڻ جي وڄن وانگر وري پيون... منهنجي ذهن تي ماضيءَ جا عڪس چٽا ٿيڻ لڳا.
..........
جڏهن مان ۽ نِدا هن ئي ڪاليج ۾ نيون ليڪچرر ٿي آيون هيونسين ته ان دَور جي پرنسپل جي اهڙي ئي عينڪ اسان کان مذاق ڪندي هٿ مان ڇڏائجي فرش تي ڪِري ذرا ذرا ٿي وئي هئي ۽ ان ئي وقت رائونڊ کان واپس آيل پرنسپل پنهنجي آفيس ۾ داخل ٿي هئي. بس پوءِ ته جيڪا اسان سان جُٺ ٿي هئي! مان ۽ ندا جڏهن پرنسپل جي آفيس مان ٻاهر نڪتيون هيون سين ته کلي کلي کيريون ٿي پيون هيونسين. ندا سموري ڪاليج ۾ منهنجي هڪ ئي رازدار ۽ ويجھي سهيلي، جنهن سان مان هميشه پنهنجا ڏک سور ونڊيندي هئس ۽ ندا به مون سان پنهنجا سڀئي مسئلا ونڊيندي هئي. اڄ کان ٽيويهه سال اڳ وارا ماضيءَ جا اهي سمورا لمحا منهنجي ذهن جي اسڪرين تي چٽا ٿيڻ لڳا...
ڪاليج ۾ ڪيتريون ئي ليڪچررز ۽ پروفيسرس هيون پر نِدا نه صرف سڀاءَ ۾ سهڻي ۽ موهيندڙ هئي پر سندس شخصيت به پرڪشش ۽ جاذب هئي. چانڊوڪيءَ جڙو اجرو رنگ، ٺهندڙ قد، وڏا سلڪي وار، خوبصورت اکيون، ۽ سندس چهري تي هميشه موجود رهندڙ مُرڪ کيس سڀني کان منفرد بڻائيندي هئي. ڪاليج ۾ جڏهن ڪو فنڪشن ٿيندو ته نِدا اسٽيج ڊيڪوريشن کان ويندي ٻارن کي ٽيبلوز، تقريرن ۽ اسٽيج سيڪريٽريءَ جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ جنبجي ويندي هئي. ٻين پروفيسرس کان اڳ اڳ ڪندي هر ڪم جي ذميواري پاڻ تي کڻندي کيس خوشي محسوس ٿيندي هئي. ندا ۾ هڪ ئي وقت ايتريون ساريون خوبيون ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو هو ته هن تي مالڪ پنهنجي خاص مهرباني ڪئي آهي جو هوءَ بهترين استاد هئڻ ناتي شاگردياڻين ۾ به مقبول آهي.
ان ڏينهن سانوڻ جي پهرين برسات ٿي هئي. موسم ڏاڍي خوشگوار ٿي وئي هئي. وڻ ٽڻ ڌوپجي چهچ ساوا ٿي ويا هئا. برسات بند ٿي ته پکي پنهنجا پر ڇنڊيندي وڻن جي هڪ ٽاريءَ تان ٻي ٽاريءَ تي ٽپا ڏيڻ لڳا. اسٽاف روم ۾ موجود سڀئي پروفيسرس مختلف ڳالهين ۾ مصروف هيون. ڪٿي گِلا جو دور هلي رهيو هو ته ڪٿي مڙسن جي شڪايتن ۽ سَسُن جي روين جا قصا. ڪجهه نوجوان ليڪچررز ڪپڙن ۽ ڪاسميٽڪس بابت بحث ۾ مشغول هيون، ته ڪجهه وري پرنسپل جي ڪارڪردگيءَ تي ڳالهائي رهيون هيون. ڪجهه سندس حمايت ڪري رهيون هيون ته ڪجهه مخالفت. پرنسپل جن تي مهربان هئي سي مخالفت ڪندڙ ليڪچررز کي سمجھائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيون.
هڪ چيو: ”ڇو ادي! مان ڪالهه ساڍي نائين بجي ڪاليج پهتس ته مَسٽرول ۾ منهنجي خاني تي سواليه نشان لڳل هو ۽ باقي ميڊم فائزه مٿان لهي آئي آهي جو هوءَ ڏهين بجي به اچي ٿي ته کانئس ڪو پڇڻ وارو ئي ناهي؟! اها ٻِٽي پاليسي ڪٿان جو انصاف آ!“
ٻيءَ وراڻيو: ”نه نه ادي، آپا اهڙي ناهي! پڪ توهان کي غلط فهمي ٿي آهي. مان وري به کيس چونديس، جي ائين ٿيو آهي ته آئينده نه ٿيندو.“
”هاهاها. هاهاها...“ ڪجهه پرڀرو ويٺل نوجوان ليڪچررز جي هڪ ٽول مان ٽهڪن جو آواز اسٽاف ڪامن روم ۾ گونجڻ لڳو...
”ڇاهي ڀلا؟ ڪهڙي ڳالهه تي ٿيون کِلو ڇوڪريون؟“ هڪ سينيئر پروفيسر چهري تي هلڪي مرڪ آڻيندي، خوشگوار موڊ ۾ کانئن پڇيو.
موسم خوشگوار ٿيڻ سبب سڀني جا موڊ به ڏاڍا خوشگوار ٿي ويا هئا، پر اڄ غيرمعمولي طور نِدا صبح کان وٺي چُپ چَاپ ۽ گم سم ويٺي هئي. مان سندس ڀر ۾ ويهندي ندا کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. کيس لائيٽ گرين ڪلر جي لان جي ڊريس پهريل هئي پر سندس چهري تي هيڊو رنگ هاريل هو. اسٽاف روم جي سموري ماحول کان بي نياز هوءَ خاموشيءَ سان هڪ هنڌ اکيون ڄمائي ويٺل هئي.
”نِدا! ڇا ٿيو اٿئي ڀلا؟ پريشان پئي ڏسجين!“ مون سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي کانئس پڇيو.
”نه نه، ڪجهه به ناهي ليلا! مان پريشان ڇو هونديس ڀلا! بس ائين ئي اڄ صبح کان ئي بابا جي ياد پئي آئي، تنهنڪري. ٻيو ڪجهه به ناهي.“
”ندا! ٻاهر لان ۾ ڪرسيون لڳرائجن؟ پوءِ پاڻ اتي هلي ڪچهري ڪيون؟“ مون سندس موڊ تبديل ڪرڻ لاءِ چيو.
”ڀلي تنهنجي مرضي.“ ندا وراڻيو.
پٽيوالي ٻه ڪرسيون لان ۾ رکيون. اسٽاف روم جي شور مان نڪري اسان ٻئي اچي لان ۾ ويٺيونسين. لان ۾ بيٺل پپل جي پنن مان مينهن جو پاڻي اڃا به ٽِمي رهيو هو. مان پرس کي ڪرسيءَ جي ٽيڪ ۾ لڙڪائيندي ندا جي اکين ۾ گھوري ڏٺو. هڪدم ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين.
”نِدا! هاڻي ٻڌاءِ به کڻي، تون ائين اچانڪ چپ چاپ! مون کي ڪا ڳڙٻڙ ٿي لڳي. تون هيڏن سالن ۾ مون کي اڳ ڪڏهن به ائين پريشان نظر نه آئي آهين. تنهنجي خاموشيءَ ۽ چهري تي موجود اداسيءَ مون کي منجهائي وڌو آهي. پليز مون سان شيئر ڪَر، نِدا. مون کان نه لڪاءِ. مان اڪيلي ئي ته توکي سمجھڻ واري آهيان هتي. مون کي ائين مزو نه ٿو اچي، يا ته پنهنجي چهري تي اُها ساڳي مُرڪ واپس آڻ جيڪا ڪٿي وساري آئي آهين يا مون کي ان اداسيءَ جو سبب ٻڌاءِ! ڪجهه شيئر ڪرڻ سان بار هلڪو ٿي پوندئي. ٻڌائي ڇڏ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو آهي ته؟“
ندا جو ڪنڌ جھڪيل ئي رهيو. اچانڪ سندس جھوليءَ ۾ ڳوڙها ڪرڻ لڳا. ٽشو پيپر سان اکين کي اگھندي. ڦڪي مرڪ مرڪڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اها مرڪ سندس اندر جي ڪيفيت تي پردو وجھي نه سگھي.
”نِدا! تون روئين ٿي! هان....“ منهنجو آواز روئڻهارڪو ٿي ويو هو. ”منهنجو قسم اٿئي. پليز ٻڌاءِ ٿيو ڇا آهي آخر؟!“
”ليلا! مان رات جڏهن پنهنجي ڪمري ۾ ليڪچر جي تياري ڪري رهي هيس ته امان اچي منهنجي بيڊ تي ويهندي هميشه وانگر منهنجي شاديءَ جي ڳالهه کولي... چيائين: ”ڇوڪرو بينڪ ۾ ڪيشيئر آهي، عمر ۾ به تنهنجي ئي سن ٿيندو. ڏاڍي سٺي فيملي جو آهي. امڙ! منهنجي حياتيءَ الائي ڪيتري، الائي اڄ، الائي سڀاڻي. تنهنجي عمر به ڇٽيهه ورهه اچي ٿي آهي. هاڻي هن رشتي کان انڪار ڪيئي ته پوءِ مون کي پنهنجي ماءُ نه سمجھجانءِ، پوءِ تون ڄاڻ تنهنجا نصيب. مان ته هڪ کان هڪ سٺو رشتو کڻي اچي تنهنجي پيرن ۾ رکيو آهي، پر خبر ناهي تنهنجي پسند جو شهزادو الاءِ ڪهڙي آسمان تان لهندو! جي هاڻي جواب ڏنئي ته پوءِ... بس مان به مري وينديسانءِ. ليلا! امان ائين چوندي پنهنجي رئي سان ڳوڙها اگھندي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.“
”پوءِ! تو ڪوبه جواب نه ڏنس؟!“
”نه ليلا! منهنجي نڙيءَ مان هڪ به لفظ نه پئي نڪتو. هونئن ته سدائين اهڙي موقعي تي مان ٺُپ جواب ڏئي ڇڏيندي آهيان پر رات امان جي ڳالهين جھڙوڪ منهنجي چپن تي مُهر هڻي ڇڏي. ليلا! مان سڄي رات جاڳي گذاري آهي. سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏندي ۽ غوطا کائيندي رهي آهيان. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ته امان کي ڪيئن سمجھايان ته مان پنهنجو جيون اهڙي ماڻهوءَ جي نالي ڪيئن ڪري ڇڏيان جنهن کي مون ڪڏهن ڏٺو به ناهي؟!“
”پر نِدا! ڏس تنهنجي عمر...“
نِدا منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ڪٽيندي چيو: ”ها ليلا، مون کي خبر آهي تون مون کي ليڪچر ڏيندينءَ ته مان غلط آهيان، پر مان ڇا ڪيان، دل نه ٿي مڃي نه منهنجي! دل گھٻرائجڻ ٿي لڳي جڏهن به ڪنهن اڻ ڏٺي شخص جو نالو مون سان ڳنڍجڻ جي ڳالهه ٿي نڪري. ليلا! منهنجو ايمان آهي ته هن دنيا ۾ منهنجي لاءِ ڪوئي ضرور موجود آهي، جيڪو منهنجي احساسن کي سمجھندو، جيڪو مون کي مانُ ڏيندو، جيڪو روشن خيال هوندو، جيڪو منهنجن خوابن جي ساڀيان هوندو... جيڪو مان چاهيان ٿي، اهو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اچي منهنجي دل جو دروازو کڙڪائيندو. مان ان جو شدت سان انتظار ڪري رهي آهيان.“
”نِدا! هڪ ڳالهه چوانءِ؟“
”ها بلڪل چئه...“
”پر واعدو ڪر ته تون ناراض نه ٿيندينءَ...“
مون ڏانهن اشهد آڱر جو اشارو ڪندي ندا مُنهن ۾ گُھنج وجھندي چيو: ”ها واعدو! پر ڪا نصيحت نه ڪجانءِ...“
”ندا! جيون به ڪنهن خوبصورت پوپٽ وانگر آهي جيڪو پنهنجي سهڻن رنگن سان سڀني کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرائيندو آهي پر انهن رنگن جي ڦِٽڻ سان ئي ان پوپٽ تان ڌيان هٽي ويندو آهي... توکي اهو اندازو آهي ته تنهنجي عمر جو سج تيزيءَ سان مغرب طرف وڃي رهيو آهي ۽ تنهنجي عمر جا پاڇا هر ڏينهن وڌندا ٿا رهن!“
ڪجهه گھڙيون خاموش رهڻ بعد ٿڌو ساهه کڻي، ندا پنهنجا ٻئي هٿ اکين تي رکندي پنهنجو چهرو ڍڪي ڇڏيو. چيائين: ”مان خوبصورت ناهيان؟ ليلا ؟!“
چيم: ”خدا جو قسم تون ڏاڍي خوبصورت، ڏاڍي پياري آهين! پر ڏس عورت جي عمر آهي ئي ڪيتري! اها خوبصورتي به ته جوانيءَ جي سرحدن تائين ئي ساٿ نڀائيندي نه! پوءِ اڳتي؟!“
نِدا لاجواب ٿي وئي. سندس چپن تي تالا لڳي ويا. ڪجهه به نه ڪُڇي. ماٺ ڪري ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي مٿو رکي اکيون مٿان بيٺل پپل ۾ ڄمائي ڇڏيائين. ڪجهه گھڙيون خاموش رهڻ بعد سوال ڪيائين: ”ليلا! تون به ائين ئي ٿي چاهين ته مان پاڻ کي ڪنهن اهڙي اڻ ڏٺي انسان جي حوالي ڪري ڇڏيان جيڪو مون کي پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا مطابق هلائي ۽ مان ڪجهه به ڪُڇي نه سگھان؟!“
”تون ان انسان جي مزاج کان واقف به ته ٿي سگھين ٿي نه! ڀلا شاديءَ کان اڳ ملي مخاطب ٿيڻ ۾ ڪهڙو گناهه آهي. متان توکي ان ۾ ئي پنهنجو آئيڊيل نظر اچي وڃي...!“ مون چيو.
ندا وٽ ڪوبه جواب يا جواز نه هو. منهنجي ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ وٽس ڪو به دليل نه هو. وري خاموش ٿي وئي.
ڪيترائي ڀيرا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان موضوع تي ڳالهائيندي گذريا، پر نِدا جو جواب نه بدليو. هوءَ پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهي، پر سندس ماءُ رشتا ڏسندي رهي.
..........
پرنسپل آفيس ۾ رکيل ٽيليفون تي رنگ وڳي ته منهنجن خيالن جو سلسلو هڪدم ٽُٽي پيو. ماضيءَ جي يادن مان ڇرڪ ڀري حال جي دنيا ۾ موٽي آيس. ٽيبل تي پيل نظر جي عينڪ منهنجي انهيءَ سهيلي نِدا جي آهي جيڪا اڄ ان ئي ڪاليج جي پرنسپل آهي. وقت جي گذرڻ سان سندس وهيءَ جو سج به الهي ويو سندس وارن ۾ چاندي اچي وئي آهي، پر کيس اڃا تائين ڪوبه آئيڊيل ملي ناهي سگھيو...