14. ڏنگيل خوشيون
...........
اهي سخت سرديءَ وارا ڏينهن هئا. صبح جو ڇهين بجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽيشن تي مان ۽ منهنجو دوست رياض ٿيلهن ۽ بسترن سميت لٿا هئاسين. هوائون تيزيءَ سان گھلڻ سبب سرديءَ جي اضافو ٿي رهيو هو. ٽرين پنج منٽن کان پوءِ وِسل هڻي اڳتي وڌي وئي. اسان پليٽ فارم تي موجود هڪ ننڍڙي ڪيبن تي اچي بيٺا هئاسين جتي گرم گرم چانهه تيار ٿي رهي هئي.
اسان وٽ سامان تمام گھڻو هو تنهنڪري رڪشه تي چڙهي ڦاٽڪ جي هڪ هوٽل تي اچي ويٺا هئاسين، سرديءَ سبب وات مان دونهان نڪري رهيا هئا، جسم ۾ ڏڪڻي وٺي وئي هئي، اسان ٻنهين کي جيڪٽ مٿان لويون ويڙهيل هيون. هَوا سبب هٿ پير ٺري يَخ ٿي ويا هئا. ناشتي ۾ انڊي پراٺي ۽ چانهه جو آرڊر ڏنو.
منهنجي فزڪس ۽ رياض جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊميشن ٿي هئي. هاڻي 9 وڄڻ جو انتظار هو ته جيئن اسان هاسٽل جو ڪمرو حاصل ڪرڻ لاءِ پرووسٽ آفيس مان معلومات وٺي هاسٽل جي ڪمري جي چاٻي حاصل ڪري وڃي ٿانيڪا ٿيون.
ڪجهه گھڙيون اخبار پڙهي ته ڪجهه گھڙيون سياسي اٿل پٿل بابت تبصرا ڪياسين. مختلف موضوعن تي بحث ڪري ڪري آخر صبح جا اٺ وڄاياسين، يونيورسٽيءَ جون پوائنٽ بسون ڦاٽڪ تان گذرڻ شروع ٿيون. اسان به رڪشه ۾ چڙهي يونيورسٽي جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته سڀ ڪجهه خواب جيان لڳي رهيو هو. ڪشاده صاف سٿرا روڊ، وڏا وڏا گھاٽا وڻ، باغ باغيچا، رنگ برنگي ويس پهريل شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيا هئاسين ته هاڻ اسان به هن ماحول جو حصو بنجڻ وارا آهيون.
رڪشه اچي پرووسٽ آفيس جي سامهون ڇڏيو. ٻن ڪلاڪن جي انتظار بعد اسان کي علامه اقبال هاسٽل جي ڪمري نمبر 40 ۽ 32 تي الاٽمينٽ ٿيڻ جي خبر ملي. وارڊن سان ملي ڪمرن جون چاٻيون ورتيون ۽ ٻنهي ڪمرن تي پنهنجا پنهنجا سامان رکياسين.
اسان ٻنهي جا ڪمرا فرسٽ فلور تي هئا. منهنجو ڪوبه پارٽنر نه اچڻ سبب رياض پنهنجو ڪمرو ڇڏي آيو هو. هاڻي پاڻ هڪ ئي ڪمري ۾ رهڻ لڳا هئاسين. ڄامشوري جا اهي اجرا صبح ۽ ميرانجھڙيون شامون... تيز گھلندڙ هوائون ۽ هاسٽل ۾ لڳل انبن جي وڻن مان طوطن جي ٻولڻ جا مڌر سُر... ڪجهه ئي ڏينهن ۾ يونيورسٽيءَ جون رنگينيون، ڪلاس، ڪاريڊورس، سينٽرل لائبريري، آرٽس فيڪلٽي، سائنس فيڪلٽي، سينٽرل ڪينٽين، زيرو پوائنٽ کان ويندي علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ۽ مارئي هاسٽل تائين ڪئمپس جو سمورو ماحول ڏسي ۽ پرکي ورتو هيوسين. هاسٽل جي ڪامن باٿ رومس ۾ جلدي جلدي وهنجڻ، ٽاول ٻڌي تڪڙا قدم کڻندي ڪمري تائين پهچڻ ۽ پوءِ ڪلف لڳل ڪپڙا پائي ڪئمپس طرف ڪلاسن ڏانهن ڊوڙڻ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن به يونيورسٽي جي شاگرد کان ڀلا ڪيئن ٿو وسري سگھي!
رياض ۽ مان جاگرافي ڊپارٽمينٽ واري ڪنڊ کان موڪلائي پنهنجي پنهنجي ڊپارٽمينٽس ڏانهن روانا ٿي ويندا هئاسين. منجھند جي مانيءَ تي اڪثر سينٽرل ڪينٽين تي گڏجي پوءِ هاسٽل جي ڪمري تي اچي هڪ ٻئي کي ڪئمپس جا حال احوال ڏيندا هئاسين.
رياض جي شخصيت ڏاڍي جاذب هئي. قدآور، ڀورو چٽو رنگ، ٺهندڙ شهپر ۽ سنهي فريم وارو نظر جو چشمو. پاڻ شاعراڻو مزاج ته اڳ ئي رکندڙ هو، مٿان وري سندس اک پنهنجي ڪلاس فيلو حِنا سان به اڙجي وئي. جتي به ويهندا هئاسين حنا جون تعريفون ڪندي نه ڍاپندو هو. چوندو هو: ”يار! مان دنيا جو خوش نصيب انسان آهيان جنهن کي حِنا جهڙي خوبصورت ۽ خوب سيرت ڇوڪري ملي وئي آهي، بس هاڻي مون کي ٻيو ڪجهه به نه گھرجي.“
ٿڌا ساهه کڻي چوندو هو: ”مون کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي ته حنا به مون سان ايترو ئي پيار ٿي ڪري جيترو ساڻس مان ٿو ڪريان، اسان هڪ ٻي جي مزاجن کان واقف ٿي ويا آهيون، هڪ ٻي جي جذبن جو قدر ڪريون ٿا. ماڻهو ته دعائون گھرندا آهن اهڙي ساٿيءَ لاءِ. پر مون کي ته دعائن کان بغير ئي هوءَ ملي وئي آهي.“
هاسٽل جي ڇت تي مون کي رياض جون حنا سان ٿيندڙ هر روز واريون ڪچهريون ۽ تعريفون ٻڌڻيون پونديون هيون. مان کيس چوندو هوس: ”پيارا! ڇڏي ڏي اهو عشق ڪرڻ، هتي پڙهڻ آيو آن، يا عشق ڪرڻ؟!“
رياض ٿڌا ساهه ڀري وراڻيندو هو: ”جڏهن عشق لڳئي ته خبر پوندئي پيارا! باقي مان پڙهائي ڇڏي ته ڪونه ڏني آهي! ها ائين ضرور آهي ته ڪتابن جي ورقن ۾ به مون کي صرف حِنا جو گلاب چهرو ئي ٿو نظر اچي.“
هڪ دفعي مون کي سينٽرل لائبريري جي ڀرسان چانهه واري جي رکيل ڀڳل بينچن تي ويهاري چيو هئائين: ”اِجھو آيس“ ۽ پوءِ هو چند گھڙين بعد حنا کي ساڻ وٺي آيو هو. ڏيڍ ڪلاڪ تائين اتي ويٺا رهيا هئاسين. حنا واقعي به ڏاڍي خوبصورت هئي. خوبصورت وڏن ڇپرن واريون وڏيون اکيون، ڪارا گھاٽا وار، ڀورو چٽو رنگ، ٺهندڙ بت ۽ سڀ کان اهم ته رياض جيان قدآور پڻ. رياض جو مٿانهس موهت ٿيڻ کيس ڏسڻ کان پوءِ مون کي چڱيءَ ريت سمجھ ۾ اچي ويو هو. سندس بابت ٻڌل سڀئي تعريفون مان ان وقت حقيقت جي روپ ۾ ڏسي رهيو هوس.
.... ڏينهن مهينا سال گذرندا رهيا. وقت پنهنجي ظالم رفتار سان ڀڄندو ئي رهيو. پيار عشق ۾ ڪڏهن تبديل ٿي ويو کين ڪا سُڌ ئي نه پئي هئي. آخرڪار چار سال گذري ويا. گذري ويل سالن ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو ايئن ٿي لڳو جيئن ڪي چند ڏينهن ئي گذريا هجن. يونيورسٽي ڇڏڻ وقت جڏهن سڀئي دوست وڏا وڏا ڀاڪر وجھي هڪ ٻئي کان موڪلائي رهيا هئاسين ته حيرت مان هڪ ٻئي کان پڇي رهيا هئاسين: ”ڪيئن گذري ويا چار سال!“
هر ڪو ڄامشوري جي هوائن کي الوداع چئي موڪلائي ويو. حنا ۽ رياض جي ملاقاتن جو سلسلو ختم ٿي چڪو هو، پر موبائيل تي سندن رابطا بحال هئا. سمورو ڏينهن ميسيج ۽ رات جو ڊگھيون ڊگھيون ڳالهيون. اهي رابطا هلندا رهيا ۽ آخرڪار رياض حِنا جي گھر رشتو موڪليو هو. سندن رشتو طئي ٿي ويو ته هن يارن سان گڏجي جھومريون پاتيون، مٺايون ورهايون، فونيون ڪري سڀني دوستن کي ٻڌايو هئائين. ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ خوش به ڇونه ٿي ها جو کيس پنهنجي پسند جي ڪنوار ٿي ملي. دوستن ۽ مائٽن پاران کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين مبارڪون پئي مليون.
رياض نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو. ڪميشن جي امتحان ۾ ويٺو، جڏهن اخبار ۾ رزلٽ آئي ته کيس پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو. مالڪ جا ٿورا مڃيائين جو سندس نالو ڪامياب اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل هو. جڏهن هن نوڪري جوائن ڪئي ته ڪجهه ئي مهينن بعد سندس شاديءَ جي تاريخ پڻ مقرر ٿي وئي هئي.
رياض پنهنجي سمورن يونيورسٽي جي دوستن کي شاديءَ ۾ گھرايو هو. دوستن کيس فرمائش ڪئي هئي ته ”اسان جي پيئڻ جو جوڳو بندوبست ڪجانءِ!“ هن سندن فرمائش پوري ڪئي هئي. سيور ۽ سرچ لائيٽن سان ٻرندڙ شاندار شادي هال جي ديوارن تي خوبصورت ننڍڙين ٽمڪندڙ رنگين ڊيڪوريشن بلبڙين جي وچ ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو ڪچهرين ۽ ٽهڪن ۾ مصروف هئا. نوان پراڻا دوست هڪ ٻئي کي ٻک وجھي ملي رهيا هئا.
ڪجهه دوستن کي ته اهڙا نشا چڙهي ويا هئا جو دُهل کان بغير ئي نچڻ ۾ شروع ٿي ويا هئا. اهڙن مدهوش دوستن کي ڏسي ڪي ماڻهو حيران ۽ پريشان ٿي رهيا هئا ته ڪي وري سندن حرڪتن کي انجواءِ ڪري رهيا هئا. هر طرف گلن جي هٻڪار هئي... مانيءَ جي سموري ذميواري منهنجي حوالي هئي. ايندڙ ماڻهن کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ مٽ مائٽ بيٺل هئا.
رياض گھوٽ جي ويس ۾ شهزادو لڳي رهيو هو. ”مالڪ کيس بد نظرن کان پناهه ۾ رکجانءِ“ منهنجي چپن تي بي ساخته لفظ اچي ويا.
خوبصورت پنڊال جي عورتن واري حصي ۾ ڳاڙهي وڳي ۾ ملبوس ڪنوار کي پڻ اسٽيج تي اچي ويهاريو ويو هو. ماني تيار هئي مولانا صاحب نڪاح پڙهائڻ شروع ڪيو جيئن دعا پوري ٿي ته دهلن ۽ شرنائين سان گڏ سمورو پنڊال فائرنگ سان به گونجڻ لڳو هو. گھوٽ کي ڪنڊيون پونديون رهيون. سندس دوست مست ٿي نچڻ لڳا. انهن ئي مدهوش ٿيڙ کائيندڙ دوستن مان هڪڙي دوست مستيءَ ۾ اچي ٿيڙ کائيندي ورَ ۾ رکيل پسٽل ڪڍيو هو... ٽي فائر ٿيا. ڊز... ڊز... ڊز... پهرئين گولي مٿي شامياني ۾ لڳي ٻي اسٽيج تي بيٺل مهمانن مان هڪ جي ٻانهن ۾ ۽ ٽين گولي سان سڀني ۾ ڀاڄ پئجي وئي. اسٽيج تي ماڻهن جي پيهه وڌي وئي. بوسڪيءَ جو وڳو رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. رياض جي پيٽ ۾ گولي لڳي...
..........
مان آپريشن ٿيٽر جي ٻاهران فرش تي ويٺل آهيان... آپريشن ختم ٿي چڪي آهي... مون کي هڪ دوست سهارو ڏيندي اٿاريو. رياض جي جان بچي وئي... هاڻي هو خطري کان ٻاهر آهي... سندس خوشين کي لڳل ڏنگ واري زهر کي ٻُهاري ڪڍيو ويو... منهنجون اکيون ڪاريڊور جي ڇت ۾ اٽڪي پيون... تانيئڙي جي ٺاهيل ڄار مان هڪ ننڍڙو وجود پنهنجو پورو زور لڳائي نڪري ويو...