8. وِڄُ
شبانه ۽ مان ريسٽورنٽ ۾ ويٺا هئاسين. شيشن مان نظر ايندڙ ٻاهر جو ڌنڌلو منظر ـــــ برسات جا ڪڙڪا. روڊ تي ڊوڙندڙ گاڏين جا تيزيءَ سان هلندڙ وائيپر، فوٽ پاٿ تي بيٺل ماڻهو... رڪشه، بسون ۽ ڪارون.
”ملهار! اسان جي سماج ۾ عورت سان ايڏي زيادتي، ايڏي ناانصافي ڇو! عورت کي مرد پنهنجي ملڪيت ڇو ٿا سمجھن ڀلا؟“ شبانه اوچتو سوال ڪيو.
”اسان جو سڄو سماج پوئتي پيل آهي پسماندگي صرف پئسي نه هئڻ سبب ئي ناهي ايندي پر ذهني پسماندگي جو اصل سبب جهالت آهي، شبانه! جهالت سبب ئي اهي هٿ ٺوڪيا اصول ٺاهيان ويا آهن.“ مون چيو.
”پر مَردن پنهنجي لاءِ ته اصول ڪونه ٺاهيا آهن... اهڙا اصول جن سان سندن خواهشن کي ڦاسي اچي سندن جذبا ۽ احساس پل پل چڪنا چور ٿيندا رهن! بلڪه پنهنجي لاءِ ته اهڙا اصول ٺاهي ڇڏيا اٿن جن سان سندن اَنا کي تسڪين ملي...“
”شبانه! سڀئي مرد هڪ جھڙا ته نه آهن نه.“
”ها پر مون کي اڪثر مردن جي سوچ مان وحشي پڻي ۽ وڏيرائپ جي ڌپ ايندي آهي.“
”پر شبانه سڀ وڏيرا وحشي ۽ ظالم به ته ناهن نه!“
بيري ٽيبل تي چانهه جا ٻه گرم گرم ڪوپ رکيا. شبانه پرس مان ڪيچر ڪڍي پنهنجي کليل وارن کي ورائي ٻڌي ڇڏيو. ٻاهر برسات سان گڏ کنوڻ جا به چمڪا ٿي رهيا هئا. برسات جيڪا اميرن لاءِ تفريح ۽ جھريل جھوپڙين ۾ رهندڙن لاءِ عذاب بڻجي ايندي آهي.
چانهه مان سرڪ ڀريندي چيائين: ”ملهار! مان سوسائٽي جي مجموعي قدرن جي ڳالهه ٿي ڪريان! گھرن ۾ عورتن سان ڇا ٿي رهيو آهي. تيزاب هاري، کين باهيون ڏئي ۽ زهر پيئاري ماريو ٿو وڃي. اخبار هر روز اهڙن واقعن سان ڀري پئي آ... عورتن تي ڪارنهن جا الزام هڻي کانئن حياتيون کسيون ٿيون وڃن! سڱ چٽيءَ طور به عورت کي ئي قربانيءَ جي جانور وانگر ڪَن کان پڪڙي گھر کان ٻاهر اڇلايو ويندو آهي! اهو گھر جنهن ۾ سندس جنم ٿيو هوندو آهي جنهن ۾ هوءَ نوڙي ڪڏندي، گڏين ۽ ٺپي راند ڪندي وڏي ٿي هوندي آهي...!“
”شبانه! پر انهن سڀن شين جو خاتمو ٿيڻ تڏهن ئي ممڪن آهن جڏهن اسان انهن سطحي سوچ رکندڙ ماڻهن کي ايڊيوڪيٽ ڪريون. کين ان ڳالهه جو احساس ڏياريون. جيڪو اسان جھڙين اين جي اوز جو ئي ڪم آهي، پر....“
”ڪيترائي ايڊيوڪيٽيڊ به ذهني طور پسمانده اٿئي ملهار! هتي ته عورت کي انسان ئي نه ٿو سمجھيو وڃي! اسان جي پڙهيل لکيل عورت به ساڳين مسئلن سان جنگ جوٽي رهي آهي. اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ ڇوڪريون اڄ به هيسيل آهن. آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت کي به غير محفوظ هئڻ جو احساس آهي. اسان جي اڻ پڙهيل، گھٽ پڙهيل، گھريلو زندگي گذارڻ وارين عورتن سان ته حيوانن جھڙو سلوڪ ٿو ڪيو وڃي. ماني پچائڻ، ٻهاري ڏيڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، ٻار جي پرورش ڪرڻ ته ٺيڪ پر عورتن کان ٻنيءَ تي پڻ ڪم ڪرايو ويندو آهي. هر اهو ڪم جيڪو مرد نه ڪرڻ چاهي سو عورت کان ٿو ڪرايو وڃي! مون کي حيرت آهي ته عورتون بي زبان جانورن وانگر ڏينهن رات اهڙي مشقت ڪندي به ان ڳالهه ۾ خوش آهن ته کين مڙس ماري ته نه ٿو!“
چهري تي هلڪي مسڪراهٽ...
”تون کلين ٿو ملهار! ها! تنهنجي اندر ۾ به ته هڪڙو مرد آهي نه! شيطان مرد... تون ڪيئن سمجھندين عورت جي احساسن کي... توکي مذاق ٿيون لڳن نه منهنجون ڳالهيون؟!“
سنجيده ٿيندي ”نه نه شبانه! مون کي ته انهن عورتن جي سادگيءَ تي کل پئي آئي جيڪي ويچاريون پنهنجن حقن کان به آگاهه ناهن. انهن ويچارين ته ڪڏهن ان ڳالهه تي هڪ لمحي لاءِ به نه سوچيو آ ته سندن ڪي حق به آهن. کين ڇا ڪرڻو آهي، ڇا نه ڪرڻو آهي، اهو کين وڏڙيون ٻڌائينديون آهن ته اسان عورتون سالن کان ائين ئي ڪنديون آيون آهيون تنهنڪري....“
شيشي کان هن پار ويل نظرن کي مون ڏانهن ڦيريندي ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين: ”بي انصافيءَ جي انتها آهي ملهار! ايڏي بي حسي، ايڏي بدديانتي! ۽ مرد حڪمران! ڪمزور عورت مٿان حڪمراني! اهو سڀ ڪجهه ڏسي منهنجو ته رت ٽهڪندو آ. عورت شاديءَ کان پوءِ مرد جي غلام! گھر ۾ هڪ نئين نوڪرياڻي!“
”پر شبانه! ڪوڪنگ ڪرڻ، ٻارن جي پرورش ۽ گھر جي صفائي سٿرائي ڪرڻ ته عورتن کي ئي سونهين ٿو نه!“
”ملهار! جڏهن عورت کي انسان ئي نه ٿو سمجھيو وڃي، ته سوچ! کيس ڪيئن هر روز مرڻو پوندو هوندو. مان ته پڙهيل لکيل گھرن جي عورتن سان به جُٺيون ٿيندي ڏٺيون آهن. اهي نام نهاد عورتن جي حقن جا علمبردار جيڪي اسٽيجن تي بيهي وڏيون تقريرون ڪندا آهن مون پاڻ انهن کي به عورتن جي تذليل ڪندي ڏٺو آهي...“
ڪجهه گھڙين جي خاموشي...
”شبانه ڪمري تي هلڻ گھرجي؟ سڀاڻي جي سيمينار لاءِ تياري به ڪرڻي آهي.“
پرس ڪلهي ۾ وجھندي چيائين ”ها بلڪل هاڻي ڪمري تي هلڻ گھرجي“
........
رات جا يارنهن... ٻاهر برسات جاري... هوٽل ۾ سانت... رکي رکي گجگوڙ جا آواز.
”ٺڪ ٺڪ ٺڪ...“ در جو کڙڪو. دروازو کليو.
”ملهار! تون اڃا ستو ناهين!؟“ حيرت مان.
”ننڊ نه پئي آئي!“
ڪرسيءَ تي ويهندي: ”تون به ته ناهين ستي اڃا؟“
”ملهار! ادا وڏو به هتي ٽريننگ تي آيل آهي، ساجھر فون ڪري چيائين ته ڏينهن جو ملي نه سگھندس. مان هاڻي توڏانهن اچان پيو. ٻارن لاءِ ڪجهه شاپنگ ڪئي آهي، اها تون سڀاڻي واپسي تي کنيون وڃ. بس ان جو انتظار ڪري رهي هيس.“
”شبانه! سڀاڻي واري سمينار لاءِ مون جيڪو پيپر لکيو آ، دل چيو ته توکي ٻڌايان.“
”ها ٻڌاءِ.“ بيڊ تي پيل ’بِرا‘ کي صوفي تي اڇلائيندي چيائين: ”مان ڀلا چينج ڪري وٺان؟ بلڪل رف ويٺي آهيان.“
چيم: ”نه شبانه بس منهنجو پيپر ٻڌي وٺ ۽ تڪڙ ۾ پنهنجي راءِ به ڏي.“
”ٺيڪ آ“
”پر جيڪڏهن ڪا ڳالهه نه وڻئي ته رک رکاءُ نه ڪجانءِ.“
ڀروون ڇڪيندي: ”توکي خبر آهي ملهار، مان رک رکاءُ ڪرڻ وارين مان آهيان ئي نه.“
”هاهاهاهاها.....“ ملهار جا ٽهڪ.
دروازو کڙڪيو: ”ڪير؟“
”مان آهيان، جاويد.“
”ادا! اچو اچو...“
روم ۾ گھڙندي ئي مُنهن خراب ڪندي ڀاڻس رعبدار آواز ۽ تلخ لهجي ۾ پڇيس: ”هي ڪير آ؟“
”ادا هي ملهار آهي، مون سان گڏ ڪم ڪندو آ.“
تارا ڦوٽاريندي چيائين: ”هي تنهنجي ڪمري ۾! هان ڇو؟ ٻڌاءِ؟ هي ڇا ٿو ڪري هتي؟“
”ادا! ملهار جو ڪمرو الڳ آهي اسان سيمينار لاءِ تياري ڪري رهيا هئاسين.“ ٿورو هيسجي وئي، ڀاءُ جو گرم لهجو ڏسي تڪڙي وضاحت ڪيائين.
”هي سيمينار جي تياري آ! تون رف ڊريس ۾ ڇو؟؟!“ ڀاڻس جي لهجي مان باهه جا اُلا اڀري پيا... سندس اندر جو شڪي مرد جاڳي پيو. ڪمري ۾ نظر ڦيرايائين گُھنجيل چادر، صوفي تي پيل بِرا... ٽيبل تي پيل ٽشو پيپر تي لڳل لپ اسٽڪ جا نشان... کيس لڳو رت جا نشان...
آتش فشان جيان ڦاٽي پيو... چنبو هوا کي چيريندو شبانه جي ڳل تي وڃي لڳو... شبانه بيڊ تي ڪري پئي...
شبانه جو ڪجهه دير اڳ چيل جملو منهنجي ذهن ۾ گونجي ويو ”ڪيترائي ايڊيوڪيٽيڊ به ذهني طور پسمانده اٿئي ملهار!“
آسمان ۾ گجگوڙ ۽ هڪ وڏو چمڪاٽ ٿيو.... زمين تي وِڄُ ڪِري پئي.