ڪھاڻيون

سپنن جو انت

رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2258
  • 870
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جو انت

2. بت بڻجي ويل شخص

منهنجي موبائيل تي ميسيج بيل وڳي، ڪنهن نئين نمبر تان آيل ميسيج کولي ڏٺم. خالي هو...
مان ان وقت پنهنجي آفيس جي شيشي مان ٻاهران جو من موهيندڙ منظر ڏسي رهيو هوس. سرمئي بادل آڪاش تي اڏامي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي رهيا هئا، هوائن جو رخ تبديل ٿي رهيو هو، مِينهَن جون بوندون شروع ٿي چڪيون هيون، پکي آکيرن ۾ پناهه وٺڻ لاءِ هوا جو سينو چيريندي اڏامڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. مان پنهنجي رِوالونگ چيئر کي ڦيرائي ٽيبل تي رکيل ليپ ٽاپ آن ڪيو.
دل چيو اهڙي مست موسم ۾ ڪوئي خوبصورت گانو ٻڌجي. هڪ دفعو ٻيهر موبائيل تي ميسيج بيل وڳي. ميسيج پڙهڻ لاءِ کوليو. ساڳي اڻ ڄاتل نمبر تان خالي ميسيج!
مان اڪثر اهڙن ميسيجز کي اهميت نه ڏيندو آهيان، پر نه ڄاڻ ڇو ان نمبر تي ”who r u“ لکي send ڪري ڇڏيو.
ترت ئي جواب آيو ”I m anam & u r my jaan“ مون اهو پڙهي، پڇتايو. سوچيو ته مون کي Reply ڏيڻ نه گھربو هو.
مان آفيس جي ڪم ڪار سان لڳي ويس. ٽيبل تي رکيل موبائيل تي اُن اڻ ڄاتل نمبر تان ڪيترائي ميسيج ايندا رهيا. جڏهن آفيس کان واپس گھر آيس ته اهي سمورا ميسيج پڙهي اندازو ٿيو ته جيڪو به آهي بهرحال سندس ٽيسٽ لاجواب آهي.
صبح، منجھند، شام ان نمبر تان ميسيج ايندا رهندا هئا. ڪوبه Reply نه ڪندو هوس. مون کي پَڪ هئي ته اهو يا ته منهنجو ڪو دوست آهي يا وري ڪو واقفڪار، جيڪو ڇوڪري بڻجي تنگ ڪرڻ ٿو چاهي...
ڪافي ڏينهن ۽ مهينا گذري ويا. ان دوران ساڻس چيٽنگ به ڪرڻ شروع ڪئي. مان ڪيترائي ڀيرا ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر ڀيري ڪونه ڪو بهانو ڪري وٺندي هئي. آخرڪار هڪ ڏينهن مون پنهنجي هورا کورا لاهڻ لاءِ کيس ميسيج ڪيو:
”جيڪڏهن تون واقعي به ڪا ڇوڪري آهين ته پوءِ بلڪل هن وقت مون سان ڳالهاءِ... نه ته اڄ کان پوءِ رابطا ختم.“
واپسي ۾ ميسيج بجاءِ ڪال اچڻ لڳي، اٽينڊ ڪئي...
پريان ڇوڪريءَ جو ڌيمو آواز آيو: ”ڇا اوهان هن وقت تائين مون کي ڪو مرد يا ڪو پنهنجو دوست سمجھندا رهيا آهيو؟!“
مان ڪجهه به ڳالهائي نه سگھيس. نِڙيءَ مان لفظ نڪري نه سگھيا. مون فون Disconnect ڪري ڇڏي.
محسوس ٿيو جيئن ڪوئي پنهنجو آواز بدلائي ڳالهائيندو هجي. هاڻي مان سنجيده ٿي سوچڻ تي مجبور ٿيس ته آخرڪار هوءَ ڪير ٿي سگھي ٿي جنهن کي مون سان ايڏي دلچسپي آهي؟! مون کيس ميسيج ڪيو: ”اوهان مون کي ڪيترو ٿا سڃاڻو ۽ مون کي آخر ايترا سارا ميسيجز ڇو ٿا ڪريو؟“
جواب آيو: ”مان اوهان کي ايترو سڃاڻان ٿي ته اوهان سرڪاري آفيسر آهيو، ڊفينس فيز II جي 3 نمبر اسٽريٽ ۾ پهرئين ڪارنر تي اوهان جو بنگلو آهي، بليڪ ڪلر جي سِٽي ڪار اٿوَ، اوهان شادي شده آهيو، ٻه ٻار اٿوَ، فري ٽائيم ۾ ڳائيندا به آهيو، اوهان جا گانا مون يُوٽيوب تي به ڏٺا آهن جيڪي مون کي ڏاڍا پسند آهن. مان ته هر وقت اهي گانا ڳائيندي رهندي آهيان. نالو شاهد اٿوَ پر مون لاءِ منهنجي جان آهيو توهان... مان توهان جي آواز جي ديواني آهيان. توهان جي شخصيت مون کي تمام گھڻو متاثر ڪيو آهي. منهنجو وس هجي ته اڄ ئي توهان سان شادي ڪريان.“
سندس جواب پڙهي هڪ هنڌ ڄمي ويس: ’هيڏي ساري ڄاڻ ڪنهن کي ٿي سگھي ٿي؟‘ سوچي سوچي ٿڪجي پيس، ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. ذهن ۾ آيل ڪيترائي سوال کانئس ميسيج ذريعي معلوم ڪيا، ته جيئن اندازو ڪري سگھان ته هوءَ ڪير ٿي سگھي ٿي، پر هر سوال جي جواب ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي پريشاني ويتر وڌنڌي ٿي وئي، نه صرف پريشاني، پر تجسس پڻ وڌڻ لڳو. ان ڳالهه جي تَهه تائين پهچڻ جي لاءِ، نه چاهيندي به مون ساڻس ميسيجز ذريعي رابطو جاري رکيو.
ان اڻ ڄاتل نمبر تان مختلف وقتن تي شاعري ۽ مختلف ڪوٽيشنس وارا ميسيجز ايندا رهندا هئا. اهو سلسلو مهينن تائين هلندو رهيو. هاڻي مان به سندس ڪيل ويهن ميسيجز جي موٽ ۾ پنج ميسيج موڪلڻ لڳو هوس. مون اهو سوچيو ته صرف ميسيج ڪرڻ ۾ ڀلا ڇا ٿو ٿئي!
ان وقت آسمان ۾ گجگوڙ سان گڏ کنوڻ جا تجلا به ٿي رهيا هئا جڏهن مان پنهنجي دوست اعجاز جي خوبصورت پينٽنگس سان سجايل اوطاق تي ويٺو هوس. ڪجهه گھڙين بعد تيز مينهُن لهي پيو. مون کليل دروازي تي لڙڪيل پردا هٽائي ڇڏيا. ڇتين جا نيسارا وهي ڇُڙيا. روڊ تي پاڻي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويو. مان نرم آرامده سنگل صوفي تي ويٺل هوس. اعجاز بينڪ ۾ آفيسر آهي اسان ننڍي لاءِ جا سنگتي آهيون. مان اعجاز سان ڪچهري دوران موبائيل تي ايندڙ ميسيجز به پڙهندو رهيس. پنهنجي کاڏيءَ تي هٿ رکي منهن ۾ گھنج وجھندي اعجاز اوچتو سوال ڪيو: ”يار! تون ڪجهه وقت کان موبائيل ۾ ڪجهه گھڻو ئي مصروف نه ٿي ويو آن؟! ڪير ٿو ڪَرئِي ايڏا ميسيج ڀلا؟“
مان مُنهن پَڪو ڪندي چيو: ”بس يار موبائيل ڪمپنين به ميسيج ڪري ڇڏيا آهن سستا! سو واندن ماڻهن به اچي ميسيجز تي زور ڀريو آهي. ڏينهن جو ته ٽائيم ئي نه ٿو ملي، ڀلا موبائيل جا ميسيج پڙهجن يا ٻيا ڪم ڪار ڪجن! هاڻي هتي ڪجهه وقت مليو ته سوچيم اِن باڪس تي سرسري نظر ڦيرائي وٺان.“
”پر الاءِ جي ڇو مون کي ائين نه ٿو لڳي!“ اعجاز انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي شَڪ واري انداز ۾ چيو.
”اڇا! ته پوءِ توکي ڇا ٿو لڳي ڀلا؟“ مون چيو.
اعجاز سگريٽ دکائي تيليءَ کي وسائڻ لاءِ هوا ۾ لوڏيندي مُنهن ۾ سُونڊ وجھي وراڻيو: ”مون کي لڳي ٿو ته ڪنهن ڇوڪريءَ جو چڪر آهي.“
”هاهاها...“ مون هلڪو ٽهڪ ڏيندي کيس وراڻيو: ”ڇوڪرِي ۽ مان! ڇڏ يار! اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، هجي ها ته توکان لڪايان ها ڇا ڀلا؟“
ٻاهر مينهَن ۽ هوا جي پاڻ ۾ جنگ ڇڙي پئي هئي جنهنڪري مينهن جي ڪڻين جي ڇانٽ اوطاق جي دروازي وٽان پيل ڪارپيٽ کي آلو ڪري ڇڏيو. سائن بورڊن جي رنگين روشنين ۽ گاڏين جي بتين جا عڪس روڊ تي جمع ٿيل پاڻيءَ ۾ جِھرمر ڪري رهيا هئا. گاڏيون تيزيءَ سان گذرڻ سبب پاڻيءَ اڏري فوٽ پاٿ تي به چڙهي ٿي آيو.
مان پاڻ تي ضبط ڪندي به پنهنجي ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ چپن تي تري آيل مُرڪ لڪائي نه سگھيس. اهو شايد ان ڪري به، ته مان اعجاز کان اڄ ڏينهن تائين ڪابه ڳالهه لڪائي نه سگھيو آهيان. سندس پڇيل سوال واري انداز مون کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائڻ کان روڪي ورتو.
سگريٽ جو ڪش هڻي دونهين کي هوا ۾ اڏاريندي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ آڻي چيائين: ”الاءِ پيارا! اسان به گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو آهي. سڄو ڏينهن مختلف قسمن جي ماڻهن سان واسطو آ ۽ توکي ته مان هونئن به چڱيءَ ريت ٿو سڃاڻان، سو مون سان چالاڪي ڪيئن ڪري سگھندين!؟“
مان هلڪو مُسڪرائي پوءِ سنجيده ٿيندي اعجاز سان سموري ڳالهه شيئر ڪرڻ لڳس ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته لڳ ڀڳ هڪ سال ٿيڻ تي آهي، هيءَ ڇوڪريءَ جنهن جو نالو انعم آهي، مون سان ميسيجز ذريعي رابطي ۾ آهي. هن مون سان پنهنجي بلڪل ذاتي نوعيت جون ڳالهيون به شيئر ڪيون آهن ۽ مون به کيس پنهنجي متعلق ڪافي ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو آهي. کوڙ ساريون ڳالهيون ٿيون آهن. هاڻي ته يار منهنجي به عادت بڻجي وئي آهي هوءَ. جيستائين ساڻس ميسيج تي رابطو نه ٿو ٿئي ته اُٻاڻڪو ٿو ٿي پوان.
منهنجي مُنهن ۾ گھوريندي اعجاز خاموشيءَ سان منهنجون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. ملازم ٽيبل تي ٻاڦ نڪرندڙ گرم گرم ڪافي جا ڪوپ اچي رکيا. مون سربستو احوال اعجاز کي ٻڌائي ڇڏيو.
چيائين: ”تو نمبر ڇو نه تبديل ڪيو؟“
چيومانس: ”پهريون سوچيو هو، پر پوءِ دل چيو پڙهيل لکيل ڇوڪري آهي، شاعريءَ جي ٽيسٽ به ڏاڍي غضب جي اٿس، بس فارغ وقت ۾ ساڻس ڳالهيون ڪندس، ته وقت سٺو گذرندو.“
”پوءِ هاڻي ڳالهه ڪٿي پهتي آهي؟“ ڀروون ڇڪيندي چيائين.
”پيارا! مان هن وقت تائين ساڻس مليو به نه آهيان. ڳالهايو به صرف هڪ ڀيرو ئي اٿم، سوبه آواز ٺيڪ طرح سان ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. بس ٻيو ڪجهه به نه!“
”ته پوءِ هاڻي اهو قصو آخر ڪٿي پورو ٿيندو؟“
چيم: ”بس ائين ئي جيستائين ان جي شادي نه ٿيندي هلندو رهندو. پوءِ هوءَ نمبر مَٽائي ڇڏيندي... يــار! ائين منهنجو فري ٽائيم به ڏاڍو سٺو ٿو گذري. ڀلا صفا ڳالهه حد کان وڌي وئي ته پوءِ کڻي نمبر مَٽائي ڇڏبو!“ مون پنهنجي چهري تي اطمينان آڻيندي چيو.
”نمبر مٽائڻ سان ڇا ٿيندو؟ تو ٻڌايو ته تنهنجي بابت سڄي ڄاڻ اٿس! ويندي گھر جي نمبر تائين... ۽ توسان شاديءَ جي خواهشمند به آ!“ منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي اعجاز ڪراس ڪوئيسچن ڪيو.
”ها! پر مان سمجھان ٿو ان معاملي ۾ هوءَ به ڪا هرو ڀرو ايڏي سنجيده ناهي.“
هجت واري انداز ۾ مون ڏانهن آڱر سڌي ڪندي چيائين: ”هاڻي منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ! اڄوڪي ڏينهن ۾ وڃي شرافت سان پنهنجو نمبر مَٽاءِ! ۽ ان ڇوڪريءَ سان جيڪو ۽ جيترو به تعلق جُڙيو اٿئي سو ختم ڪري ڇڏ... پاڻ عزت وارا ماڻهو آهيون خواه مخواه ڪنهن ڏچي ۾ نه اچي وڃين!“
”هاهاهاهاها...“ مون وڏو ٽهڪ ڏيندي صوفي جي ٻانهن تي هٿ هڻندي چيو: ”يار! اهڙو ڪجهه نه ٿيندو! تنهنجي دعا کپي.“ ڳالهه مٽائيندي چيم: ”موسم ته ڏاڍي زبردست ٿي وئي آ. اُٿ ته اڄ سِي وِيو تي هلئون.“
هاڻي برسات ڪجهه جَھڪي ٿي چڪي هئي. موسم لاجواب ٿي وئي هئي ۽ هوا ۾ ٿورڙو سيئاندو به محسوس ٿي رهيو هو. اعجاز هلڻ کان لاچاري ڏيکاريندي چيو:
”يار اڄ مان ڏاڍو ٿڪل آهيانءِ ڪنهن ٻئي دفعي!“
”پوءِ ڀلا مون کي اجازت ڏي.“ مون اعجاز کان موڪلايو، پر هو اوطاق جي دروازي تي بيٺو رهيو. مون اچي گاڏي اسٽارٽ ڪئي پهرين گيئر ۾ آڻي اعجاز کي هٿ جي اشاري سان سلام ڪري اڳتي نڪري آيس ۽ سڌو اچي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويٺس. اهڙي رومانٽڪ موسم ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل ۽ تصور ۾ سوچيل حسينه سان رومانٽڪ گفتگو ڪرڻ ۾ به پنهنجو سرُور آهي، اهڙي حسينه جنهن جي سليڪشن ۽ ٽيسٽ به لاجواب هجي ۽ وري اها اوهان کي چاهيندي به هجي. ماڻهو عارضي طور ئي سهي پر ڪجهه لمحن لاءِ بلڪل رليڪس ٿي ويندو آهي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مان انعم سان ميسيج ذريعي ڪچهريون ڪرڻ لڳس، ڇالاءِ ته انعم فون تي نه ڳالهائيندي هئي. ميسيجز ذريعي ٿيندڙ اهي ڪچهريون وڌنديون رهيون، موضوع مَٽجندا رهيا پهريون تڪلف ۽ پوءِ بي تڪلفيءَ واريون سڀ ڳالهيون!
هاڻي جنهن ڏينهن ساڻس رابطو نه ٿيندو هو، مزو نه ايندو هو. مجبور ٿي کيس ڪال ڪندو هوس ته اٽينڊ نه ڪندي هئي، ان وچ ۾ مون کيس آزمائڻ لاءِ ٻين به ڪيترن ئي نمبرن تان ڪالز ڪيون پر هن ڪڏهن به اهي ڪالز اٽينڊ نه ڪيون. ٻين نمبرن تان کيس رومانٽڪ ميسيجز به ڪيا پر ڪابه موٽ نه ملي.
ان ڳالهه مان مون کي اها دلجاءِ ٿي ته هن جو تعلق صرف مون سان ئي آهي. هوءَ صرف منهنجي ذاتي نمبر تي ئي ميسيج ڪندي هئي. کيس مون هر طرح سان آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو ڪردار مون کي ڪٿي به ڪِريل ۽ ٿِـڙيل نظر نه آيو.
ڳالهين ڳالهين ۾ هوءَ مون کي پنهنجو محبوب ڪري پيش ڪندي هئي. گڏ رهڻ جون ڳالهيون، لانگ ڊرائيو ۽ ڪينڊل لائيٽ ڊنر جون ڳالهيون، سمنڊ تي هٿُ هٿ ۾ ڏئي ڇولين جي ڇُهاءَ جا مزا ۽ جيڪو هڪ شادي شده زندگي کان پوءِ ٿيندو آهي اهو سڀ ڪجهه هن پنهنجي ڳالهين ۾ بار بار ٿي ورجايو. هاڻي مان صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ نه، پر اڪثر پنهنجي آفيس ۾ ڪم سيڙائي به کيس وقت ڏيندو هوس. مون کي جن ۾ به شڪ هئا، هوءَ انهن مان هڪ به نه هئي!
مان جڏهن به کانئس سندس باري ۾ اهو پڇندو هوس ته آخر تون پنهنجو مڪمل تعارف ڇو نه ٿي ڪرائين؟ ڪٿي رهندي آهين؟ مون کي ايترو ڪيئن ٿي سڃاڻين؟ يا پنهنجي ڪا تصوير ايم ايم ايس يا اِي ميل ذريعي ڇو نه ٿي اماڻين! ته هوءِ موٽ ۾ هميشه ڳالهه کي تبديل ڪري وٺندي هئي. بار بار ساڳيو سوال ڪرڻ تي چِڙي به پوندي هئي.
هڪ سال، ٻه مهينا ۽ چار ڏينهن اسان جون ڪچهريون ٿينديون رهيون. مون ڪيترائي ڀيرا ملڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو پر ملڻ واري ڳالهه تي کيس ڳالهائڻ ئي پسند نه هو. چوندي هئي ملنداسين ته پوءِ ڪڏهن به الڳ نه ٿينداسين، پر اڄ اوچتو هن ميسج ڪيو: ”مان توسان ملڻ ٿي گھران!“
مون کانئس فوراً پڇيو: ”ڪڏهن ۽ ڪٿي؟“
لکيائين: ”تنهنجي آفيس جي سامهون واري ريسٽورنٽ ۾.“
مون لکيو: ”مان ڪيئن سڃاڻيندس توکي؟“
لکيائين: ”مان ته توکي سڃاڻان ٿي نه! بس توکي هٿ سان اشارو ڪنديس، پر ملڻ کان اڳ منهنجو اهو ئي ساڳيو شرط آهي ته پاڻ ملڻ کان پوءِ ڪڏهن به نه وڇڙنداسين. مان ٺيڪ 4 بجي اُتي توسان ملنديس ۽ پوءِ پاڻ شادي ڪنداسين.“
مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيس. ”ها بلڪل ٺيڪ آهي.“ مون لکيو.
سندس ميسيج آيو: ”مان توکي ڪنهن ٻئي سان شيئر ڪرڻ نه ٿي گھران جانُو. تون صرف منهنجو آهين.“
مون موبائيل ٽيبل تي رکي اکين تي هٿ رکي ڇڏيا. سمجھ ۾ ڪجهه به نه ٿي آيو. هوش خطا ٿي ويا هئا. اها حسينه جنهن سمورو سال خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڳالهيون ڪيون هيون، اها اڄ مون سان ملي رهي هئي. جنهن سان ميسيجز جي ذريعي ڪيترائي سپنن جا محل اڏيا هئا سا اڄ پاڻ ملي رهي آهي سو به هميشه لاءِ... هڪ طرف مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيس، ٻئي طرف سندس لڳايل شرط مون کي ڏينڀوءَ وانگر ڏنگ هڻي بي چين ڪري رهيو هو. گھڻي دير کان پوءِ اهو سوچي پاڻ کي اطمينان ڏنو ته ’ڪهڙو اڄ شاديءَ جو چوندي، زور ڪيائين ته بس ها ۾ ها ملائيندومانس!‘ اندر ۾ نه بيان ٿيندڙ اُڻ تُڻ هئي انعم کي ڏسڻ جي. سندس ڳالهين ۾ نه ڄاڻ ڪهڙو جادو هو جنهنڪري مون کي ڪنهن به قسم جي نتيجي جي پرواهه نه هئي. جيئن چار وڳا ته مان روڊ ڪراس ڪري شاندار ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيس. عجيب محسوس ٿي رهيو هو سڀ ڪجهه. دل جي دهڪو تيز ٿي ويو هو. ريسٽورنٽ اندر هلڪي روشني هئي. سامهون ڪنڊ تي نقاب ۾ ويٺل پنڪ ڪلر جا ڪپڙا پهريل حسينه مون کي اشارو ڪيو. تڪڙا قدم کڻندو سندس آڏو اچي بيٺس. مان سندس اکين ۾ گھوري رهيو هوس. هُن پنهنجو نقاب لاهي ڇڏيو ۽ منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. سندس چهري کي ڏسندي وهندڙ پاڻيءَ مان برف جو پهاڙ بڻجي هڪ هنڌ ڄمي ويس... ها! مان اُن وقت بت بڻجي ويس، ڇو ته اها بي نقاب حسينه منهنجي زال هئي...!