ڪھاڻيون

سپنن جو انت

رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2258
  • 870
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جو انت

21. بي شرم

سانوڻ جو مينهن ڪڙڪا ڪري لهي پيو هو. ڇتين تان نيسارا وهي ڇُڙيا هئا، روڊ جي ٻنهي پاسن کان پاڻي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويو. مان شهر جي هڪ روڊ جي فوٽ پاٿ تي دڪان جي آڏو ٺهيل ڇپري جي هيٺان اچي بيٺو هيس. ڪجهه لمحن کان پوءِ هيڏي هوڏي نهاريم ته منهنجي سامهون روڊ جي هُن پار هڪ ڇوڪري بيٺل هئي. سندس هٿن ۾ ڪتاب هئا جيڪي سيني سان لاتل هيس. سندس هٿ ۾ پڪڙيل موبائيل مينهن ۾ پُسي وئي هئي. دڪاندار کيس شڪارين وارين نظرن سان چتائي رهيا هئا. گاڏيون، رڪشه، چنگچيون روڊ جي پاسي کان بيهڻ شروع ٿي ويا. مينهن به چوي اڄ نه پوان ته ٻيو ڪڏهن پوان...
شديد گرميءَ کان پوءِ وسڪاري سان گڏ ٿڌيون هوائون ميداني علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ غنيمت کان گھٽ ناهن هونديون. مان ان ڇوڪريءَ ڏانهن مسلسل ڏسي رهيو هوس، ڏاڍي پريشان هئي. ’شايد ڪنهن ٽيوشن سينٽر تان واپس ٿيندي رستي ۾ رڪجي وئي آهي!‘ دل سَٽون ٿي کاڌيون ته روڊ جي هُن پار وڃي سندس ڀرَ ۾ بيهان، ساڻس مخاطب ٿيان ۽ سندس مدد ڪريان...’مينهن ٿورو جَھڪو ٿي ته وڃان ٿو.‘ دل ۾ اهو سوچي ساڳي جاءِ تي بيٺو رهيس. ان دوران هڪ جيپ منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ حائل ٿي وئي. مان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳس، هوءَ نظر نه آئي. مينهن ۾ جوتا ۽ ڪپڙا ڀِڄائيندي روڊ ڪراس ڪري ڏٺم، اطمينان جو ساهه کنيو. هوءَ اڃا تائين اتي ئي بيٺل هئي. آس پاس بيٺل ماڻهن جون چڀندڙ نظرون سندس جسم جو ايڪسري ڪڍي رهيون هيون. هوءَ هيسيل هرڻيءَ جيان شڪاري جانورن جي وچ ۾ اڪيلي بيٺل هئي....
’مان ڀلا ڇو ٿو وڃان سندس مدد لاءِ؟‘ پاڻ کان سوال ڪيو. ’شايد هوءَ ڏاڍي خوبصورت آ ان لاءِ مون کي سندس سونهن ئي ڇڪي آئي آ... نه نه مان انساني همدرديءَ خاطر سندس مدد ڪرڻ ٿو چاهيان... پوءِ سامهون بيٺل پوڙهي جي مدد به ته ڪري سگھجي ٿي.‘ دل ئي دل ۾ پاڻ سان سوال جواب ڪندو رهيس. منهنجا پير هن ڏانهن وڌندا ويا. سندس ڪپڙا مينهن ۾ پُسيل هئا. شلوار ٽنگن سان چهٽيل هئس، قميس جو اڳيون پلئه آلو هيس، رئو ويڙهي ڪتاب سيني سان لائي، نظرون جھڪائي بيٺل هئي.
دل ٻَڌي کيس چيم: ”توهان ڪٿي رهندا آهيو؟“
اکيون مٿي کڻي مون ڏانهن ڪاوڙ مان نهاري وري جھڪائي ڇڏيائين، ڪجهه به نه ڪُڇائين.
”مون کي غلط نه سمجھو، مان اوهان جي مدد لاءِ آيو آهيان.“ مون کيس يقين ڏيارڻ چاهيو.
”مِينهُن بند ٿي ويندو ته هلي وينديس. توهان جي مهرباني.“ وري به ڪاوڙ مان ئي چيائين.
”مان سمجھان ٿو اوهان جي موبائيل ۾ پاڻي پئجي ويو آ. ڀلا منهنجي موبائيل استعمال ڪرڻ چاهيو ته هي وٺو.“ مان پنهنجي موبائيل ڏانهنس وڌائي.
”نه مهرباني!“ ساڳيءَ بي رخيءَ سان جواب ڏنائين.
مان سندس ڀَر ۾ بيهي رهيس. مون کي ترڇي نظر سان ڏسي ٿورو پَر ڀرو ٿي بيٺي. الائي ڇو منَ ۾ آنڌ مانڌ مچي وئي... سوچيم ماڻهن هڪ ٻئي تان ڪيڏو نه اعتبار کڻائي ڇڏيو آهي. مان سندس مدد ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ هوءَ مون کي به ٻين ٻه نمبري ماڻهن وانگر ٿي سمجهي! کيس ڪيئن يقين ڏياريان ته دل سان سندس مدد ڪرڻ ٿو چاهيان. ڪافي وقت گذري ويو. مينهن سان گڏ تيز هوا به زوڪاٽ ڪندي گُھلي رهي هئي جنهنڪري مينهن جي پاڻيءَ جا ڇنڊا اسان جي جسم کي ڇُهي پُسائي رهيا هئا. اسان اتي ئي بيٺا رهياسين. مان رکي رکي ڏانهنس ڏسي رهيو هوس ان خيال سان ته متان مون کي سڏ ڪري وٺي. جيتوڻيڪ منهنجو ڪوبه منفي ارادو يا نيّت ۾ کوٽ نه هئي. بس دل چاهيو پئي ته هوءَ مون کان ئي مدد وٺي، مان ئي کيس گھر تائين رسائڻ ۾ مدد ڪريان... مغرب جي آذان اچڻ لڳي، سج موڪلائڻ لڳو. هن کي ڏٺم، خوف سندس چهري مان نمايان طور جھلڪي رهيو هو. مان سندس ويجھو وڃي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڻس مخاطب ٿيس: ”مان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو آهيان، سوشيالوجي ۾، اوهان مون تي يقين ڪريو مان اوهان جي مدد لاءِ ئي هتي بيٺو آهيان، مون کي غلط نه سمجھو!“
”سوشيالوجي ۾؟ ڪهڙي سال ۾؟“ اچانڪ سوال ڪيائين.
”ٿرڊ ايئر ۾.“ مون وراڻيو.
”امبر توهان جي ڪلاس فيلو آهي؟“ پهريون ڀيرو سڌي مُنهن مخاطب ٿي.
”ها، امبر منهنجي ڪلاس فيلو آ! توهان کيس سڃاڻو؟“
”ها! امبر جو نمبر آهي توهان وٽ؟“
”نه امبر جو نمبر ته مون وٽ ڪونهي. ها سندس سوٽ جو نمبر آهي مون وٽ.“
”توهان پنهنجي موبائيل ڏيو پليز.“
مون کيس پنهنجي موبائيل ڏئي ڇڏي. ٻه ٽي نمبر ڊائل ڪرڻ کان پوءِ مايوس ٿي واپس ڪندي چيائين: ”ادا ۽ بابا جا نمبر بند آهن.“
”سج لهي چڪو آهي، مينهُن به گھٽجڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، پوري شهر جي بجلي به بند ٿي وئي آهي، اوهان چاهيو ته مان توهان کي توهان جي گھر تائين پهچائي اچان؟“ چيم.
مون ڏانهن گھوريندي چيائين: ”مان سوسائٽي جي ڀرسان واري ڪالوني ۾ رهندي آهيان. بس پليز مون کي ڪا به سواري ڪرائي ڏيو.“ سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
مان رڪشه ۽ چنگچي وارن کي ايلاز ڪرڻ لڳس پر ڪوبه سواري سان وڃڻ لاءِ تيار نه هو، ڇا لاءِ ته روڊن تي پاڻي بيهجي ويو هو ۽ سوارين جو هلڻ محال ٿي ويو هو. هاڻي هوءَ مون ڏانهن اميد ڀرين نظرن سان نهاري رهي هئي. مان مختلف رڪشه ڊرائيورن سان ڳالهائي رهيو هوس پر ڪوبه هلڻ لاءِ تيار نه هو. مايوس ٿي سندس آڏو اچي بيٺس.
”ڪوبه هلڻ لاءِ تيار ناهي! ڪجهه دير انتظار ڪريون ٿا، متان برسات گھٽ ٿئي.“
”هن جيپ واري کي چئي ڏسو.“
انتهائي مجبوريءَ واري حالت ۾ لفظ سندس نڙيءَ مان نڪتا. مون هڪ ڀيرو جيپ ۾ ويٺل ٿلهي متاري شخص ڏانهن نهاريو، پوءِ ڏانهس وڌي ويس. شيشي کي آڱرين جي ڏوڏن سان کڙڪائيندي کيس شيشو هيٺ لاهڻ جو اشارو ڪيم.
”ڀاءُ! هيءَ ڇوڪري منهنجي پاڙي جي آهي، شديد برسات سبب هتي ڦاسي پئي آهي. ڪوبه سواريءَ وارو هلڻ لاءِ تيار ناهي، نياڻيءَ جي مدد ڪريو پليز. کيس سندس گھر تائين پهچايو.“
جيپ ۾ ويٺل همراهه چيو: ”ڀائو مان نه ٿو هلي سگهان! مان ڊرائيور ماڻهو آهيان. صاحب اڳ ئي انتظار ۾ ويٺو آ. مان هتي صرف مينهن گھٽجڻ جو انتظار پيو ڪريان.“
”يار انساني همدرديءَ طور ٿوري مهرباني ڪر. ويچاري نياڻي ٻار اڪيلي بيٺي آ. هي ڏس مان ٻانهون ٿو ٻڌانءِ. قربُ ڪر!“ مون کيس منٿون ڪيون.
ڊرائيور کي رحم اچي ويو. چيائين: ”ٺيڪ آ، وٺي اچيس.“
مان هن ڏانهن ويس ته سندس منهن جو پنو لهي چڪو هو. پريشاني، شرمندگي ۽ خوف واري عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي لڳي. پنهنجي جسم کي رئي سان چڱيءَ ريت ڍڪڻ جي ڪوشش ڪيائين. ٿڪل قدمن سان جيپ ۾ اچي ويٺي. مان کانئس موڪلائڻ جي ڪئي ته ڊرائيور هڪدم چيو: ”ڀائو اڪيلي ڇوڪري مون سان ڪيئن ٿو اماڻين؟ تون وري ڪاڏي ٿو وڃين! تو چيو ته منهنجي پاڙي جي آ!“
”توهان پليز منهنجي گھر تائين مون سان هلو.“ التجا واري انداز ۾ چيائين. مون ڏٺو هوءَ صفا لُڙهي پئي هئي.
هاڻي برسات جي وسڪاري ۾ ڪجهه قدر جَھڪائي ٿيڻ لڳي هئي. مان جيپ ۾ چڙهي ويٺس. گوڏي جيڏي پاڻيءَ ۾ جيپ هلڻ لڳي. هوءَ بلڪل ڊنل هئي. جڏهن هن جي گھر تائين پهتاسين ته برسات بلڪل بند ٿي چڪي هئي. جيپ جي اڳئين دروازي کان لهي مون پوئين سائيڊ کان وڃي دروازو کوليو. هوءَ لهڻ وقت تمام گھڻي گھٻرائجي وئي هئي. جيپ مان هيٺ لٿي، اسٽريٽ لائيٽ جي پوندڙ روشنيءَ ۾ هُن جي شلوار تي رتُ جا چُٽا نمايان نظر اچي رهيا هئا. کن پل لاءِ ڇرڪي پيس. ’رَتُ!‘ ...... جوان ۽ بالغ ڇوڪريءَ جي شلوار تي لڳل رتُ جي فطري حقيقت سمجھڻ ۾ مون کي ڏکيائي نه ٿي ۽ مٿس وڌيڪ رحم آيو.
سندس چهرو ڪومائجي ويو هو. پنهنجي جسم تي رئو ويڙهيندي آهسته آهسته جيپ مان ٻاهر نڪتي. مون ڊرائيور جي هٿ تي سئو جو نوٽ رکندي مهرباني چئي کيس اجازت ڏني.
سامهون چوڪ تي بيٺل هڪ ٿلهو متارو نوجوان اهو سمورو منظر ڏسندي ئي واءُ مينهن ڪندو اسان ڏانهن ڊوڙندو آيو. سندس اکين ۾ رت لهي آيو هو. سخت ڪاوڙ مان مونکي گريبان کان پڪڙي گار ڏيندي چيائين ڪير آن........... ٻڌاءِ هن سان ڪهڙو تعلق اٿئي؟؟ مان ڪجهه ڳالهايان ان کان اڳ ئي سندس ڳري هٿ جون پنج ئي آڱريون هوا کي چيرينديون زور سان منهنجي ڳل تي اچي لڳيون. اکين آڏو اوندهه ڇانئجي وئي... ڇوڪري وضاحت ڪرڻ لاءِ جيئن ئي چپ چوريا ته کيس وارن کان جھلي تارا ڦوٽاريندي چيائين شرم نه آيئي بي حياءِ بي شرم.... هي ڪير آ ....؟؟ ڪير آ هي...؟؟؟ ٻڌاءِ...؟؟
سڏڪندي چيائين ”ادا! هن ته منهنجي مدد ڪئي آهي اوهان غلط نه سمجھيو... هي ....“
ڀيڻ جي شلوار تي لڳل رت ڏانهن گھوريندي... ڀاڻس جي زبان مان لفظ باهه جي اُلن وانگر نڪرڻ لڳا ڏند ڪرٽيندي چيائين ”بي شرم! توکي اسان جي عزت جو خيال به نه ٿيو...!!“ هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍيائينس... ڇوڪري روڊ تي ڪري پئي..
مان سندس غلط فهمي دور ڪرڻ خاطر کيس منٿون ڪندي ٻانهون ٻڌندي چيو ”هينئن لوڪ جي سامهون پنهنجي عزت جو تماشو نه ڪريو ادا! مان ته انساني همدرديءَ....“ منهنجا لفظ نڙيءَ م ئي اٽڪي پيا. منهنجي گريبان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي بيٺو.... سمورو پاڙو گڏ ٿي ويو.... حياءُ روڊ تي ڪريل هو ۽ بي حيائي همدرديءَ جو گريبان پڪڙي بيٺل هئي.