10. لڙڪن جو سيلاب
ٻهراڙي جي راتين جي خوبصورتي ستارن جي جهرمر، هر طرف ڪارو آسمان، ڪڏهن ڪڏهن ٽانڊاڻن جو ٽمڪڻ، مينهن جي رنڀ، ٻڪرين جا ٻيڪاٽ ۽ ڪڏهن وري گهِري رات واري سانت. اهي سڀ شيون مزيدار هونديون آهن پر جڏهن چوڏهين جي چنڊ واري رات هجي ته ان جي وري ڳالهه ئي اور آهي. پاڻيءَ تي پوندڙ چنڊ جو شعاع ۽ هوا تي پيدا ٿيندڙ لهرون، ٻڪرين جي ڳچين ۾ ٻڌل گهنڊڻين جو مڌر آواز ۽ ڳوٺاڻن جا هڪ ٻئي کي وڏي واڪين سڏ. اهي سڀ شيون ٻهراڙي جي ماحول جون خوبصورتيون آهن.
غوثو به پنهنجي مستقبل جا خوبصورت خواب لهي رهيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪکائين گهر بدران پنهنجو پڪو گهر، ٽريڪٽر، موٽر سائيڪل ۽ گهر واريءَ لاءِ سونا زيور ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ٿي ڏٺيون ٿي جن جي تمنا سندس مَنَ کي سدائين گهايل ڪندي رهندي آهي...
اچانڪ رڙيون، ڪوڪون ۽ ڀاڄ شروع ٿي وئي. غوثو آوازن تي بيدار ٿيو. رات اونداهي هئي جنهنڪري هن کٽ تان لهي لال ٽين ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي پر لال ٽين تائين پهچڻ کان اڳ ئي سندس هوش خطا ٿي ويا. جيئن ئي کٽ تان پير هيٺ لاٿئين ته پِنيءَ کان به مٿي پاڻي بيٺل هو. سندس گهر واري، ٻار، جھور ماءُ ۽ ڪراڙو پيءُ سڀ اٿي پيا، سمورو ڳوٺ ڀڄ ڀڄان ۾ پئجي ويو. هر ڪو پريشان! ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيس. پاڻيءَ جي سطح ۽ رفتار منٽ منٽ ۾ تيز پئي ٿيندي رهي. بس جنهن کي جيڪو هٿ آيو سو کڻي ڀڳو. ٻار ڪڇ تي کڻي، پوڙهن کي ڪلهن تي کڻي، مال جا رسا ڪٽيندا، پاڻي جهاڳيندي هلندا ۽ ڊڪندا رهيا. انهن سڀني جو رخ بند طرف هو. غوثوءَ ٻن سالن جي ڌيءَ ڪڇ تي ۽ چئن سالن جو پٽ ڪُلهي تي کنيو هو. سندس زال کي جيڪو سامان هٿ لڳو ان جي هڪ وڏي ڳنڍ ٻڌي کنيائين. غوثو پوڙهن پيءُ ماءٌ کي به تڪڙو هلڻ لاءِ چوندو رهيو ته زال کي به. عجيب افاتفريءَ جو ماحول ٿي ويو. ڪي ماڻهو اونده سبب پاڻيءَ ۾ ٿاٻڙجي ڪِري به رهيا هئا. غوثوءَ جو سڄو ڌيان پيءُ ماءُ ڏانهن هو. سندس ماءٌ جيڪا انتهائي ظعيف هئي هڪ هنڌ تي اچي صفا همت هاري ويٺي، اڳتي پنڌ ڪرڻ جي باقي وصيت وٽس نه رهي. غوثو ڊُڪَ وِڌي پر پاڻي گوڏي جيڏو وهي اچڻ سبب هن جو ڊُڪڻ فضول هو. سوچيائين ته ٻارن کي بند تي ڇڏي پوءِ اچي امڙ کي کڻي وڃان. پاڻيءَ جي تيزي، اونداهي رات، ٻارن جي روئڻ جا آواز، وڏن جون رڙيون، پڪارون. غوثو کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو، ڪوبه مدد لاءِ نه ٿي آيس. هر ڪو پنهنجي وٺ وٺان ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ پورو هو. غوثوءَ فيصلو ڪيو ته هو پهريان ٻارن کي بند تي ڇڏي اچي پوءِ ماءُ کي اچي کڻي.
اهو فيصلو ڪري تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو سهڪندو سهڪندو ڏهه منٽن جو پنڌ هڻي اچي بند تي ٻارن کي اتي اڳ پهتل عورتن جي حوالي ڪري واءُ مينهن ڪندو واپس وريو. هاڻي پاڻي اچي چيلهه تائين پُڳو هو. غوثوءَ ماءُ کي ڪلهي تي کنيو، پڻس به لٺ جي سهاري بند ڏانهن هلڻ لڳو. اوندهه گهگهه ۾ ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. جڏهن ماءُ کي بند تي پهچائي غوثوءَ پنهنجي گهر واري کي به بند چڙهندي ڏٺو ته کيس پيءُ ڏانهن وڃڻ جو خيال آيو، ڊُڪندي رڙ ڪندي زال کان پڇيائين: ”اَنو ڪاٿي آ !؟“
”تو سان جو هو! تنهنجي چولي ۾ هٿ هُيس! مان سان ته ناهي!“ زال وراڻيس.
غوثوءَ زال جا اهي جملا ٻڌندي ئي پنهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ڪئي. سندس دماغ چڪرائجي ويو. چرين جيان رڙيون ڪندو ڊڪندو ڳوٺ ڏانهن ڀَڳو. دڳ تي جيڪو به مليس کائنس رڙيون ڪندي اَنوءَ لاءِ ٿي پڇيائين پاڻيءَ ۾ ڊوڙندو ٿاٻِڙجندو ڀڄندو زور زور سان سَڏَ ڪندو رهيو: ”انو...او انو..انو...“
پيءُ جو خيال آيس: ”بابو ڪاڏي ويو؟“
پاڻي هاڻي ڪافي مٿي چڙهي آيو هو، درياءَ جو کنڊ هو جيڪو هر گهڙيءَ وڌندو ئي ٿي ويو...
غوثو ڀڄندو رهيو. گهر تائين آيو، گهر ٻڏي رهيا هئا. سَڏَ ڪري ڪري نِسَتو ٿي پيو هو. ”او پٽ اَنــــو. او اَنـــو. اَنــــــــو.“ رڙيون ڪري ڪري نڙي ويهجڻ لڳس. واپس بند طرف موٽيو. رڙيون ڪيائين: ”اڙي منهنجو بابو ۽ منهنجو انو ڏٺوَ ڪاٿي؟ ابا، او ابا. او انو.“
غوثو بند مٿان چرين جيان هيڏانهن کان هوڏي ڀڄندو رهيو. سندس زال ڊوڙندي آئي: ”غوثو! اَنو مليو؟ هان ٻڌاءِ، ڪاٿي آ منهنجو اَنو؟“
غوثو زمين تي ويهي رهيو. زبان سُڪي ٺوٺ ٿي ويس. گهر واريءَ کي ڏٺائين جيڪا رڙيون ڪندي کانئس انوءَ لاءِ پڇي رهي هئي ۽ ماڻس سندس پيءُ لاءِ ٿي پڇيس. پر، غوثو جهڙو پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. وٽس کين ڏيڻ لاءِ ڪوبه جواب نه هو. ڪافي دير تائين هن جي اکين مان ڪوبه ڳوڙهو نه وهيو. سندس زال ۽ ماءُ پار ڪڍي روئڻ لڳيون. پار جيڪي اڀ ڏار هئا. پار جيڪي هانءَ ڦاڙ هئا. پار جيڪي سندن سينو چيري رهيا هئا.
غوثو فجر تائين اٻاڻڪو، اداس ۽ غمگين بڻيو بند تي بت بڻجي ويٺو رهيو. انوءَ لاءِ پيءُ جي پڪڙيل قميص مان ڇڏايل هٿ ڄڻ ته زندگيءَ جو آخري سهارو به کسجڻ هو. هو اڃا ڇهن سالن جو هو. پيءُ جو پيارو، ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي اکين جو تارو، پر هاڻي انوءَ جو ڏاڏو به ته بي رحم ڇولين جي نظر ٿي چڪو هو!
غوثو اچانڪ اوڇنگارون ڏئي روئي پيو. لڙڪ سندس اکين جا سڀئي بند ٽوڙي وهڻ لڳا. خواب، حسرتون، اميدون ۽ رت جا رشتا سڀ ڪجهه لڙهي ويو. سڀئي بند ٽُٽي پيا جنهن کان پوءِ لڙڪن جو هڪ نه کٽندڙ سيلاب آهي جيڪو مسلسل وهندو ئي رهي ٿو. غوثو جي اکين ۾ هاڻي ڪوبه خواب ناهي. انهن اکين ۾ هاڻي سيلاب آهي. نه کٽندڙ سيلاب.