12. اسسٽنٽ پروفيسر
نورين ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندس پيءُ ماءُ ڏهه سال اڳ روڊ حادثي ۾ گذاري ويا هئا، جنهنڪري نورين پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سان رهندي هئي. نورين لاءِ مختلف رشتا ايندا رهيا پر سندس ڀاءُ انهن کي اهو چئي رَد ڪندو رهيو ته اهي رشتا نورين لاءِ مناسب نه آهن. سندس عمر هر گذرندڙ ڏينهن، مهيني ۽ سال سان وڌنڌي ٿي رهي...
ٻه سال اڳ ئي سندس پروموشن ليڪچرار مان اسسٽنٽ پروفيسر طور ٿيو. کيس سندس ڀاءُ جڏهن ٽريزري آفيس مان پگھار جي سلپ آڻي ڏني هئي ته مبارڪ ڏيندي چيو هئائينس: ”ادي! تون ته مون کان چؤڻ تي پگھار ٿي کڻين! بس اسان ڪلارڪيءَ ۾ ڦاسي وياسين، تو وانگر ليڪچرار ٿي وڃان ها ته اڄ گھر جو سمورو خرچ مان پاڻ هلايان ها! بس ادي توکان خرچ وٺندي شرم ته ڏاڍو ٿو اچي پر...“
”نه نه ادا! مان ڀلا ڇا ڪنديس هيڏي ساري پگھار، اها ڳالهه چئي مون کي اوپرو ڇو ٿا بڻايو! مان به ته ڀلا هتي ئي ٿي رهان. ڇا هي منهنجو گھر ناهي!“ نورين چيو.
”ها! ادي پر...“
پنهنجي ڀاءُ جي جملي کي اڌ ۾ ڪٽيندي نورين چيو: ”نه ادا بس ’پر‘ کان پوءِ ڪجهه به نه چئجو. مون سان اهڙي اوپرائپ واري ڳالهه ٻيهر نه ڪجو. منهنجو توهان کان سواءِ ٻيو آهي ڪير؟ مان ڪاڏي ڪنديس اهي پئسا!“
سندس ڀاءُ جي اکين جون پنبڻيون پُسي پيون. ٻانهن جي ڪف سان اکين ۾ آيل پاڻيءَ کي اگھندي نورين جي مٿي تي هٿ رکيائين.
نورين جي پنجهٺ هزار پگھار مان پنجاهه هزار گھر ۾ استعمال ٿيندا هئا. سندس ڀاءُ جي ٻارن جي اسڪول فيس کان ويندي اَن اَٽي تائين ٻيون به گھر جون شيون سندس ئي پگھار مان اينديون هيون.
نورين صوفا سيٽ تي ويٺي هئي. سندس اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا. کيس ماءُ ۽ پيءُ شدت سان ياد اچي رهيا هئا. سامهون واري آئيني ڏانهن ڏسندي ڪيتري ئي دير تائين پنهنجن وارن ۽ چهري ۾ گھُوريندي رهي. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي: ”مان ڪيسيتائين ڀاءُ جي گھر ۾ ترسيل هوندس. ڀاڄائي جي طنز جا تير آخر ڪيسيتائين برداشت ڪنديس. مان پڙهيل لکيل عورت آهيان. ڀلا پنهنجي رشتي لاءِ پاڻ به ته ڪوشش ڪري سگھان ٿي. ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي.“ نورين پنهنجو پاڻ کي همت ڏيندي، دل ئي دل ۾ طئي ڪري ورتو ته هاڻي مان پاڻ پنهنجي لاءِ ڪو رشتو ڏسنديس. ٻين پروفيسرس کي چونديس جيڪي اڳ کيس اهڙي آفر ڪنديون رهيون آهن ته اهي سندس رشتو ڪرائن، پر هيءَ کين منع ڪندي رهي هئي ته سندس رشتو صرف پنهنجو ڀاءُ ئي پنهنجي منشا مطابق ڪرائيندو.
زندگيءَ جي صبح ۽ شام ۾ به ايترو ئي فرق هوندو آهي جيترو حقيقي صبح ۽ شام ۾ هجي ٿو. صبح صاف سٿرو چٽو ۽ وڻندڙ هوندو آهي جنهن ۾ پکي پنهنجي آکيرن مان نڪري آزاد هوائن ۾ اڏامڻ لڳندا آهن، گلَ شبنم جي قطرن سان وهنجي نکري پوندا آهن ۽ وڻن جا پتا صبح جي هير واري مڌر سُر تي رقص ڪندا آهن. جڏهن ته شام ڌنڌلي، ميرانجھڙي ۽ تاريڪيءَ طرف تيزيءَ سان سفر ڪندڙ هوندي آهي. سج موڪلائيندو آهي ته دل گھٻرائجڻ لڳندي آهي ڇوته ان وقت انڌيرن جو سفر اسان جي آجيان ڪرڻ شروع ڪندو آهي. اها سُڌ نورين کي تڏهن پئي جڏهن هن لاءِ هاڻي يا ته انهن جا رشتا ٿي آيا جن ٻِي شادي ڪرڻ ٿي چاهي يا جن جون زالون گذاري ويون هيون ۽ کين پنهنجن ٻارن لاءِ ڪنهن ماٽيلي ماءُ جي گھرج هئي، جيڪا انهن جي پرورش ڪري. اڪثر رشتا اهڙا به هئا جن کانئس نوڪري ڇڏرائڻ جو شرط رکيو، پر اها نوڪري ئي ته هئي جيڪا نورين جو واحد سهارو بڻيل هئي، سا ته ڪهڙي به ريت هن قربان ڪرڻ نه ٿي گھُري.
نورين لاءِ سندس وڏي ڀاءُ وٽ ڊاڪٽر جو رشتو آيو سندس عمر لڳ ڀڳ چاليهه سال هئي نورين کان سال وڏو هو. ڀاڻس کي خيال آيو ته رشتو تمام مناسب آهي نورين سان صلاح ڪرڻ گھرجي. اهو خيال هن کي پهريون دفعو آيو هو. نورين جي ڪمري جي دروازي وٽان کيس زال هٿ کان ڇڪي ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي. آهستگيءَ ۽ رازداريءَ واري انداز ۾ مڙس کي چيائين:
”ڇا ٿي ويو اٿئي؟ مان اوطاق جي در وٽ بيهي ٻڌو ته تون رشتي لاءِ راضي ٿي ويو آن! جي اهو رشتو ٿي ويو ته پاڻ بُک مرنداسين ڇا!؟ پنهنجا حال وسري ويئي ڇا؟ تنهنجي پگھار مان ته ٻارن جو خرچ به پورو ڪونه ٿيندو! لڳي ٿو تنهنجو حافظو ڪمزور ٿي ويو آ. سڄو گھر هِن مائيءَ جي پگھار تي ئي ته هلي پيو. پرڻائيندينس ته ڪم ڪيئن هلندو؟!“ نورين جي ڀاڄائي هڪ ساهيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه چئي مڙس کي سوچن جي گِھري ڪُن ۾ اڇلي ڇڏيو. زال جا سوال سندس آڏو ديوار جيان رڪاوٽ بڻجي ويا. کيس اهي سڀئي سوال مٿي ۾ لوهي سيخ جيان ٽُنبجي رهيا هئا. ڪجهه به سمجھ ۾ نه آيس، کٽ تي ويهي رهيو. ڪيتريون ئي ڳالهيون سندس ذهن کي جنجھوڙي رهيون هيون. کٽ تان اٿي صوفي تي ويٺو. پنهنجن ٻنهي هٿن جون آڱريون ملائي ڪياڙيءَ تي رکي ڪنڌ مٿي ڪري ڇت ۾ نهارڻ لڳو. ذهن ۾ جنگ ڇڙي پئي هيس. سوچيندي سوچيندي اٿي بيهي رهيو. سندس چهري ٿي اطمينان واري مرڪ تري آئي. هو نورين جي ڪمري جي دروازي وٽان گذري سڌو اوطاق ۾ ويهاريل مهمانن ڏانهن هليو ويو ۽ کين رشتي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.