ڪھاڻيون

سپنن جو انت

رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2258
  • 870
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جو انت

11. اُجھاڻيل ڏيئو

رات جي سانت ۾ ڪشادي بنگلي جي هڪ ميرانجهڙي روشنيءَ واري ڪمري مان پوڙهي شخص جي مسلسل کنگهڻ جو آواز.
سندس پٽ پيءُ جي خراب طبعيت جي ڄاڻ هوندي به، ايئر ڪنڊيشن واري ايئر ٽائيٽ روم ۾ پنهنجي گهر واريءَ جي ڀاڪر ۾ ستل آهي!
پوڙهو شخص مسلسل کنگهي رهيو آهي.
اسٽور روم مان نوڪرياڻي اٿي اچي ڪمري جي بتي ٻاري کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيئاريو.
”بابا! دوا جو وزن کاڌو اٿئي؟“
پوڙهي پنهنجو ڏڪندڙ ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻيو. سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو هو ۽ جسم ڪنبي رهيو هوس.
ڏڪندڙ آواز سان پڇيائين: ”ڌيءَ اسد آيو آهي؟“
”ها! بابا، اسد صاحب ۽ بيگم صاحبه ڪمري ۾ آهن.“
پوڙهو وري کنگهڻ لڳو. هاڻي سندس اها کنگهه پاڻيءَ جا ڍڪ پيئڻ سان جَهڪي ٿيڻ واري نه هئي. انهيءَ دائمي کنگهه سندس جسم کي کوکلي پڃري جيان بڻائي ڇڏيو هو جنهن ۾ سندس ساهه ڪنهن ڪمزور ۽ مجبور پکيءَ جيان قيد هو.
مسجد مان ’الصلوات خيرمننّئوم‘ جو آواز بلند ٿيو. گهر جي لان وارن وڻن ۾ جهرڪين جي چُون چُون، ڪانوَن جي ڪان ڪان سان گڏ ٻين پکين پنهنجون ٻوليون ٻولڻ شروع ڪيون. ائين هر رات جيان هڪ ٻي رات به گذري وئي.
اسد صبح ٿيڻ سان ئي آفيس جي تياري ۾ لڳي ويو، پينٽ، شرٽ، ٽاءِ ۽ پوءِ ڪوٽ پائي ناشتي لاءِ ڊائننگ ٽيبل تي ويهندي وڏي پيار مان گهر واريءَ کي سڏيائين.
”بيگم! پليز جلدي اچو، مون کي دير پئي ٿي.“ ۽ بيگم پنهنجا آلا وار ڇنڊيندي ٻنهي ڪلهن تي رکي جلدي اچي اسد جي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي. پهريون گرهه بيگم صاحبه کي پنهنجي هٿ سان کارائي ناشتو شروع ڪيائين.
”اسد! پٽ اسد!“ والد جو جهيڻو آواز اسد جي سماعتن سان ٽڪرائجي ٿو، پر ٻُڌو اڻ ٻڌو ڪري گهر واريءَ سان گفتگوءَ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو.
نوڪر بريف ڪيس گاڏيءَ ۾ رکيو. اسد گهر مان نڪرندي آخري دفعو آئيني تي ٽاءِ سيٽ ڪندي اچي ٿڌيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺو. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪئي، پهريون فرسٽ گيئر پوءِ سيڪنڊ ۽ ٿرڊ کان پوءِ فورٿ گيئر ۾ گاڏي ڪشادي روڊ تي ڊوڙڻ لڳي.
ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکيل موبائيل ۾ پهريون وائبريشن ٿي ۽ پوءِ بيل وڄڻ لڳي.
”هيلو.“
”سائين اسد صاحب؟“
”جي ڳالهايان پيو.“
”عرفان صاحب جو والد رات وفات ڪري ويو آهي، اڄ 12 بجي سندس تدفين ٿيندي.“
”ٺيڪ آ.“ اسد موبائيل کي ڀرسان سيٽ تي رکي ڇڏيو.
اسد اها خبر ٻڌي پنهنجي والد بابت سوچڻ لڳو... کيس سندس پيءُ جو هر هڪ ڳالهه ۾ دخل ڏيڻ، بغير پڇڻ جي مشورا ڏيڻ، ڳالهه ڳالهه جو ورجائي پڇڻ ۽ سندس گهر واريءَ جي آزاديءَ سان گهمڻ تي ٽوڪڻ ۽ روڪڻ وارو انداز چِڙَ ڏياريندو آهي. ان قسم جي ڳالهين سبب هن پيءُ کي گهر ۾ پيل ڪنهن پراڻي، ڀڳل، ٽٽل ۽ بي جان شيءِ جيان وساري ڇڏيو آهي!
اسد آفيسريءَ جي نشي ۽ زال جي خوشامد ۾ پنهنجي پيءُ کي پَل پَل اذيتون ڏيندو ۽ سندس حسرتن جو خون ڪندو رهيو آهي.
ڪيترين ئي بيمارين جي وَر چڙهيل سندس پوڙهو پيءُ زندگيءَ جي تتل صحرا ۾ وارث هوندي به لاوارثن جيان ڀٽڪي رهيو هو. کيس دوائن کان وڌيڪ پٽ جي پيار ۽ توجه جي شديد ضرورت هئي.
شام جا پاڇا لَڙڻ وارا هئا ته اسد گهر پهتو. پيءُ جي کنگهڻ جا آواز ۽ ’اسد! اسد!‘ جي پُڪار ٻڌي کيس هڪ لمحي لاءِ خيال آيو ته انهيءَ اونداهي ڪمري ڏانهن وڃان ۽ پيءُ کي ڏسان. ڪمري ۾ داخل ٿيو ته سندس پيءُ ٻئي ٻانهون ڏانهس وڌائي کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ ٿي چاهيو. اسد بيڊ تي ويهندي پيءُ جا هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي ساڻس مخاطب ٿيندي چيو: ”ڀلا ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون؟“
سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي جھيڻي آواز ۾ چيائين: ”نه پٽ! دوا ڇا ڪندي بابا! بس تون اچي ٻه گھڙيون ويهندو ڪر ته مان....“ جملو پورو ڪري نه سگھيو. کنگھ اُڀري پيَس. نوڪر هڪ هٿ جي سهاري سان ٿورو مٿي اٿاري کيس پاڻيءَ جا ٻه ٽي ڍڪ پيئاريا...
”صاحب! بيگم صاحبه توهان کي جلدي سڏي پئي.“ نوڪرياڻي سهڪندي نياپو کڻي آئي.
اسد تڪڙو تڪڙو پنهنجي ٿڌي بيڊ روم ڏانهن وڌي ويو، جتي سندس گهر واري ڊريسنگ ٽيبل تي سينگار ۾ مصروف هئي. بيگم صاحبه هن کي ڏسندي ئي پنهنجون ٻئي ٻانهون سندس ڪلهن تي رکندي لاڏ مان چيو: ”وسري ويئي؟ اڄ اسان کي ٻاهر ڊنر تي هلڻو آ.“
”مون کي ياد آهي راڻي. مان بس فريش ٿي وٺان ته هلئون ٿا.“ ڊرائيور گاڏي ڪار پورچ ۾ لڳائي ڪجهه گھڙين ۾ ئي زال مڙس ٻاهر ڊنر ڪرڻ لاءِ نڪري ويــا.
اسد جو والد ماضيءَ جي يادن جا ورق اٿلائي اندر ئي اندر ۾ جُهري پيو هو. لڙڪن جو سيلاب سندس اکين جا بند ڀڃي نڪتو هو. کيس ياد اچي رهيون هيون ماضيءَ جون اهي سڀئي ڳالهيون....
.........
جڏهن اسد جي ڄمڻ جي باس باسي هئائون، پوءِ آهستي آهستي وڏو ٿيندي ڏسي دل ئي دل ۾ سپنا سانڍيا هئائون، کيس سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جا ۽ وڏو آفيسر ٿيڻ جا. هي پاڻ ته سرڪاري آفيس ۾ ننڍڙو ملازم هو پر هڪڙي سڪيلڌي پٽ جي آسائش لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيو هئائين. پرائيويٽ انگلش ميڊيم اسڪول کان پوءِ سائنس ڪاليج ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ تائين سندس تعليم جو خرچ آفيس ۾ اووَر ٽائيم ڪري به پورو ڪندو هو. پاڻ پراڻا ڪپڙا پائي پُٽَ کي نوان وڳا پارائي خوش ٿيندو هو. اسد جي ماءُ جي گذاري وڃڻ بعد هن ئي کيس ماءُ ۽ پيءُ واري شفقت ۽ محبت ڏني.
ننڍي هوندي جڏهن اسد کانئس هڪ ئي سوال ڏهه ڀيرا پڇندو هو ته هو کيس ڏهه ئي ڀيرا جواب ڏيندو هو، پر اڄ ....!
هو کيس ڪلهي تي ويهاري گهر جي پڌر ۾ گهمائيندو ۽ ڳلن، ٻانهن ۽ هٿن تي مٺيون ڏيندو هو. بيمار ٿيندو هو ته هو ٻه ٻه ويلا ماني به نه کائيندو هو. ٻانهن ۽ مٿي تي زور ڏيندي سندس صحتيابي جون دعائون گهرندو هو.
اسد جڏهن انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي گهر موٽيو هو ته سندس لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهندڙ هڪ اميرزاديءَ جو رشتو آيو هو. هن ته انڪار ڪيو پر اسد جي ضدَ ۽ خوشيءَ خاطر اهو رشتو ڪرڻ تي مجبور ٿيو. کيس ڪهڙي خبر هئي ته انهيءَ نئين رشتي جي ڪري اسد پنهنجا رت جا رشتا به وساري ڇڏيندو! انهيءَ اميرزاديءَ جي ڪري ئي هو تمام وڏي ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر ته ٿي ويو پر کانئس اهو سمورو ماضي ڪنهن پراڻي پڙهيل سبق جيان وسري ويو جنهن کي منزل ملڻ کان پوءِ ٻيهر پڙهڻ جي هن ڪڏهن ضرورت ئي محسوس نه ڪئي.
............
ڪاري رات پنهنجا پر هر طرف پکيڙي ڇڏيا هئا. پوڙهو ماضيءَ جي يادن مان واپس موٽي آيو هو. هن کي پنهنجو وجود اجھاڻيل ڏيئي وانگر محسوس ٿيڻ لڳو.
اچانڪ سندس سهڪو وڌڻ لڳو. کيس هڏڪين مٿان هڏڪيون اچڻ لڳيون. نوڪرياڻي ۽ نوڪر هڏڪين جي آواز تي پوڙهي جي ڪمري ۾ ڊوڙندا آيا. هن جي چپن تي رڳو ”اسد.... اسد...“ جا لفظ هئا. سندس بگڙيل حالت ڏسي نوڪر، صاحب جي ڪمري واري در کي زور زور سان کڙڪائڻ لڳو.
ڪمري جي اندران بيگم صاحبه جو آواز آيو: ”اسد باٿ روم ۾ آهي، شور نه مچاءِ، مان فون تي پئي ڳالهايان.“
پوڙهي آخري هڏڪي ڏني ته سندس زبان مان ”اَسد...“ جو لفظ نڪرندي رهجي ويو، بس رڳو ”اس....“ چئي سگھيو ۽ جسم جي زندان مان سندس روح ڪنهن پکيءَ جيان ڀڙڪو ڏئي اڏري ويو...