• خيالن جي کوري مان پچي راس ٿيل ڪهاڻيون
جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر سائين اياز قادري، غلام رباني آگري ۽ جمال ابڙي کان شروع ٿيو ۽ پوءِ ان تسلسل ۾ ڪيئي نالا ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪا. انهن نالن جو هتي ذڪر نه ڪرڻ زيادتي ته هوندي پر انهن نالن سان سنڌي ڪهاڻيءَ سان چاهه رکندڙ بي پناهه محبت ڪن ٿا ۽ کانئن اهي نالا ڪڏهن به نه وسرندا.
سنڌي ڪهاڻيءَ جي ان تسلسل ۾ هڪڙو نالو 1992 ۾ اڀري ٿو جنهن پنهنجي لکڻ جي شروعات ترجمن سان ڪئي پر سنڌي ڪهاڻي ۽ سنڌي شاعري ۾ به پنهنجو نالو ڪمايو. رضوان الحق پٺاڻ سنڌي ادب ۾ رضوان گل جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. رضوان گل جو هڪ ٻيو ادبي حوالو اهو به آهي جو هو سنڌي ادب جي وڏي نانءَ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو فرزند ۽ هڪ ٻئي برجستي ادبي نانءَ احسان دانش جو ڀاءُ آهي.
ڪهاڻي خيالن جي کوري مان پچي راس ٿي پوءِ پڙهندڙن تائين پهچي ٿي. ڪهاڻيءَ جي سمورن عنصرن جو ڪهاڻيڪار پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ سير ڪري ٿو. سماج جو ننڍي کان ننڍو موضوع مڪمل ڪهاڻي ٿيڻ کان اڳ ڪهاڻيڪار وٽ مشاهدي جي مرحلي مان گذري ٿو ائين هڪ ڪهاڻي جنم وٺي ٿي. ڪهاڻيءَ جا سمورا مرحلا تصوراتي ئي هوندا آهن پر جڏهن ڪهاڻي مڪمل ٿي پڙهندڙ تائين پهچي ٿي ته اها ڪنهن حقيقت جو روپ محسوس ٿيندي آهي، پڙهندڙ کي ائين ڀاسندو آهي ڄڻ جيڪا ڪهاڻي هو پڙهي رهيو آهي اها حقيقي وارتا هجي ان سموري عمل يعنى خيالن جي دنيا مان سرجيل ڪهاڻي حقيقت جو چٽو عڪس بڻجڻ تائين جو سمورو ڪمال ڪهاڻيڪار جو آهي جنهن کي هو آرٽ ۽ ڪرافٽ سان پڙهندڙ جي حوالي ڪري ٿو. رضوان به ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪي به ڪهاڻيون هو پڙهندڙ جي حوالي ڪري پڙهندڙ جيئن ان کي پنهنجي ڪهاڻي محسوس ڪري.
رضوان گل جي ڪهاڻي ”ڏنگيل خوشيون“ جڏهن پڙهي مڪمل ڪبي ته محسوس ٿيندو ته ڪهاڻيڪار انهن سمورن لمحن کي جيئن جو تيئن پڙهندڙ جي حوالي ڪري ٿو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪهاڻي حقيقت نگاريءَ جي بلڪل ويجھو آهي هن ڪهاڻيءَ جو موضوع شاديءَ جي خوشين وارن لمحن ۾ فائرنگ وارا اهي پل آهن جيڪي خوشين جي ٽهڪن کي سڏڪن ۾ بدلائي ڇڏين ٿا. ڪهاڻيءَ جو ڪردار رياض جڏهن گھوٽ جي ويس ۾ انهن خوشين جي مدهوشيءَ وارن لمحن ۾ ٿيندڙ فائرنگ جو شڪار ٿئي ٿو ته ڄڻ سموريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، ڪهاڻيڪار ان غلط عمل جو احساس شدت سان ڏيارڻ کانپوءِ اميد جي ڪرڻن کي سنڀالي رکي ٿو ۽ زخمي ٿيل گھوٽ رياض کي آپريشن ذريعي سندس حياتي بچائي وٺي ٿو جنهن جو اظهار ڪهاڻي جي آخري حصي ۾ هن طرح ڪري ٿو ”خوشين کي لڳل ڏنگ جي زهر کي ٻهاري ڪڍيو ويو“ هن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙ اداس لمحن مان گذرڻ کانپوءِ ڪردار جي بچي وڃڻ تي خوشي محسوس ڪري ٿو.
جڏهن ڪهاڻيڪار ڪنهن موضوع تي لکڻ شروع ڪندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو ڪهاڻي فلمي انداز ۾ لکجي ويندي آهي جيتوڻيڪ ان ڪهاڻيءَ ۾ ڀرپور پيغام ته موجود هوندو آهي پر ان جي فلمي انداز جي ڪري ڪهاڻيءَ جي موضوع جي سچائيءَ کي دل قبول ناهي ڪندي. رضوان جي ڪهاڻي ”لڙڪ ۽ مرڪ“ ۾ به شايد ائين ئي ٿيو هجي پر هن ڪهاڻيءَ جي اعلى خوبي اها آهي جو هن جا ڊائلاگ هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ ٻيهر پڙهڻ کانسواءِ رهي نه سگھبو. چاهيندس ته اهي سٽون هتي به شامل ڪيان. ” پيار! جنهن جون هزارين معنائون آهن، هر معنى خوبصورت. پر جڏهن اهو پيار عشق جي ماٿريءَ تي پير ڌريندو آهي ته عقل وارن جي لغت ۾ ان کي ديوانگي ۽ چريائپ جھڙن خطابن سان نوازيو ويندو آهي... ها ڀل ته عشق چريائپ جو ٻيو نالو هجي پر اها عشق واري ديوانگي دنيا جي سڀني سياڻن ماڻهن کان تمام گھڻي اعلى ۽ اتم آهي.“
ڪهاڻي ”اُلهي ويل وهيءَ جو سج“ عورت جي اهڙي مسئلي تي لکيل آهي جنهن جي ذميوار خود عورت ئي هوندي آهي آئيڊيل جي تلاش وارو عرصو ايترو ته طويل ٿي ويندو آهي جو ان عورت کي احساس ئي ناهي رهندو جو سندس عمر جوڀن جون سرحدون اورانگي پوڙهائپ ۾ داخل ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ آئيڊيل ته پنهنجي جاءِ تي پر اها عورت توجهه واري مرڪز مان به نڪري ويندي آهي هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار ندا سان به ائين ئي ٿئي ٿو جو سندس وارن ۾ چانديءَ جي اڇاڻ مڪمل طرح سان ڦهلجي وڃي ٿي. ڪهاڻيڪار موضوع جي مناسبت سان ڪهاڻيءَ کي ڪاليج جي ماحول ۾ پيش ڪيو آهي ۽ انهيءَ ماحول جي ڪري ئي موِضوع سان سٺو نڀائي سگھيو آهي ورنه اڪثر سٺا موضوع ماحول جي غلط چونڊ جي ڪري پنهنجي اهيمت وڃائي ويهندا آهن. ڪهاڻيءَ جو ڪردار ندا ڪاليج ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿي ساڳي ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تائين پهچي ٿي پر ايتري ڊگهي عرصي کانپوءِ به هوءَ پنهنجي آئيڊيل کي تلاش ڪري ناهي سگھي نتيجي ۾ هوءَ اڪيلي رهجي وڃي ٿي.
رضوان گل ”سپنن جي انت“ ۾ جيڪي به ڪهاڻيون شامل ڪيون آهن انهن جو واسطو اسانجي سماج سان ضرور آهي انهن ڪهاڻين جي پنهنجي پنهنجي سچائي آهي جنهن کان انڪار ڪري نه ٿو سگھجي. ڪهاڻيءَ سان چاهه رکندڙ دوست رضوان جي ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ انهن ڪهاڻين جي تلخين ۽ ڪڙي سچ کي به پڪ سان محسوس ڪندا ڇاڪاڻ ته رضوان جيئن جيئن محسوس ڪيو آهي تيئن ئي پڙهندڙن سان شيئر ڪيو آهي. مان سمجھان ٿو ته هن ان معاملي ۾ ڪنهن به مصلحت يا رعايت کام ڪم ناهي ورتو. اميد ٿي ڪجي ته رضوان جي ڪهاڻين جي مجموعي ”سپنن جو انت“ کي ڪهاڻيءَ سان چاهه رکندڙ دوستن جو سٺو حلقو ملي ويندو
محمد هاشم حامي
لاڙڪاڻو