ڪھاڻيون

سپنن جو انت

رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2258
  • 870
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنن جو انت

19. مونيڪا

هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن انٽرنيٽ ڪيفيز جو اوج هو. اڪثر پڙهيل لکيل نوجوان ڪيفي جو رُخ ڪندا هئا، گھرن ۾ ڊي ايس ايل ذريعي انٽرنيٽ جو استعمال اڃا عام نه ٿيو هو.
انعام جون آڱريون ڪِي بورڊ تي ڊوڙي رهيون هيون ۽ اکيون مانيٽر ۾ کُتل هئس. هو انٽرنيٽ تي چيٽنگ ۾ مصروف هو. رکي رکي ڀرسان پيل چانهه جي ڪپ مان تڪڙ ۾ سُرڪ ڀري ۽ وري مانيٽر تي پڇيل ڪنهن دلچسپ سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجيون آڱريون انٽر، اسپيس ۽ ٻين الفابيٽ ڪِيز تي ڦيرائي رهيو هو.
اوچتو لائيٽ بند ٿي وئي، يڪدم پوري انٽرنيٽ ڪيفي ۾ انڌيرو ڇانئجي ويو.
”Oh Shit“ انعام ٽيبل تي مُڪ هڻندي ڪاوڙ مان چيو. هن پنهنجي شرٽ جي کيسي مان سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکائي پاڪيٽ ۽ لائيٽر ٽيبل تي رکي ڇڏيا.
هاڻي هن کي وڌيڪ اُڻ تڻ پيدا ٿي پئي هئي ان آمريڪن ڇوڪريءَ مونيڪا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، جيڪا ساڻس انٽرنيٽ تي چيٽنگ ڪري رهي هئي. انعام سگريٽ جو آخري ڪش هڻي ايش ٽري ۾ زور ڏئي وسائي ڇڏيو.
انٽرنيٽ ڪيفي ۾ ويٺل ٻيا ماڻهو آهسته آهسته پنهنجي ڪيبنس مان نڪرڻ لڳن ٿا، پر هي نه اٿيو، ميڻ بتيءَ جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾بجلي اچڻ جو شدت سان انتظار ڪري رهيو هو.
چند گھڙين بعد لائيٽ اچي وئي ۽ هو yahoo.com جي چيٽ روم ۾ ٻيهر آن لائين ٿي مونيڪا سان رابطي ۾ اچي ويو.
انعام اڪثر نوجوانن جيان عام رواجي سوال لکيو:
”Monika r u married?“
”No I am unmarried“ مونيڪا جواب ۾ لکيو.
”n u?“ مونيڪا پڇيو.
”Ya Im also“
”O Cool“ مونيڪا جواب ۾ لکيو.
پوءِ مختلف موضوعن تي هنن جي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي. انعام جو هاڻي اهو معمول بڻجي چڪو هو ته روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ انٽرنيٽ ڪيفي تي مونيڪا سان چيٽنگ ڪندي گذاريندو هو. نه فقط هي پر ڪيفي ۾ ويٺل ٻيا به ڪيترائي نوجوان اهڙي قسم جي مختلف ڪمن ۾ رُڌل هوندا هئا.
انعام مونيڪا سان هر روز ٿيل ڳالهين ٻولين جو تفصيلي ذڪر مون سان ضرور ڪندو هو، ڇا لاءِ ته مان ۽ انعام ڪا سرڪاري نوڪري نه ملڻ ڪري هڪ ئي خانگي اداري ۾ ڪم ڪندا هئاسين. اسان ٻئي اسڪول واري زماني کان هڪ ٻئي جا دوست ۽ همراز آهيون ۽ هڪ ٻئي جي حالات کان چڱيءَ ريت واقف پڻ.
آءٌ انعام کي هميشه وقت وڃائڻ واري چيٽنگ جي ڪم کان مُڙي وڃڻ لاءِ چوندو هوس پر سندس مٿي تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو جنون سوار هو. هو منهنجي ان ڳالهه کي اڪثر کِلي ٽاري ڇڏيندو هو. ڪچهريءَ ۾ به گھڻي قدر مونيڪا جون ئي ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو. مان کيس ڪيترائي ڀيرا حجت ۾ ڇنڊ به پٽي ته:
”توکي ٿيو ڇا آهي ڀلا! ٻي به ڪا ڳالهه اٿئي يا رڳو مونيڪا مونيڪا! يار ڪا حد ٿيندي آ، مهرباني ڪري پنهنجي نوڪريءَ تي ڌيان ڏي. اجايو خوابن پويان ڇو ٿو ڊوڙين؟! مونيڪا مان ڪجهه ڪونه ورندئي، هيءَ عملي دنيا آهي، خوابن جي دنيا مان نڪري اچ ۽ هاڻي ڪجهه سنجيده به ٿي!“ منهنجي اهڙي ڇنڊ ۽ ليڪچرن سبب هن مون سان ان قسم جي ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ به ڇڏي ڏنو.
ڪافي ڏينهن کان پوءِ لج لٿي ڌارا ڪئنال جي ڪپَ تي ٺهيل چانهه واري هوٽل تي وڃي ويٺا هئاسين. آفيس ۾ هر روز گڏ هئڻ باوجود به کُلي ڪچهري ٿي نه سگھندي هئي. ڪيترن ئي ڏينهن جا رهيل حال احوال اورياسين. دل گھرئي دوست سان اندر جا احوال اوريندي ذهن تي پيل ٻوجَھ چند گھڙين لاءِ ئي سهي پر جھڪا ضرور ٿي ويندا آهن.
ڪجهه لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ مون انعام کان مونيڪا بابت پڇيو ته سندس چهري تي مرڪن جي ريکائن رقص ڪرڻ شروع ڪيو. هڪدم ڳالهائڻ شروع ڪيائين... محسوس ٿيو ته کيس اُها ئي ڳالهه کولڻ جي تمام گھڻي اُڻ تُڻ هئي.
”يار! گھڻا ڏينهن ٿيا جو توسان انهيءَ باري ۾ ڪا ڳالهه ٻول ناهي ڪئي، ڪافي ڀيرا سوچيم ته توسان ذڪر ڪيان، پر مون کي پڪ هئي ته تون مخالفت ڪندين، بس سڀ ڳالهيون طئي ٿي چڪيون آهن هاڻي فقط منهنجي آمريڪا پهچڻ جي دير آهي.“
”ڇا مقصد! مان تنهنجي ڳالهه نه سمجھي!؟“ مون حيران ٿيندي چيو.
”پيارا! مان مونيڪا سان شادي پيو ڪريان. مان پنهنجي باري ۾ کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي چڪو آهيان. هوءَ مون سان شديد پيار ٿي ڪري ۽ ترت ئي شادي ڪرڻ ٿي چاهي!“ انعام فاتحانه انداز ۾ ٻڌائي رهيو هو ۽ مان حيرت مان سندس مُنهن ۾ چتائي رهيو هوس.
”ٻڌ! هاڻي تون ڪا صلاح ڏي يار! جنهن سان مان جلد کان جلد آمريڪا پهچي سگھان.“ انعام چيو
”پر يار! پر هوءَ تنهنجي ڳوٺ واري مڱيندي! ٻه ڀينرون ۽ امڙ! اُهي سڀ ڪنهن جي آسري پيو ڇڏيون وڃين!؟ انهن جو توکان سواءِ ٻيو آهي ڪيرُ؟“ مون کيس تنبيهه ڪندي چيو.
”بس يـــار! مان اَٽل فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا وڃي مونيڪا سان شادي ڪندس ۽ پوءِ اُتان گھر وارن ڏانهن خرچ پيو اماڻيندس. مونيڪا تمام گھڻي شاهوڪار آهي. هوءَ سموري ملڪيت جي اڪيلي وارث آهي!“
انعام ڪهڙيءَ به ريت پنهنجي ضد تان لهڻ لاءِ تيار نه هو، بس سندس نظرن اڳيان آمريڪا ۽ مونيڪا ڦِري رهيون هيون. هو مونيڪا سان ملڻ لاءِ آتو هو جنهن کانئس رت جا رشتا به وساري ڇڏيا هئا.
انعام مون کي ان وقت مَها ٻوڏ جي زد ۾ آيل ڪنهن اهڙي اٻوجھ شخص جيان لڳي رهيو هو جيڪو پنهنجا هوش وڃائي ويٺو هجي... پئسي جي لالچ ۽ مونيڪا کيس انڌو ڪري ڇڏيو هو.
هڪ لمحي لاءِ مون کي خيال آيو ”ٿي سگھي ٿو آمريڪا وڃي انعام جي تقدير واقعي به بدلجي وڃي“ پر الاءِ جي ڇو سندس ڳالهين تي مون کي اعتبار نه ٿي آيو.
مان کيس روڪڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ان ڪري به ڪري رهيو هوس ته هي پنهنجي گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو. جيڪڏهن ساڻس ڪو ڌوڪو ٿيو ته پويان سندس سمورو خاندان اُجڙي ويندو.
انعام آخرڪار ٻين دوستن ۽ واقفڪارن کان پَٽَ سَٽَ ڪري ڪجهه پنهنجون قيمتي شيون وڪڻي مڙني مرحلن کي پار ڪري آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو. پويان سندس گھر وارا انعام جي اهڙي هٺ ڌرمي تي احتجاج ڪندا رهيا پر... ان کان سواءِ سندس گھر ڀاتي ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيا! هو مون کان موڪلائڻ آيو هو پر مان ساڻس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نه مليو هوس.
انعام کي آمريڪا وئي پنج مهينا گذري ويا پر سندس ڪابه فون، اِي ميل يا خط نه آيو. ان وچ ۾ مان انعام کي ڪيتريون ئي اي ميل ڪيون پر جواب نه آيو. وقت جي گذرڻ سان دوستن ۽ گھر وارن جي پريشانيءَ ۾ اضافو ٿيندو رهيو. مان اڄ جڏهن انعام کي هڪ مزيد ميل ڪرڻ جي ارادي سان سائن ان ٿيس ته اِن باڪس ۾ انعام جي ڪيل اي ميل نظر آئي. هڪدم ڪِلڪ ڪري پڙهڻ شروع ڪيم، لکيل هو:
”پيارا! آءٌ جڏهن آمريڪا پهتس ته مونيڪا منهنجو ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيو، جڏهن هوءَ پنهنجي گهر وٺي آئي ته اهو شاندار بنگلي بجاءِ ننڍڙو ٻن ڪمرن جو ڪواٽر هو جنهن ۾ مونيڪا اڪيلي ترسيل هئي. مون کي هن ٻڌايو ته اهو ڪوارٽر سندس هڪ ملازم جو آهي في الحال هتي ترسڻو آهي جيئن سندس ويجھن مائٽن کي شاديءَ بابت ڪابه خبر نه پوي. پوءِ شادي ڪري پنهنجي عاليشان بنگلي ۾ هلي رهنداسين. مون ساڻس ٻئي ڏينهن تي ئي شادي ڪئي پر بنگلي ۾ شفٽ ٿيڻ بجاءِ اسان ان ڪوارٽر ۾ ئي ترسيل رهياسين. پوءِ وقت گذرڻ سان حقيقتن تان پردو کڄندو ويو. مونيڪا تمام شاهوڪار نه پر ڪِرائي جي ڪواrٽر ۾ رهندڙ هڪ خسيس ڇوڪري هئي. هن مون کي جيڪي خواب ڏيکاريا هئا سي چڪنا چور ٿي ويا... هوءَ پاڻ ۽ سندس ڳالهيون ته تمام خوبصورت ۽ من موهيندڙ هيون پر اخلاقي ۽ عملي طور انهن جي بلڪل ابتڙ هئي. مونيڪا بيمار به رهندي هئي، هاڻي ڪافي ڏينهن ٿيا آهن جو هوءَ مون کي ڇڏي گم ٿي وئي آهي. يار! منهنجي امڙ ۽ ڀينرن جي پارت هجئي... سندن خيال رکجانءِ... مان مونيڪا سان شادي ڪرڻ ۽ لالچ ۾ اچي پنهنجي جذباتي فيصلي ڪرڻ جي سزا به ڀوڳي رهيو آهيان ڇا لاءِ ته مان هاڻي ايڊز ۾ مبتلا ٿي چڪو آهيان... تنهنجو دوست ــــ انعام“