• منَ جي شانتيءَ خاطر لکيل ڪهاڻيون
مان جڏهن به سماج جي ڪنهن غير معمولي واقعي تي سوچيندو آهيان ته ذهن ۾ خيالن جي جنگ ڇِڙي پوندي آهي، دل چوندي آ ته ان واقعي کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏئي سماج سان شيئر ڪريان، مونکي اهو ڪم پنهنجو فرض محسوس ٿيندو آهي. جيستائين سماجي بي حسي، ٽٽندڙ رشتن ۽ اهڙن سامهون ايندڙ ٻين انيڪ مسئلن تي ڪا ڪهاڻي لکي نه سگھندو آهيان تيستائين اندر ۾ بيچيني ۽ تڙپ جو احساس ٿيندو آهي، جڏهن انهن پلاٽن کي ڪهاڻيءَ جو ويس اوڍائي آجو ٿيندو آهيان ته ان پل ذهن سڪون جي ماٿريءَ ۾ پهچي ويندو آهي. مان هي ڪهاڻيون لکندي جن احساسن جي ساگر ۾ ٻُڏندو ۽ ترندو رهيو آهيان ۽ جذبن جي جا تند منهنجي اندر ۾ ڇڙندي رهي آهي بلڪل ائين ئي مان پنهنجي پڙهندڙن کي به ان احساس جي تند سان جوڙي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هر اها آههَ جنهن منهنجي دل تي اثر ڪيو آهي ان مونکي ڪهاڻيءَ لکڻ لاءِ اتساهيو آهي. هر اهو سڏڪو جيڪو منهنجي ڪنن ۾ گونجيو آهي مان ان جي گونج جي درد کي ڪهاڻين ۾ اوتيو آهي.
اها حقيقت آهي ته ڪهاڻيءَ لکڻ سان ڪنهن غريب جي چلهه ته ڪونه ٿي ٻري، ڪنهن بيروزگار کي روزگار ته ڪونه ٿو ملي، ڪنهن ننگي جو انگ ته ڪونه ٿو ڍڪجي... پر هڪ ڪهاڻيڪار جي اندر جو طوفان ماٺو ضرور ٿئي ٿو. هڪ ڪهاڻيڪار سماج جي زخمن جي نشاندهي ڪرڻ کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگھي، بس مان به رڳو اهو ئي ڪيو آهي. مون نه ته ڪو انقلاب آڻڻ لاءِ اهي ڪهاڻيون لکيون آهن نه ئي وري ڪو ناصح چوائڻ لاءِ. مون صرف پنهنجي منَ جي شانتيءَ خاطر اهي ڪهاڻيون سرجيون آهن ڇوته اُهي ڪهاڻيون منهنجي اندر جو آواز آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب ۾ موجود اڪثر ڪهاڻيون مون ڪنهن گھاڙوءَ جيان گھڙيون نه آهن بلڪه اهي خود ساخته ڪاغذ تي لهي آيون آهن، ان ڪري انهن کي پڙهندي اوهان کي به ڪنهن بناوٽ ۽ اوپرائپ جو احساس نه ٿيندو. منهنجون ڪهاڻيون اوهان کي ڪيئن ٿيون لڳن ان لاءِ اوهان جي قيمتي راين جو اوسيئڙو رهندو.
هتي مان ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار سڪندر عباسيءَ جو ٿورو مڃڻ پنهنجي فرض ٿو سمجھان جنهن هن ڪتاب لاءِ مهاڳ لکيو. اهڙي طرح ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر عزيز ڪنگراڻي، برجستي ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار مظهر ابڙي، نامياري ناول نگار ۽ سفرنامه نگار اسحاق انصاري، بيباڪ ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار محمد هاشم حامي ۽ نوجوان ڪهاڻيڪار دوست عبدالسلام ٿهيم جا پڻ وڏا قربَ جن هن ڪتاب لاءِ پيار جا ٻه اکر لکيا. آخر ۾ ٿورا پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڏاهپ پبليڪيشن طرفان هي ڪتاب ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو.
رضوان گل
چيئرمين ــ شعبو جاگرافي
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو