ٻه اکر: بند ڪمري ۾ ڏيئي جيان: عبدالحفيط ڀٽي
پڙهڻ سان گڏ لکڻ جو هڪ الڳ مزو آهي، پڙهڻ کان پوءِ لکڻ منهنجي فطرت آهي. انهي فطرت کي نظر ۾ رکندي مون ٿورو پڙهي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. لکڻ کي هاڻ پنهنجي فطرت جو حصو سمجهان ٿو. ڪتابن کي پڙهي ڪتابن تي لکڻ ڏات ۽ ڏانءُ جو ڪمال آهي. مون سميت لکندڙ نوجوانن ۾ ڪنهن ڪنهن جا نانءَ کڻان. جن جا نانءَ کڻندس ته پنا کُٽي پوندا، نانءَ نه کُٽندا، انهن اڻکُٽ نانءَ مان هڪ نانءَ انجنيئر عبدالحفيط ڀٽي جو پڻ آهي. عبدالحفيط ڀٽي جو تعلق شهدادڪوٽ ضلعي سان آهي. تمام حساس طبيعت جو مالڪ هجڻ ڪري سندس ڳالهين مان به معصوميت وارو لهجو نظر اچي ٿو. هن وقت جيڪي نوجوان تمام گهڻي تيز رفتار سان لکي رهيا آهن، انهن ۾ عبدالحفيظ ڀٽي به هڪ آهي. حفيظ وٽ لکڻ جي جيتري ڏات آهي، اوترو ئي وري هن کي لکڻ جو ڏانءَ پڻ آهي. حفيظ جي لکڻ جو اندار مون کي بيحد وڻندو آهي. لکجي تي اهڙو لکجي جو زمين پيرن هيٺان نڪري وڃي. ڪالهه جڏهن حفيظ ڀٽي واٽسپ ۾ پي ڊي ايف فائيل موڪلي چيو ته اظھر امر هي منهنجو ايندڙ ڪتاب آهي، انهي تي ٻہ اکر لکي ڏيو تڏهن مان دلي طور خوش ٿيس. ٿورو پريشان پڻ ٿيس، خوش انهي ڪري ٿيس ته ڪنهن نوجوان جو ڪتاب منظر عام تي اچي ٿو ۽ حيران انهي ڪري ٿيس ته مان هن ڪتاب تي پنهنجو تاثر ڪيئن لکندس، مان پتڪڙو ليکڪ، حفيظ موجود وقت جو تمام سٺو لکندڙ سٺو ليکڪ آهي. انهي جي ڪتاب تي مان ڪئين لکندس. خير پي ڊي ايف فائيل کولي پڙهي لڳس، لکڻ لاءِ سوچيندو رهيس، ڪٿان کان شروع ڪيان، ڪئين لکان، نيٺ ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ قلم کڻي لکڻ لاءِ ويٺس. تڏهن لفظن جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رهيس، غوطا کائيندي کائيندي نيٺ لفظ جي سمنڊ مان لفظن جو طويل سلسلو کڻي ٻاهر نڪتس ته حفيظ جي ڪتاب جو تاثر لکڻ شروع ڪيم. تاثر جي شروعات ڪٿان کان ڪيم جتان کان ڪيم قابل قبول ڪجو. انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي جو ڪتاب ”اڃايل خواب“ ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، نثر جي تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته خبر نه پوندي، نثر لکجڻ ڪڏهن کان شروع ٿيو؟ ڪنهن جي دور ۾ ٿيو؟ انهي بابت تحقيق ڪرڻ باقي آهي. مضمون، ڪالم، مقالا ،ڪهاڻيون وغيره نثر جو حصو آهن. انهي نثر تي هن مهل تائين هزارين ڪتاب شايع ٿي پنهنجي پنهنجي منزل ماڻي چڪا آهن. تن مان ڪي ڪتاب ايوارڊ يافته پڻ آهن. انجنيئر عبدالحفيط ڀٽي جي ڪتاب ۾ شامل مختلف عورتن تي لکيل مضمون ڪتابن تي تجزيا وغيره ڪتاب جو حصو آهن. احمد سولنگي جو نظم تنقيد جي ترازي ۾، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سرواڻ احمد جي نظم تي به تنقيدي تجزيو لکي بهترين ڪم ڪيو آهي، گلشن لغاري جي ڪتاب وڇڙي ويل زندگيءَ تي تنقيدي نظر، تنهن کان سواءِ ٽوپي ڊرامو مضمون ۽ سنڌ جي بهادر ڪردار شهناز شيخ تي مضمون، تنهن کان سواءِ عبدالواحد سومري جي ڪهاڻين کي هڪ گهيري نگاهه سان ڏٺو آهي. انهي کان سواءِ ٻيا به ڪافي مضمون ڪتاب جو حصو آهن. ادبي حلقن ۾ جتي نوجوانن کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هتي نوجوان پنهنجا قدم پنهنجو وکون تڪڙيون تڪڙيون کڻندا، سڀني تنقيدن کي رد ڪندا اڳتي وڌي رهيا آهن. نوجوانن کي اڳتي وڌڻ کپي ڪجهه اهڙا ليکڪ هن وقت نوجوان کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اُهو صرف انهي ڪري تي نوجوان اڳيان اچي، اسان جي جاءِ نه ولارين. انهي ڪري مان اڪثر نوجوانن کي اُهو چئي همت افزائي ۽ اتساهه ڏيندو رهان ٿو ته اوهان اڳتي وڌو، اڳتي اچو، ڇڏي ڏيو انهن بدبخت ماڻهن کي، جيڪي اوهان جي تخليق کي گهٽ سمجهن ٿا. عبدالحفيط ڀٽي جي ڪتاب اڃايل خواب ۾ شامل مضمون، سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل مضمون آهن. تن کي حفيظ ڪتابي صورت ڏئي تمام وڏو فخر داد ڪم ڪيو آهي جس لهو پيارا حفيظ، انهي کان پوءِ مان ٿورائتو آهيان پياري حفيظ ڀٽي جو جنهن مون کي ڪتاب تي رايو لکڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو، اميد ٿو ڪيان هي ڪتاب ادبي حلقن ۾ بهترين ڪتاب ثابت ٿيندو.
اظهر امر
ٽنڊو الهيار سنڌ پاڪستان
پنهنجي پاران
دل جي ديوار تي چٽيل عڪس
زندگي کي جيڪڏهن اکرن ۾ بريڪ/ٽوڙي ڪري ڏسبو ته زندگي جي پھرين اکر سان ڪيترائي لفظ ملندا. جن ۾ زھر/ زنگ/ زنجير ۽ کوڙ ٻيا. زھر/ زنگ/ زنجير لفظن ۾ گھٽ ۽ ٻوسٽ جو نوحو پسي سگھجي ٿو، ھڪ ٻئي پرسپيڪٽو/ زاويي ۾ ڏسجي ته زندگي زندھ دلي سان رھڻ جو نالو به آهي. زندھ دلي جي گھري معني ڪڍون ته تڪليفن ۽ غمن کي وساري بھادري سان منهن ڏئي اڳتي وڌڻ جو نالو زندگي آهي. ھن سڄي ڌرتي جي وايو منڊل تي انيڪ معجزا ٿيا ته ڪٿي وري محنتن رنگ لاتو، ته ڪٿي وري نيڪ نيتي جو لاڀ ڀانو پيو. مطلب ته سڀ فڪشنس انسانن لاءِ ۽ انسان انهن فڪشنس جي وچ ۾ انسانن لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري ٿو. جنهن کي اسين زندگي جو نانء ڏيون ٿا.
منهنجي زندگي ۾ شروعات کان وٺي ڪنهن حد تائين انيڪ سوال جنم وٺندا رھيا آهن. جن مون کي پنهنجي ئي سوچ جي زاويي مطابق پاڻ کان ئي انهن جا جواب مليا آهن انهن جوابن کي سمجھڻ کان پوءِ مون لکڻ جو رستو اختيار ڪيو. ھڪ ليکڪ جي دل مان آءِ چڱي ريت واقف آھيان ته ھو ڪھڙي ريت لکڻ تي مجبور ٿئي ٿو. مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو ھو ته ان وقت خيال منهنجا سٺا دوست بڻجي ڪري منهنجي مدد ڪئي ۽ روح خود ان جم گفير مخلوق سان ڀريل وجودن ۾ تنھائي جو ماحول ٺھرائي مون کي لکرايو ڇو ته روح پنهنجي جسم جو ڊرا ئيونگ فورس آهي. جنهن جي حڪم/ طاقت سان پاڻ حرڪت ۾ اچون ٿا. روح خدا جو امر آهي ۽ منهنجي لکڻ ۾ منهنجي مالڪ جي مھرباني شامل آهي، نه ته ڪٿي پيو ايترا مضمون لکي سگھيس ۽ اڄ جڏهن اھي مضمون ڪتاب جي شڪل ۾ مجموعو بڻجي اکين اڳيان پھتا آهن ته روح ۽ خيال مستي جي محور ۾ گم ٿي ويا.
ھن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون/ مقالا/ تبصرا شامل آهن سي سڀ منهنجي دل سان لکيل ۽ شوق جون حدون ڪراس ڪندي وڏي چاھ سان مون لکيا (وڌيڪ ادبي دوست پڙھي اندازو لڳائي سگھن ٿا). ادبي شوق جسم جي حصن جيان گڏ گڏ آهي. سنڌ جي مڙني اديبن/ شاعرن/ شاعرائن تي لکيل مضمونن جو ھي مجموعو يقينن منهنجي زندگي جو اڃايل خواب ھو. جنهن کي خدا پاڻ پاڻي ڏئي سرسبز ڪيو آهي. ان خوشي جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگھان. منهنجي زندگي ۾ منهنجي دل تي چٽيل عڪس اڄ به چٽيل آهن. جيڪو مون کان ناھي وسرندو ان ۾ ڪو چھرو چنڊ جيان چمڪندو آهي جنهن جي روشني جي جاودان سان منهنجو جيون روشن آهي. منهنجو مامو مرحوم غلام عباس ڀٽي (شاعر) ھي ڪتاب ان جي دعائن جو ئي نتيجو آهي. ھن جو چٽيل عڪس مون کي چنڊ جي چاندني ۾ ملندو آهي. جنهن جو انتظار آءُ شام جي سج لھڻ کان وٺي رات جي آخري پھر تا ئين ڪندو آھيان. ان سان اڌوري ٿيل گفتگو چنڊ جي چاندني سان ڪندو آھيان. ان چاندني جو اثر دل تي چٽجي ويو آهي ۽ ان سان گڏ منهنجو ڏاڏو مرحوم فيض محمد ڀٽي جنهن سان جڏهن به ڳوٺ ملڻ ويندو ھيس ته زندگي جون مختلف اميدون آکاڻين جي صورت ۾ ٻڌائيندو ھو ۽ ان وقت جو ويچار ته ڪھاڻي ڪيئن لکبي آهي؟
اھو ادبي شوق به عروج تي اچي ان ڪتاب ۾ ڏسي سگھجي ٿو. ھي ادبي پورھيو سنڌ جي ادبي سمنڊ ۾ قطري جيان اثر رکي ٿو ڇو ته ادب جي دنيا ھڪ وسيع دنيا آهي. جتي ھر گھڙي ڪم جاري و ساري آهي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي مڙني اديبن جي ڪتابن ۽ شخصيت تي سرجيل مضمون آهن. خاص ڪري عورتن جي مضمون جو مقدار گھڻي ڀاڱي ملندو. ان جي لکڻ جو وڏو سبب اھو آهي ته ان وقت منهنجي بنيادي تربيت منهنجي ماء (ھڪ عورت) ڪئي آهي ۽ آئون ھن دجالي دنيا ۾ ساھ کڻڻ جھڙو ٿيس باقي سماجي معاملا به عورتن جي اڳيان وقتن به وقتن ايندا وڃن ٿا. جن سان ھن معاشري جي بنيادي بيھڪ سندس جي واڳ عورت جي ئي ھٿن ۾ آهي. ادبي ڪمن ۾ مشغول رھڻ يا دوستن سان رھاڻ ۾ گڏ ھجڻ سان ٿورو گھڻو گھريلو ڪم متاثر ٿئي ٿو ان ڏس ۾ منهنجي فيملي جن ۾ امان ۽ بابا غلام قادر ڀٽي وڏي ڀاءُ عبدالجبار ڀٽي جي مڪمل سپورٽ شامل ھئي ۽ آهي ۽ ان سان گڏ روح ۽ خيال جھڙن دوستن ازلي ساٿ ڏنو آھي فطري/ آفاقي دوست ته ڄمندي گڏ ھيا پر دنيا ۾ ھلندي ھلندي ڪجهه اھڙا ماڻھو به مليا جن خيال ۽ روح کي عروج ڏنو/ صلاح ڏني/ سپورٽ ڪئي/ ساھ ڏنو/ راھ ڏني.
انهن ۾ پيارو دوست اظھر امر جنهن جي ڪتاب کي ڏسي منهنجي به دل ڪتاب آڻڻ ٿي گھريو ۽ ان ڏس ۾ اظھر جي محبت ۽ سپورٽ ڪڏهن به نه وسرندي جنهن ڪتاب تي تاثر لکي پنهنجي بي لوث محبت ۽ عشق جو عظيم تاثر پيش ڪيو آهي. آئون سندس تھ دل سان احسان مند آھيان. ڪتاب جي ڪمپوزنگ کان وٺي سيٽنگ/ سرورق/ نالي ۽ خوبصورتي جي ڀاڇي ۾ جنهن سمايو ان دلربا دوست جو نالو يوسف جميل لغاري آهي. يوسف جميل کي گھڻي عرصي کان مان پڙھندواچان ٿو. جنهن جي لکڻين جو ديوانو آھيان ۽ ان جي لکڻين ۾ مون غريب جي ڪتاب ۾ ان جو مھاڳ شامل ٿيڻ ڪنهن غنيمت کان گھٽ ڪين آهي.
سنڌ ۾ اھڙا ماڻھو تمام گھٽ آهن. جن لالچ کان ھٽي ڪري بي لوٽ عشق سان ڪم ڪيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ادب کي ٽيڪنيڪل ۽ ويب پورٽل ذريعي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ ڪتابن کي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پھچايو آهي. ان ڏس ۾ محمد سليمان وساڻ (چيف ايڊيٽر اعزازي، سنڌ سلامت ڪتاب گھر) جو نالو به تاريخ جي سنھري ورقن ۾ لکيو ويندو. سليمان وساڻ جي بي حد محبت به ياد رھندي جنهن منهنجو ھي ڪتاب ”اڃايل خواب“ کي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ شامل ڪيو. ادب جي وسيع وادي جو آئون ھڪ کوٽو سڪو آھيان. پڙھندڙن جي اڳيان ھي مجموعو پيش ڪيان ٿو، ان زاويي سان ته پنهنجي قيمتي رايي سان نوازيندا.
انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي
شھدادڪوٽ
033-22016227