ڪالم / مضمون

اڃايل خواب

ھي ڪتاب انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي.
نوجوان ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
Title Cover of book اڃايل خواب

نا انصافين جو باب ڪڏهن بند ٿيندو؟

نا انصافين جو باب ڪڏهن بند ٿيندو؟

سنڌ سونهن آهي، سنڌ ساھ آهي، سنڌ عشق ۽ آس آهي، سنڌ سچائي ۽ سڀيتا جو اھڃاڻ آهي. سنڌ صدين کان قائم آهي. سنڌ ڀٽائي جي ۽ سچل، سامي ۽ مخدوم جي آهي، سنڌ ۾ رھندڙ سنڌ جا مارو جسم ۽ روح منجھ آهن يا اڃا ٻيا مرگ جي بستر تي ڍير پيل جملا ھر روز ڪنهن نه ڪنهن سڻڀي محفلن ۾گونجندا رھن ٿا. انهن جي حقيقت جو به سبق/ درس ڪنهن وٽ عملن آهي به يا نه؟ يا ھي سڀ پير، وڏيرا، ڀوتار، شاعر، اديب، ليکڪ، عوامي نمائيندا، سرڪاري سطح تي عملدار، وڪيل ۽ ٻيا سڀ جو سڀ صرف خام خيالي ۽ مفاد پرستي واري دنيا ۾ رھن ٿا يا ڪجهه حقيقت تي مبني رٿا بندي جو ڪاغذي ڪاروائي کان ھٽي ڪري ميدان ۾ عمل ڪرڻ جو به سوچيندا. ھميشہ سنڌ ۾ ھر معاملي جو پاڻي مٿي کان گذري وڃڻ جو ئي ڇو انتظار ڪندا آهن؟ اڳ ۾ئي اھڙا انيڪ اپاءَ وٺڻ لاء ڪا حڪمت عملي ڇو ڪونه جوڙي وڃي ٿي؟ ايڪويھين صدي ۾ ٿيندڙ شرمناڪ واقعن جو باب ڪڏهن بند ٿيندو؟ آڳاٽي سنڌ ۾ ھر انسان وڏي شوق ۽ چاھ سان رھڻ پسندا ڪندا ھا ۽ ھندو برادري اڄ ڏينهن تائين امن پرست قوم رھي آهي. ھنن سان ٿيندڙ ايترا ھاڃا آخر ڪھڙي تاريخ رقم ڪرڻ جو سوچيو وڃي ٿو. اھا سنڌ ياد ٿي اچي جڏهن مچ ڪچھريون، چاھ، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جون عملي وکون سرعام کڻبيون ھيون ۽ انهن جو اثر نوجوان نسلن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ھو. اڄوڪي سنڌ ۾ ھر روز سوين تعداد ۾ ٿيندڙ واقعا آخر ڪنهن جي نظر مان جي گذرن به ٿا ته سوشل ميڊيا يا ميسج ذريعي ۽ مھم به صرف سوشل ميڊيا تائين ئي ھلي ٿي. صرف شيئرنگ جي حد تائين. ان مان اھو نظر ٿو اچي ته انسانيت وڃي اھا بچي آهي جنهن سان اسان ترقي ڪندڙ قوم بڻجڻ جو خواب ڏسي رھيا آهيون. ھر ڪنهن کي ھر ڳالهه جو پتو ھوندي به صحيح معنا ۾ عملي سرگرمين ۾ پري رھڻ به عين شيطاني ڪم آهي.
تازو ئي سنڌ جي مختلف شھرن مان ھندو ڀائرن جون نياڻيون زوري اغوا ڪري کين اسلام قبول ڪرايو ٿو وڃي. جيتوڻيڪ اسلام ۾ ڪا زبردستي ڪونهي. تنهن باوجود به اھي ڪھڙا نام نھاد مسلمان آهن جنهن وٽ سواءِ ھندو نياڻين کي اغوا ڪري اسلام قبول ڪرڻ جي ذميداري سونپي وئي آهي. حقيقي پس منظر عوام آڏو پيش ڪري ھر معاملي جي چڱي ريت جاچ پڙتال ڪري کين انصاف فراھم ڪيو وڃي ۽ اسلام قبول ڪرڻ جو اھو طريقو عين اسلامي ناھي ۽ نه ئي اھي اسلامي ٿي سگھن ٿا. جيڪي حوس جي آڙ ۾ اسلام کي غلط استعمال ڪري امن پرست قوم ھندو برادري جي احساسن ۽ شعور جي ائين بي رحمانا طور تذليل ڪري ھڪ ظالم معاشري کي جنم ڏيڻ ۾ پيش رفت آهي. شاھ لطيف ته الله ۽ قرآن جي عشق سان اتم ۽ اعليٰ جذبن سان جڙيل ھو.

جي تون بيت ڀانئين سي آيتون آهن .

انهن جي محنتن يا عبادتن جو محور ڪنهن کي اغوا ڪري مسلمان ڪرڻ ته ھو ئي ڪونه. سڄي شاھ جي رسالي يا سچل جي شاعري مخدوم طالب مولا جي عشق يا جيڪي به پير فقير اولياء الله جي فنون/ فڪر مان اسان کي اھڙي قسم جي تلقين ڪانه ٿي ملي ۽ نه وري اسلام ۾ اھڙي عمل جي ڪا رٿا يا ڳالهه ملي ٿي. اسلام امن پرست دين آهي. جنهن جو خاص متن نبي حضرت محمد صلعم جن جي حديث مان لڳائي سگهجي ٿو ته ”مسلمان اھو آهي جنهن جي ھٿ ۽ زبان مان ٻي ڪنهن مسلمان کي تڪليف نه پھچي“. ان مان درس اھو ٿو ملي ته واقعي اھا سختي سان تلقين آهي جنهن جي نه ڪرڻ سان اسان جي عبادتن يا ذڪر تي ڪو خاص اثر ڪونه ٿيندو. صرف ھندن جي ئي نياڻين کي اغوا ڪرڻ سان مسلمان پنهنجو فرض ٿو سمجھي ته اھو نه ئي مسلمان آهي ۽ نه وري فرض ٿو ادا ڪري بلڪ اھو ھڪ ظالم ۽ جاھل آهي جنهن سان خد خدا نفرت ٿو ڪري، عقل ۽ علم واري جي خدا وٽ خاص انعام ۽ عزت آهي. مون کي حيرت ٿيندي آهي ته اھڙا ماڻھو نياڻين کي اغوا ڪن ٿا جيڪي ڪنهن به طريقي سان مسلمان ته نظر اچن ئي ڪونه ٿا انهن کي تي نماز جا فرض يا غسل/ وضو جا فرض به ياد نه ھوندا. ھي اھي درندا صفت انسان آهن جنهن جو وجود صرف جانور جي برابر ته ڇا جانور کان به بدتر آهي. جنهن جي سوچن ۾ سنگين مايوسي آهي جنهن وٽ سواءِ ڏوھ ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه ملي ئي نه ٿو.
اھڙن ماڻھن کي سرعام ڦاسي چاڙھي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن آئنده اھڙو ڪير عمل ڪرڻ ته ٺھيو سوچي به نه سگھي. اسان جي سڪل سنڌ ۾ سڀ عھدا يا محڪما به ان سڪل وڻ جيان ٿي ويا آهن جتان ڪنهن کي تڪليف ۾ ڇانو جي به اميد ڪونهي جيڪي سالن کان پينڊنگ (Pending)۾ پيل ڪيس حل ناھن ڪرائي سگھيا اھي ڪھڙي ريت تازا جرم ڪندڙ ناپاڪ وجودن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪندا. انهن مان ڪھڙي اميد رکي سگھجي ٿي. جڏھن سنڌ ۾ ٿرپارڪر ضلعي، مٺي، ڇاڇرو ۾ جانيون خطرناڪ بيمارين جي وڙ چڙھي موت سان وڃي مليا ھا ڇا اھي منظر سڀني کان وسري ويا آهن؟
سنڌ ۾ ھر روز نئون معاملو ٻڌڻ/ ڏسڻ کان ملي ٿو ھي سڀ اعليٰ عملدار حقيقي فرض ادا ڪرڻ ۾ مڪمل طاقت ڏيکارڻ کان ڇو ڪيٻائن ٿا؟ انهن جي سچائي ڪيترن گھرن ۾ خوشي جي لھر ۽ سنڌ مٿان اداسي ۽ ڏکن جا پاڇا ھٽائي سگھي ٿي. ھر روز جا ھٿرادو پيدا ڪيل معاملا جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ/ تعليمي ادارن کي بلڊنگس/ فرنيچر نه ملڻ ۽ روڊن رستن کي ٻيھر تيار ڪرڻ سان ڪيتريون ئي جانيون بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگھن ٿا. پاڻي سان غريب ھاري کي مزدوري نه ملڻ ڪري خودڪشي جي انگن ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو، تعليم صحيح سان نه ملڻ ڪري نوجوانن کي انسانيت جي راھ کان پري ڪري اھي کين غلط ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا، روڊن ۽ رستن تي ھڪ ئي وقت وزني ٽرڪن ۽ ڪارن جو پاڻ ۾ ٽڪرجڻ سان ڪيترن خوشين کي تباھ ٿيون ڪري ڇڏين. مقامي گورنمنٽ کي گھرجي ته علم ۽ عقل جي نعمتن کي صحيح سان استعمال ڪندي ھر معاملي کي زير بحث سان گڏ ان تي حڪمت عملي جوڙي سندن عمل ڪرڻ گھرجي. سنڌ ۾ رھندڙ ھر شخص بي حس ٿي چڪو آهي جنهن وٽ سواءِ وائي حوالن جي ٻيو ڪجهه ملي ئي ڪونه ٿو. نوجوانن کي گھرجي ته پڙھڻ/ پرجھڻ سان گڏ امن جي تنظيمن جا سفير ٿي ڪري ان سھڻي ۽ ساھ ڏيندڙ سنڌ کي واپس آڻجي جيڪا اسان کان ھميشه لاء ناراض ٿي ڪنهن گار ۾ غمگينن جا آلاپ اچاري ٿي.