مٽي ماٿي لايان فرزانا شاھين
زندگي ۾ جنم وٺندڙ ھر شي ڪھاڻي جو محرڪ ھجن ٿا ھر ڪھاڻي گھڻ رخي ۽ منفرد محور ۾ مانڊاڻ مچائڻ جو سنيھو آڻي ٿي سينن ۾ ڪيئي ڪھاڻين جا سر بستا راز دفن ھجن ٿا. اھي راز ماحول ۾ لکڻين ذريعي نروار ٿيندا آھن يا وري ڪي گمنامين جي گھپ انڌھيري ۾ غرق ٿي ويندا آھن. دنيا جي ذري ذري ۾ ۽ انساني روح ۾ ڪھاڻي سمويل ملي ٿي, افسانو يا ڪھاڻي جي بيھڪ ھوندي اٿم ڪي طويل ڪھاڻي ته ڪي وري شارٽ اسٽوري سڏجن ٿيون افسانو يا شارٽ اسٽوري (ڪھاڻي) نثر جي اھا صنف آهي جيڪا ھڪ ئي نشست ۾ ختم ڪري سگهجي. ڪھاڻيون مختلف قصن تي آڌاريل ھونديون آهن سنڌي افسانو سنڌي قصن جي ارتقائي شڪل آهي يا ٻين ٻولين تان ترجمي کان پوءِ ان جي اوسر ٿي سگهي.
جڏهن سنڌي الف، ب جڙي راس ٿي 1915ع کان 1940ع دوران تمام گھڻا افسانا ترجما ڪيا ويا اھي شارٽ اسٽوري گھڻو ڪري مقامي ٻولين يعني اردو ھندي ۽ گجراتي وغيره تان ترجمو ٿيل ھئا ھن دور ۾ گوبند مالھي، ھيرا نند عيدناڻي وغيره وارن ترجمي جو صحيح حق ادا ڪيو. ان کان علاوه چيخوف، گورڪي ۽ ٽالسٽاء وغيره جھڙن بين الاقوامي اديبن جا افسانا به سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا 1940ع کان 1947ع جي دوران آزادي جي موضوع تي افسانا يا شارٽ اسٽوري لکيون ويون. جيڪي باغيانا خيالن سان ڀرپور ھيون، ان کان علاوه اسانجي تاريخ لکندڙن خاص طور تي ادبي تاريخ لکندڙن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور کي ھميشه ھڪ دور ڪري پيش ڪيو آهي. جنهن جي ڪري ھنن دورن ۾ واقع ٿيندڙ واقعن کي الڳ ڪرڻ وڏو مسئلو رھيو آهي. ان سلسلي ۾ ھڪ واقعو موکي ۽ متارن جو آهي جنهن جو ذڪر شاهه لطيف جي شاعري ۾ جابجا ملي ٿو ان ڪھاڻي جو سڀ کان پھريون ذڪر شاهه ڪريم جي شاعري ۾ ملي ٿو ھي داستان ھن دور ۾ گھڻو مشھور ٿيو شاھ ڪريم چوي ٿو ته :
متارڪا ڳڀرو گرٿ نه ٻڌن گوڏ
آيا اڳڻ ھوڏ سر ڏئو سرو پين
اھڙي طرح بڊاماڻي پنري جو قصو به ھنن دورن سان تعلق رکي ٿو بڊاماڻي پنرو ڪاڇي جو ھڪ سورھيه سردار ھو سندس ڪوٽ تي ڪنهن حڪمراني فوج چڙهائي ڪئي جنهن مان اھو گمان ٿئي ٿو ته اھا چڙهائي ارغون ترخان يا مغلن واري دور ۾ ٿي سگهي ٿي بھرحال اھو قصو به ھن دور ۾ مشھور ٿيو مثال طور:
بڊاماڻي پنرا اڄ گھرجين آء
ماٽيجي ۽ ماء ٻئي وڃن ٻان ۾
پنري جواب ڏنو ته :
نڪي پنرو تو ڄائو نڪو تو وٽ ھوء
پوء ماٽيجي ميھڻو ڇي لاء ڏنوء
اھڙي طرح ھن دور جا شاعر سنڌ جي پراڻن لوڪ قصن کي سنڌي شاعري ۾ ڳائيندا آيا ۽ سندن عڪاسي ساڳي نموني تمثيلي انداز ۾ ڪئي آهي مثال طور شاهه ڪريم "سسئي " جي اوٽ ۾ سمجهايو آهي ته فقير اھي عاشق آهن جن خدا کي دنياوي وھنوار کان الڳ رکن ٿا :
ڀنڀوارن ٻه ٿوڪ ڪنهن نه نيا پاڻ سين
سڪڻ سپرين سين ٻيو لاڳاپا سين لوڪ
مٿين لوڪ قصن/ ڪھاڻين جو عڪس ڏيڻ به سندر روپ آهي ماحول ۾ ٿيندڙ ھر روز ڪيترا واقعا اڪثر ڪھاڻيون آهن انهن کي پروڙي, پرکي, لوچي ۽ سوچي ۽ گھڙڻ ھڪ سھڻي ڪھاڻيڪار جو ڪم آهي. انهن ڪھاڻيڪارن مان سنڌ جي خوبصورت شاعره سائنڻ "فرزانا شاهين " به سگھاري ليکڪا طور ادبي کيتر ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر سان ڏات جي ملوڪڙي مومل طور ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي فرزانا ھڪ ئي وقت شاعرا ليکڪا تحقيق نگار ۽ ڪھاڻيڪار جي فنونيت سان وابستا آهي. معاشري ۾ وڌندڙ انيڪ نيائن جا نينهن ڏاڍ مڙسي جا موت جبر جا جبل تشدد جا تپيل لاوا ڏکن جي انبارن کي شارٽ اسٽوري يا افساني جو گيڙو ويس اوڍائي سڀني جو برجھلو بڻيل ھجي ٿي پنهنجي تازي آيل ڪتاب "مٽي ماٿي لايان" جيڪو مرڪ پبليڪيشن ڪراچي مان ڇپجي پڌرو ٿيو ۾ اتم ۽ اعليٰ اونھائي سان جڙيل ڪھاڻيون ملن ٿيون.
جن جي پرھڻ سان معاشرتي لچڪ جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو جتي رت پاڻي کان به سستي ھجي ٿي ۽ احساسن جي اولري کي سنگين ڏوھدار سمجهيو وڃي ٿو اتي ميڊم جي ڪھاڻين ڪيترن ئي اٻوجھ ارڏن جي دل جي ڳالهه ڪئي آھي سندن ڪھاڻين جي ڏنل ڀيٽا ظالم جي منهن تي موچري جو اثر رکن ٿيون. مرداڻي سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين جو ولر سندن سوچن کي ولوڙي ناڪارا بڻائي سگھن ٿيون اتي وري مٽي ماٿي لايان ڪھاڻين جو ڪتاب سندن نئون ساھ ڦوڪي ٿو. ھي ڪتاب 22 ڪھاڻين تي آڌاريل رس چس سان ڀريل مجموعو آهي جنهن ھر اڻ برابري، ظلم جي زنجير ۾ جڪڙيل غريب مرد/عورت ۽ انھن سان ٿيندڙ نا انصافين جي اور اوتيل ملي ٿي.
ڪجهه ڪھاڻيون منهنجي من جي گھنگھور ۽ وچڙيل اداسي جي انڀارن جي سانجھ کي بيان ٿيل ملن ٿيون من کي ڇھندڙ ۽ ننڊ کان جاڳ ڏيندڙ ڪھاڻيون اٿم جا منهنجي سوچن جي گمنام وادي جي ديوارن تي لکيل لفظ آھن. جن ۾ مت، سوال نظرياتي ماڻھو لبرل سوچ ڀرم ڀور ڀور ٿيا ھڪ ازلي حقيقت کي اجاگر ڪن ٿيون مت ڪھاڻي ۾ زينت مفلسي جي موت جي سڪرات سان سڪڙجڻ جي عمل پيڙاھجي ٿي اتي وري مرشد پنهنجي ڏاڍ مڙسي سان زينت جي عصمت پڻي کي مروڙي مستي ۾ مست ھجي ٿو مت ڪھاڻي ۾ ذڪر کان علاوه به اھڙا الائي ڪيترا ھاڃا ھرورز پنهنجي دونهين دکائي مليو وڃن. زينت مرشد جي ھر حڪم جي ھٿوري سان پنهنجي عزت جو فالودو ڪري رھڙجي وڃي ٿي.
" سائين حڪم، ٻانھي حاضر آهي زينت معصوم لھجي ۾ چئي سڌي ادب ۾ بيٺي رھي.
زينت ويجھي ٿي ويھ بيڊ تي مون سان سمھ !
اچ توکي جيء ڀري ڏسان جاويد تيز سھڪن سان... اھو چئي زينت ڏي وڌڻ لڳي ٿو زينت تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهي ... تنهنجا چپ ڄڻ ته ھنداڻي جون ڦارون آهن تنهنجي چيلھ صفا سنھڙي سندري تنهنجي ڇاتي ناريل جا ٻه داڻا آهن.
مرشد جيڪو غريبن جي آخري اميد ۽ آسرو ھجي ٿو جتان جو فيض دل کي سڪون رسائي ٿو اتي وري جاويد جھڙا معاشري ۾ مرشد حق جي حقيقت کي گندو ڪري خدا جي خوبصورتي سان دوکو ڪري ٿو. ڪھاڻيون حقيقتن جو حقير نامو اوتين ٿيون زينت پنهنجي بيمار پٽ جي تعويز ۽ ڦيڻي جي چڪر ۾ پنهنجي عزت سان گڏ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي به وڃائي ويھي ٿي اھڙا ڪڌا ڪردار دنيا جي نگري کي ڪاراڻ سان رڱي ڇڏين ٿا.
جتي زينت جي مجبوري جي ماڪ سان ڌوتل مرشد جي اندر جي ميراڻ ته ختم ٿئي ٿي پر تاريخ اھڙن دلالن کي ڌوڙ جي دونهي سان مسمار ڪري ڇڏيندي اٿم. سموري مجموعي جو آکاڻيون پنهنجي پنهنجي فني ارتقا ۾ گلابي ويس اوڍيل نظر اچن ٿيون جن ۾ مٺيون ڳالهيون، يادن جا وکريل پنا، عشق پڇي نه ذات، سسئي ۽ سور، روح جا زخم پڻ سھڻي انداز سان سلھاڙيل آهن. سسئي ۽ سور گھاريٽي ۾ گھنگھور پيار جي پيچرن تي اماڻيل اداسي سان اوريل روح به پنهنجي پرين جي وجود کي سڏ جي آلاپن سان لوچي ٿو :
سسئي جا سڏ !
ٿڪيا ڪون آهن نيٺ پل جو پھي سسئي جو پنھل ڏورانھين ڏيھ نئي ٿو
۽ ان کان علاوا روح جا زخم ڪھاڻي ۾ روح جي سرد پيل جذبن جو آند ماند جي مورت باھ جي مچ ۾ موعطر نظري ٿي.
ھاڻي اسان جي وچ ۾ عجيب اوپرائپ ھئي آھستي آھستي ھن جو اتاولو پن ۽ ديوانگي ختم ٿي وئي ھن جا جذبا برف جيان ٿڌا ٿي ويا روح جو رشتو جسم جي بک جو کاڄ بڻجي ويو پھريان ھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندو ھو. پوءِ ڳالهه ھفتن ۽ پوءِ مھينن تي پھتي پوءِ ائين لڳو ڄڻ رشتو زبردستي گھلجي رھيا آهيون ۽ پنڌ ڪري روح جا پير زخمي ٿي پيا آهن ۽ ھاڻي اسان اجنبي آھيون ڄڻ ڪڏهن به مليا ئي ناھيون!
ميڊم جي ڪھاڻين ۾ ڪلائميڪس ڀرپور ملي ٿو جيڪو مڪمل ھڪ سٽ ۾ الڳ خيال ھجي ٿو جا ڪنهن غار مان نڪرندڙ اونھي آواز جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پڙھڻ کان پوءِ پنهنجي من جو آواز لڳي ٿو. ھي ڪتاب ادبي کيتر ۾ پنهنجي نمايان جاءِ والاري چڪو آهي ۽ ايندڙ ڪھاڻين جي ڪوي ليکڪن جي حوصلا افزائي سان گڏ لاڀائتو فيض پڻ دامن سان ڀري سگهجي ٿو. ڌڻي در دعا آهي ته ميڊم فرزانا جو ھي پنجون ڪتاب سندن ڪاميابي جي سامونڊي ڪپ تي بيھي جلد سمونڊ اندر سمائجڻ جي سرڪ سان ھمڪنار نظر ايندي مولا پنهنجي حضور آباد ۽ شاد رکي.