ڪالم / مضمون

اڃايل خواب

ھي ڪتاب انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي.
نوجوان ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
Title Cover of book اڃايل خواب

تاريخ جي عُقب مان تَر ٿيل تاريخ ساز ڪِردار

تاريخ جي عُقب مان تَر ٿيل تاريخ ساز ڪِردار

انسان انس جي الفت سان گڏ عالمگيريت جي صفتن سان ڌرتي تي لاٿو ويو. ھر انسان ۾ مزاج الڳ الڳ پر حقيقت ۾ ساڳيو رکي ٿو. سڀ انسان رحمدلي/ ميٺاج/ ماڻھپو ۽ اخلاق جي املھ موتين سان مَحوِ ۽ مَسَّت ھجن ٿا. ته ڪي انسان مختلف براين جھڙوڪ: ٻيائي، ساڙ، درجا بندي سان به ٿورو گھڻو وابسته ملن ٿا ته اتي وري پاڪ ۽ مقدس ڌرتي تي جڏهن معطر سوچون ۽ لوچون پنهنجي چوڏس انهن انساني مزاجن جي مورت من ۾ سمائي بي بھا ڀلائين ۽ برڪتن سان ڀرپور وجود جو عڪس جڏهن نظري ٿو ته ان جي خوشبو سڄي ماحول کي معطر ڪري ڇڏي ٿي۔ انھن وجودن جي اکين ۾ فطرت جو سرمو سَر ٿيل ھوندو آهي. جنهن سان ماحول مگن ٿي ٻھڪندو آهي ۽ انهن جو ذھن خدا جي ذات سان ظاھري پردي ۾ ظھوريت جي زم زم سان ڌوتو/ صاف ڪيو ويندو آهي. پوءِ انهن وجودن کي فطرت ۾ خدا جي مخلوق مٿان علم/ عقل/ فھم/ بصيرت/ عشق/ دلنوازي جھڙي دلچسپ راھ جو خالق بڻايو ويندو آهي.
انهن پاڪ/ نيڪ وجودن مان سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلو سان تعلق رکندڙ سائنڻ ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ به ھڪ آهي. ڊاڪٽر پروين جو سنڌ ۾ موجود ھجڻ ڪنهن عالم/ بزرگوار/ ديوتا کان گھٽ ڪين آهي. ڊاڪٽر جي سڄي علمي/ ادبي/ سماجي/ ڪم تي جڏهن منهنجي گھري نظر پئي ته ھاءِ اوڙڪ! جي دانهن جو ڌڌڪو دم/ ساھ سان سرويچ ٿي پرواز ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر صاحبه جون سموريون محنتون/ جفاڪشون/ قربانيون سنڌ جي مڙني شاگردن/ استادن/ عالمن/ ڊاڪٽرن/ تاريخدانن لاءِ تانگھ ۾ تاساريون ملنديون. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي فن/ فڪر ۽ خيالن سان عشق ڪري سماج جي اصلاح / ڀلائي لاءِ ھڪ مڪمل دين/ راھ/ رستو ڏنو آهي جنهن ۾ سڀني انسانن جي ڀلائي جي وِرد جو واس وٺي سگھجي ٿو.
ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ جو جنم ڀومي شھر ٿرپارڪر آھي. ڊاڪٽر پروين ان اڃايل شھر سان واسطو رکي ٿي جتي مختلف خواھشون گُھپ انڌيري ۾ گم ٿي وڃن ٿيون۔ جتي سڀ جسم بک/ بدحالي/ اڃ ۾ اڃارا ٿي ڪومائجي وڃن ٿا۔ ميڊم پروين جو من به ماحول ۾ رھندڙ انسانن لاءِ ڀلائي/ اصلاح جي اڃ/ آس/ اميد جو چراغ روشن ڪيو آهي ته من ڪو سندس جي فڪري ڪم مان ڪو ڀرپور فائدو وٺي. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي بنيادي تعليم مٺي، ڏيپلو، عمرڪوٽ، ٺٺي شھر جي اسڪولن مان ماڻي ۽ سيڪنڊري تعليم سانگھڙ ضلعي مان حاصل ڪئي ۽ ڪاليج جي سند ميرپورخاص مان حاصل ڪئي ان سان گڏوگڏ بيچلر/ ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جون سنَد سنڌ يونيورسٽي مان ماڻي ورتيون. گورنمنٽ نذرٿ گرلس ڪاليج حيدرآباد مان 28 سال درس و تدريس جي پيغمبري پيشي سان وابسطه رهي، ھاڻي تازو ئي ريٽائير ٿي آهي. ڊاڪٽر پروين جو ادبي/ علمي ڪم مختلف زاويي نظر (Perscpective)تي ٿيل آهي. جن ۾ تحقيقي/ تنقيدي/ مضمون/ مقالا/ تاريخ/ سوانح/ سفرناما/ لطيفيات/ تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ميڊم جي لفظن ۾ اتھاھ گھرائي، خيالن جي پختگي، عشق کي سموئڻ جي اميد سان سلھاڙيل ملن ٿا. سائنڻ مٽي جي مھانتا مان گھڙگھت شناخت رکي ٿي، لفظن ۾ اڪيچار معاملا زير قلم ملن ٿا۔ سھڻي سڀاءُ سان سندر سپنا اوتيل آهن. جن جي پورائو لاءِ مسلسل ادب جي اتم جھنگ جھاڳيندي وتي ٿي. خيالي گھاريٽن جو عام/ خاص انسان آساني سان واس وٺي سگھن ٿا. ڊاڪٽر صاحبه سنڌي ادب جي کيتر ۾ جن ڪتابن سان لاٽ جي مست مَئي جو اوتارو قائم رکيو آهي تن ۾" سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات "، سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، آديسين ادب آهي اکرين ۾، سون ورنيون سوڍيون (ڪھاڻيون)، اخلاقي قدر( ٻاراڻو ادب )، وکر سو وھاءُ (مضمون ۽ مقالا )، سنڌي ادب ( تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو)، عالم سڀ آباد ڪرين، پلئه پايو سچ، سنڌي ادب (ايم، سي، ڪيوز MCQs)) ۽ تازو ئي سنڌي ادب تحقيق ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ فار سي ايس ايس ۽ پي، سي، ايس) جو واڌايل ۽ سنواريل ڇاپو شايع ٿي. تيرهن ڪتابن جي صاحب ڪتاب/ صاحب بصيرت، معلم انسان طور پنهنجو پاڻ ملھايو آهي. جنهن جي قرباني/ محنتن/ جفاڪشن/ ولھورائپ جي جيتري تعريف ڪجي سا گھٽ ھوندي. سنڌي ادب ۾ اھڙن ڪتابن جو مجموعي طور ڇپجڻ سان بيش بھا قيمتي ۽ ناپيد ھيرن سان ھڪ تاريخ رقم ٿي آهي. اھا حقيقت آهي ته ادب سوچ ۽ فڪر جي گھرائي جو ڪارائتو سرمايو آهي. بلڪ اھو عوام الناس جي سماجي، معاشي، مذھبي، ثقافتي، تاريخي، سياسي، اجتماعي، ضروريات ۽ جمالياتي اثرات جو ذريعو پڻ آهي. مطلب ته ادب انساني جذبات، احساسات، جدوجھد، مشاھدي ۽ حسنڪارانا ڪردار جو نتيجو ۽ بيان آهي. ڊاڪٽر صاحبه به پنهنجي بي باڪ ڪردار ۽ سچائي ۽ وفاداري جي وکر ۾ اعليٰ رتبي تي فائز آهي. سائنڻ طبعيتن نھايت ئي شفيق، فقير منش، کل مک، خوش اخلاق ۽ خوبصورت شخصيت جي مالڪا آهي. سائنڻ پروين موسي انسان دوست، ھمدرد، انسانيت جي ڀلائي جي علمبردار محبت جي متوالي ۽ سچ جي ساٿاري آهي. پنهنجي بصيرت جي نگاھن ۾ پنهنجي سڀاءُ ۽ طبعيت ۾ سچي ۽ کري مانجھي مڻيادار، قربدار ۽ وينجھار انسان آهي.
ڊاڪٽر صاحبه جھڙو جاکوڙي ڪردار ريتن/ رسمن/ رواجن کي زنده و جاويد ڪرڻ ۾ قدرتي ڏات جي ديوي طور آبھوا ۾ ڀرجھلو آهي. ميڊم پروين موسي سنڌ جي شاگرد طبقي جي عقلي/ علمي صلاحيتن کي ڀرپور عِلم جي عَلم سان اتم ۽ اعليٰ رکڻ لاءِ ساڻس ھر محاذ تي گڏ آهي. منهنجي ڊاڪٽر صاحبه سان اڪثر ادبي حوالي سان گفتگو ٿيندي رھندي آهي. سندس جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر رھندڙ سنڌين لاءِ زندگي ھڪ محنت ۽ جدوجھد جو نالو آهي. پنهنجي وجود کي محنتن جي ماڳ ۾ مست رکو ته جئين حقيقي ڪاميابي توهان جا پير چمي. ڊاڪٽر صاحبه سنڌ جي اھا مھان شخصيت آهن جن وٽ فن ۽ فڪر جو بي بھا اھڃاڻ ملي ٿو. جيڪو اھڃاڻ تاريخ جي عقب ۾ تر ٿيل تاريخ ساز ڪردارن مان پسي سگھجي ٿو. ڊاڪٽر پروين ان تاريخ ساز ڪردارن جي سھڻي ۽ سيبتي سرجڻھار طور سُندرتا سان سُپرين آهي. ڪُل ڪائنات جي تَخليقڪار مالڪ ٻاجھاري کان دعا آهي ته اھڙا فقير منش ڪردار سنڌ ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ تاحيات قائم رکي ۽ سندس وجود جي خوشبو ماحول کي معطر ڪرڻ ۾اتاولي آھي. پروردگار مخفي خزاني مان صحتن جي اڻ کٽ خزاني سان مالامال ڪري ۽ ائين ئي سنڌي ادب ۽ شاگرد طبقي جي دل ۽ دماغ کي منور ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.