عبدالواحد سومرو جون ڪھاڻيون
ڪھاڻي ھڪ ڊگھي اميد جي ڪسجڻ جو نالو آهي. اميد جيڪا وڇوڙن جا ولر ڪري ڪردارن کي وھ جا ڍڪ پئيڻ تي مجبور ٿي ڪري، اميد جيڪا سونهن جي خاموش انتظار ۾گذاريل پلن کي محراب جي معطر وجود جي اچڻ جو اعلان ٿي ڪري، اميد جيڪا انيڪ احساسن کي لالچ جي پئيراڊائييز ۾ پير پائڻ کان پوءِ ھڪ سچي ۽ انوکي احساس کي الوپ ٿي ڪري، انهن احساسن/ خيالن/ اميدن جو پاش پاش ٿيڻ. عبدالواحد سومري جو ھي ڪھاڻين جو ڪتاب ” ڌرتي جو پٽ “ ان ماحول کي وائکو ڪيو آهي، جيڪو اسان سڀني جي نظرن مان ۽ ذڪر مان ته گذريو ھوندو پر ڪنهن اھڙي ريت لفظن ۾ بيان نه ڪيو ھوندو.
واحد سومرو جو ھي ڪتاب گھٽ ۽ احساسن جي ھڪ مڪمل ۽ اڻ کٽندڙ درسگاھ آهي، جنهن جي قيمت ھڪڙي ڪتاب ۾ نه ٿي چڪائي سگهجي، عبدالواحد سومرو جيتوڻيڪ صاحب ڪتاب ھجڻ سان گڏ صاحب نظر ليکڪ به آهي جنهن ڪراچي جھڙي ڀرڀانڪ ۽ اجگر شھر ۾ ويھي ڀانت ڀانت جي ڪردارن کي چڱي ريت پسي ۽ ان کي ڪھاڻين ۾ پروڙي ان حقيقتن کان خبردار ڪيو آهي، جنهن ماحول کي گھڻي ڀاڱي برائين/ ظلم/ وحشت جي طرف وٺي وڃي رھيا آهن. ڪھاڻيون ڪَلجُڳ جو ٻيو روپ آهن. جنهن سان ماحول کي معطر ڪري سگهجي ٿو. عبدالواحد جي ھن ڪتاب ۾ اھي ڪھاڻيون اوتيل آهن جيڪي منهنجي دل تي ھڪ گھري اثر ڇڏڻ سان گڏ پڙھندرن کي پڻ حيران ڪيو ھوندو. جنهن سنڌ ۾ اسان رھون ٿا ان سنڌ ۽ آڳاٽي سنڌ ۾ ڏينهن ۽ رات جو فرق آهي، ذات ۽ پات جو فرق آهي، اوچ ۽ نيچ جو فرق آهي، وڏي ۽ ننڍي ھجڻ جو فرق آهي، محبت ۽ پيار ۾ فرق آهي، سوچ ۽ ويچار ۾ فرق آهي. مطلب ته ھر ھڪ راز و نياز ۾ فرق آهي ۽ اھو ئي فرق آهي جو اڄوڪي سنڌ ڌوڙ ۽ ڌڪاءُ جي وڙ چڙھي وئي آهي. جنهن ۾ نه پنهنجي ۽ پرائن جي خبر ٿي پوي نه ئي پوڙھي ۽ پڪي جي. سرعام ظلم/ بربريت چاپلوسي/ چغلخوري طعنا زني/ ٺٺوليون ۽ لالچن جي لالي ھر چھري ۾ چھڪاٽ ڪندي نظر اچي ٿي.
مون کي اھا سنڌ ياد ٿي اچي جتي ھڪڙي ويس ۽ ديس جي ڳالهه ٿيندي ھئي، جتي پيار ۽ صرف پيار ھوندو ھو، جتي ماڻھپي جي ماٺار سان لالچ ۽ لوڀ کي لت لڳل ھوندي ھئي، جتي ساھ ۽ ويساھ جي سڪ ۾ صدين جو پنڌ به سرس ۽ سھڻو لڳندو ھو. عبدالواحد سومرو ان سنڌ جي ڳالهه ڪندي ٿڪجي نه ٿو. واحد جي احساسن جي ولوڙ ان کي سچ ۽ حق جي راھ جو رھبر ھجڻ جو سنديسو آڻن ٿا. واحد ” ڌرتي جو پٽ“ ڪتاب ۾ اھي ڪھاڻيون سرجيون آهن جيڪي روز مرھ جي زندگي ۾ اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل آلاپ آهن، جيڪي غمگين دلين جو درمان آهن جيڪي غريب ۽ مسڪين جو آواز آهن جيڪي پيار ۽ محبت جي واس جو وھ خوف منجھ پئيڻ تي مجبور آهن. واحد جي ڪتاب جي ڪھاڻين جو ڪجهه حصو توهان جي آڏو پيش ڪيان جنهن منهنجي لڱن کي سيسڙاٽ جي سڌ سان سروڪار ڪيو.
منهنجا ماءُ پي جيڪي ڪارپوريٽڊ سوچ جا مالڪ، صرف نفعي جا متلاشي، جن وٽ اھي احساس ڪٿي؟ ھو ته رڳو ڪار بنگلي جا مشتاق ھئا. پارٽين کائڻ ۽ کارائڻ جا شوقين ھئا. انهن کي ڪنهن جي دلي ڀاونائن سان ڪھڙو سروڪار؟ ۽ مان ھڪ اھڙي ماڻهو سان ٻڌي ويم جنهن کي ڊرنڪنگ کان سواءِ ڪنهن به شي جو شوق ڪو نه ھو. جڏهن پلنگ گھر آيو ته ماءُ چيو:
تنهنجي گھوٽ تولاءِ مھانگو پلنگ ورتو آهي اھو تو وارو مجنون تو کي ڇا ڏين ھا؟
ان جملي سان منهنجي دل سان گڏ اکيون به پٽجي ويون. امان کي اھو مھانگو پلنگ ته نظر آيو، پر ڌي جي ڪرت وھي پيو اھو ان کي ڪير ڏيکاري؟
مٿيون سٽون ڪھاڻي”نئون پلنگ“ مان ورتل آهن. ھي صرف سٽون ناھن ھن ۾ حسين احساسن کي مَرگ جي بستر تي سينگارجڻ جو سنيھو آڻن ٿيون. اسان جو معاشري ھر ھڪ شي ۾ خلوص کان خالي ملي ٿي، الائي جا ڪھڙي نظر لڳي وين يا ڪو نانگ سراپي ويو آهي. جنهن به دل ۾ پير رک ته رڃ ئي رڃ ۽ سڃ ئي سڃ، آخر ڪيستائين ججھي علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ به احساس کان اڙهانگا رھنداسين. ماڻھن جي احساسن جو قدر اسان کان ڪوھ پري ٿي رھيو آهي ۽ اسان جون دليون دز ۽ ڌوڙ ۾ دٻجي رھيو آهن. واحد سومري جي ڪتاب جو سموريون ئي ڪھاڻيون بيش بھا موتي جيان آهي جن ۾ مھاڳ، ڌرتي جو پٽ، سرنج، ڇنڊڻي، نئون پلنگ، پيڇو، ڪباب، پئيرڊائيز تي ورتل آخري چمي، بيروزگار ماءُ ۽ آرڊر، ڪلارڪ، پاڻي، ڌرتي جو پٽ ۽ ٻيون شامل آهن. سنڌ سونهن آهي، سنڌ ساھ آهي، سنڌ عشق ۽ آس آهي، سنڌ سچائي ۽ سڀيتا جو اھڃاڻ آهي. سنڌ صدين کان قائم آهي، سنڌ ڀٽائي جي ۽ سچل، سامي ۽ مخدوم جي آهي. سنڌ ۾ رھندڙ سنڌ جا مارو جسم ۽ روح منجھ آهن. يا اڃا ٻيا مرگھ جي بستر تي ڍير پيل جملا ھر روز ڪنهن نه ڪنهن سڻڀي محفلن ۾ گونجندا رھن ٿا. اسان جا وڏا وڏا اديب ۽ شاعر صرف لفاظي تقريرون ڪري ماحول کي جنت بڻائڻ جو ڳالهيون ڇو ڪندا آهن؟ عملن جستجو ڪرڻ کان ڇو لنوائين ٿا؟ ننڍي کان ننڍي پيماني جو ڪم ھجي يا وڏي پيماني جو ڪم جڏهن ڪنهن جي مدد ڪرڻ يا ادبي ڪم يا محفلن ۾ اچڻ يا وڃڻ ۽ ليتي ڏيتي جي ڳالهه ٿي ڪجي ته يزيد جا يار ۽ رھزنن جا راھگير ئي ملن ٿا. اھڙو لکڻ ڪھڙي ڪم جو جنهن وٽ عمل ئي نه ھجي.
واحد سومري ”مھاڳ“ ڪھاڻي ۾ کين اصلاحي تنقيد جي تح سان تلخ حقيقت تي مبني ڪھاڻي سرجي کين انهن جي ڪڌن عملن کان چڱي ريت وائکو ڪرڻ تي جس ھجي. جيڪا بذات خود منهنجي بلڪ ھر ان سچي ۽ کري انسان جي دل جي ڳالهه آهي. اسان جي ادبي لڏي ۾ اھڙا لالچي ۽ لاغرض اديب تنظيمن جي آڙ ۾ پنهنجي ذات ۽ ايندڙ نسلن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ ان ڳالهه کان غافل آهن ته اسان تاريخ ۾ ڪھڙن لفظن سان سڃاتا وينداسين. تاريخ ڪنهن کي به معاف ناھي ڪندي. مھاڳ لکڻ واري عمل کان مان پاڻ ڀلي ڀت خبر رکان ٿو ته نام نھاد/ وڏا وڏا اديب ڪھڙي ريت غريب اديبن سان جٺون ڪندا آهن. خدار پنهنجي مفاد خاطر اھڙي دوکيبازي کان بچو جنهن سان توهان جي شخصيت صرف خالي ڏيکاءُ ۾ دُکي دُکي دٻجي نه وڃي. واحد سومرو ايڪويھين صدي جو نھايت ئي سھڻو ۽ سگھارو ڪھاڻيڪار/ ليکڪ آهي واحد ۽ ڪھاڻين جو رشتو ائين آهي جئين عاشق ۽ معشوق جو ھوندو آهي. جئين ھير ۽ رانجھي جو، جئين ليلا جو مجنون سان ۽ مڇي جو پاڻي سان. واحد پاڻ ھڪ اگھم ڪھاڻي آهي ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
انت بحر دي خبر نه ڪائي رنگي رنگ بڻايم الا آدمي بڻايم
ان انت ۽ بحر جو چمڪندڙ موتي آهي جنهن کي ھر ڪو پڙھڻ ۽ پڙجهڻ چاھيندو آهي. واحد جو ھي ڪتاب ”ڌرتي جو پٽ“ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جي سرواڻ مرتضي لغاري جي محنتن سان پڙھن ڪاڻ مليو. جيڪو 128 صفحن تي مشتمل آهي ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي. واحد سومرو ھن دور جو دلبر ڪھاڻيڪار آهي جنهن جي دل ان سنڌ جي انتظار ۾ اڃا زنده آهي جيڪا سڀن سنڌين لاءِ قرار ۽ چين جو سبب بڻجي نه ڪي ظلم ۽ دوکيبازي جي آلودگي جي آس ۾ مست سنڌ .