ڪالم / مضمون

اڃايل خواب

ھي ڪتاب انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي.
نوجوان ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
Title Cover of book اڃايل خواب

ايِڪويھين صَدي ۾ ڇَھ ھزار سال پُراڻي سِنڌ

ايِڪويھين صَدي ۾ ڇَھ ھزار سال پُراڻي سِنڌ

دنيا جي وايو منڊل تي سنڌ واحد خطو آهي. جيڪو آڳاٽي زماني کان وٺي ايڪويھين صدي ۾ به اوائلي ۽ ڇڙواڳ منظر جو ڏيک ڏئي ٿو. سنڌ جو نصيب به ڇڙواڳ ۽ نڌڻڪي لفظن جي محور ۾ گھمي ٿو. اڄ جي ٽيڪنالاجيڪل دور ۾ جتي چائنا ۽ جاپان جي اندر مزدورن جي جڳهه تي روبوٽس کان ڪم ورتو وڃي ٿو. اتي سنڌ ۾ ساڳي حالت ھيٺ سالن کان رھڻ جو بنيادي پيش نامو يا سبب ملڻ کان قاصر آهي آخر اھي نالا ۽ گٽر کليل، غريبن جون ھر طرف آھون، دانهون، سڏ، اڌما ،قيچ، ڪشالا، ڪيھاٽ ۽ سرڪاري سطح تي سڀني ادارن ۾ ميرٽ جي لتاڙ، ڏسندي ان ڳالهه جو اندازو ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ به سنڌ جي حالت ساڳي ھوندي ڇو ته سٺي مستقبل لاءِ ھلندڙ وقت (حال) ۾ سٺي ڪارڪردگي سان گڏ سٺي پلاننگ جو به ھجڻ ضروري آهي. جيڪا اسان جي مسلسل ايندڙ حڪومتن ته ڇا پر سنڌ جي ادارن مٿان قابض بالا آفيسرن وٽ به ڪونهي. ووٽ ڏيندڙ پاڻ انھي بک ۽ بدحالي جي ور چڙھيل آهن پر جنهن کي ووٽ ملي ٿو اھو لينڊ ڪروزر ۾ ويھڻ کان پوءِ ان تقدس کي به پامال ڪري ٿو. سنڌ جي ھر ننڍي ضلعي ۾ ھٿرادو پاڻي جي لوڊشيڊنگ کان وٺي گيس ۽ بجلي ۽ نوڪرين جو نه ھجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سڀن قدرتي معدنياتس (Natural minerals) ۽ ترقي پسندانا سوچن (Advancement towards Better Conditions) ۽ ٻين ڪيترن ذريعن جي موجودگي سندس ڀانءِ نه ٿي پوي، ھر ڪو پنهنجي طاقت آھر ٻي کي برداشت ۽ ڀلائي جي ڪمن کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري. نتيجي ۾ غريبن جا سور گھٽ ٿيڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن جون بنيادي ضرورتون به کائنس کسيون وڃن ٿيون. گذريل سالن کان ساڳي حڪومت وٽ ھر سال جيان سڀ ذريعا ھجڻ جي باوجود ھڪ ٻئي تي نزلو اڇلائڻ سمجھ کان ٻاھر آهي، تعليمي ڪورس ۾ اھو ئي پراڻو سليبس، پراڻا نظم ۽ پراڻيون وايون، گيت پڙھايا وڃن ٿا. جنهن سان ٻارن جي ذھني واڌ ويجھ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا رٿا ڪو نه ٿي ملي. جديد ادب ۾ ڇا نت نوان اصلاحي ۽ ترقي پسند سوچن طرف گامزن لفظن جو مجموعو نه ٿو ملي؟ يا سنڌ جي اديبن ۾ لکڻ جي حوالي سان کوٽ ٿي وئي آهي. ايڪويھين صدي ۾ پلين ۽ بلڊنگس کي وڏو ڪري بيھارڻ سان ذھنن ۾ پلجندڙ بيمارين ڏي به ته ڪير توجھ ڏي. اسپتالن جي دوائن جو ٿيندڙ ڪاروبار تي به ته ڪير توجھ ڏي يا سڀ جو سڀ ائين ئي ھلندو رھندو. خدارا سنڌ جي زبون حالي سان گڏ ذھنن جي زبون حالت تي به ھڪ سرسري نظر وجھو ۽ ڇو ته تبديلي پاڻ کان شروع ڪبي آهي. ٻين ڏي اميد رکڻ سان ڪجهه به نه ورندو، گورنمنٽ جيڪا پاڻ ڪيترن ئي مختلف ڪيسن ۾ ڦاٿل آهي اھا مجموعي طور تي ڪيترو اثر ويھاري سگهي ٿي. ھاڻي انهن کان ڪجهه به نه ٿيندو ۽ اھڙا ڪردار ڪھڙي نواڻ آڻيندا جيڪي نه حالات حاضره کان واقف ھجن ۽ نه ئي وري وڌندڙ ٽيڪنالاجي کان واقف آهن. ھاڻ ھر محنتي آفيسر پنهنجي محڪمي جي اندر محنت ۽ سچائي سان ڪم ڪندو ته ايندڙ وقت ۾ اسان جي سنڌ اندر ٻين ملڪن جيان پڻ سندرتا جو اھڃاڻ ملندو.