سنڌ جي سرھاڻ صنم چانڊيو
ھي ڪائنات (Universe)جڏهن پنهنجي ھجڻ جو ھجائتو ويس اوڍي رھي ھئي ته تنهن مھل به ان ويس جو واس وٺڻ لاءِ انساني اک جو اوچو واءُ درڪار ھو۔ سموري گونا گون ڪائنات جي ڪُوڪ ٻڌڻ لاءِ اڄ به انسانن جو ڪَن ڪاڪ ۾ ڪڏندو نظر ايندو آهي. اگھم ڪائنات جي مورت مختلف عڪسن جو مجموعو آهي ذرو ذرو پنهنجي محور ۾ رقصان آهي تڏهن ته صوفي مصري شاهه چواڻي موجب ته:”جز مان ڪل ۾ اھو داخل ٿيندو آهي جيڪو ٻين لاءِ جيئندو آهي“. جز ۽ ڪل جو پاڻ ۾ گھرو ۽ حقيقت تي مبني ڳانڍاپو آهي جز آهي ته ڪل کي به ڪُڏڻ جو حق ملندو ڇو ته انساني جان به پاڻي جي قطرن جو ميلاپ آهي.
ڪائنات (Universe )۾ سڀ وجود حقيقتون، عشق، محبتون، پرچڻ، رسڻ، ميلا، اڪيلايون، رُڃ، سُڃ، راز و نياز سڀ جو سڀ ھڪ ٻي جي ٻڪ ۾ رھڻ جا عادي آهن. ان سڀنن ڪيفيتن مان خدا جو خلقيل انسان ئي گذرندو. جنهن کي شعور جي شھ رڳ جو شاھڪار بڻايو ويو. اھي سڀ جز انسان جي دامن ۾ مستقل مزاج جي ماپي ۾ تورڻ لاءِ رکيا ويا آهن. ھاڻ ڳالهه وڃي جيڪا باقي بچي ٿي سا اھا ته ان کي عملي جامو ڪيتري حد تائين پارايو وڃي ٿو. اڄ تائين خدا جي خلقيل گھمڀير گپُا (Universe)۾ ڪھڙا انسان پنهنجي عملي روشني سان نروار رھندا يا وري انهيَ غار ۾ پنهنجي سستي سان اڻ ڄاڻ مدي تائين گم ۽ غرق ٿي ويندا رھن ٿا.
سنڌ ڌرتي ڪائنات جي چمڪندڙ موتين مان دُر ناياب موتي جي مِثل آهي. جنهن جو ھڪ ھڪ جُز جو جادو ڪل ۾ فنا ٿيڻ لاءِ اٻُھرو آهي. ان دنياوي جز کي سوچڻ، لوچڻ ۽ عملي پيڙاھجڻ جو پاڪ پيش نامو انسانن جي حرڪت سان ھموار ڪيو ويو. سنڌ جي سونهن جو سچو اھڃاڻ ۽ ان جي بي مثل خوبصورتي کي خاڪ ۾ ملڻ کان بچائڻ لاءِ ڪجهه خاڪسار به جنميا ويا جن سنڌ جي سينڌ کي سرھو ڪرڻ ۾ ھميشه ڪوشان رھيا. انهن پاڪ وجودن منجھان صنم چانڊيو به پنهنجي ذھني آنڌ مانڌ کي لوچي ۽ سوچي عملي عشق ۾ عالمگير ھجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. صنم چانڊيو سنڌ جي ان ڪردارن مان آهي جن ڏينهن رات جي فرق بنھ سنڌ جي سينڌ کي سرھو ڪرڻ جي سرھاڻ سموئي آهي. صنم چانڊيو سنڌ جي ضلعي دادو جي ننڍي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ حسين خان چانڊيو جي گھر ۾ اک کولي. پنهنجي بنيادي تعليم ڪي اين شاھ (K-N-Shah)جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ اتان جي ئي گرلس ھاءِ اسڪول مان ڏھون (Matriculation) جو درجو پاس ڪري ساڳي ئي شھر مان ڪاليج مان ٻارھون درجو (Intermediation) جي سند ماڻي وڌيڪ پڙھائي لاءِ سنڌ جي ھوائن جي شھر ڄامشوري مان سنڌ يونيورسٽي مان بيچلر (Bachelor)۽ ماسٽر (Master) جي سند حاصل ڪئي.
صنم چانڊيو طبعيتن نھايت ئي شفيق ۽ ادب جي مالا سان جڙيل در ثمين موتي، ناپيد موتي جيان روشن ڪردار سان ڪوشان ھجي ٿي. صنم چانڊيو ھڪ ئي وقت شاعر ، ڪالم نگار، نثر نويس ۽ عورتن سان سنڌ ۾ ٿيندڙ انيائن جي اُسرڻ کي روڪٿام لاءِ عُقابي اک رکي ٿي. شاعري ۾ ھن مختلف صنفن جھڙوڪ نظم ۽ واين تي عبور حاصل اٿم. نظمن ۾ عورتن جي عڪاسي ڪندڙ ملي ٿي. صنم عورت ھجڻ ناتي عورتن جي گم ٿيل ساک جو سور سيني ۾ سانڍن جي ڪري اندر جو سڪون وڃائي ڇڏيو اٿم اچو ته ان سور کي پاڻ به سيني ۾ سمايون.
مان لوڪ کان لڪڻ ٿي چاھيان،
ڪائنات جي ڪنهن ڪنڊ ۾،
وحشي ماڻھن جي دنيا کان پري،
جتي عورت مرد جي متڀيد بنا،
مان انسان ٿي جي سگھان،
جانورن جو جھنگ به بھتر آ،
جيڪي رڳو انسان سمجهي،
منهنجو ماس پٽيندا،
پر ھتي ته مون کي صرف،
عورت ئي سمجهيو وڃي ٿو.
مٿين نثراڻي نظم ۾ ڀرپور حقيقت جو عڪس ملي ٿو. جتي سنڌ ۾ خاص ڪري روز مرھ ٿيندڙ مظالم ۽ ان جو دائرائي مرڪز عورت ئي ھجڻ ڪري ھن سماج جون اھي عورتون جيڪو پنهنجي ھڻا وڻان ڪري مظلوم عورتن جو آواز بڻجن ٿيون اھي پنهنجي لکڻين جي لاکيڻي عشق ۾ اٻوجھ، مسڪين ۽ لاچار عورتن جو ڀرجھلو ٿين ٿيون. صنم جي لکڻين ۾ خيال سنڌ جي ھر عورت جو خاموش فضا ۾ کٽل آواز کي پورو ڪري معاشري کي جنجھوڙڻ جو اثر سمويل ملي ٿو. اسان جي معاشري ۾ عورتن کي صرف ماس پٽڻ جي ملڪيت سمجھيو وڃي ٿو. جيڪا سراسر ناانصافي آهي ڇو ته عورت پنهنجي ھڪ مڪمل ۽ الڳ ڪائنات جوڙڻ جو ھنر رکي ٿي. مردن جي وجود کي جنم ڏيڻ کان وٺي تربيتن جي بيت جو رسالو به سندن جي ئي وجود مان پڙھن ڪاڻ ملي ٿو.
عورتن کي صرف ڪارو ڪري مارڻ جو مثال سنڌ ۾ ئي جھجي تعداد ۾ ملي ٿو ھن معاشري ۾ وڏي تعداد ۾ مرد ڪيترن ئي معاشقن ۾ محو ملندا پر ھنن جو ڏاڍ ۽ جبر جي جھنگ مان عورتن کي جانورن جيان شڪار ڪندي ملندا. عورت کي ڪمزوري جي قيچ جو بيڪار مسافر سمجهي سندن خوابن ۾ خلل وڌو وڃي ٿو. ڇا عورت صرف گھر جي چار ديواري تائين قيد ٿيل ھوندي؟ عورت ئي ھڪ انمول خزانو آهي جنهن جي چمڪ سان ئي ھڪ مڪمل انسان پنهنجي زندگي ۾ روشن ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.
صنم چانڊيو پنهنجي زندگي ۾ تڪليفن جي آوي مان پچي ڪري سنڌ جي حاضر حالتن کي پنهنجي دل ۾ جڳهه ڏئي ان جي سڌاري لاء ڳچي ۾ تعويز پاتو آهي پنهنجي معصوم ۽ خوبصورت عورتن جي سينڌ کي سرھو ڪرڻ لاءِ اڳي کان اڳڀري رھي ٿي خاص ڪري ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاء ھن پنهنجي لکڻين جھڙوڪ نظمن ۾ غمگين آلاپ ورجايا آهن اچو ته ان آلاپن جي اولڙي جي اوچائي جو منظر ڏسون.
جي ڪڇان ٿي تہ ڪاري ٿيندس،
۽ ريتن رسمن تي واري ويندس،
مان ڀوري اڇي ڪاري ناھيان!
ھن ڌرتيءَ جي مان ناري آھيان،
توڙي چپن کي سبي ھو ڇڏيو!
پر پوءِ بہ موت پئي لامارا ڏنا،
ھر گس ھر واٽ نھاري مون!
رب کان دعا گھرڻ لئہ دل ڏس ڏنو،
پر پوءِ بہ ڪو مسيحا نظر نہ آيو!
رت جا ڳوڙها روئندڙ جيجل ماءُ،
سڏي پنھنجي ھنج ۾ سمھاريو،
صورتون پڙھي پئي شوڪاريائين.
ھر ھر رب کي پئي پڪاريائين.
ستر ڀيرا مونکان وڌ توکي پياري،
منھنجي نياڻي ناھي ڪاري،
ھي جيڪو آھي ماري،
سوچ انھيءَ جي آھي ڪاري!
پرعزرائيل ڪنھنجي ڪانہ ٻڌي!
مون چيومانس ڏوھاري آھيان
پر مان ڪاري ناھيان،
پر پوءِ بہ ڪاريءَ جو داغ لڳائي،
ڌرتيءَ ماءُ کي ويو آڳ لڳائي!
مٿين نظم ۾ گھٽيل ۽ گھايل گھنگھور گھٽائن جي ديوي جو ذھن ۾ سمايل خوف جي خلوت جو رڃ پيل اڳڻ جو منظر اکين آڏو ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. اڄ تائين صرف عورتن سان ئي ڏاڍ مڙسي ڪئي وڃي ٿي. گوٺاڻي نظام ۾ وڏيرا شاھي ھلچل ھڪ يھودي ھنگامو ھجي ٿو جنهن جو وجود سچائي جي ثمر سان نبيرجي سگھجي ٿو. سنڌ سموري سڄي زندگي ڇا ائين سورن سان سرتاج رھندي؟ مان جڏھن کان شعور جي رستي تي نڪتل آھيان تڏهن کان عملي وک جو ولر ته ٺھيو پر اڃا وڌيڪ ڳالهين ۽ خالي نوٽيسن ۾ معاملن کي ننديو وڃي ٿو. جتي ڪيترا ئي معاملا رولڙي جو شڪار آهن. جن ۾ جبري زنا ھجي يا ننڍي عمر ۾ شادي جي ٻنڌجڻ ۾ باندي بڻايو وڃڻ جو معاملو ھجي يا بنيادي ضرورتن جو آڻ لڀ سر فھرست ملندو۔ تازو ئي بدين ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ کي پيدا ڪري سنڌ کي وڌيڪ معاملن ۾ ڌڪيو وڃي ٿو ۽ وري تعليم سان گڏ صحت جي ٻيڙي به ٻڏڻ جي مرحلي ۾ آهي. سنڌ جا سڀ معاملا صنم چانڊيو پنهنجي ڪالمن ۽ نظمن ۾ اوڇنگارون ڏئي معاشري جي مظلوم انسانن جا ڏک پنهنجي پلئي پاند ۾ پروڙيا آھن.
مان ڪير آهيان، مان ڇا آهيان ،سوال سٺو آ پر جواب جو محتاج ڪونهي!
گهر گهر وڃي مان عورتن ۽ حالاتن سان ملي آئي آهيان!
مان ڪير آهيان، مان ڇا آهيان، بس اهو ٻڌايان ٿي،
مان ڪجهه نه سٺو اها ئي آڳ آهيان،
پراڻين بوتلن ۾ نئون مان شراب آهيان،
عمر جي ڪجهه ننڍي آهيان،
پر ننڍي ٻار ناهيان مان،
ڏٺو آ مون رمشا ۽ زينب کي،
هاڻي گهڻي مان چڱي ناهيان،
مان ڪير آهيان،
مان اها ناهيان جيڪا ڏسو ٿا،
مان ذهنن تي ڦٽل آواز آهيان جو ٻڌو ٿا،
هتي اڄ ڪجهه مان چئي وجهان ته،
مونکي ڏوهه نه ڏجو،
مان ملڪ جو مان آهيان،
مان ڪشمير جي دلربا وادي ئي ناهيان،
مان ٿر جو ريگستان به آهيان،
مان اها ناهيان جيڪا پاڻ ۾ شرمنده آهيان،
مان کلندڙ ڪڏندڙ آزاد ڪو پکي آهيان،
هي سڀ مولوي، پنڊت ڪوڙ آهن، ڊوهه آهن،
هي مذهب سڀ مون ۾ ئي جذب ٿيڻا آهن،
پنهنجي خوابن جي مان اول اڏام آهيان،
مان ڪير آهيان،
مان پايل جو من موهيندڙ ساز ئي ناهيان،
مان انهن راتين جي رڙ آهيان،
جن جي هٿن ۾ پلي آهيان، جن جي نيڻن جو نئون خواب آهيان،
مان لٽن مان لڏندڙ جسم ئي ناهيان،
مان پنهنجي آرام جو لباس به آهيان،
مان پراڻي روايتن جي سانجهه ناهيان،
هڪ نئين نڪور سوچ جو آغاز آهيان،
مان سڀني ناجائز ارادن جو جائز پڙلاءُ آهيان،
مونکي محسوس ڪر ،مان هڪ جذبو ۽ جذبات آهيان،
صنم جي ھن نظم ۾ ملوڪ انداز ۾ معاشري سان ھمڪلام آهي” مان انهن راتين جي رڙ آھيان “ لفظن جي جوڙجڪ سھڻي ۽ سلوڻي انداز سان پنهنجي نظمن ۾ سرجي ٿي ڪمال جو خيال جيڪو جمود کي جھاد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ڇڏي ۽ ھن سٽ ته منهنجي من کي مروڙي موت جو واس ڏنو :
”مان سڀني ناجائز ارادن جو جائز پڙلاءُ آهيان،
مونکي محسوس ڪر، مان هڪ جذبو ۽ جذبات آهيان،“.
عورت ھڪ تعليم ۽ تربيت جي مڪمل درسگاھ آهي ۽ گڏوگڏ املھ انسان به، ھن ايڪويھين صدي ۾ جتي ٽيڪنالاجي جو اثر بي بھا ملي ٿو. اتي ان ڪڌي سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، ڪجھ ڀلو ڪرڻ لاءِ ڀلي سوچ کي خوش آمديد ڪرڻو پوندو ته جئين ايندڙ نسلن کي ساڳي ريت تحريڪن جي عمل کان بچڻو پوي نه ته ٻي صورت ۾ ساڳي ريت سڀ معاملا ڳچي جي ڳاٽ ۾ اوچا ڏسڻ کان ملندا.
صنم چانڊيو ادبي کيتر ۾ پنهنجو نالو سنھري لفظن سان لکڻ جي دڳ تي دلاوراڻي جوش سان ڪوشان آهي ۽ سندن سماجي ڪم به معاشري جي ڀلائي جي ڀئنور ۾ لاڀائتو ثابت ٿيندو. صنم پنهنجي نظمن ۾ اتاھ گھرائي رکي ٿي جنهن جو اثر ايندڙ نسل کي بنيادي وک کڻڻ ۾ مدد ڏيندا ڌڻي در دعا آهي ته سدا سنڌ سان عشق ۽ ماروئڙن جا ڏک پنهنجي دل ۾ سانڍي انهن کي لفظن جو گيڙو ويس پارائڻ جي منزل جي ساڀيان ماڻي. مالڪ سائين آباد ۽ شاد ڪري.