روح جي رڻ تي رم جھم گلبدن جاويد مرزا
بي رنگ رکندڙ مَست، الَست، منَچلي ڪائنات جو قَوي عڪس ھر رنگ ۾ پنهنجي ڍنگ سان مَحوِ نظر ايندو اٿم. رنگن کان پاڪ رَحيم ھن وسيع ميلي ۾ مختلف رنگن جي مئخاني ۾ مست نظر اچي ٿو. روح , رنگ کان پاڪ رت جي ڳاڙهاڻ ۾ ڳتُيل ۽ سُتيل سپنن جي سانجھ ۾ سپرين آهي. روح وسيع ۽ ڍڳ ڪائنات جي مندر کي ڇڏي انساني قيد ۾ رھڻ پسند ڪيو پر جڏھن مِي رقَصم جي رِم جِھم جو واس لڳس ته من اندر ئي ڪائنات وسائي ويٺو. عقابي اڏام رکندڙ روح اڄ به صدمن، اڌمن، جي فُر فُر روح جي رڻ تي پون ٿيون ته روح جو رڻ ٻھڪي پوي ٿو. اھي صدما شعرن جي چڙنگ مان لاٽ ٻاري پنهنجي من کي مچائيندي اٿم. شاعري لفظن جي ماڻڪ موتين جي مالا بڻجي جسم ۾ روح کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي.
اھا شاعري قاضي قادن جي دور کان وٺي ڪري اڄ جي دور جي ڀرڀانڪ ۽ ڀلوڙ شاعره گلبدن مرزا ادبي اوسر ۾ اتم درجي تي فائز آهي. سائنڻ گلبدن مرزا سفيد ۽ سچا موتي اوتڻ جو مھان فن رکي ٿي. شاعري جي ڇِم ڇِم سان روح کي ڇنِڪار ڪري ڇڏيندي اٿم اھا ڇنِڪار مان اسرندڙ سرھاڻ ساھ کي سرويچ بڻائيندي اٿم. ساھ جو سرويچپڻو ڪومايل گلاب جي اسرڻ جي ياد ۾ گم ٿي ڪري قوي ان ياد کي اھڙي ريت ساري ٿو.
ھن ڌرتي جي ھڪ حصي ۾
ھن ديس جي ھڪڙي خطي ۾
ھڪ منهنجو مٺو ڳوٺ به ھو
جنهن کي ٽالھين سندو ڪوٽ ھيو
ھن ڳوٺ ۾ گھر ھيو
جو فڪر و فن جو محور ھيو
منهنجي گهر ۾ گھاٽو وڻ ھيو
ھڪ مال جو وڏو ڌڻ ھيو
ھت سائي سائي ٻني ھئي
ڄڻ ست رنگي ڪا چُني ھئي
ھت سُڳداسي سُرھاڻ ھئي
۽ ڏيلھن جي لالاڻ ھئي
ھت ٽِرندا کيت گُلاب ھئا.
ھن چند سٽن ۾ پوري ياد جو نقشو شفاف چٽيل نظر اچي ٿو ياد ۾ جيون جو فلسفو لڪيل آهي اھي موھيندڙ يادو سائنڻ جي ھن نظم ۾ سُڳداسي سرھاڻ جي سرڪ چکڻ لاء ملي ٿي قديم دور جي اوائلي ادب کان وٺي ڪري جديد ادب ۾ ھن وقت تائين نظمن جو اسرڻ ھڪ معنىٰ خيز مرحلو آهي. گلبدن جاويد جي ھن نظم "ڳوٺ جي ياد" ۾ چوڏس جا رنگ ته ڪٿي وري ڏيلھن جي لالاڻ جو ذڪر ڪري اندر ۾ ھلچل مچائي ڇڏي اٿم انگريزن جي دور ۾ شيڪسپئر ۽ ٽالسٽاءِ جي نظمن جي پس منظر جو ذڪر ڪجي ته اھا پختگي ۽ معيار جيجل جي نظمن ۾ پسي سگهجي ٿي.
گلبدن جي شاعري جي سڀن صنفن تي گھري فلسفي سان گڏ سھڻا غزل، بيت، وايون، نثري ٽڪرا جن ۾ چوسٽا ٽيرو ۽ نظم سرجيا آهن. جن جي پڙهڻ سان من اندر مانڊاڻ مچيو وڃي ـ پاڻ اچو ته ھڪ نظر غزل جي گھنگھور گھٽائن تي وجھون.
اڀ تان ستارا آڻي رستا سجائي ڇڏجن
ھڪوار پرين جي مھمان ٿي پوي.
ھن شعر جو مڪمل ڍانچو سنڌي ادب جي شروعات ۾ رزميا شاعري جو عڪس پسي سگهجي ٿو " ھڪوار " لفظ اوتي ھن سٽن ۾ آئيندي جي ادبي اولري جو پاڇو ماضي جي ياد سان ٺھڪي ٿو. سسئي جو پنهنجي پرين ۾ نڪتل ڳولا به ان ئي ياد ۽ ان ھڪوار جو ئي تسلسل آهي. جنهن جو پنڌ رستي ۾ ئي کٽي پوي ٿو جيجل گلبدن مرزا جي ٻين سٽن کي ڏسون.
واري ڇڏيان مان ھن تان پنهنجي زندگاني
جي ھڪ نگاھ ھن جي مھربان ٿي پوي.
جيجل طبعيتن نھايت ئي فقير منش ۽ نرم مزاج جي مالڪ آهي ساڳي ريت ھن غزل جي سٽن ۾ خيال جي اوسر ۾ ئي وفا جي واس سان خَم نظر اچن ٿيون خيالن جي سندرتا ۾ گلبدن جي اوتيل ھر صنف منفرد نظر ايندي آهي. جيڪڏهن ٽي سٽا/ ٽيڙو تي نظر وجھون ته اھي بي باڪ ۽ بلندي تي سمايل نظر ايندا.
بس ھڪڙي نھار ڏي
تو تائين پھچان
اھڙي اڏار ڏي
يا وري
جي وٺجن ڪجهه پل
ملڻ جي بھاني
پريت جا ٽڙن گل.
لفظ لفظ ماڻڪ موتي جو مرتبو رکن ٿا جيجل جي ٽي سٽي ۾ پريت جي گل ٽڙڻ جي مانڍاڻ جو مچ ٻاري ھڪ تاريخ رقم ڪئي آهي. جتي ٽيڙو جي نزاڪت لفظ لفظ سان گڏ پنهنجي نشيب و فراز پڙھندڙن جي ذوق جي اکين تي منڪشف ٿيو وڃي ملڻ جي بھاني وقت جي ڀنڀور ۾ ڪجهه ساعتن جو گذارڻ کان پوءِ يادن جو مقبرو ٺھيو وڃي. مٿين ٽيڙو ۾ ڪيف ۽ سرور، مستي ۽ شعور، رنگ ۽ رعنائي، حسن ۽ زيب نادر و شاھڪار ٽيڙو اوتيل آهي.
جيجل گلبدن جي شاعري ۾ انيڪ روپ ملن ٿا اھي سندر روپ ھن ادبي سفر ۾ پنهنجي منزل ماڻي چڪا آهن گلبدن جي شاعري جديد دور سان گڏ قديم دور جي بخيتي ويس جي کٿي اوڍيل آھي. لفظن جي مالا کي اھڙي نموني ڳُتي ۽ سُتي محور ۾ منظم ڪري پيش ڪيو اٿم جو سريلي ساس جو سڀائتو سپرين سندن سونهن ۾ جڙيل نظر ٿو اچي ھن ڄندا پٽ واري ماحول ۾ عورتن جو فن ۽ فڪر ھڪ مڪمل درسگاه جو ڏيک ڏئي ٿي جتي عورتن کي صرف چار ديواري ۾ بند ڪري کين بورچي خاني سنڀالڻ جي ڪمن سان وابسطا ھيون اتي ھن ظالم سماج ۾ گلبدن جھڙيون کوڙ ساتريون عورتون پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ مگن نظر ٿيون اچن جيجل شاعره ۽ ليکڪا سان گڏ سرتيون ميگزين ۾ ايڊيٽر طور ادبي ڪمن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مصروف آهن.
ھن نظام ۾ عورتن جي مٿان طعنا ٺٺوليون جا تير تار ڪرڻ باوجود به گلبدن مرزا ڪيترن ئي عورتن جي فن کي سرتيون ميگزين ۾ تعارفي مان بخشيو آهي. گلبدن جاويد مرزا جو وجود ويساھ جو انمول نگينو آهي. ويساھ گھاتن سان نفرت ڪندڙ ھن سچي ۽ خوبصورت شاعرا عشق جي چاشني جو مزو ھن ريت پسيو آهي.
نه ڳولھ مون کي شرابخانن
مئخانن ۾
نه ڳولھ مون کي صراحين
لبريز پيمانن ۾
جي محسوس ڪرين سگهين
ته پنهنجي ساھن جي سرھاڻ ۾
ڪر محسوس مون کي
جي ڳولھي سگهين ته پنهنجي
نيڻن جي ڍنڍن ۾ ڳولھ مون کي
ڇو ته شرابخانا ڇڏي
صراحيون لبريز پيمانا ٽوڙي
سمائجي ويو آھيان
تنهنجي چاھ ۾
تنهنجي ساھ ۾
۽ ويساھ ۾
مان تون ۾ ئي آھيان
تون ويساھ رک.
پوري نظم ۾ ويساھ سان عشق ۽ ويساھ سان وچن جو الڳ باب ملي ٿو مڪمل وجود جي ڳولا من اندر موجن جي طلاطم خيز اڌمن ۾ رنگيل روپ ۾ رڙي ٿي. نيڻن جي ڍنڍن لفظن جو ميلاپ ۽ وسيع خيال جو سرجڻ جي منفرد مھارت سان ملھاريل آهي سوين سچ، سور پلئه پاند پوڻ کان پوءِ به پنهنجي اندر ۾ ڳولڻ جي ويساھ جي وائي ڳاتي اٿم ھن نظم ۾ ساھ سان ويساھ جو سڀيتا اھڃاڻ ملي ٿو. گلبدن جي شاعري جو رقص ايندڙ نسل جي دلين ۾ مستو مست جي پر پياري چڪي آهي. ادبي کيتر ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي جيجل جي محنتن ۽ ڪاوشن جو ڪاٿو ڪون ٿو لڳائي سگهجي.
جيجل سان منهنجو ناتو ڪجهه عرصي کان سوشل ميڊيا جي ڪري ٿيو پر اھو ناتو ھڪ فيملي ميمبر کان گھٽ ڪونھي جنهن جو بنياد شاھ مراد شيرازي جي ھن دعائيا فقري سان لڳائي سگهجي ٿو.
"او ڀاتي، ڏيئي وڏي ڄمارا . "
(اي گھر جا ڀاتي ! الله تو کي وڏي ڄمار ڏي) .