گڏيل قومن جي اداري جي ڪارڪردگي
جنگ جي تباھين کان ڪير واقف ناھي، ٻي مھاڀاري جنگ (1939-45)جي وچ واري عرصي ۾ وڙھي وئي هئي، انھي جنگ جي لنڱ ڪانڊاريندڙ نتيجن کي ڏسندي ئي آمريڪا، برطانيا روس، فرانس ۽ ٻين ڪيترن ملڪن آئينده جنگ نه ڪرڻ ۽ امن قائم رکڻ لاءِ صلاحون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون، انھن ڳالھين ٻولھين جو نتيجو اھو نڪتو جو اتفاق راءِ سان 24 آڪٽوبر 1945ع تي گڏيل قومن جي نالي سان ھڪ عالمي ادارو قائم ٿيو اھو ادارو يونائيٽيڊ نيشنس يو، اين (United Nations U-N )جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ جو مقصد ئي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي ھن اداري عالمي انسانيت کي ھڪ اھڙو پليٽ فارم مھيا ڪيو جنهن جي وسيلي ھر ننڍو وڏو، امير غريب ،ترقي يافتہ ۽ ترقي پذير ملڪ بين الاقوامي مسئلن تي آزاد ماحول ۾ برابري جي بنياد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگھن ٿا ۽ پنهنجي موقف جو اظھار پڻ ڪري سگھن ٿا. ان ۾ مادي وسيلن ۽ فوجي طاقت جي ڪا حيثيت ناھي، جڏھن سڄي دنيا جي حالتن جي پس منظر ۾ اسان گڏيل قومن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺون ٿا ته ان جي ڪردار ۾ ھڪ واضع فرق نظر اچي ٿو ھڪ طرف ته گڏيل قومون غير مسلم ملڪن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ انهن جي استحڪام لاءِ ڏاڍي فعال نظر اچي ٿي پر ٻي طرف مسلم ملڪن جا مسئلا حل ۾ مخلص نظر نه ٿي اچي. جيڪڏھن معاملو روانڊا جھڙي ننڍڙي ملڪ ۾ گھرو ويڙھ جو آهي ته اتي گڏيل قومون بنا ڪنهن دير جي امن فوج موڪلي ڇڏي ٿي پر ڪشمير جي مسلمانن جي قتل عام تي نٽائڻ کان ڪم ورتو پيو وڃي. ان طرح اسرائيل اٽڪل 40 سالن تائين پنهنجي پاڙيسري مسلم ملڪن شام، مصر ،اردن ۽ فلسطين جي علائقي تي خود قبضو ڪري رکيو آهي. ھن مھل تائين گڏيل قومن ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي. ھوڏانھن عراق ڪويت جي سرزمين تي قدم رکيو ته ان جي خلاف ترت فوجي ڪاروائي عمل ۾ آندي وئي. فقط اھو ئي نه پر قبرص جي مسلمانن ۽ افغانستان جي سلسلي ۾ گڏيل قومن جي عملي ڪاروائي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ اسان سڀن جي سامھون آهي.
بوسنيا ھرزيگووينا ان سلسلي جا سڀ کان اھم مثال آهن اھو ملڪ يورپ جي دل ۾ واقع آهي رڳو مسلمان اڪثريت جي ڪري گڏيل قومن جي جوڳي ڌيان کان وانجھيل ھو ان ملڪ جي مسلمانن کي وڏي پيماني تي قتل ڪيو ويو انھن جي علائقن تي قبضا ڪيا ويا لڄالٽ ڦرمار ۽ ھر قسم جا ظلم ڪيا ويا. ان جي باوجود گڏيل قومن ڪابه فوجي ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه ھيون. ان کي ڏسندي مسلمانن جي باري ۾ گڏيل قومن جي ڪردار جي باري ۾ ڪابه راءِ پيش ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي اچي. اھا ڳالهه چٽي ۽ واضع آهي ته گڏيل قومن جي اداري جو مقصد مسلمان قومن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته ھن وقت مجموعي طور تي مڪمل طاقت غير مسلمانن جي ھٿن ۾ آهي ۽ ھو ان جو غلط فائدو وٺڻ لاء اتاولا آهن. ائين لڳي ٿو ته مغرب ۾ اسلام جي وڌندڙ لاڙن ۽ تازو ئي آزاد ٿيندڙ مسلم رياستن کي يورپ ۽ مغرب جي غير مسلم ملڪن خاص ڪري آمريڪا ۽ برطانيه کلي دل سان قبول نه ڪيو آهي انهن مسلمانن جي وڌندڙ طاقت کي ختم ڪرڻ لاء گڏيل قومن کي مسلم دنيا جي معاملن ۾ بي وس بڻائي ڇڏيو آهي .
پاڪستان ۽ ھندستان کي1947ع ۾ برطانوي سرڪار کان آزادي ملي ڪشمير ۾ گھڻائي مسلمانن جي هئي پر اتان جو راجا ڊوگرا ھو. ھندو راجا ڀارت ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته ڪشميري عوام انھي فيصلي خلاف اٿي کڙو ٿيو. سوا سال تائين جنگ جاري رھي گڏيل قومن جي اداري 1949ع ۾ جنگ بندي ڪرائي ۽ پنهنجي فوج اتي موڪلي ته جئين جنگ بندي قائم رھي سگھي. گڏيل قومن جي اداري فيصلو ڏنو ته ڪشميري عوام پنهنجي راءِ ڏين ته اھي ڀارت سان شامل ٿيڻ گھرن ٿا يا پاڪستان سان گڏجڻ گھرن ٿا. پاڪستان انھي فيصلي کي خوشي سان قبوليو پر ڀارت جي ھوڏ سبب ڪشميري مسلمانن کي اڃا تائين اھو موقعو نه ڏنو ويو آهي. تازو ئي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ڪشمير جي جنت جھڙي وادي کي وھ جو واس ڏئي اتان جي رنگين ۽ روشن سسٽم کي ڪرفيو جي روپ ۾ قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي اداري جي مول ۽ متن ۾ اھا ڳالهه واضع آهي ته دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ اولين ترجيح آهي پر ھن معاملي تي خاموش ھجڻ جو پڪو ثبوت آهي ته ھي مسلم قوم جي ڀلائي لاء ماٺ ھجڻ ڳالهه سمجھ کان ٻاھر آهي. جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي خون جون نديون وھي چڪيون آهن. ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ مسلسل ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي پر امن جلوس ۽ جلسن کي روڪڻ لاء آسون گيس ۽ گولين جو استعمال عام آهي. موجوده تحريڪ سان گڏ گذريل تحريڪن ۾ اٽڪل ھزار کان مٿي شھيد ٿي چڪا آهن. پنج ھزار جي لڳ ڀڳ زخمي آهن ۽ اٽڪل 200 جي لڳ ڀڳ عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي. ڪشمير جا مسلمان انھي ڏينهن جي اوسيڙي ۾ آهن جنهن ڏينهن اھي پنهنجي مرضي موجب آزاد حڪومت قائم ڪندا. مسلمان هئڻ جي ناتي پاڪستان کي ڪشميري عوام سان ھمدردي آهي ۽ انهن جي سياسي اخلاقي ۽ سفارتي سطح تي ھر قسم جي مدد ڪري رھيو آهي.