ٻاٽ مان لاٽ ٻاريندڙ شاعره خالده سحر
شاعري جي گُوناگون سمنڊ جون ڇُوليون مَن جي مَڌھم ماڳ کي مَست ڪن ٿيون. شاعري روح جي رمز کي سڃاڻي ٿي. تڏهن ئي ته شاعر/ شاعره مان نڪرندڙ ازلي خيال پاڻ سان گڏ روح جي غذا آڻي ان روڄ ۽ رمل جي اٿل پٿل ۽ ٻرندڙ جوالا مکي جي مٿان جڏهن پوي ٿي ته من مخمور ٿي پوي ٿو. شاعري جي گُوناگون سمنڊ جي ڇولين مان محسوس ٿيندڙ ھڳاءُ جو ھٺيلو عڪس لاڙڪاڻي جي ڀلوڙ ۽ نڪور شاعري اوتيندڙ وڪيل خالده سحر جي دل تي به ڇاپ ڇڏي آهي. خالده سنڌ جي اترانھين پٽي ۾ واقع لاڙڪاڻي شھر سان تعلق رکڻ جو ٻيو سبب اھو به آهي ته ڇھ ھزار سالن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين موھن جي وادي جو واس ۽ سندرتا به من ۾ خم پيل نظري ٿي.
خالده سحر سونھن جي سھڻي، ستابي نوجوان شاعره لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي پيءُ شير علي سومري جي گھر ۾ اک کولي، پنهنجي بنيادي ۽ ھائير سيڪنڊري تعليم مقامي اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ ان سان گڏ وڪالت جي سنَد لاڙڪاڻي جي لاڪاليج مان ماڻي ورتي۔ خيرپور يونيورسٽي مان ايم اي جي سند پڻ حاصل ڪئي. اڄ جي دجالي دور ۾ جتي ناانصافيون ته ھر صبح جو ڪاريھر جي روپ ۾ وڏي سانت سان ڏنگين ٿيون جو اھو ڏينهن خالي ڪونهي جا غريبن سان ڌاڍ مڙسي جي زور تي سندن احساسن کي مروڙيو وڃي ٿو.
وڪالت سان خالده جو پيچ لڳڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته روز روز جي واقعن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ به خالده جي احساسن کي سرمست ڪري شاعري ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري ڇڏي. عورتن جو ھر فيلڊ ۾ اڳتي اڀرڻ سنڌ جو مستقبل سنوارڻ جي خوبصورت نويد ڏئي ٿو. خالده به انهن بي باڪ عورتن جيان مختلف اين جو اوز ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ خدمت ڪري چڪي آهي. جن ۾ پرڀات وومين ڊولپمينٽ سوسائٽي، اين ڊي ايس، ايڪٽيڊ آڪسفيم، او پي ايم، ايڇ آر ڊي ايس ۽ آءِ سيپ وغيره شامل آهن. گذريل زماني ۾ عورتن کي صرف گھر جي بورچيخاني تائين محدود رکيو ويندو ھو ۽ عورت گھر ۾ ٻارن جي تربيت ڪرڻ ۽ گھر جي ماحول کي صاف سٿرو ڪرڻ ۾ مھارت رکي ٿي ۽ اھا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جڏھن مردن جي معاشري ۾ ڪنهن به محڪمي ۾ ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ مختلف جوھر ڏيکاري ان جي سونهن ۽ سينگار کي پڻ سندرتا بخشي ڇڏين ٿيون.
خالده ھن وقت لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ وڪالت جي خدمت سرانجام ڏئي رھي آهي. خالده پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪامياب عورتن جي سرفھرست رھي آهي ۽ ان سان گڏ شاعري جي شاخ جو شاھڪار اولرو پڻ. پنهنجي احساسن کي قلمبند پنهنجي 2009 ۾ شايع ٿيل ڪتاب ” آجپو گھرجي “ ۾ ڪيو آهي. خالده جي ھن ڪتاب ۾ اھڙا ته منفرد خيال اوتيل ملن ٿا جيڪي واقعي آجپي لاءِ اڻ تڻ ۾ آهن. آزاد خيالن ۽ زندگي ۾ رھڻ واري ھن شاعره وٽ سنڌ کي سونهن سان سلھاڙيل فن ۽ فڪر آهي. جنهن نوجوان نسلن جي بھتري جي ذميداري جو سانگو سر سان لائي ڇڏيو آهي. خالده سھڻي سرجڻھار ته آهي ئي پر ان سان گڏ ھڪ ٻاجھاري طبعيت جي مالڪ پڻ آهي. من ملوڪيت ۽ مُشڪ امبر سان مھڪيل اٿس. گھنگھور غمن ۽ سڪ جي ساگر سان اندر جرڪيل اٿس. شاعري ۾ سونهن جو سڀيتا اھڃاڻ ملي ٿو. غمن جي غار ۾ غم ٿيل گھوگھٽ ٻڌي سگھجي ٿو، اچو ته دانهن کي دل جي دروازي مان گذاري روح کي جاڳايون ۽ ان دانهن کي سريلي ساز جي سڪ سان ورنايون.
گيت کي مِليو نئون آ ساز ٻيهر
نازُ پنهنجو، شوخ سو انداز ٻيهر
قيد مان دل جو پکي آزاد ٿي اڄ
ٿو ڪري آڪاش ۾ پرواز ٻيهر
ها بنا پازيب جي ئي مون ٻڌو آ
پير مان ڇم ڇم سندو آواز ٻيهر
راز شايد سڀ عيان ڪرڻا اٿس جو
دل گهري ٿي ڪو نئون همراز ٻيهر
ظلمتن جي رات ڪاري گڏ کٽايون
اٿ امن جو ٿا ڪيون آغاز ٻيهر
مٿين سٽن ۾ نماڻان راز به پاڻ کي ڳولھن ٿا ته ڪٿ وري ظلمتن جي ڪاري رات جو آغاز ٿو ٿئي. سموري غزل ۾ خيالن جي منفرد عڪس بندي ڪرڻ مان پتو ٿو پوي ته شاعره وٽ معاشري ۾ ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجهه سيني ۾ سانڍيل آهي. خالده جي غزل جي ھن سٽ ”قيد مان دل جو پکي آزاد ٿي ٿو ڪري آڪاش ۾ پرواز ٻيھر“ مون کي ننڊ مان جاڳ ڏني آهي. دل ڪيترن ئي مورتن سان مھڪيل ملندي. ڪٿي دل آزاد ته ڪٿي قيد، دل ازلي ته جسم جي پڃري ۾ قيد ئي آهي پر خيالن جي اڻ تڻ ان کي آزاد اڌما/ سپنا/ ڏنا آهن يا وري ھي ڏسو” ھا بنا پازيب جي ئي مون ٻڌو آ پير مان ڇم ڇم جو آواز ٻيھر “ ڪيڏو نه گھرائي جي زخم سان گھايل خيال اٿس. جيڪو سوچن جي سرچشمي سان سرٻاٽ ڪندو ٿو وتي. يقينن پختي دل رکندڙ شاعره پنهنجي پختي خيالن سان به ادب ۾ پختي بيھڪ جي ڀت بيھاري ڇڏي آهي. خالده پنهنجي فن ۽ فڪر جي زيور سان مڪمل آراستا آهي. ھن پنهنجي فن سان اڙانگو عشق ڪيو آهي. جيڪو خواب جي پايا تڪميل تي پھچائڻ لاءِ بي وس بڻيل آهي.
هاءِ اوڙڪُ ! سوا تام سڀ خواب هن
خاص چِيدَه ڪٿي عام سڀ خواب هن
تيج تعبير جو پوءِ پسبو رڌل
هاڻ تعميل ۾ ٺام سڀ خواب هن
ٿي نه ڀر ڀر الا سي ته وکري وڃن
آرسي نيڻ ۾ خام سڀ خواب هن
اڳڀرو ٿي ڇڏي نيٺ هرڪو ويو
مارڳي ساڻ هر گام سڀ خواب هن
تون نه بيدار تِن کي وري ڪر سحر
مس ته ٿڪجي سُتا شام سڀ خواب هن
ڪيتري نه پياسي دانهن آهي ” ھاءِ اوڙڪ“ ! ھڪ اڌوري خواب جو آخري پل جڏهن ته خواب اڃا پنڌ ۾ ئي آهي ۽ ان جي آخري پل جي ڀاونا مان پھريان پار ٿيڻ ايترو سولو ڪين آهي. سموري غزل ۾ ھن نوجوان ۽ خوبصورت شاعره نڪور منظر بيان ڪيو آهي. ھڪ منجمند منظر جنهن جي بيساکي ڀڀوت بڻيل آهي. جنهن وٽ نج سپنا آهن ۽ جيڪر اھي سپنا ساڀيان ماڻين ته ماڳ معطر ٿي پوي. ماڳ مور ٿي دل جي ويران رڻ تي خوشي ۾ نچي/ ڪُڏي ساھ جو انت آڻي ڇڏي. مورڻي جھڙي شاعره من ۾ معاشري جي ڀلئي، پيار ۽ محبت جو ٻور ٻکي ويٺي آهي. جا مھل اچڻ جي انتظار ۾ آهي ته جلد ئي پيار جا پکي ديس ۾ ويڳاڻن ٿيڻ کان بچي پون اھي پيار جو پوپريون پر ھڻندي ڪڏهن گم نه ٿين.
ڀَرِپاسي
غوغاءُ جو گِردباد!
جنهن جي،
گردش جي،
ور چڙهي،
مون منجهه رهندڙ،
سُخُن رَسُ ڇوڪري،
سانت نگر ۾،
گم ٿي وئي ....!
مالڪ ٻاجھاري کان دعا آهي ته خالده جھڙي پاڪ ۽ پوتر سوچن جي سلڇڻي شاعره جنهن جو اندر ان پيغام سان پروڙ رکي ٿو ته پنهنجي نياڻين کي تعليمي زيور سان آراسته ڪيو ۽ پنهنجي پٽن جيان انهن کي معاشري ۾ برابري جا حقوق ڏيو.شال اھي سندر سپنا ساڀيان ٿي معاشري جي اک ۾ خوبصورتي جو ڪجل بڻجن ۽ ان دعا سان گڏ مالڪ قربدار ھن شاعره جي قلم ۽ خيال ۾ اونھائي جو عڪس چٽي جنهن سان ادب جي کيتر ۾ اڃا به اسرڻ جي عمل ۾ سگھارو مواد شامل ٿي سگھي.