تُنهنجي ياد جي گُھلندڙ ھيِر
دنيا ۾ رھندڙ ماڻھو ڪنهن نه ڪنهن عشق ۾ محو رھي ٿو ڪي ماڻھو پاڻ ۾ محبت جو مچ ٻاري عشق کي آتش مان گذرندي ڏسندا آهن، ڪي ماڻھو نفرتن جي ناسور کي جنم ڏيندا آهن، ڪي ماڻھو چاھ جي چسڪين جو مزو وٺندا آهن، ڪي ماڻھو راھ جا رھبر ٿي امر ٿي ويندا آهن، ڪي ماڻھو روح کي رڃ مان آزاد ڪرائيندا آهن، ڪي ماڻھو ساھ کي سوگھو ڪري من جي ماڳ کي معطر ڪندا آهن، ڪي ماڻھو ماڻھن جي خدمت ڪري کاھوڙي ڪردار ادا ڪندا آهن، ته ڪي وري دنيا سموري کي دل ۾ رکي خود عشق بڻجي، ازل جي پاڪيزگي جو ڪلمو پڙھي سموري ڪائنات کي پنهنجي ڪردار /اخلاق/ نرم مزاجيت سان ماڻھن جون دليون فتح ڪندا آهن.
انهن فاتح ڪردارن مان معتبر مزاج رکندڙ، املھ موتي، ناپيد/ ناياب ھيرو محترم عطا راڄڙ به ھڪ ھو، عطا راڄڙ سنڌ جي مختلف ميڊيا ادارن سان منسلق ھو، جتي ھن ھر ويل آھ زاري ۽ واويلا ڪندڙ مجبور عوام جو آواز اٿاريو. ان جي اندر ۾ دکندڙ درد ھن کي ھڪ گھڙي به سک سان ويھڻ نه ڏنو. ھُن مسلسل حق ۽ سچ جي راھ تي ھلندو رھيو، مھڪندو رھيو، چھڪندو رھيو. عطا راڄڙ ان خوش قسمت انسانن مان ھو جنهن جي وڇوڙي جو واءُ سنڌ جي ھر رنگ کي لڳو/ انگ کي لڳو/ راھ کي لڳو / آھ کي لڳو / ساھ کي لڳو /چاھ کي لڳو/ روپ کي لڳو /عڪس کي لڳو / رقص کي لڳو / گُل کي لڳو / باغ کي لڳو /ذري کي لڳو / اميد کي لڳو / آس کي لڳو / امنگ کي لڳو / ديس کي لڳو /ڊھنگ کي لڳو ۽ ھر ويس کي لڳو. عطا راڄڙ سنڌ جو اھو بي باڪ ۽ بھادر صحافي ھو جنهن ھر وقت ظالم جي ظلم کي ۽ زنگ لڳل سوچن کي پنهنجي سچ جي سونهن سان سنواريو. ھر ظلم کي وائکو ڪيو. بنا ڪنهن رات ۽ ڏينهن ھن مسلسل جفاڪشن ۽ محنتن جي ماڳ ۾ محو رھيو، مست رھيو، چُست رھيو اَست رھيو اَلست رھيو ۽ ھر مسڪين /غريب ۽ سندھ جي ھر معاملي جو بي انت نڪرندڙ قالو بلا جي آواز کي الست چئي ان ڀلائي واري ڪم جو ڀرجھلو ٿيو/ راھگير ٿيو. عطا راڄڙ سنڌ جي سونھن ھو، ھر انسان جي دل جي ڌڙڪن ھو. عطا راڄڙ اڄ به ياد جي گھلندڙ ھوا ۾ ڪو به ڪو آهي، رو به رو آهي، دو به دو آهي، ھو به ھو آهي، مو به مو آهي ۽ فطرت جي ھر ذري ۾ رسي چڪو آهي، رچي چڪو آهي، ملي چڪو آهي. عطا راڄڙ شاھ سچل، سامي، بيڪس ۽ بيدل جو عڪس بڻجي چڪو آهي. عطا راڄڙ ھر دلگير ماءُ جو پٽ ۽ جان/ جند ٿي چڪو آهي، رند ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ ھر ظلم ۽ انيائن تي عُقابي اک رکي ان معاملي ۽ ان ۾ جڪڙيل وجودن جي پرگھور لھندو ھو. اڄ ان جي موجودگي ان جي پياري ڀاءُ ڪليم راڄڙ جي روپ ۾ سنڌ جي ھر اوکي ۽ سوکي ويل جو رھنما بڻيل ھوندو آهي. ھر نوجوان کي اتساھ سان گڏ ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو آهي. عطا راڄڙ پنهنجي زندگي ۾ سج جيان روشن رھيو جنهن جي روشني مان ڪيترن ماڻھن فائدو حاصل ڪيو. اڄ به سنڌ جي ھر ماڻھو جي زبان تي ان جي رحمدلي/ سخاوت ۽ سچائي جو ورد جاري آهي. عطا راڄڙ جو اسان کان ايترو جلدي الوداع ڪرڻ خليل جبران جي ھن سرمست خيال سان جا ملي ٿو.
”ائين ڄڻ ڪو روح عڪس ھجي، جيڪو واھڙ جي چمڪندڙ پاڻيء تي ٺھندو ھجي،
۽ جڏهن به واھڙ جو پاڻي ميرو ٿي وڃي، ته ان تي ٺھندڙ عڪس به گم ٿيو وڃي.“
جبران خليل جبران
يقينن جڏهن دنيا ۾ ماڻھن جي دلين ۾ ميراڻ ۽ سوچن کي زنگ لڳي وڃي ٿو ته اتي صاف ۽ شفاف عڪس به اولڙي جي نظر ٿي ويندا آهن. ڪيڏو نه سھڻو بيان ڪيو آهي خليل جبران ته ان پاڪ روح کي جيڪو ناپاڪي ۾ رھڻ ناپسند ٿو ڪري. پروردگار عطا راڄڙ جي وجود کي ھن زنگ لڳل دنيا ۾ ائين اوجھل ڪري ڇڏيو جو اڄ صاف آئيني جي دل رکندڙ ماڻھن جي دلين ۾ يادن جي عڪس سان زنده و جاويد آهي ۽ خدا جي ان سان ايتري محبت ھئي جو ھن کي ھڪ خاص خوشي عطا ڪئي جيڪا ھر مومن کي ملندي آهي.
موت عظيم ترين خوشي آهي، جيڪا مومن کي نصيب ٿيندي آهي .
(حضرت امام حسنؑ )
ھن دنيا جي ازل کان وٺي اھا رسم رھي آهي جيڪو وجود به جنم وٺي ٿو اصل ۾ اھو واپس وڃڻ لاءِ اچي ٿو بس زنده اھو رھجي ويندو آهي جنهن ماڻھن جي خدمت جو انوکو مزو ورتو ھوندو. عطا راڄڙ به مصري شاھ چواڻي موجب سھڻي نموني عمل ڪري ماڻھن جي دلين ۾ ھميشه جي لاءِ زنده ۽ امر ٿي ويو آهي. صوفي مصري شاهه چواڻي موجب ته : جز مان ڪل ۾ اھو داخل ٿيندو آهي جيڪو ٻين لاءِ جيئندو آهي.
عطا راڄڙ زندگي جي تيز ھندڙ وھڪري ۾ ھر وک وک تي انسانن لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو رھندو ھو. سنڌ جا انيڪ بنيادي معاملا سندس زير بحث رھندا ھا. ھر فورم تي سنڌ جي ڳالهه ڪئي، ھر چوڪ ۽ چوراھي تي غريب ھارين ۽ مجبور انسان پڪار کي ورنائيندو ھو. ھو ھن ڌرتي تي انسان جي روپ ۾ انسانيت جو معراج ھو، سرتاج ھو، سرويچ ھو، سرواڻ ھو، آلاپ ھو، انداز ھو، ڪلياڻ ھو، قيچ ھو ۽ ھر درديلي دل جو ويڄ ھو. عطا راڄڙ ھن پٿر دلين جي ديس ۾ عشق جو ديپ جلايو ھو.
پٿر دلين جي ديس ۾
جلايو ديپ تو عشق جو
عطا راڄڙ جي وجود ۾ وڏائي جو مون ڪڏهن به ذري برابر عنصر ڪونه ڏٺو. سچو ۽ کرو انسان خاموش ۽ ميٺاج جي رچ رس سان سندس وجود ھو اتم ۽ اعليٰ سوچن سان سلھاڙيل ھو. تڏهن ته شيخ اياز چيو ھو.
يا رب!
مون کي دارا ۽ سڪندر جي قد و قامت نه گهرجي، مون کي حافظ جو ترنم ۽ خيام جي سرمستي عطا ڪر، مون کي شمس تبريز ۽ روميءَ واري حيرت ڏي ۽ ان ۾ قلندري شان پيدا ڪر، مان پاڻ سان حقارت به نه ڪيان ۽ پاڻ کي حقير به نه سمجهان.
(شيخ اياز)
عطا راڄڙ جي مالڪ حقيقي سان ملاقات ۾ ھن يقينن خدا جو شڪر ادا ڪيو ھوندو ته منهنجي زندگي جي ھر گھڙي ٻين جي ڪم آئي ۽ مون کان اھڙو پاڪ ڪم ورتو ويو. جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ سنھري لفظن سان لکيو ويندو. عطا راڄڙ اڄ به اسان جي دلين ۾ ياد جي عڪس سان واپس وريو آهي. جنهن جي ياد ۾ ھر ورسي جي روپ ۾ ان جي حسن/ فن ۽ فڪر جا ڳيچ جھونگاريا ويندا. منهنجي ھن نثري نظم سان آءُ سندس ڀيٽا طور ڪجهه سٽون ارپيان ٿو.
ھا ويل جڏھن ورندي واپس
سا مور نه مِٽڻي آ آخر
ٿي ھنج ۾ حاضر ھڪڙي ڏينھن
سا ساڀيان ٿيندا پور اَمر
ماڻي ساڳي رت ساڳيو جنم
ٿي جلوا نما ھتڙي ٻيھر
سا سپنا ٿيندا سچ آخر
ميلا منهنجا مچندا مچ آخر
جھونگاريا ويندا ڳيچ آخر
سا صورت ٿيندي سج آخر
ھا جڏھن ٿيندس نروار حفيظ
ھا وقت جڏھن ورندو واپس
ھا ويل جڏھن ورندي واپس
خداءِ بزرگ و برتر کان دعا آهي ته عطا راڄڙ جي بلندين ۽ درجات ۾ اضافو عطا ڪري. عطا راڄڙ به پنهنجي زندگي ۾ ماڻھن کي ماڻھپي ۽ محبت حق ۽ سچ جي درس سان عطا ڪيو ۽ نوازيو. الله الحق کان دعا آهي ته ھن جي قبر کي نور سان منور ڪري ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ درجي تي جڳهه عنايت ڪري.