پسيو جنين پاڻ سين
عشق ۽ عقل جي ميلي ۾ مات عقل کي ئي ملي آهي. عشق محبت جي متل آڙاھ ۾ اکيون بند ڪري ٽپو ڏيندو آهي ۽ مھراڻ جي مھا موج ۾”مَنم مَحوِ خَيال اُو نَمي دانَم ڪُجا رَفتم“ جي مَست ڀنَور ۾ ڀَسم ٿي ويندو آهي. اتي وري عقل ڇَنڊي ڦُوڪي قدم کڻڻ تي تلقين ڪري ٿو ۽ سنجيدگي سان ساھ کڻڻ جو سپنو ڏيکاري ٿو ھن ماحول ۾ به ڪي اھڙا ڪردر آهن. جيڪي پاڻ کي پسڻ کان پوءِ انسانن جو درد سيني ۾ سانڍي انهن جو اظھار مختلف طريقن سان ڪن ٿا ۽ اھي ئي مالڪ جي مخلوق جي دردن جي درديلي دانهن سان گڏ دانھين ٿا. خالده منير به انهن ڀرڀانڪ ۽ ڀلوڙ ڪردارن مان ھڪ آهي خالده پنهنجي نثري نظمن ۾ بي نظير/ بي مثال نثر سرجي ٿي مختلف زاوين تي طبع آزمائي ڪري ٿي ماحول ۾ وڌندڙ ناانصافي، ٻيائين، ظلم، ۽ درد ڪٿائن جي درمانن جو داستان سندس جي نثري نظمن ۾ پڙھي سگھون ٿا. پاڻ کي پروڙي پاڪ ۽ پوتر من مان نڪرندڙ لفظن جي روپ ۾ سفيد ۽ سچي موتين سان ماحول کي معطر ڪري ٿي.
نثري نظمن جي اوسر ويھين صدي کان اڄ تائين پنهنجي سھڻي بيھڪ سان بيٺل آهي جديد نظمن جيڪا ترقي ڪئي آهي سا ٻي ڪنهن صنف شايد ئي ڪئي ھجي جديد نظم جا ڪي ئي روپ سامھون آيا آھن جن مان نثري نظم (Prose Poem )به جديد نظم جي اصناف سخن مان ھڪ آهي. جديد نظم ۾ نثري نظم به چڱو خاصو اڀري آيو آهي. نثري نظم چار قسمن جي ڪمان ۾ ڪارگر ملن ٿا.
(1)ادب لطيف ( 2) شاعراڻو نثر /نظمي نثر
(3)نثري نظم (4 ) تجريدي نظم
عالمي ادب کان وٺي سنڌي ادب ۾ نثري نظمن جو مختصر تاريخي پس منظر ڪجهه ھن ريت آهي. ادبي تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته نثري نظم جو وجود تمام پراڻو آهي. جنهن جا نقش ۽ عڪس آڳاٽي زماني جي لکڻين مان نمايان نظر اچن ٿا. سنڌ ۽ ھند کان علاوه انگريزي ادب جي لکڻين ۾ به اھڙو اظھار ملي ٿو. مصر جي قديم ادب ۾ پئپرس (Papyrus) مان تيار ٿيل ڪاغذ تي چٽيل ملي ٿو ۽ ان کان علاوه موھن جي دڙي مان لڌل تختين ۽ ديوارن تي لکيل تحريرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ان تي لکيل ٻولي نثر ۽ نظم جو گڏيل سنگم ٿي سگهي ٿو ڇو ته قديم زماني ۾ انسان جو اظھارڻ به نظماڻي/ نثراڻي انداز ۾ ھوندو ھو ۽ اڄ به اسان غير عروضي شاعري جي اظھارڻ کي آزاد صنفن جي ضمري ۾ آڻي سگھون ٿا. روز مرھ جي گفتگو ۾ ڪٿي آزاد نثري نظم ملي ٿو ته ڪٿي نثر جي نظر سان نمايان ملي ٿو ڇو ته ھڪ لائن (One line) به جديد نظمن جي صنفن مان ھڪ صنف آهي.
خالده منير سنڌ جي ٺٺي ضلعي ڳوٺ راڄو نظاماڻي جھرڪ ۾ محمد عمر سمون جي گھر ۾ اک کولي، پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ گرلس پرائمري نظاماڻي مان حاصل ڪئي ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمنٽ ھاءِ اسڪول جھرڪ ۽ ھائير سيڪنڊري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٺٺو مان ماڻي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان ماسٽر جي سند حاصل ڪئي. خالده نھايت ئي شفيق ۽ فقير منش طبعيت جي مالڪا آهي. اندر جا احساس ملوڪ موتين جي مالھا سان مھڪيل ملن ٿا۔ خالده پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي رضاڪارڻي طور ڳوٺ جي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مختلف اين جي اوز (NGOs) جھڙوڪ ھينڊز (Hands) رورل ايريا ڊويلپمينٽ آرگنائيزيشن (RADO) سي ايس ايس پي (CSSP) ۾ پڻ صدارتي عھدي تي ڪم ڪري چڪي/ رھي آهي. ان سان گڏوگڏ عورتن جي عالمي تنظيم سرتيون جي رڪن پڻ آهي. ھڪ ئي وقت مختلف سماجي تمظيمن سان وابسته ھجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلسل محنتي/ جاکوڙي خالده معاشري جي ڀلائي خاطر پاڻ پتوڙي رھي آهي. جنهن وٽ ماروئڙن سان ٿيل ويساھ گھاتي ۽ انهن جي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ ڪم ڪرڻ جي اڻ تڻ ۾ مگن ملي ٿي. خالده حالات حاضره جا معاملا جھڙوڪ: پاڻي جي کوٽ، بدامني، ڦرلٽ، نياڻين سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين ۽ ٻيا ڪيترائي معاملا نظمن ۾ زير قلم ملن ٿا. پاڻ اچو ته سندس جي سيني ۾ متل آڙاھ جو ڪربلائي ڪاڪ/ مقتل پسون.
اسين اچون ٿا،
سجائي ڇڏ مقتل ڀلا،
ڇو ڪئي اٿئي،
سنڌ سموري ڪربلا،
تڙپن ٿا ٻچا اسان جا،
پاڻي جي ھڪ ھڪ ڦڙي لاءِ،
بدين ٺٽو جهول ۽ جوھي،
ڪاڇي ۽ سڄي سنڌ جا،
اسين اچون ٿا،
سجائي ڇڏ مقتل ڀلا،
ڏس تون تاريخ جا،
ورق سڀ ورائي وري،
ڪلھ به بلاول گهوٽ هو،
اوهان گهاڻي ۾ جو پيڙهيو،
مُڙي ڏس ميدان ڏي،
جوان اڄ به تيار آھن،
اسين اچون ٿا،
سجائي ڇڏ مقتل ڀلا،
ڪيستائين هي ٻيڙيون،
هٿڪريون ۽ زندان هي،
آھن تحفا اسان لاءِ،
اسين اچون ٿا،
سجائي ڇڏ مقتل ڀلا،
اسان اڄ به آھيون،
حسيني دور ۾،
۽ يزيد جي چنبي ۾،
زينب جي چادر جيان،
نياڻين اسانجين جا،
لٽا روڊن تي ليڙون ٿيا،
اسين اچون ٿا،
سجائي ڇڏ مقتل ڀلا.
مٿين سموري آزاد نثري نظم ۾ مختلف زاوين جي پيشڪش ملي. ٿي جيتوڻيڪ سنڌ اندر ڏينهن رات روڄ/ راڙو ۽ بربريت جي باھ ڀڙڪي ٿي. جنهن جي کٽڻ جو انت ملي ئي نه ٿو پر اتي پنهنجي وت/ وس آھر خالده پنهنجي لکڻين سان پروڙ ٿيل سينن ۽ زخمي ٿيل دلين جو نظمن ذريعي ڀرجھلو بڻيل ھجي ٿي. اڄوڪو دور واقعي يزيدي دور جيان آهي. جتي ڪيترن ئي زينبن جي عزت ۽ آبرو کي پائمال ڪيو ٿو وڃي. اتي ھن پنهنجي فن/ فڪر سان عشق ڪري محنتن/ جفاڪشن سان نظمن ذريعي سحر انگيز رُت جو مزو وٺرايو آهي. خالده پنهنجي پاڻ کي محبت ۽ نماڻائپ جي آئيني ۾ پسي چڪي آهي تڏهن ته ماڻھن جي دردن/ سورن/ اڌمن/ لڙڪن جي ڳالهه ٿي ڪري ۽ اھا ئي انسانيت آهي. جنھن جي انسيت مختلف روپن/ رنگن ۾ ملي ٿي ۽ خالده جي سندر احساسن ۾ پڻ خالده سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ انيائن جا آلاپ ھن ريت آلاپي ٿي.
ڪلھ جا ٿي قبر ڪشائي،
ڳاڙهي ڪنوار جي ٿي پڌرائي،
هٿن تي مهيندي،
ٻانهن ۾ ڳانا،
سونهن سارو سنسار سمايل،
پر انگ انگ گهايل گهايل،
هن پيار ڪيو هو،
راڪاسي هن راڄ ۾،
ڪنهن خوني بگهڙ خار ڪري،
هن لئه قبر جي سيج سجائي،
هن جا خواب قتلام ٿيا،
رشتا سارا بي نام ٿيا،
هي ٽرڙا ماڻھو،
هي ننڍڙا ماڻھو،
ڪيسين ڪندا رهندا،
پريت تي مارا ماڻھو،
پيار تي ڀي ڪوٺيندا،
ڪاري ۽ ڪارا ماڻھو،
جنهن نگري ۾ ڄائين،
تنهن نگري ۾ پيار ڪرڻ،
آ پاپ بنيل ڌي راڻي،
ڇو نه ٻڌائي آ توکي،
اها ڳالھ امان بابا پياري.
خالده منير جي نظمن/ احساسن مان خلد/ جنت جي سڳداسي ھڳاءُ جي ھمدردي ملي ٿي ھن دجالي دور ۾ اھڙين بي باڪ بھادر تخليقڪارن کي سلام پيش ڪجي ٿو. خالده جو روح برابري جي بانسري سان سُر آلاپي ٿو. مون سان خالده جي ٿيل گفتگو ۾ سندس جو چوڻ آهي ته نياڻين کي بنا ڪنهن فرق جي تعليم ڏني وڃي ۽ معاشري جي ڀلائي خاطر عورت/ مرد جي فرق کي ختم ڪري سماجي بھتري ۾ مڪمل حصو وٺڻ گھرجي. آخر ۾ دعا آهي مالڪ دو جھان خالده منير کي سنڌي ادب ۾ ائين ئي مختلف صنفن ۾ ترقي ڏي ۽ سنڌ سان عشق جي انسيت برقرار رکي. ان عشق ئي خالده جھڙين حساس شاعرن کي ماحول ۾ رھندڙ مانگر مڇن سان مھاڏو اٽڪائڻ تي مست/ محو ڪيو آهي ۽ پنهنجي لکڻين وسيلي معاشري جي دشمنن جي منهن تي موچڙو آهي. خالده سماج جي ريزا ريزا ڪيل روح کي نظمن ذريعي ڳتي ستي ڳاھ ڪيو آهي ۽ ان جو لاڀ ايندڙ نسلن جي زندگي کي تربيتي تند سان تن/ من معطر ڪرڻ جو اثر رکن ٿا. شال سڄي زندگي شاد و آباد رھي.