گلشن لغاري جي ڪتاب وڇڙي ويل زندگي تي تنقيدي نظر
انگريزي ادب ۾ تنقيد جو عمل ريڙھ جي ھڏي جو اثر رکي ٿي پر بدقسمتي سان سنڌي ادب ۾ تنقيد تي طعنا زني سنڌي ادب جي اصلاحي عمل کي روڪڻ ۾ نام نھاد اديبن جو وڏو ھٿ آهي. جنهن سان گذريل سالن کان وٺي ايندڙ ڪيترن سالن تائين ادب ۾ ڪا نواڻ ۽ (Varieties)ڏسڻ کان ناھي ملي جيڪا بين الاقوامي ادب جي مقابلي کان ڪوھ سون پري آهي. تنقيد ادب ۾ ائين آهي جئين لفظ ادب مان جيڪڏهن الف ڪڍيو وڃي ته دب مفھوم نڪري ٿو ان جيان ئي تنقيد اگر ادب مان ڪڍي وئي ته ادب وڃي دب بچندو جنهن جي معنا مختلف نڪري ٿي زور يا ڇڪڻ آهي. سنڌي استعاري طور اسان استعمال ڪندا آھيون چانورن کي دٻ تي رکو. جڏهن تنقيد صرف ادب ئي ۾ نه بلڪ ڪنهن به عمل ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي ته ھر اھا شي گھمراھي کان بچي ويندي.
گلشن لغاري جو ھي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد مان سال 2009 ۾ شايع ٿيو ھو جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي ۽ 168 صفحن تي ھي ڪتاب مشتمل آهي. ڪتاب جو سرورق کان وٺي نالي ۾ وڏو فرق آهي. وڇڙي ويل زندگي نالي جو مفھوم پاڻ ڪڍون ته زندگي الوداع ڪري وئي مطلب موت جي عمل ۾ داخل ٿي وئي پر ھتي شاعره حال حيات ۽ زندگي سان گڏ رھي ٿي ۽ وڇڙڻ کان اڳ به زندگي آهي ۽ بعد ۾ به ھڪ مستقل عمل جاري آهي. آسان فھم ۾ ته خوشي کان بعد به زندگي آهي ۽ اڳ ۾ به روئڻ جي دوران به زندگي آهي ته ڏکن کان بعد ۾ به، ھاڻي ھتي شاعره ڪھڙي زندگي جي ڳالهه ڪئي آهي اھو فھم سمجھ کان ٻاھر آهي. مون کي ته زوري مڙھيل خيال ٿو لڳي. جنهن نالي جي سونهن وڃائي ڇڏي آهي. جڏھن زندگي وڇڙي/ ختم ٿي وڃي ٿي ته ان کي صرف وڻن جي سڪل پنن سان مشابھت ڏيڻ به عجيب لڳو وڻن جي پنن مان زندگي کي مشابھت ڏيڻ به مونجھارو آهي اتي ائين ٿي سگھي پيو” پن ڇڻ ۾“. ھن ڪتاب جو مھاڳ اقبال رند لکيو آهي ۽ امر سنڌو، پشپا ولڀ ۽ آدرش اياز تاثرن جي تند تنواري آهي. بيڪ ٽائيٽل مرحوم حسن درس لکيو آهي. اقبال رند جو مھاڳ ڀرپرو لکيل آهي جنهن ۾ ھن مختلف زاوين کي زير بحث آندو آهي جن ۾ ھن زندگي ۽ زندگي سان لاڳاپيل معاملا، اندروني لوڇ، مستقبل جي اونداھي، نااميدي، فرار، ويڳاڻپ، ڪٽنب جي ٽوڙ فوڙ، قومي معاملا، گُھٽ، ٻوسٽ، عدم تحفظ ۽ ٻيائي وغيره تي سٺي نظر سان پنهنجو فرض نڀايو آهي۔ اڳتي جڏهن ٻين ليکڪن جي تاثر تي نظر وجھجي ٿو ته ليکڪن صرف ساراھ ئي ڪئي آهي جيڪا مون کي اساراھ لڳي. ڇو ته اھي صرف تجزيا نگار آهن تنقيد جي تند مان واقف نه ھجڻ ڪري ڪتاب مڪمل طور تي تنقيد ڏانهن وانجھائي رھيو ھو/ آهي. اقبال رند تنقيد کان ھٽي چند بندن تي تعريفي ليک لکيو آهي ڳالهه سمجھ کان ٻاھر آهي. ھن ڪتاب سان شاعره کي گذرندڙ ڪيفيت مٿان ھمدري جو زيور پارايو ويو آهي جيڪو ادب جي واڌ ويجھ ۾ ڪو اضافو ڪرڻ کان قاصر رھيو آهي.
گلشن لغاري جي ھن ڪتاب ۾ غزل، نظم، وايون، چوسٽا، اٺ سٽو ۽ بيت شامل آهن. جيڪي مجموعي طور تي تمام سهڻا ۽ سنجيدگي سان اوتيا ويا آهن. پر انسان آهي ڪجهه ڪميون ۽ پيشيون رھجي وڃڻ جو خدشو ھميشه رھندو آهي.
"نعت رسول مقبول صلعم ”ڏاڍو سادي ۽ سلوڻي فھم سان خوبصورت سرجيل آهي پر پھرين بند ۾ لفظي مفھوم جي مونجھاري سموري بند جي معني تي سواليه نشان اڀاريو آهي.
سچا سائين صه! اوھان جي ئي سھاري ٿا تڳون ورنا
جئيڻ جھڙا ڪٿي آھيون رحم جي ڪا نظر ڪريو
(صفحو: نمبر 25 )
اتي لفظ تڳون انسان جي اقدار ۾ فرق جو ڏيک ڏئي ٿو تڳڻ اصل ۾ پکي پکڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. گرامر ۾، پر اتي ان لفظ جي استمال بدران ” سھاري ئي رھون ورنا“ يا اھڙي طرح سھاري ئي زنده آھيون جو جوڙ لڳي ھا ته انسان ۽ جانور جي معنا ۾ فرق به ختم ٿي وڃي ھا ۽ مفھوم به سمجھ اچي وڃي ھا. باقي نعت ۾ دعائون آهن. اميدون آهن آسون ۽ باسون آهن.
دل ٿي دڙڪي ته درد ڀي ٿيندو
ماڻھو پٿر يا لوھ ڪونھي ڪو
(صفحو نمبر : 29 )
ھاڻي مٿين سموري سٽ جي ڪري ھيٺين سٽ تي به اثر پيو آهي دل عام طور تي ھر وقت دڙڪندي آهي. خوشي ھجي يا غم سڪون ھجي يا پريشاني دل جو ڪم ئي دڙڪڻ آهي. اتي صرف درد سان تشبيھ ڏيڻ عجيب لڳو. اتي لفظ ڪڙڪي/ سرڪي/ تڙپي پوي ھا ته سھڻو لڳي ھا. ھن ڪتاب ۾ ڪجهه اھڙا بند به آهن جن مون کي حيرت ۾ وڌو ۽ اتساھ پڻ ڏنو. سموري ڪتاب ۾ مجموعي طور تي مايوسي ئي ڇانيل آهي غم ۽ شڪايتن جا انبار ملن ٿا رسمي شاعري ئي ڪئي وئي آهي. پر ڪجهه اھڙا خيال آهن جيڪي وزن دار ۽ خوبصورت پڻ آهي اچو ته ان خوبصورت پڻي جي پڪار ٻڌون.
دل جو ديپ اجھامڻ تي
ڪين اجھاڻي آهي آس
يقينن حقيقت تي مبني ۽ خيال جي پختگي بند مان ڇڻي ٿي. ڪمال جون سٽون آهن آس ته کٽڻي ئي ناھي بيان ڪرڻ جو انداز سھڻو لڳو.
ذلتن جو زھر پياري ھر ھر
جبرن ڇو جياريا وياسين
(صفحو: 35)
مٿين بند ۾ مونجھارو آهي اشارتن بيان ڪيو ويو آهي پر ان ۾ مايوسي جي اٿاھ گھرائي جي رچنا بيان ٿيل آهي. اسرندڙ نوجوانن اديبن کي جيڪڏهن اھڙي طرح جا غزل مليا ته انهن جي پڙھڻ سان خاص نواڻ جي ڪمي محسوس ٿيندي. سنڌي ادب ۾ وڃي رڳو مايوسي ۽ غم بچيو آهي ان ڪيفتن کي بيان ڪرڻ کان علاوه اصلاحي/ انقلابي/ تعليمي گھاريٽا تخليق ڪيا وڃن ته سنڌ ادب ۽ عمل ۾ نواڻ پيدا ٿي سگھي ٿي.
زور سارا ھوا لڳايا پر
گل کان خوشبو ڪڏهن کساڻي آ
(صفحو : 39)
گل ۾ خوشبو اندر سمايل ھوندي آهي گل مڇي ته ڪونھي جو پاڻي نه مليس ته مري وڃي. گل اندر خوشبو رکيل ته ڪونھي جو ڪير اچي کسي وڃي يا ھوا جي زور تي ڪري يا ڊھي پوي. اتي خيال زوري مڙھيل ٿو لڳي. جيڪو مڪمل مونجھاري ۽ حقيقتن کان ھٽي ڪري اوتيو ويو آهي . اتي لفظ اماڻي آ ۽ مٿين سٽ ۾” ھوا جو زور جو وڌي آيو “ چٽجي ھا ته اڃا سھڻو لڳي سگھي پيو.
شڪل شيطان جي ۾ ھر طرف انسان آ مليو
فرشتو پاڻ ڪوٺيندي ھتي شيطان آ مليو
(صفحو : 42)
ھن سموري غزل ۾ انسان جي قدرن کي پامال ڪيو ويو آهي شاعره جي ڪاوڙ ڪنهن ھڪ انسان تي ٿي سگھي پئي پر فرشتن ته ڪڏهن اعلان ناھي ڪيو ته اسان شيطان بڻجي ويا آھيون ۽ سڀن کي ھڪ جھڙو سمجھڻ ميچوئرٽي ناھي ۽ ھڪ مڪمل بنا دليل جي الزام آهي. ھر طرف شيطان ۽ ھر انسان جي استعاري ۾ عجيب نفرتن جو ٻج پوکيو ويو آهي. بدبو زدا مروج ٿيل ڪڌي رسم کي جديد ادب جو حصو نه ٿا چئي سگھون. شاعره پاڻ ھڪ انسان آهي ۽ اتي ھر انسان ۾ شاعرا به شامل آهي. ان سموري غزل کي ڪنهن ھڪ انسان طرف اشارتن نڀاءُ ڪجي ھا ته خوب نکري پوي ھا ۽ غزل وڌيڪ مزو ڏي ھا. ھن ڪتاب ۾ اھڙيون کوڙ ساتريون نظمن ۾ به مونجھارا ۽ چڪون آهن. جن تي اڃان اصلاحي تنقيد ڪري سگھجي ٿي. خالي نيڻ پڃرا نظم جو نالو آهي نالو خوبصورت رکيل آهي ان سموري نظم جي مين ٿيم سندر جڙيل آهي پر ھڪ سٽ ۾ زوري مڙھيل خيال جنهن جي ڪا معني يا مفھوم نه ٿي نڪري.
جن منهنجي نيڻن منجھ رھي
ٿي ننڊ جا موتي چڳيا
(صفحو : 73)
ننڊ ھڪ ازلي ڪيفيت آهي نه ڪي مادي يا جسم جو موتي چڳي يا کڻي يا وٺي سگھي. ننڊ پاڻي جا قطرا به ڪونهن جو موتين سان مشابھت ڏجي. اتي اھڙي طرح سٽ سھڻي لڳي سگھي پئي ” سپنا خوب پئي سانڍيا “ . اڃان به وڌيڪ ڪجهه شيون رھجي ويو آهن جن تي مڪمل اصلاحي تنقيد ڪري سگھجي ٿي.