علي صفدر جو ناول ماڻهو هڪ جهنگل آ تي هڪ نظر
خلقڻهار جي هي رنگ برنگي دنيا جا عڪس دل مست ڪرڻ جو اثر رکن ٿا، خدا جيتوڻيڪ پاڻ تمام وڏو تخليقڪار آهي. خالقِ ڪائنات ھر منظر کي سندر روپ ڏنو آهي، ۽ انسان کي ان جي مختلف پهلوئن سندس موجودگي جو چٽو ثبوت ڏنو آهي. ھر انسان پنهنجي رخ سان عمل پيڙاھ ھجي ٿو ۽ وري اُھي رخ ھن دنيا ۾ ھر انسان جي لھه وچڙ سان ڄاتا ۽ پرکيا وڃن ٿا.
علي صفدر جو پھريون ناول ”ماڻھو ھڪ جنگل آ“ به منفرد رخن جي محور ۾ رقصان آهي، ناول انگريزي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنىٰ آهي ڪا “نئين شيءِ” ناول ھڪ کان وڌيڪ رُخن تي لکيل ھوندو آهي، جيڪي سماج جي اڪيچار مسئلن ، انساني جذبن ۽ خيالن جو عڪس ھوندا آهن، سنڌي ناول جي شروعات 1870ع ۾ ترجمي سان ٿي. ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراءِ گڏجي انگريزي ناول ”راسيلاس“ جو ترجمو ڪيو. اصلوڪو ناول مرزا قليچ بيگ 1888ع ۾ “ دُلارام” جي نالي سان لکي ان وقت ھڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو.
1923 ع ۾ ۽ 1947 جي وچ وارو سياسي ڪشمڪش جو دور ھو، جنهن جو اثر ناول تي به پيو، ھن دور ۾ صاحب سنگھه شاھاڻي جو “بلو کوکر” ۽ عبدالرزاق ميمڻ جو “جھان آرا” ناول ڪافي مشھور ٿيا. ان کان علاوه محمد عثمان ڏيپلائي گھڻي کان گھڻا ناول به ھن ئي دور ۾ لکيا. سندس ناولن جو موضوع گھڻو ڪري سماجي ۽ سياسي انقلاب ھو. ان کان علاوه ترجما به ڪافي تعداد ۾ ڪيا ويا، ديوان اڌارامجي دور کان اڄ تائين سنڌي ادب ۾ ناول جي ڪمي محسوس ٿي اٿم، ايئن به ڪونهي ته ڪو سنڌي ۾ ناول نه ڇپيا آهن، هوريان هوريان ڪم ٿي رهيو آهي، پر ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ناول اهڙا به ڇپيا آهن، جن جي پڙهڻ سان ڄڻ ته ماڻهو ڪنهن نئين جو سير ڪري ٿو.
اهڙن تخليقي ناولن منجهان علي صفدر جو “ماڻهو هڪ جنگل آ” ناول به هڪ آهي، هن ناول ھڪ جاڳرتا مھم جي عڪاسي ڪري وري ھڪ رڪيل تسلسل کي جنم ڏنو آهي، علي صفدر جي ھن ناول ۾ ڪيترائي انيڪ سماجي رخ پسي سگھجن ٿا. علي صفدر جي من ۾ متل مچ سدا سروچ بڻايو اٿم، سندس اندر جي چنتا کيس سڀاڻ ٺاهڻ تي زور ڀري ٿي.
چنتا ئي چنتا!
ڪجهه ٿيڻ جي چنتا .
اڄ ڊھي سڀاڻي ٺھڻ جي چنتا.
ماڻھپي جي ساک بچائڻ جي چنتا .
اٻھرا خيال...خيال ئي خيال...رڻ ئي رڻ...ماڻھو ئي ماڻهو.
علي صفدر ھن ديس جو دلير نوجوان ھڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، بھترين ناول نگار، مضمون نگار، نقاد ۽ سگهارو مقرر ته آهي ئي ان سان گڏ سچ جو ساٿ ڏيندڙ الستي انسان آهي، علي صفدر سان گهاريل ساعتون يادگار آهن، مان سنڌي ادب جو ننڍڙو شاگرد آهيان، علي صفدر سان ملڻ بعد محسوس ٿيو ڄڻ ته آئون اديب، اڪابر ۽ ڄاڻوگر وٽ پهتو هجان. موجوده دور جي ادب ۾ جديديت ھڪ سھڻو منظر پيش ڪيو آهي، جنهن ذريعي سنڌي ادب کي عالمي مقام تي سرخرو آهي. علي صفدر ناول جي حقيقي مفھوم جا دڳ ڏسيا آهن، ھن عشق جي نگري کي ناروا سلوڪ ٿيڻ کان بچايو آهي، علي صفدر پنهنجي ڪردارن سان به ھڪ سچي ۽ ڪڙي تنقيد ڪري ٻڌايو آهي ته معاشري جا دشمن ئي توهان آھيو.
برائي جي جڙ اشرف المخلوق آهي، ان مخلوق جي اندر سمايل جماليات ڏسڻ سان من موھي ته وجهي ٿي پر پاڻ تي بي اعتمادي جي عنصرن کي فھلاءُ ڏئي ٿي.
اي منهنجا بي ساڪت ڪردارو
.اوھين ڪير آھيو...مان ڪير آھيان...اوھين جبر جي عنصرن کي فھلاءُ ڏيندڙ فرد آھيو.
اوھين ڌرتي تي رھي...مٽي جي مھانتا کي به نه ڄاڻي سگھيا آھيو.
علي صفدر جي ناول سماج جي جنم ڏيندڙ عنصرن کي مجموعي طور تي پسي ان جي عڪاسي ڪئي آهي، 1980ع جي ڏھاڪي وارن ناولن ۾ ڀرپور رومانس جو رچاءُ ملي ٿو، اڄ سماج ۾ انا، حوس پرستي، بت برستي جي باھ ڀڙڪي پئي آهي، علي صفدر اهڙي عمل جي نشاندهي ڪئي آهي، هي نوجوان شاعر ناول ۽ ڪويتا جي اگھم علم کان علاوه شاعري پراثر خيالن سان اوتي مھان انقلاب جي ھاڪار ٿو بلند ڪري، علي صفدر جي ھن ناول جي ٽائيٽل تي جبر ۽ ڏاڍ جو پس منظر آهي، يقينن اھي ماڻھو جيڪي سماج جي سونهن کي بگاڙڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا. سي سماج کي سک جي ساعت مان ڪڍي ڏک ۽ ڏوجرن ۾ وجهي ڇڏين ٿا.
علي صفدر ھن ناول ۾ عشق جي داستان کي الڳ ٿلڳ نوعيت جو رخ ڏنو آهي، ليکڪ اندر جي اڃ وسائيندڙ ماڻهو کي ذهني معذور ٿو پيش ڪري ٿو .
زندگي حيف ٿئي !
حيف ٿئي زندگي !
سوچ کان مٿڀري
سمجهه کان اوپري
جي نه سمجهي سگھي
تن لاءِ راحت ڪيئي
جي سڃاتل ھيئي
تن کي آڇيئي تتي
زندگي حيف ٿئي
حيف ٿئي زندگي.
علي صفدر 2010 ع واري ٻوڏ جي منظر نگاري ڪري ۽ اُن آهه زاري جي عڪاسي ڪري ٿو. سندس ناول جا سڀ ڪردار ھڪ ئي ديس جا دلگير مجنون آھن، جيڪي ليلا ئي اُن جي لالي ۾ مگن نظر اچن ٿا، ۽ هر وقت رولڙي جو شڪار آهن. اُهي ڪردار لڪي ۽ لڇي وڃي محبوبن جي محبت ۾ ويرانا وسائي مڌ جا مچ ٻارن ٿا، سندن ملڪيت اُها ئي آهي جتي خيما کوڙي ۽ زندگي جي گاڏي کي وري نئون رستو ڏيکارين ٿا، ڪجهه وقت لاءِ هو سڀ ڪجهه وساري ويهن ٿا، هنن کي هستي، مستي، حال ۽ آخر اُهو ئي آهي جتي زندگي بصر ڪن ٿا. ان ناول جا ڪردار انوکي تسلسل کي شروع ٿيڻ ڪرڻ کان اڳ گمنام ديس موڪلي ڇڏين ٿا. سچل چوي ٿو. انت بھر دي خبر نه ڪائي رنگي رنگ بڻايم الا آدمي بڻايم.
ڪتاب جو مجموعي حصو سماجي برائي تان پردو کڻي ٿو ۽ انسان کي آئيندو سنوارڻ لاءِ هڪ راهه هموار ڪري ٿو، ليکڪ هوئن ئي سماجي عڪاسي ڪندو آهي، علي صفدر سماج جون ٺڪيل ڪوتاهيون ۽ برايون ظاهر ڪري انسان کي پنهنجي زندگي جو مقصد سمجهائي ٿو، ناول “ماڻهو هڪ جهنگل آ” ۾ هڪڙو پيغام پڻ آهي. هي ناول سنڌي ادب منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. ن جي باوجود دل سنڌي ادب ۾ نت نوان ناول پڙھڻ لاءِ اتاولي آهي، اميد ته علي صفدر وري جلد هڪ نئون ناول پڙهائيندو.