ڪالم / مضمون

اڃايل خواب

ھي ڪتاب انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي.
نوجوان ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
Title Cover of book اڃايل خواب

احمد سولنگي جو نظم تنقيد جي تارازي ۾

احمد سولنگي جو نظم تنقيد جي تارازي ۾

نظم فني ۽ فڪري حوالي سان پابند به ٿي سگھي ٿو ۽ آزاد به، آزاد نظم جي ڪا حد مقرر نه ھوندي آهي. آزاد کي پاڻ آزاد فضا ۾ گھڻ رخي ويس پارائي عقاب جيان اڏام ڏئي سگھون ٿا. قديم زماني ۾ عربن کان وٺي ايران ۽ فرانس جي ادب ۾ نظم ون لائين ( One Line ) ھڪ سٽ جو به تخليق ٿيو يا موئن جي دڙي جي زماني ۾ جيڪا ڳالهه ٻولھ ٿيندي ھئي ان کي به ڪجهه ليکڪن آزاد نظم جي ضمري ۾ آڻن ٿا. ان کان علاوه قرآن جي آيتن کي به ھڪ سٽي نظم چئي سگھون ٿا. احمد سولنگي ھڪ سٺو غزل گو شاعر ۽ نثر نويس آهي. پنهنجي شاعري ۾ مختلف ورائيٽيون(Varieties) سان گھاريٽا تخليق ڪرڻ جو ڏانو ۽ ڏات به آهي. پر جڏھن سنڌي لفظن جو مفھوم ان معني سان نه ٿو ٺھڪي ته خيال سان گڏ جمالياتي حسناڪين جو سينو پڙوڻ ٿو ٿي پوي جنهن سان بند جي پاڻ ۾ جوڙجڪ متاثر ٿئي ٿي. مون مطالعي دوران ھڪ ميگزين جي پيج تي نظم پڙھيو جيڪو ھن ريت آهي.

ڀُڳل مُن، آئينا، موتي،
سوين شيشا گريون آهن.

ڀُڳل مُن ھڪ چانورن جو به قسم آهي يا اڌ ڀَڳ دال مڱن جي يا چڻن جي ٿيندي آهي پر جڏھن ڪاما نشاني سان گڏ آئينه موتي به ڀُڳل جي اثر ھيٺ اچن ٿا جنهن جي ڪا معني ڪونه ٿي ٺھڪي آئينه ۽ موتي ڪھڙي حوالي سان ڀُڳل ٿي سگھن ٿا. ھتي زوري مڙھيل خيال ٿو لڳي جنهن سان بنياد کي ڪچو ڪري ڇڏي ٿو. ڀُڳل مُن جي جڳهه تي ٽٽل دل يا من لکجي ھا ته شروعات سھڻي نموني ٿي سگھي پئي. يا وري ھي ڏسو :
محبت جو مناسب ڪي
ڪٿي چاره گريون آهن
محبت ھڪ جذبات ۽ احساس جو نالو آهي ان کي ميلاپ جي ارڪان ۾ ساڳيو ئي لفظ يا جذبات جي مد ۾ آڻبو ته سھڻو ٿي پوندو چارا لفظ جانورن کي گاھ کارائڻ جي مشابھت رکي ٿو. ھتي لفظ وارا معني وار يا ڏينهن کي چئجي ٿو مناسب وقت يا ڏينهن ٿي سگھي ٿو. باقي چارا/ گاھ ڏيڻ جي اسلوب سان ٺھڪي ٿو. ھيٺين بندن ۾ اٿاهه گھرائي آهي ۽ پيماني ۾ ڀرپور وزن رکي ٿو.

سوا پاڻي ھلي جيڪا
اھا ٻيڙي ڪـٿي آهي

پٻڻ ۽ ڍنڍ جـــو ناتـــو
مھاڻن کان مٿي آهي

کليل ميدان تـــي پيرا
ھوا جا ڪنهن ڏٺا آهن

ندي تي پير پنڇي جا
ڪڏهن ڪنهن به ڪڇيا آهن

مٿين خيالن جي سطح گري سرجيل آهي. جيڪا احمد سولنگي جي خاص خوبين منجھان ھڪ خوبصورت خوبين مان ھڪ آهي. پٻڻ ۽ ڍنڍ جو ناتو اتي ٻئي لفظ مونث جي مشھابت ڏيکارن ٿا پاڻ اڪثر سنڌي ٻولي ۾ ڍنڍ کي مادي/ فيمينائين جي نظر ۾ پرکيون ٿا. ھن نظم ۾ ٻنھن جو پاڻ ۾ محبت جو ڪيڏو نه سندر احساس اوتيل آهي. جيڪو من کي موھي ٿو ۽ رومانوي احساس ۾ منفرد بيھڪ جي پايا تڪميل ڪري ٿو. پٻڻ به مادي اشڪال جي منجھندار جو من موھيندڙ عڪس آهي. احمد سولنگي ھن سٽ ۾ به جمالياتي جوھر کي نت نئين جوت بخشي آهي. يقينن ندي جي پاڻي تي مختلف قسمن جا پکي پانڌيئرا ٿي اچي پر ھڻن ٿا. ان ڏس ۾ اتي اسان کان کن پل ۾ اوجھل ٿي وڃن ٿا پر روح کي جھرجھري وجھي وڃن ٿا جئين پاڻي ۾ جيڪي تڪڙو عڪس/ جھرمڙ/ ويوز (Vibratory Waves)جا تجلا ڏسڻ کان ملندا آهن. جيڪي اڻ کٽ پاڻي جي بھاءُ سان پاڻ کان اوجھل ٿي ويندا آهن. يقينن انهن جو ڪَڇڻ يا تورڻ پنهنجي بساط کان مٿانھون آهي. احمد سولنگي جو مختلف زاوين ۾ شاعري جي صنفن تي ڪم ڪرڻ سندس جو ساراھ جوڳو عمل آهي. اسان کي ٻولي ۽ ادب جي بقا لاءِ گڏجي وک کڻڻي پوندي. ٽي ايس ايلٽ جو ھڪ جملو آهي ته تنقيد ادب لاءِ ائين ضروري آهي جئين انسان لاءِ آڪسيجن، آڪسيجن نه ڏيڻ سان جسم جي ڇا حالت ٿيندي اھو اسان پاڻ اندازو ڪري سگھون ٿا. تنقيد جو وجود ادب سان پلئه پاند رھيو آهي. ڪرڪيٽ جي راند ھڪ گول سرڪل پاڻ جنهن کي انگلش ۾ بائونڊري (Boundary) چوندا آهيون. ان ئي گول سرڪل جي اندر ئي ڪرڪيٽ جو کيڏڻ خوبصورت لڳندو آهي. ان کان ٻاھر ڪرڪيٽ اصولن نه کيڏي ويندي. ڇو ته گول سرڪل ان کي جان ۽ روح ٿو وجھي ۽ تڏهن وڃي اسڪور ۽ ٻيا مرحلا طئي ٿين ٿا. اھڙي ريت بين الاقوامي ادب جو دنيا ۾ اثر رھجي وڃڻ ۾ تنقيد جو وڏو ھٿ آهي. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ تنقيد براءِ اصلاح جي کوٽ ڪڏهن پوري ٿيندي ان جو فلحال نه ٿو چئي سگھجي. ھيٺين بند ۾ به ڪجهه فني ڪچائي محسوس ٿي اچو ته ان جي بيھڪ جا به ڀرجھلا ٿيون.

ڇڻن ٿـــــا کنــڀ وڻ وڻ مان
وڻن ۾ ڪوڪ گھائي وئي

ھڪ بھترين ٿر جيان تشنگي سان ڀرپور احساس آهي. خيالن جي سٺي پختگي آهي پر لفظي معنويت جي ڦير ڦار ۾ احساس جي ته ڪمي پوري ٿئي ٿي پر جڏھن لفظن جو پاڻ ۾ ٺھڪڻ وارو عمل رڪجي وڃي ٿو. ته اھو گھرو اثر وڃائي ويھي ٿو. اسان بنيادي مشابھت وڻ کي پن سان ڏيندا آھيون. ڇو ته وڻ پنن سان سڃاتو ويندو آهي نه ڪي کنڀن سان شتر مرغ کي کنڀن سا ھتي تشبيھ آڻي سگهجي ٿي پئي ڇو ته ان پکي جو قد به اڌ وڻ تائين آساني سان ٿي سگھي ٿو ۽ ھيٺين بند ۾ ڪوڪ به پکي يا جانور ڪندو آهي وڻن جي ڪوڪ مون ڪڏهن ناھي ٻڌي.
ھوا سان جيڪر پيماني ۾ آڻيون ته ھوا جي ڪوڪ ٿي سگھي ٿي جنهن جا ھم معني سور، ڦوڪ، آلاپ، سڏ ان ڍانچي ۾ آڻي سگھجن ٿا. يا وري ھي ڏسو

وڻن جئين رات کي ڌوڏيو
حصي جو ڏينهن کائي ويا

بند ۾ رچاءُ ڪمال جو آهي، خيال به اتم آهي، پر لفظ ڌوڏيو بدران چوريو/ چرپر/ وڌڻ / وڌاءُ رکجي ھا ته بھتر ھو ڌوڏڻ سان رات يا ڪا به شي اتي جو اتي ئي رھي ٿي Static)) حالت ۾ (Dyanamic) حالت چر پر يا چورڻ جي ضمري ۾ اچي ٿي. جيڪا اڳتي پڻ وڌي ٿي جڳھ به مٽائي ٿي. ڌوڏن ھڪ حد اندر مجبور آهي. ھيٺين بند ۾ به فني/ فڪري بيھڪ ڪمال جي آهي. پر حقيقت تي مبني خيال بيھارڻ ۾ سر احمد سولنگي ٿورو ھٽي ويو آهي. سج وسعتي جي واءُ سان وري/ لڙي/ حرڪت ڪري ٿو. فارورڊ (Forword) ٿئي ٿو. ان جي ڪا حد ناھي حقيقت کي حد اندر بيان نه ٿو ڪري سگھجي.
لڪائي سج کاري ۾
نڪي منھن مير سان ملبو
زمانو جيڪڏهن پيري
ته ابتي پير سان ھلبو
مٿينون گھاريٽو خيالن/ فني/ فڪري آزاداڻي انداز ۾ چڱي ريت سرجيل آهي ۽ زماني جي ڳالهه چند سٽن جي اندر بيھارڻ جو ڪارج به ڪمال لڳو. احمد سولنگي جي سموري شاعري گھاريٽا نواڻ آڻڻ جي نويد آهن. سندس جي خيالن ۾ انيڪ منفرد نت نوان پيمانا ملن ٿا. جيڪي نوجوانن لاءِ ادب ۾ طبع آزمائي لاءِ نوان گس کوليا آهن. ارڪان ته ساڳيا ئي ھوندا پر ان فارميٽ ۾ ڪا نئين تخليق جو وجود ۾ اچڻ سنڌي ادب لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو.